باب پهريون
رات آهستي آهستي ڦهلجي رهي هئي. چنڊ جون وچيون تاريخون هيون ۽ آسمان به صاف هيو. ناصر ڪتاب کي وهاڻي طور ڏيئي ليٽيو. ڪتاب تمام سنهو هيو، انهيءَ ڪري ڪنڌ کي بار بار ٻانهن سان مٿي کڻي سڪون ٿي ڏنو ۽ ارادو ڪيو ته هاڻي هو ڪو ٿلهو ڪتاب خريد ڪندو، جيڪو پڙهڻ ۾ به گهڻو وقت هلي ۽ وهاڻي جو ڪم به ڏيئي سگهي. اهو سوچيندي هن کي ننڊ کڻي ويئي.
اچانڪ اڌ رات جو هن کي جاڳ ٿي. اڄ وري هن اهوئي خواب ڏٺو جيڪو هفتو اڳ ڏٺو هو. ڪجهه سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري ڪي گهڙيون هو سوچ ۾ ٻڏتر آسمان ڏانهن گهورڻ لڳو. ٻئي دفعا ائين ئي ٿيو ته خواب جي اڌ ۾ هن کي سجاڳي ٿي ۽ عجيب تجسس ۽ نراسائي واري حالت طاري ٿي ويندي هئي.
ٿوري دير کانپوءِ اُٿي ٿو ۽ رڍن کي لڪڻ جي مدد سان جاڳائي ٿو. هن کي ائين لڳو ته ڪجهه رڍون ان وقت جاڳي پيون هيون جنهن وقت هُن کي جاڳ ٿي هئي. شايد جانورن ۾ اها هڪ قدرتي سگهه آهي ته هو مالڪ جي هر ڳالهه جو ڌيان رکن. ناصر کي هنن رڍن سان ٻه سال گذريا آهن. هينئر ته هُن هر رڍ تي نالا به رکيا آهن ڇو ته هن جو اهو يقين آهي ته جانور خاص طور رڍون پنهنجي مالڪ جي ٻولي سمجهن ٿيون. انهيءَ ڪري ڪتاب جا ڪافي حصا هنن کي پڙهي ٻڌائيندو آهي. هنن سان هر خوشي ۽ غم ونڊي ٿو. گذريل ڪافي ڏينهن کان هو رڍن سان هُن ڇوڪريءَ جو ذڪر ڪري رهيو آهي جيڪا اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ هئي.
پوئين سال جڏهن هُن جون رڍون اُنَ ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار هيون ته هن جي دوست هُن کي انهيءَ واپاريءَ جو ڏس ڏنو. هي اُنَ جو واپاري ٻين کان ڪجهه وڌيڪ قيمت ڏيئي رهيو هو پر هُن جو شرط اهو هو ته ريڍار جنهن وقت رڍ تان اُن روڙي لاهي ان وقت هو (دڪاندار) موجود هجي، انهيءَ سان بي ايماني جو ڪو امڪان نه ٿو رهي.
انهيءَ ڪري پوئين سال ناصر انهيءَ دڪان تي ويو هو. هو جڏهن اُتي پهتو هو ته واپاري مصروف هو ان ڪري هن کي انتظار ڪرڻو پيو. وقت گذارڻ لاءِ هو دُڪان جي پاسي ۾ هڪ سِرن جي ٺهيل ڏاڪي تي ڪتاب پڙهڻ ويهي رهيو هو.
“مونکي خبر نه هئي ته ريڍار به پڙهڻ ڄاڻيندا آهن!” ڪنهن ڇوڪريءَ ناصر جي پٺيان بيهي هي لفظ چيا. هوءَ اُنَ جي واپاري جي ڌيءُ هئي.
ناصر پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هن کي ڪارن ۽ گهاٽن وارن ۽ نيڻن واري ڇوڪري نظر آئي.
”حقيقت ته اها آهي ته آءُ ڪتابن کان وڌيڪ رڍن کان گهڻو ڪجهه سکندو آهيان. ڪتاب صرف زندگيءَ کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.“ ناصر وراڻيو.
ان کان پوءِ هنن ٻنهي جي گفتگو شروع ٿي. ٻئي هڪ ٻئي کي پنهنجي زندگيءَ بابت احوال ڏيندا رهيا. ناصر کي هيترن سالن ۾ اڄ محسوس ٿيو هو ته رڍن کان وڌيڪ خوبصورت مخلوق به هن دنيا ۾ آهي. سڄو ڏينهن رڍن سان گڏ رهڻ وارو شخص هِن تبديلي، جيڪا ٿوري دير لاءِ ئي هئي، تي خوش هيو.
هن ڇوڪريءَ ناصر کان پڇيو ته هن پڙهڻ ڪٿان سکيو.
ناصر وراڻيو: “جتان سڀ سکندا آهن. يعني اسڪول مان.”
“جيڪڏهن تون پڙهڻ ڄاڻين ٿو ته هي ريڍار وارو ڪم ڇو پيو ڪرين” ڇوڪريءَ پڇيو هو.
ناصر هن سوال تي ڪجهه منجهي پيو هو ڇو ته ان سوال جو هن وٽ ڪو معقول جواب ڪونه هيو ۽ جيڪا حقيقت هئي اُها ڇوڪري نه سمجهي سگهي ها. هو ڳالهه ٽارڻ لاءِ ۽ ريڍار جي اهميت ٻڌائڻ لاءِ ڇوڪريءَ کي پنهنجي زندگيءَ جا دلچسپ ۽ حيرت انگيز واقعا ٻڌائڻ لڳو. اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جنهن وقت ڪو حيرت وارو واقعو ٿي ٻڌو ته هن جا نيڻ پورا کلي ٿي ويا. جيڪي ناصر جي دل ۾ محبت ڀريو احساس پئدا ڪري رهيا هئا. ناصر چاهيو ته شل اُنَ جي واپاري کي ڪڏهن به واندڪائي نه ملي ۽ هو انهن ڪارن نيڻن ۾ سدائين گم رهي.
ايتري ۾ واپاريءَ کي واندڪائي ٿي ويئي هئي، ۽ هُنَ ناصر کي چئن رڍن تان اُنَ روڙي لاهڻ لاءِ چيو. اُنَ جو وزن ڪرڻ کانپوءِ واپاريءَ ناصر کي پئسا ڏنا ۽ مٿين سال وري اچڻ لاءِ چيو. هاڻي وري وقت اچڻ وارو هو.
هو پراڻي قلعي مان سڀ رڍون ڪڍي اچي ٿو. “باقي چار ڏينهن بچيا آهن اُنَ جي واپاريءَ وٽ وڃڻ لاءِ” ناصر رڍن سان ڳالهائي ٿو، “انهيءَ وچ ۾ ڪيئي ريڍار آيا هوندا ان دُڪان تي جيڪي شايد گهڻا امير به هوندا. آءُ الائجي هن کي ياد هوندس الائي نه؟” رڍن کي چئي ٿو.
