ناول

ڪيمياگر

دنيا جي 60 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ پائولو ڪؤلهو جي جڳ مشهور ناول AL Chemist جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”ڪيمياگر“ جي نالي سان احرار يوسف ڪيو آهي. هن ڪتاب جون سڄي دنيا ۾ تقريبن چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. هِن ناول کي لاطيني ٻولي منجهان انگريزي ۾ ايلن آر ڪلارڪ ترجمو ڪري “الڪيمسٽ” جي نالي سان پڙهندڙن اڳيان آندو.
Title Cover of book ڪيمياگر

باب ستون

ڪافي ڏينهن کانپوءِ ناصر کي انگريز ڪيمياگر جو خيال آيو. هو هُن جي خيمي ۾ وڃي فاطمه جو حال اورڻ چاهي ٿو. ناصر، ڪيمياگر جي خيمي اندر عجيب ماحول ڏسي ٿو. بلڪل وچ تي گاسليٽ سان ٻرندڙ چلهو پيو آهي، جنهن مٿان شيشي جو وڏو گلاس ۽ ان جي اندر ڌاتو ٽهڪي رهيو هو. انگريز ڪيمياگر ڪنهن ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول هيو. ڪيمياگر ناصر کي ڏسي چوي ٿو “سلڦر جو هڪ ڌاتو ٿئي ٿو جنهن کي صاف ڪرڻ جو عمل پيو ڪريان. هي ڪم مونکي اڳ سکڻو هيو. پر خير هاڻي به گهڻي دير ناهي ٿي.”
ناصر ڪيمياگر سان ٿوري دير ويهي هن جي خيمي مان ٻاهر نڪري اچي هڪ وارِيءَ جي دڙي تي ويهي رهي ٿو. هوا زور سان ٿي لڳي ۽ کجي جي وڻن جو آواز به ٿي آيو. ناصر واريءَ تي هٿ ڦيريا ۽ اتي ئي سڌو ليٽي آسمان ۾ نظرون کپائي ٿو ۽ فاطمه بابت سوچي ٿو.
انهيءَ گم سم حالت ۾ هو ڏسي ٿو ته ٻه باز عجيب نموني سان اڏاميا ٿي. هن جي سوچن جو سلسلو ٽٽو ۽ هُن بازن ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. هن کي لڳو ته ٻئي باز شايد نر ۽ مادي آهن ۽ اِها عجيب اڏار هنن جي محبت جو هڪٻئي سان اظهار آهي پر ٻئي گهڙيءَ ۾ هڪ باز ٻئي باز تي حملو ڪري ٿو. حملي ڪرڻ دؤران ناصر کي آسمان ۾ هڪ اهڙو خاڪو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو تلوارون ۽ بندوقون کڻي هن نخلستان ڏانهن وڌندا اچن ٿا. ناصر پهريان ته انهيءَ کي نظرن جو ڌوڪو ڀانيو پر پوءِ سڪون ڪين آيس.
ناصر سڌو پنهنجي اٺ ڇڪڻ واري همراه ڏي وڃي ٿو ۽ هُن کي چئي ٿو ته “هن نخلستان کي خطرو آهي. ماڻهن جو وڏو جٿو سڀاڻي هن نخلستان تي حملو ڪندو.”
“سائين اوهان ضرور خواب ڏٺو هوندو.” اٺ ڇڪڻ واري چيو.
جڏهن ناصر هُن همراهه کي پوري ڳالهه ٻڌائي ته هن کي اعتبار آيو. ڇاڪاڻ ته هُن جو هِن صحرا ۾ رهندي ايترو تجربو ضرور ٿي ويو هو ته ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجهه خلقيل آهي، اهو هن زمين جي اتهاس جوڙڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ماڻهو ڪنهن جي هٿ ڏسڻ سان يا ايتري قدر جو تاش جي پتن سان ڪنهن کي قسمت ٻڌائن ٿا ته ضرور هنن ٻنهي بازن جي ٺهيل خاڪي ۾ ڪا حقيقت هوندي.
اٺ ڇڪڻ واري ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ جي باوجود به ان کي رد ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو مستقبل جي پرواهه ئي ڪو نه ڪري. هن ناصر کي چيو:
“تون اِها ڳالهه دل تان لاهي ڇڏ جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو.”