دل ئي دل ۾ پاڻ کي آٿت ڏئي ٿو ته هو ڇوڪريءَ کي ضرور ياد هوندو. “ڪاش ائين ٿئي ها ته هوءَ ڇوڪري به هنن رڍن وانگر هجي ها. رڍن کي آءُ جيئن چوان ٿو تيئن ڪن ٿيون ۽ هو مون کي جيڪي ڪجهه چون ٿيون آءُ ڪيان ٿو. هو ڪڏهن به ڪو طرف چونڊي اوڏانهن هلڻ نه ٿيون شروع ڪن بلڪه منهنجي اڳيان پويان ڦرن ٿيون، ته جيئن آءُ هنن کي هلڻ لاءِ صحيح سمت ٻڌايان.” ناصر رڍن کي هڪليندو هلي ٿو ۽ سوچيندو به هلي ٿو “رڍن ۾ خراب ڳالهه اها آهي ته هو صرف کائڻ پيئڻ ڄاڻن ٿيون. رڍن جا ڏينهن ۽ راتيون ساڳيا آهن. سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين کين هڪ ئي تات رهي ٿي- کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ. هو نه ڪتاب پڙهن ۽ نه ئي وري ڪا انساني ٻولي ڳالهائين. هو صرف کاڌي پيتي جي هنڌن تائين پهچڻ لاءِ انسانن سان منسلڪ رهن ٿيون.” وري ناصر کي خيال اچي ٿو ته رڍون گوشت، کير ۽ اُنَ به ته ڏين ٿيون. ان کان وڌيڪ اِهو ته هو پنهنجي مالڪ سان دوستي به ڪن ٿيون. اچانڪ هن کي خيال اچي ٿو ته جيڪڏهن هن وقت هو وحشي ٿي رڍن کي مارڻ شروع ڪري ته رڍن کي تمام دير سان خبر پوندي ته آءُ اهو ساڳيو آهيان، جيڪو هنن کي چارڻ لاءِ وٺي ويندو آهي. هو مونکان پري ان ڪري نه ٿيون ڀڄن، جو هو مون تي اعتبار ڪن ٿيون. “هي ڪهڙو نه عجيب خيال هو مونکي ڇا ٿي ويو آهي.”
هن کي لڳي ٿو ته پراڻي قلعي ۾ ضرور ڪا غيبي قوت لڪيل هئي، جيڪا هن جي خيالن ۾ منفي اثرات وجهي رهي آهي. نه ته هن کي رڍن تي سدائين پيار ڀريا احساس ايندا آهن، وحشي ٿيڻ جو ڪڏهن به نه سوچيو هو. اڄ هن کي خبر ناهي ڇو ائين خيال آيو.
هو جلدي جلدي رڍن کي هڪلي رهيو هو. هڪ ته هن چاهيو ته هو پراڻي قلعي کان گهڻو پري هليو وڃي ۽ ٻيو اونهاري جي موسم هئي ٿڌيءَ ۾ ئي رڍن کي ڪنهن گاهه واري زمين تائين پهچائڻ چاهيو. رڍون هن جي ٻڌايل طرف ڏانهن تيز تيز هلڻ شروع ڪن ٿيون. هلندي هلندي هن کي ڇوڪريءَ جو سوال ياد اچي ٿو “تون پڙهيل لکيل هئڻ جي باوجود به ريڍار واري ڪرت ڇو پيو ڪرين.” ناصر دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هو هُن کي ضرور ٻڌائيندو ته هُن ريڍار ٿيڻ ڇو پسند ڪيو.
گذريل ٻن سالن ۾ هُن گهڻو ڪجهه گهميو هو ۽ هُن پنهنجو گهر صرف اُنهيءَ مقصد خاطر ڇڏيو هو ته هو خدا جي خلقيل دنيا ڏسي. اهو ئي سبب هيو جو هُن پنهنجي والد جي خواهش کان انڪار ڪيو هو. ناصر جي والد چاهيو هو ته هو هڪ ديندار ۽ دين کي پکيڙڻ وارو هڪ اعلى انسان ٿئي. انهيءَ لاءِ ناصر جي پيءُ هن کي سورنهن سالن جي عمر تائين مختلف درسگاهن ۾ موڪليندو رهيو. توڙي جو هو ٻولين ۽ انهن جي ثقافتن کي پڙهي چڪو هو پر هن دراصل اهي سڀ قومون ۽ انهن سان جڙيل ثقافتون پنهنجي اکين سان ڏسڻ ٿي چاهيون. انهيءَ ڪري هُن هڪ شام پنهنجي پيءَ کي چيو ته هو دنيا ڏسڻ چاهي ٿو. هن کي هڪ هنڌ ويهي رهڻ سان بيقراري ٿي ٿئي.
“پٽ! ڪيترائي ماڻهو دنيا جي مختلف هنڌن تان اسان جي ڳوٺ اچن ٿا ۽ ڪيترائي ڏينهن هتي رهن ٿا ۽ نيون شيون ڏسن ٿا، پر جڏهن هو هتان وڃن ٿا ته هنن ۾ ڪوبه بدلاءُ نه ٿو اچي. ايتري قدر جو انسان جا شاهڪار نمونا ڏسن ٿا، جبلن جي چوٽين تي بادشاهن جا ٺهيل محل ڏسن ٿا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پرکين ٿا. پر آخر ۾ تت اهو ڪڍن ٿا ته اسان جو ماضي اسان جي حال کان بهتر هيو. انهيءَ جو مطلب ته اسين ڪجهه به ڪريون پر وڌون بگاڙ جي طرف ٿا.” ناصر جي پيءُ هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“پر آءُ انهن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڏسڻ چاهيان ٿو. آءُ اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿو هنن اسانجي ريتن رسمن کي ڏسي پاڻ ۾ ڪهڙو بدلاءُ آندو.” ناصر محسوس ڪيو ته هن پنهنجي پيءُ کي دليل ڏيئي گهڻو مطمئن نه ڪيو.
“پر پٽ! گهمڻ ڦرڻ لاءِ پئسي جو هجڻ لازمي آهي. صرف اهي ماڻهو گهمي ڦري سگهن ٿا جن وٽ جهجهو پئسو هجي.” ناصر جي پيءُ هُن کي حقيقت کان اگاهه ڪيو.
“جيڪڏهن ائين آهي ته آءُ ڌنار ٿيڻ پسند ڪندس.” ناصر پنهنجو آخري فيصلو ٻڌايو.
ناصر جو پيءُ چپ ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن جي صبح جو ناصر کي پيءُ ڪجهه پئسا ڏنا ته جيئن هو انهن مان رڍن جو ڌڻ خريد ڪري سگهي. پنهنجي ڳوٺ کان رخصت ٿيڻ کانپوءِ هن ڪافي جڳهيون ڏٺيون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن سان مليو هو. هينئر هو انهيءَ زندگيءَ مان تمام گهڻو خوش هيو. سندس جي اها خواهش ريڍار ٿيڻ کانپوءِ پوري ٿي. پنهنجي پيءُ جي ڏنل پئسن مان هن هڪ ڪتاب، هڪ صَدري ۽ رڍن جو ڌڻ ورتو هو. ڪجهه ئي عرصي ۾ هُن ايترو ڪجهه ڪمائي ورتو هو جو سمنڊ پار ملڪن کي آسانيءَ سان گهمي ٿي سگهيو.
هن وقت ناصر کي پنهنجي پيءُ جي سوچ تي تعجب ايندو هو. ڪيتري نه خوبصورت دنيا آهي ۽ ماڻهو انهن کي ڏسڻ نه پيا چاهين. ايتري قدر جو ڪير رڍن کي به ٿورو کُليو ڇڏي ته پڪ سان ڪنهن نه ڪنهن نئين ۽ اڻڄاتل جڳهه تي پهچي ويندو. خدا تمام سهڻو جهان خلقيو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي پيءُ جي ويچارن کي صحيح به سمجهندو آهي. خاص طور تي جڏهن کان هو هُن اُن جي واپاريءَ جي ڌيءُ سان مليو آهي، ان کان پوءِ ته هن کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو گهر جوڙڻ جو خيال آيو آهي. ڇاڪاڻ ته عورت هڪڙي گهر ۾ رهڻ پسند ڪري ٿي.
ناصر خيالن جي سلسلي مان نڪري اچي ٿو.
هو جڏهن سج جي طرف نهاري ٿو ته پنهنجي مخصوص آوازن سان تيز تيز هلڻ لاءِ هوڪارا ڪري ٿو ۽ رڍون تيز هلڻ شروع ڪن ٿيون.
ناصر کي سج لهڻ کان پهرين سِڦار جي ڳوٺ پهچڻو هو. ان ڳوٺ ۾ هُن کي اُن عورت سان ملڻو هو، جنهن کي خوابن جي تعبير ڪرڻ جو علم آهي ۽ ٻيو ڪتاب به بدلائڻو هيو. ڏاڙهي ڏانهن ڌيان ڏنو ته اها به وڌي آئي هئي ان کي لاهڻ جو ارادو ڪيو. ڇاڪاڻ ته هُن اهو سوچيو ته واپاريءَ جي اڳيان جيڪڏهن هو صاف سٿرو ۽ معزز ٿي ويندو ته واپاري هن کي پنهنجي ڌيءُ جي سنڱ ڏيڻ کان انڪار نه ڪندو.
سِڦار جي ڳوٺ پهچڻ شرط هو پهريان اُن عورت سان ملڻ وڃي ٿو. خواب هُن کي گهڻو بيتاب ڪيو هو. عورت جي گهر جي پٺئين پاسي کان هڪ ننڍو ڪمرو ٺهيل هو جنهن جو ڏيک تمام گهڻو عجيب هيو. ڪمري جي چئني پاسن جي ڀتين تي مختلف رنگ جا پڙدا لڳل هئا ۽ پوري ڪمري ۾ بلڪل وچ تي هڪ ننڍي ٽيبل ۽ آمهون سامهون ٻه ڪرسيون پيون هيون.
عورت ناصر کي سامهون واري ڪرسي تي ويهاري هُن جا ٻئي هٿ پڪڙي ٿي ۽ آهستي آواز ۾ ڪجهه پڙهي ٿي. ائين لڳي ٿو ڄڻ اها عورت ناصر جي دماغ مان ڪا شيءِ تلاش ڪندي هجي. ڪجهه گهڙي کان پوءِ ناصر جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو، “اهو سچ آهي ته آءُ خوابن جي تعبير ٻڌائيندي آهيان ۽ هي به هڪڙو ذريعو آهي جنهن کي استعمال ڪندي قدرت انسانن سان مخاطب ٿئي ٿي. خدا جنهن ٻولي ۾ اوهان سان ننڊ ۾ مخاطب ٿئي ٿو انهيءَ کي آءُ پنهنجي علم جي ذريعي پڙهڻ ڄاڻان ٿي. پر هتي ڳالهه اها آهي ته خدا ڪڏهن ڪڏهن صرف انهيءَ انسان سان مخاطب ٿئي ٿو جنهن کي هو ڪا ذميداري سونپڻ چاهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ آءُ به ڪجهه نه ڪري سگهندي آهيان. آءُ پنهنجي علم سان جڏهن تنهنجي ذهن جا سڀ طبق جاچيم ته مونکي ڪو اهڙو خاص خواب نظر نه آيو.” هن عورت ناصر کي چيو.
ٿوري دير لاءِ ڪمري ۾ بلڪل خاموشي ٿي ويئي. ناصر هڪ لمحي منجهي پيو. ايتري ۾ اُن عورت ناصر کان پئسن جي گهر ڪئي.
ناصر کي پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪونه هيو بس هن تعبير ڄاڻڻ ٿي چاهي. ٻه دفعا بلڪل ساڳيو خواب اچڻ، پريشاني ۽ سوچڻ جي ڳالهه هئي. ناصر عورت کي چيو ته:
“مون کي هي خواب ٻه دفعا نظر آيو آهي. آءُ ڏٺو ته هڪ سرسبز ميدان ۾ رڍون چري رهيون آهن، ايتري ۾ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو نمودار ٿئي ٿو ۽ رڍن سان کيڏڻ شروع ڪري ٿو ۽ رڍون به هن سان مانوس ٿي وڃن ٿيون. مون عمومن ائين ڏٺو آهي ته رڍون ڪنهن اجنبي جي ڌڻ ۾ داخل ٿيڻ سان شور ڪن ٿيون پر هتي:”
“تون خواب پورو ڪر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪر. مونکي ماني به پچائڻي آهي.” ان عورت ناصر جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
“ان کانپوءِ رڍن سان کيڏندڙ اهو ٻار مون ڏانهن اچي ٿو ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان مون کي مصر جو ڪو ملڪ آ جتي تمام وڏا ڪي محراب ٺهيل آهن اوڏانهن وٺي وڃي ٿو.”
ناصر پنهنجو خواب پورو ڪري ٿو. هو اُن عورت کان گهٽ ۾ گهٽ اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته واقعي ڪو مصر جو ملڪ آهي ۽ ان ۾ ڪي محراب آهن يا وري اهو سڀ ڌوڪو آ.
“ٻيو دفعو خواب ۾ تون اڃان ڪجهه وڌيڪ ڏٺو؟” عورت ناصر کان پڇي ٿي.
“ٻئي دفعي خواب ۾ اهو ڇوڪرو مصر جي محرابن وٽ بيٺو هو ۽ اهڙي طرح سان سڏي رهيو هيو، جنهن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مصر جي محرابن تائين وڃڻو پوندو.” ناصر سڀ ڪجهه خواب بابت ٻڌائي ڇڏيو.
“آءُ توکان هِن خواب جي تعبير جا پئسا ته ڪونه وٺندس، پر هڪڙي ڳالهه جو واعدو ڪرڻو پوندو ته تون جيڪڏهن ڪو خزانو ماڻين ته ان جو ڏهه فيصد مون کي ڏيندين.” هُن عورت ناصر کي چيو.
ائين پئي لڳو ڄڻ اها عورت خواب جي حقيقت کي سڃاڻي ويئي هئي.