ناصر کي اطمينان نه آيو. هن اهو به سوچيو ته جيڪڏهن حملو ٿيو ته فاطمه جو ڇا ٿيندو. هو سڌو نخلستان جي وڏي سردار جي خيمي وٽ ويو. خيمي جي در تي هڪ محافظ بيٺو هو. ناصر، محافظ کي اندر وڃڻ لاءِ چيو پر محافظ هٿ جي اشاري سان هن کي پاسي کان رکيل ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ اندر ويو. هو موٽيو ته هُن سان گڏ هڪ ٻيو عرب ساڻ هيو. هن عرب ناصر کان اچڻ جو سبب پڇيو. ناصر هن کي سڀ ڪجهه ٻڌايو. عرب ڳالهه ٻڌي حيران ٿيو ۽ ناصر کي خيمي جي در وٽ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ اندر ويو.
ڪافي انتظار کانپوءِ هن عرب، ناصر کي وڏي سردار جي خيمي ۾ اچڻ لاءِ چيو. ناصر جي خيمي جي اندرين حصي ۾ جيئن نظر پئي ته هو پل لاءِ سڀ ڪجهه وساري ويٺو ته هو هتي ڇو آيو آهي. خيمي جي اندر فرش تي ايراني قالين، سون جو پاڻي چڙهيل فانوس خيمي ۾ اهڙي طرح لٽڪي رهيا هئا جيئن آسمان ۾ تارا لٽڪيل هوندا آهن ۽ حُڪي جي خوشبو سڄي خيمي ۾ پکڙيل هئي. وڏو سردار وچ تي ويٺو هو باقي ٻيا سڀ پاسن کان ويٺا هئا.
انهن ٻين – ننڍن سردارن منجھان هڪ ناصر کي چيو ته “تون هڪ اجنبي آهين ۽ هڪ اجنبي کي اسان جي نخلستان بابت قدرت وارو ڇو نشاني ڏيکاريندو؟”
ٿوري دير چپ رهي وري ٻئي سردار چيو:
“ٻيو اهو ته نخلستان هڪ امن جي جڳهه آهي. اسين ڪنهن به قبيلي جو جهڳڙي ۾ ساٿ نه ڏئي رهيا آهيون ته پوءِ ڪو هتي ڇو حملو ڪندو؟”
“آءُ اهو ئي ڪجهه ٻڌائي رهيو آهيان جيڪو آءُ ڏٺو آهي. اڳتي اوهان جي مرضي.” ناصر ائين چئي وڃڻ لڳو. هو در وٽ پهتو ته خيمي جي در تي بيٺل محافظ هن کي روڪيو. ناصر کي لڳو ته سردار ضرور ڪو برو سلوڪ ڪندا.
ٿوري دير کانپوءِ وڏي سردار هن ڏانهن ٿورو مشڪي ڏٺو، تڏهن وڃي ناصر کي ڪجهه اطمينان ٿيو ته هو محفوظ آهي. سردارن جي وچ ۾ گفتگو هلي رهي هئي. هنن جي عربي ايتري ته ڏکي هئي جو ناصر هنن جي گفتگو سمجھي نه سگھيو. گفتگو جيئن ئي ختم ٿي ته وڏو سردار ناصر سان مخاطب ٿيو:
“تقريبن ٻه هزار سال اڳ هڪ ڇوڪري کي صحرا جي ڪنهن هنڌ تي ڀائِرَ اڪيلو ڇڏي ويا هئا. هن وٽ خوابن جي تعبير ٻڌائڻ جي عظيم صلاحيت هئي. تنهن هوندي به هو غلام ٿي وڪرو ٿيو. انهيءَ ڇوڪري کي مصر جي هڪ تاجر خريد ڪري، مصر آندو. انهيءَ ڇوڪري خوابن جي ذريعي ڪيئي مسئلا حل ڪيا، توڙي جو هو اجنبي هيو پر مصر جو بادشاهه هن کي مانُ ڏيندو هو. هن جو نالو يوسف هيو ۽ عمر به تو جيتري جو هيو پر خوابن جي ٻولي ڄاڻيندو هو.” وڏي سردار هڪ پل لاءِ چپ رهي وري چيو:
“پر ڪجهه به ٿي پئي اسان پنهنجي ٺهيل ريتن رسمن جو به قدر ڪيون ٿا. اسان ڪنهن کي به هن نخلستان جي معاملن ۾ دخل اندازي جي اجازت نٿا ڏيون. پر انهن سڀن ڳالهين هوندي به توتي ٿورو گھڻو اعتبار ڪرڻ تي دل چوي ٿي.” وڏو سردار ائين چئي اٿي بيهي ٿو ۽ ٻيا سردار تعظيماً اٿي بيهن ٿا. وڏو سردار اعلان ڪري ٿو ته:
“سڀاڻي سج اڀرڻ کان اڳ ماڻهن کي هٿيار ڏنا ويندا ۽ سڄو ڏينهن اسين حملي جو انتظار ڪنداسين. جيڪڏهن حملو ٿئي ٿو ۽ دشمنن جا ماڻهو مرن ٿا ته هر ڏهن ماڻهن تي توکي (ناصر کي) هڪ سوني اشرفي ڏني ويندي. پر جيڪڏهن حملو نه ٿو ٿئي ته انهن هٿيارن مان هڪ هٿيار توتي استعمال ٿيندو”.