ناصر اهو سوچيو ته خواب ته خبر ناهي ڪوڙو آ يا سچو پر هن وقت پئسا نه ڏيڻا پوندا اها اهم ڳالهه آهي. ان ڪري جڏهن خزانو ملڻو ئي ناهي ته ڏهه فيصد حصو ڪٿان. ان ڪري واعدي ڪرڻ ۾ ڇاهي.
“چڱو آءُ توکي تنهنجو حصو ڏيندس پر خواب جي تعبير ته ٻڌاءِ” ناصر هُن عورت کي چيو.
ان عورت ناصر جا ٻئي هٿ پڪڙيا ۽ وري ڪجهه پڙهڻ لڳي. هن ڀيري ڪجهه وڌيڪ پڙهيو ۽ اکيون بلڪل بند ڪري ڇڏيون. جنهن منجهان لڳو ته هوءَ عورت ناصر جي دماغ جي گهرائين ۾ هلي ويئي آهي.
اچانڪ عورت اکيون کوليون ۽ عمل پڙهڻ بند ڪيو. “هن خواب جي تعبير ٺيڪ ٺيڪ معلوم ڪرڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي. پر آءُ پنهنجي علم جي ذريعي انهيءَ نتيجي تي پهتي آهيان، توکي خواب ۾ نظر ايندڙ اُن ٻار جي ڳالهه ضرور مڃڻ گهرجي. آءُ ۽ تون نه ٿا ڄاڻون ته مصر جا محراب ڪٿي آهن پر ايتري ضرور پڪ اٿم ته اها جڳهه دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ ضرور آهي. تون جڏهن اوڏانهن ويندين ته پڪ ڄاڻ ته توکي ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملندو.” عورت، ناصر کي چيو.
“پر اهي سڀ وقت ضايع ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون آهن. تون پاڻ ٻڌاءِ ته ڇا اها بيوقوفي نه ٿيندي ته آءُ انهيءَ جڳهه جي سفر لاءِ نڪري وڃان جنهن کي ڪڏهن مون ٻڌو ئي ڪونهي.” ناصر حقيقت واضح ڪئي.
“مون کي تنهنجي ڳالهه کان ڪو انڪار ڪونهي پر آءُ توکي اڳ ۾ ئي چيو ته خدا ڪجهه خاص ماڻهن کي ڪجهه خاص ذميداريون سونپيندو آهي. اهي خاص ماڻهو ڏاها ٿين ٿا ۽ ڏاهن جو ڪم آهي ته هو خدا جي طرفان مليل هدايتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، ڇاڪاڻ ته هر شيءِ پهريان اڻ ڄاڻ هوندي آهي ۽ انهيءَ کي ڄاڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي” عورت ناصر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“پر آءُ وڃان ڪهڙي طرف، مصر ڪهڙي طرف هوندو؟” ناصر هُن عورت کان پڇيو.
“اها ته مونکي به خبر ناهي، پر مان اهو ضرور ڄاڻان ٿي ته تون جڏهن مصر مان ڪو خزانو ماڻيندين ته ان جو ڏهه فيصد مونکي ملندو.” عورت هاڻي ناصر مان جان ڇڏائڻ جي ڪئي. ڇو ته ناصر هن جو تمام گهڻو وقت ورتو هو ۽ ٻيو ته انهيءَ وقت جي بدلي هُن کي ڪجهه ملڻو به نه هيو.
“پر آءُ جيڪڏهن مصر وڃان ئي نه ته پوءِ؟” ناصر هاڻي آخري وار ڪيو. هُن اهو خيال ڪيو ته عورت پنهنجي ڏهه فيصد جي لالچ ۾ ڪجهه وڌيڪ احوال ڏيندي.
“ته پوءِ ڇا. جيڪڏهن تون مصر نه ٿو وڃين ۽ تون ڪجهه نه ٿو ماڻين ته آءُ ڏهه فيصد تان هٿ کنيو.” عورت هاڻي صفا بيزار ٿي ناصر کي چيو ۽ گهر واري دروازي ڏانهن هلي ويئي ۽ ناصر به ٻاهر نڪري آيو.
ناصر کي ڏاڍي مايوسي ٿي. هُن کي خواب جي تعبير ڄاڻڻ جو اتساهه ئي ختم ٿي ويو. هُن کي ائين لڳو ڄڻ خواب سڀ ڪوڙا ٿين ٿا ۽ انهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي نه هجي ٿو. هي خوابن جي تعبير ٻڌائڻ وارا صرف پئسن ڪمائڻ جي چڪر ۾ ماڻهن کي ٺڳين ٿا. هن جو هٿ ڏاڙهي تائين کڄي وڃي ٿو ۽ هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي وڃي ٿو. هن کي واپاري وٽ وڃڻو آهي ۽ ڪو ٿلهو ڪتاب خريد ڪرڻو آهي. هن رڍون پنهنجي هڪڙي ريڍار دوست وٽ ڇڏيون هيون، اهي هن کي واپاري جي ڳوٺ ڪاهي وڃڻيون هيون. ريڍارن کي هر ڳوٺ ۾ پاڻ جهڙن دوستن جي ضرورت پوي ٿي. انهيءَ ڪري ناصر جا به ڪافي ڳوٺن ۾ ڪافي دوست هئا جن سان هو گاهي به گاهي ملندو رهندو هو.
هو سوچي ٿو ته دنيا ڪيتري نه وسيع آهي. هڪ ئي هنڌ کوهه جي ڏيڏر وانگر زندگي گذاريندڙ ماڻهو ڪيترا نه غلط آهن. انسان جيڪڏهن پوري دنيا جو نه تڏهن به ڪجهه حصن جو سير ضرور ڪري. ناصر جو پنهنجي پيءُ ماءُ جي ڳوٺ کان روح به ان ڪري کڄيو ته هو روز هڪڙي ئي ڪرت ڪندو هو ۽ هڪڙن ئي ساڳين ماڻهن کان ساڳيون ڳالهيون ٻڌندو هو. ان کان وڌيڪ تنگ ڪندڙ ڳالهه هن لاءِ اها هئي ته هُن جو استاد هميشه اها ڪوشش ڪندو رهندو هو ته شاگردن کي پنهنجي سوچ مطابق ڪيئن هلائي. استاد پاڻ کي ڪڏهن به بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو. ناصر هِن وقت تائين اهو ئي ڄاتو هو ته هر ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي بدلائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ايتري قدر جو اسان جا پيءُ ماءُ به اولاد کي پنهنجي سوچ مطابق هلائڻ چاهين ٿا.
“ڪيڏانهن پيو وڃين؟” ڪتابن جي دڪاندار ناصر کي رڙ ڪري چيو ۽ ناصر جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. هُو ڪتابن جي دُڪان ۾ اندر گهڙي ٿو ۽ هڪ ٿلهو ڪتاب کڻي، سنهو ڪتاب دڪان واري سان تبديل ڪري ٿو ۽ بقايا جيڪي پئسا لڳنس ٿا اهي ڏيئي، ريڍار دوست وٽ اچي ٿو. رڍون ڪاهي اچي هڪ وڏي وڻ جي ڇانو هيٺان ٿائنيڪو ٿئي ٿو. اونهاري ۾ ڏينهن جي وچ واري حصي ۾ ڄڻ هر شي بيهي وڃي ٿي. اس جي تپش کان هرڪو ڇانوري واريون جڳهيون ڳولهي ٿو.
ناصر نئون خريد ڪيل ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ٿو. ڪتاب جي شروعات ۾ ئي ڪنهن جي تدفين جو ذڪر آهي ۽ انهيءَ رسم ۾ موجود ماڻهن جا نالا به ليکڪ ڳڻايا آهن. هڪ ته ايترا گهڻا نالا ٻيو وري انهن کي اُچارڻ ايترو ڏکيو. ڪتاب جو پهريون صفحو به پورو نه ٿيو جو ناصر تنگ ٿي ڪتاب بند ڪري ڇڏيو. هُنَ پهه ڪيو ته جيڪڏهن هُن ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪو ڪتاب لکيو ته ان ۾ صرف هڪڙو ئي نالو هوندو جنهن کي ماڻهو پڙهڻ ساڻ ئي ياد ڪري وٺن.
ناصر کي وري اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جو خيال اچي ٿو. هُن جي وارن ۽ ڪارن گهاٽن نيڻن جي خوبصورت خيالن هن (ناصر) کي پنهنجي آسپاس کان ڪٽي ڇڏيو.
“هو ماڻهو ڇا پيا ڪَن” ناصر کي ڪنهن آواز ڏنو، ڇوڪريءَ جا خيال ٽٽي وڃڻ ڪري ريڍار کي ڪاوڙ آئي.
آواز ڏيندڙ هڪ بزرگ شخص هيو.
“ڏسو ڪونه پيا ته ماڻهو ڪنهن نئين جڳهه جي تعمير لاءِ ڪم پيا ڪن.” ناصر ٿورو رُخو ٿي جواب ڏنو. جنهن تي هن کي ڪجهه پشيماني ٿي. پر هُن جي دماغ ۾ هينئر صرف اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ ڇانيل هئي. ناصر ڇوڪريءَ جو سنڱ گهرڻ جي منصوبه بندي ڪرڻ ٿي چاهي. اِها ڳالهه هو پاڻ سان ڪيترائي دفعا ڪري چڪو آ پر وري وري ورجائڻ سان هُن کي عجيب سُرور ٿي آيو.
“مونکي ڪجهه پاڻي ملي سگهندو؟” هن بزرگ شخص چيو. هو اڃان ويو ڪونه هو شايد هُن کي اُڃ لڳي هئي انهيءَ ڪري ناصر سان هروڀرو ڳالهايو هو. ڌنار کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ هن بزرگ کي پاڻي ڏنو.
“هي ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪيئن آهي؟” بزرگ ناصر کان پڇيو.
ناصر هڪ ته هُن پوڙهي مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ٻيو وري ڪتاب اڃان هُن پڙهيو ئي ڪونه هو ته ان بابت ڇا ٻڌائي ان ڪري چپ ڪري ويٺو.
“هي ڪتاب سٺو ته آهي پر ڏاڍو منجهائيندڙ آهي.” بزرگ ڪتاب بابت ناصر کي ٻڌايو.
ناصر دنگ رهجي ويو. هُن سمجهيو ته بزرگ شخص اڻپڙهيل هوندو، پر هي لفظ ٻڌي حيران ٿي ويو.
پوڙهي شخص ريڍار کي تعجب ۾ ڏسي وري ڳالهايو: “هي ڪتاب سڀن ڪتابن وانگر هڪ عام ڳالهه سمجهائڻ لاءِ لکيل آهي.”
“عام ڳالهه! ڪهڙي عام ڳالهه؟” ناصر بزرگ مان متاثر ٿيندي پڇيو.
“اها ئي ته انسان پنهنجي منزل تائين تيستائين نه ٿو پهچي سگهي جيستائين قدرت نه ٿي چاهي.” بزرگ ريڍار کي ٻڌايو. بزرگ ٿوري دير لاءِ چپ رهي وري چيو:
“اهو هڪ وڏو ڪوڙ آهي ته منزل طرف ويندڙ هر راهه جو تعين انسان پاڻ نه پر انسان جي قسمت ڪري ٿي.”
“پر مون ته ائين ڪڏهن نه سوچيو آهي. منهنجي پيءُ ماءُ مون لاءِ ڪجهه ٻيو سوچيو هو پر آءُ اُهائي راهه چونڊي جيڪا مونکي صحيح لڳي.” ريڍار بزرگ جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو.
“اها ڳالهه تعريف جوڳي آهي ته تون مختلف راهون چونڊين ٿو ۽ انهن جو تعين به پاڻ ڪرين ٿو.” بزرگ ناصر کي چيو.
ناصر پهريون دفعو هُن بزرگ کي غور سان ڏٺو. هو ڪنهن عرب ملڪ جو باشندو ٿي لڳو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪافي عرب تاجر ڏٺا هئا، جيڪي پنهنجي ملڪ مان کڻي آيل شين جي تجارت ڪندا هئا. هي بزرگ به انهن جهڙو ٿي لڳو.
“اوهين ڪهڙي ملڪ کان آيا آهيو؟” ناصر پڇيو.
“ائين سمجهه آءُ ڪيترين ئي جڳهين جو رهاڪو آهيان.” بزرگ وراڻيو.
“مون سمجهيو ڪونه، هر ماڻهو ڪنهن هڪڙي جڳهه تي ڄمي ٿو، جيڪو هن جو ديس هجي ٿو پوءِ چاهي هو ڪيترائي ديس ڇو نه گهمي.” ريڍار بزرگ کي چيو.
“ها ڄمڻ جو جيستائين تعلق آهي ته آئون سَيلم ۾ ڄائو هئس.” بزرگ چيو.
ناصر جو تجسس وڌي ويو. سَيلم مُلڪ جو نالو هُن پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ نه ٻڌو هو. پر هُن بزرگ کان ان ملڪ جي باري م پڇڻ نه چاهيو ڇاڪاڻ ته هن کي گفتگو ختم ڪرڻي هئي. پر مسئلو اهو هو ته بزرگ ڄڻ وڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو ۽ ناصر اخلاقي طور تي هن سان رخو ٿيڻ نه ٿي چاهيو. “اوهين ڇا ڪندا آهيو؟” ناصر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي گفتگو جاري رکي.
“آءُ سَيلم ملڪ جو بادشاهه آهيان ۽ منهنجو نالو عبدالله آهي.” بزرگ وراڻيو.
عجيب ڳالهه هئي پر ناصر کي ڳالهه ٻڌي تعجب نه لڳو، ڇاڪاڻ ته هو عجيب ڳالهين ٻڌڻ جو ۽ عجيب خواب ڏسڻ جو ڪجهه عرصي کان عادي ٿي ويو هو. ان ڪري هِن ڳالهه کي به عام ڳالهه وانگر ڏٺو.
“تو وٽ رڍون ڪيتريون آهن؟” بزرگ پڇيو.
“منهنجي گذاري لاءِ ڪافي آهن.” ناصر هاڻي بلڪل گفتگو کي وڌائڻ نه ٿي چاهيو.
“جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آءُ تنهنجي ڪابه مدد نه ٿو ڪري سگهان. تون پاڻ ئي نه ٿو چاهين ته ڪنهن وڏي منزل کي حاصل ڪجي.” بزرگ ريڍار کي چيو.
“مونکي ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي. آءُ هاڻي هلان پيو.” ناصر ائين چئي رڍن کي هڪلڻ لڳو ۽ بزرگ کان ڪجهه اڳڀرو نڪري آيو.
“جيڪڏهن تون هنن رڍن منجهان پنج رڍون مونکي ڏين ته آءُ توکي اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته مصر ڏانهن ڪيئن وڃجي.” بزرگ ناصر کي تيز آواز ڏيئي چيو ۽ آهستي آهستي ناصر ڏانهن وڌڻ لڳو.
ناصر ڪجهه لمحن لاءِ ڄمي بيهي رهيو. هن کي لڳي ٿو ته بزرگ شايد خوابن بابت علم رکندڙ عامل آهي يا وري اُن پوڙهي عورت جو مڙس آهي، جيڪا پئسن وٺڻ لاءِ هيءَ سڀ چالاڪي ڪري رهي آهي.
ناصر ڪجهه چئي، ان کان اڳ بزرگ ناصر کان رڍن کي هڪلڻ وارو لڪُڻ وٺي، واريءَ تي ڪجهه لکڻ شروع ڪري ٿو. انهيءَ وقت هڪ عجيب روشني ڦهلجي وڃي ٿي، جو ناصر کي ڪجهه لمحن لاءِ واريءَ تي ڪا شيءِ نظر نه ٿي آئي پر جڏهن روشني ختم ٿئي ٿي ته واريءَ تي بزرگ پاران لکيل عبارتون صاف نظر آئيون. ريڍار بلڪل حيران ٿي وڃي ٿو، واريءَ تي هن جي پيءُ ماءُ جا نالا لکيل هئا ۽ وڌيڪ حيرت ڪندڙ اهو نالو هو جيڪو هن کي به معلوم نه هو. اهو نالو اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جو هو. بزرگ اهي ڳالهيون به لکيون هيون جيڪي ناصر اُنهيءَ ڇوڪريءَ لاءِ سوچيندو هو. اُهي ڳالهيون ته هُن ڪڏهن به ڪنهن ريڍار دوست سان نه ڪيون هيون.
”هي سڀ ڳالهيون اوهين ڪيئن ڄاڻيو ٿا؟“ ناصر حيرت مان بزرگ کان پڇيو.
”آءُ سَيلم ملڪ جو بادشاهه آهيان ۽ مون کي سڀ خبر آهي.“ بزرگ چيو.
”پر ڪنهن ملڪ جو بادشاهه مون کي ڪنهن اهڙي هنڌ جو ڏس ڇو ڏيندو، جتي مون کي ڪا نه ڪا شيءِ ملندي هجي. بادشاهه ته اِهو چاهيندا آهن ته دنيا جا سڀ خزانا هنن وٽ هجن.“ ناصر دراصل ڳالهه اڻ سڌيءَ طرح ڪئي پر هن بزرگ کان مصر بابت ڄاڻڻ لاءِ اها ڳالهه ڪئي.
“ڪيترائي سبب آهن جن کي وقت گذرڻ سان ڄاڻي سگهندين. هن وقت تو لاءِ اهو ضروري آهي ته تون پنهنجي منزل تائين پهچڻ جو طريقو ڄاڻي سگهين.” بزرگ ناصر کي چيو.
پر ريڍار کي اڃان تائين اها ڄاڻ نه ملي ته هن جي منزل اصل آهي ڇا. انهيءَ کان اڳ جو ناصر ڪجهه چئي بزرگ وري ڳالهايو:
“تنهنجي زندگيءَ جو اهو ئي مقصد هيو نه ته تون پنهنجي منزل ماڻي سگهين، انهيءَ ڪري تون هڪ هنڌ ويهڻ بدران سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏني. جيڪا هڪ تمام سٺي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته منزل طرف سفر ڪرڻ ڪنهن پوڙهي جو نه پر نوجوان جو ڪم هوندو آهي. جوانيءَ واري دؤر ۾ ارادا مضبوط هجن ٿا ۽ ڪابه شيءِ ڄڻ ناممڪن نه ٿي لڳي. هڪ اڻ ڄاتل پر مضبوط سگهه هجي ٿي، جيڪا نوجوانن کي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي ٿي، پوءِ چاهي هنن جي زندگيءَ کي ڪيترو به خطرو ڇو نه هجي. انسان جيئن جيئن عمر رسيده ٿيندو وڃي ٿو ته هُن منجهان منزل کي حاصل ڪرڻ جي اميد ختم ٿيندي وڃي ٿي. آخرڪار هو منزل ماڻڻ کان بغير زندگي گذاري ٿو ۽ انهيءَ کي قسمت جو لکيو چئي ٿو.”
ناصر اهو سڀ ٻڌڻ کانپوءِ به اهو نه ڄاڻي سگهيو ته هُن کي منزل ڪيئن ملندي ۽ خزانو مصر جي محرابن تي ڪٿي ملندو. هينئر ته هُن اهو ڄاڻڻ چاهيو ته اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪهڙو طريقو پاڻ ۾ آڻجي ۽ اها خزاني واري ڳالهه ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڪيئن ٻڌائي جو هو اها ڳالهه ٻڌي پنهنجي ڌيءُ جو هَٿُ هُن جي هٿ ۾ ڏئي.
“انسان اِها اڻ ڄاتل قوت پنهنجي لالچ جي طور تي به استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ جنهن کي استعمال ڪرڻ سان پنهنجو مقصد حاصل به ڪري سگهي ٿو پر غلط نموني سان استعمال ڪيل دل ۽ ذهن سدائين غلط صلاحون ئي ڏيندو.” بزرگ ڄڻ ته ناصر جو ذهن پڙهي ورتو هو. بزرگ ريڍار کي وڌيڪ چيو ته:
“اسين ڪير به هجون ۽ ڇا به ڪيون پر جنهن مقصد لاءِ سچي دل سان محنت ڪيون ٿا اهو ضرور ماڻيون ٿا. هن دنيا ۾ انسان جي اچڻ جو هڪڙو ئي مقصد آهي ته هو مسلسل جدوجهد ڪري. جيڪڏهن جدوجهد ڪنهن سٺي مقصد لاءِ آهي ته نتيجو يقينن سٺو نڪرندو.” بزرگ ڪجهه لمحي لاءِ وڏو ساهه کنيو.
هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ کانپوءِ وري چيو ته:
“تون کڻي واپاريءَ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ چاهين، سفر ڪرڻ چاهين يا وري خزاني جي تلاش لاءِ نڪري وڃين. تون جهڙي طرح سان به خوش ٿيڻ چاهين ٿو ٿي سگهين ٿو يا وري پريشانين ۾ مبتلا رهي ۽ بغض ۽ ڪينو دل ۾ رکي زندگي گذاري سگهين ٿو. هي سڀ انسان جي اندر جا احساس آهن، جيڪي هُن کي هُن جي مقصد ماڻڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ياد رک! جڏهن به ڪو منزل طرف وڌي ٿو ته ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ هُن جي مدد ڪري ٿي.”
هڪ عجيب خاموشي ڇائنجي ويئي. پريان جيڪي ماڻهو ڪم ڪري رهيا هئا انهن جي شايد منجهند جي مانيءَ جو وقفو هيو. انهيءَ ڪري هو دڪانن تان ۽ بيڪري تان ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي وڻن جي ڇانو هيٺان ويهي کائي رهيا هئا ۽ پاڻ ۾ حال به اوري رهيا هئا. ناصر جي دماغ ۾ بزرگ جا آخري لفظ “ياد رک” هر هر ٻُرڻ لڳا.
“تون رڍون ان ڪري پاليون آهن ته تون نيون نيون جڳهيون گهمي سگهين ۽ ڪجهه ڪمائي به وٺين” بزرگ خاموشي ٽوڙي ٿو ۽ چئي ٿو:
“هو بيڪري وارو ڏس.” بزرگ ٿورو پريان بيڪري جي مالڪ ڏانهن اشارو ڪندي ناصر کي چيو.
ناصر بيڪريءَ جي مالڪ ڏانهن نهاريو جيڪو ڪنهن مزدور کي کائڻ لاءِ ڪا شيءِ ڏيئي رهيو هو.
“هو بيڪري وارو جڏهن ننڍو هيو ته هن کي نين نين جڳهين گهمڻ جو تمام گهڻو شوق هيو، پر هُن اهو سوچيو ته پهريان ڪجهه ڪمائڻ جو ذريعو ڪجي. هن ڪجهه پئسا ڪمايا ان کان پوءِ هُن بيڪري خريد ڪئي. هن سوچيو ته بيڪريءَ منجهان ڪمايل پئسن مان ڪجهه پئسا بچائيندو ويندو ۽ پوءِ ڪيڏانهن گهمڻ ويندو. هينئر هو پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ هن ۾ گهڻي سفر ڪرڻ جي همت به نه رهي آهي. هو صرف ڪن بيجان شين ۽ جڳهين کي ڪنهن هنڌ وڃي ڏسي اچي ته سگهي ٿو، پر هن منجهان ڪنهن بي مثال ڪم ڪرڻ جي اميد ئي نه ٿي ڪري سگهجي.” بزرگ بيڪري واري جي زندگيءَ بابت ناصر کي ٻڌايو.
“پوءِ هُن مون وانگر ڌنار ٿيڻ يا اهڙو ئي ڪو ٻيو ڪم ڇو نه ڪيو؟” ناصر پڇيو.
“بيڪريءَ ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪمائي آهي. آءُ توکي اڳ ئي ٻڌايو نه ته انسان پنهنجا احساس پنهنجون خواهشون ۽ ڪوششون هر طرح سان استعمال ڪري سگهي ٿو پر جڏهن لالچ لاءِ استعمال ڪري ٿو ته هُن کي هڪ محدود دائري ۾ گهمڻو پوي ٿو. بيڪريءَ ۾ ڪمائي آهي، هڪ هنڌ وٿاڻ آهي ان جي ابتڙ ريڍار جابلو علائقا ته ڪڏهن پراوا ڳوٺ گهمندو وتي ٿو. ڇوڪريون انهن ماڻهن سان شادي ڪرڻ پسند ڪن ٿيون جن جو هڪ هنڌ ڪو ٺڪاڻو هجي.”
بزرگ جيئن ئي اها ڳالهه پوري ڪئي ته ناصر جو ڌيان اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ ڏانهن ڇڪجي ويو. هُن کي خيال آيو ته هُن ڇوڪريءَ جي ڳوٺ ۾ پڪ ڪونه ڪو بيڪريءَ وارو هوندو جنهن سان هن اپسرا شادي ڪري ڇڏي هوندي.
“آءُ سڀ توکي اُن ڪري ٻڌائي رهيو آهيان ته ڪا منزل تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي. تون جيڪڏهن هُن اپسرا (اُنَ جي واپاري جي ڌيءُ) سان شادي ڪري ڇڏيندين ته پنهنجي وڏي مقصد ماڻڻ کان محروم ٿي ويندين.” بزرگ ريڍار جي خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.
“تون ڇا سڀن ماڻهن ڏانهن وڃي اهو ٻڌائين ٿو ته منزل جو تعين ڪيئن ڪرڻو آهي؟” ناصر ڪجهه ڪاوڙ مان چيو. هُن کي اپسرا سان شادي کان جهلڻ واري ڳالهه پسند نه آئي.
“آءُ ڪيترن ئي مختلف طريقن سان ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيندو آهيان. ڪڏهن ڪنهن مشڪل ڪم کي آسان ڪرڻ لاءِ ته ڪڏهن سٺن خيالن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ. پر ماڻهن کي اهو احساس گهٽ هوندو آهي ته هنن کي منهنجي مدد جي ڪيتري نه شديد ضرورت آهي.” بزرگ ريڍار کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انسان کي هرهنڌ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مدد جي ضرورت پوي ٿي.
“مونکي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ کاڻ جي مزدور ڏي موڪليو ويو جنهن کي هڪ انمول هيري جي تلاش هئي. هُن چاهيو ٿي ته هُن کي اهڙو ڪو هيرو ملي جيڪو بلڪل اڻ ڏٺل هجي ۽ تمام گهڻو قيمتي هجي. هن شخص پورا پنج سال دل و جان سان هيرن جواهرن جي کاڻين ۾ ڪم ڪندو رهيو. هُن هيري کي ڳولهڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه وڃايو. بس هتان کان منهنجو ڪم شروع ٿيو. هڪ ڏينهن جڏهن هو هڪ نديءَ وٽ پٿر جي تلاش ۾ هيو ته آئون هُن جي پيرن کي اچي ڪوهه نور جي روپ ۾ لڳس.”
“پوءِ ڇا ٿيو؟” ناصر صبر نه پئي ڪري سگهيو.
بزرگ ٿورو مرڪيو ۽ چيو ته: “هن پريشاني جي عالم ۾ اهو سمجهيو ته هي به ڪو عام پٿر آهي ۽ ڏسڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪيائين. هُن انهيءَ ڪوهه نور کي کڻي ايترو ته زور سان اڇليو جو پٿرن سان ٽڪرائڻ جي ڪري ڪوهه نور ذريون ذريون ٿي ويو. هيري جي ذرين کي ڏسڻ کانپوءِ هن کي خبر پئي ته هي دنيا جو قيمتي هيرو هيو.” ٻئي ڄڻا چپ ٿي ويا.
“ڪڏهن ڪڏهن انسان منزل جي ويجهو پهچي به منزل نه ماڻي سگهندو آهي ڇو ته قدرت آخري لمحن تائين انسان جو صبر آزمائڻ چاهي ٿي ۽ جيڪي انسان صبر جي امتحان ۾ ڪامياب وڃن ٿا اهي ئي منزل ماڻن ٿا.” بزرگ ڳالهه ختم ڪئي.
“آءُ اوهان جي ڳالهين کان انڪار نٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته اوهان جيڪي ڪجهه هينئر چيو اهو بلڪل سچ آهي. اوهان منهنجي منزل بابت ڇا چوندؤ. آءُ اوڏانهن ڪيئن وڃان جنهن جي مونکي خبر ئي ناهي؟” ناصر بزرگ کان متاثر ٿيندي چيو.
“توکي آءُ تنهنجي منزل جو راز تڏهن ٻڌائيندس جڏهن تون پنجن رڍن کي منهنجي حوالي ڪندين.” بزرگ ريڍار کي چيو.
“آءُ خزاني جو ڏهه فيصد حصو ڏيڻ لاءِ هڪ عامل عورت سان واعدو ڪري آيو آهيان.” ناصر چيو.
“ياد رک! جيڪڏهن تون ڪنهن شيءِ کي ماڻڻ کان اڳ ئي ورهاست جون ڳالهيون ڪندين يا ايتري قدر واعدا ڪندين ته تون ان شيءِ جي حاصل ڪرڻ جو اتساهه وڃائي ويهندين. ڇو ته توکي اهو لڳندو ته تون ڪجهه حاصل ئي نه ڪري رهيو آهين. هن عورت پنهنجي حاصل ڪيل علم جي ذريعي توکي همت ڏياري ته تون منزل طرف وڌين. هاڻي تنهنجو به فرض ٿئي ٿو ته تون پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪرين.” بزرگ ڌنار کي سمجهايو.
“سڀاڻي هن ئي جڳهه تي پنجن رڍن ساڻ اچجانءِ آئون توکي تنهنجي منزل ٻڌائيندس.” بزرگ هليو وڃي ٿو.
ناصر کي بزرگ جون ڳالهيون سچيون ته لڳيون هيون پر پوءِ به هُن کي اڻ ڄاتو شڪ اچي ويٺو هو. هو بيڪريءَ تائين وڃي ٿو کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي ٿو، مالڪ کي پئسا ڏئي ٿو. هڪ لمحي لاءِ هن کي خيال آيو ته هو بيڪريءَ واري کي ٻڌائي ته سير سفر لاءِ جيڪي پئسا هن جمع ڪيا آهن، اهي هينئر ڪنهن ٻئي ڪم آڻي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن جو ڪم نه رهيو آهي. پر وري اهو سوچيائين ته ڪي شيون انهيءَ حالت ۾ ڇڏي ڏجن، جنهن ۾ هو آهن. ڀل اهي ڪارگر نه به هجن پر انهن جو ٿيڻ ضروري هجي ٿو. انهن ڳالهين منجهان ٻين کي سبق حاصل ٿئي ٿو. هو بيڪري کان نڪري اچي ٿو.
رڍن جي آواز تي هو انهن بابت سوچڻ لڳي ٿو. پورن ٻن سالن ۾ رڍن بابت حاصل ڪيل معلومات بابت سوچي ٿو. رڍن جي اُنَ ڪيئن روڙي لاهجي ۽ ڪٿي کپائجي. رڍن جي ٻچن ڏيڻ جي ڪهڙي مند هجي ٿي ۽ انهيءَ لاءِ ريڍار کي ڇا ڪرڻو پوي ٿو وغيره. هي سڀ ڳالهيون ناصر انهيءَ ڪري سوچي ٿو ته متان سڀاڻي هو رڍون کپائي نه ڇڏي. هن کي بزرگ اشارن ئي اشارن ۾ ايترو ته ٻڌائي ڇڏيو هو ته مصر آفريڪا ۾ آهي. پر اوڏانهن ڪيئن وڃڻو آهي ۽ ڇا ڪرڻو آهي ان جي ڄاڻ هُن کي سڀاڻي ملڻي هئي.
ناصر اوچائي واري جڳهه تي چڙهي آفريڪا نهاري ٿو. هن ٻڌو هو ته آفريڪا سڄو صحرا آهي. صحرا ۾ رهڻ ڪيترو نه مشڪل هوندو. هن ساڄي پاسي ڏٺو ته هُن کي اها جڳهه نظر آئي، جتي هو بزرگ سان مليو ۽ ان جي ڳالهين ۾ اچي رڍن کپائڻ جو ارادو ڪيو. رڍن هن جو هر وقت ساٿ ڏنو آهي. ايتري تائين جو رڍن کي ڪتابن پڙهڻ سان ڪوبه لڳاءُ ڪونهي، پر پوءِ به جڏهن هن رڍن جي اڳيان ويهي ڪجهه پڙهيو آهي ته رڍن خاموشي سان ويهي ٻڌو آهي. جيڪڏهن هو رڍن کي کپائي ٿو ته هُن کي سڄي زندگي پڇتاءُ ٿيندو. ناصر دل ۾ سوچي ٿو.
آخر هو فيصلو ڪري ٿو ته رڍون ئي هن لاءِ سڀ ڪجهه آهن. هُن جو اصل خزانو آهن. بس! هڪ ٻي ڳالهه جيڪا هن جي دل ۾ جاڳي اها هئي اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ سان شادي جنهن لاءِ هن کي ريڍار جي ڪرت ڇڏڻي هئي. ڇوڪريءَ جو خيال به دل مان لاهي ڇڏيائين ڇاڪاڻ ته هُن جي حاصل ڪرڻ لاءِ به رڍون کپائڻيون هيون. هو سوچي ٿو ته انسان ڪڏهن ڪڏهن جانورن سان قائم ٿيل رشتن کي نه ٿو سڃاڻي سگهي. هن وقت هو پنهنجي پيءُ ماءُ کي به ڏاڍو ياد ڪري رهيو هو. انهن جو به هِن سان رشتو هو پوءِ اهو ڇو ڇني انهن کان ڏور هليو آيو. هن کي احساس ٿيو ته رشتا ڇا ٿيندا آهن.
هوا جو تيز جهونڪو لڳو ته هُن کي خيال آيو ته هو سڦار ڳوٺ جي اوچائي واري هنڌ تي بيٺو آهي. ناصر چارئي طرف نهاري ٿو، اندلس جي ٻين ڳوٺن تي به نظر پئيس ٿي. وري هو آفريڪا جي طرف ڏسي ٿو ۽ انهن ماڻهن بابت سوچي ٿو جيڪي هيرا ۽ جواهر هٿ ڪرڻ لاءِ آفريڪا ويندا هئا. مصر ۾ به ضرور ڪجهه نه ڪجهه هوندو. هو پاڻ کي هڪ طرح سان آٿت ڏيندي چوي ٿو ته “جڏهن انسان ٻئي انسان سان جڙيل رشتي جي باوجود به هڪ ٻئي کان ڌار رهي سگهي ٿو ته هي رڍون ڇو نه ٿيون رهي سگهن.”
هو بنا ڪنهن فيصلي جي رڍن ڏانهن وَري ٿو.
______
سڦار ڳوٺ اندلس ملڪ ۾ ڄاڻايل آهي. اُندلَس اصل ۾ اسپين جو پراڻو نالو آهي. مسلمان جڏهن هن ملڪ تي حڪومت ڪندا هئا ته اسپين جو نالو اندلس هو.