ناصر وڏي سردار جي خيمي کان ٻاهر نڪري ٿو ۽ هن جي ذهن ۾ سردار جا آخري لفظ ٻُرن ٿا. انسان کي جڏهن جان جي وڃڻ جو خطرو هوندو آهي ته هو صرف ان جي ٽري وڃڻ جا گس يا انتظار ڪندو آهي. هن کي خيال اچي ٿو ته اندلس مان نڪرڻ کان پوءِ هن رڳو خطرا ئي ته ڏٺا آهن پوءِ هي خطرو هن کي ايترو پريشان ڇو ڪري رهيو آهي. هُن کي اٺ ڇڪڻ واري جي ڳالهه بلڪل سچ لڳي رهي هئي ته “انسان جڏهن ڄاڻي وٺندو آهي ته سڀاڻي هو مرندو ته اڄ جو هر لمحو هن لاءِ موت برابر هوندو آهي.”
ناصر پنهنجن خيالن ۾ گم واريءَ جي دڙي تان وڃي رهيو هيو جو اچانڪ گهوڙي جي گجگوڙ ڪندڙ آوازن هن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو. گھوڙو هن جي ايترو ته ڀرسان گذريو جو هو ٿاٻڙجي ڪري پيو. ڌوڙ جي ڪري سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي ويو هو. ناصر چٽيءَ طرح نٿي ڏسي سگھيو. ڌوڙ ڪجهه گھٽ ٿي ته ناصر کي سفيد رنگ جو گھوڙو ۽ ڪارن ڪپڙن ۽ ڪاري دستار سان هڪ ماڻهو نظر آيو. دستار جي ڪپڙي سان هن ماڻهوءَ اکين کان سواءِ باقي سڄو چهرو ڍڪي ڇڏيو هو.
ان ماڻهوءَ مياڻ مان تلوار ڪڍي ۽ تلوار جو اشارو ڪندي ناصر کان پڇيو “اهو ڪهڙو اجنبي شخص آهي جنهن کي هن نخلستان تي ايندڙ خطري جي نشاني ملي آهي.”
ناصر سمجھيو هي ماڻهو شايد سردارن وٽان هُن کي مارڻ لاءِ موڪليو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هُن نخلستان جي سردارن جي ڪم ۾ دخل اندازي ڪئي هئي.
وري هن کي خيال آيو ته ڪجهه به هجي هو گھٽ ۾ گھٽ سچ ته ڳالهائي رهيو آهي نه.
“آءُ ئي اهو شخص آهيان. جنهن خطري جي نشاني سڃاتي.” ناصر بردباري سان چيو.
گھوڙي سوار ناصر جي کاڄيءَ تي تلوار رکي. چنڊ جي روشني ۾ جهڙي نموني سان تلوار چمڪي رهي هئي ان منجھان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه هيو ته اُها ڪيتري تکي هوندي. ناصر جي کاڄيءَ تي هلڪو چير آيو پر ناصر مطمئن هيو ڇو جو هو هڪ ته سچ ڳالهائيندي جان وڃائي رهيو هو ٻيو فاطمه جي لفظن مطابق ته “عورتون انهن ماڻهن سان تمام گهڻو پيار ڪنديون آهن، جيڪي پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ جان قربان ڪندا آهن.”
“تون ڪير ٿيندو آهين جو قدرت جي لکئي کي ڦيرائي سگھين؟” گھوڙيسوار، ناصر کي چيو.
“آءُ سدائين اها ڳالهه مڃيندس ته هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه الله ئي خلقيو آهي ۽ جن بازن مونکي نشاني ڏيکاري انهن جو خالق به الله آهي. آءُ به اهو ئي ڪجهه ٻڌايو آهي جيڪو قدرت واري مونکي ڪنهن نشاني وسيلي ٻڌايو.” ناصر ڪنهن به طرح پاڻ کي ڪمزور يا ڊڄ واري حالت ۾ نه ٿي ڏيکارڻ چاهيو.
“ان نشاني جي آگاهي تنهنجي لاءِ نقصانده به ٿي سگهي ٿي.” گھوڙي سوار، ناصر جي کاڄيءَ تان تلوار هٽائيندي چوي ٿو. “آءُ هن نخلستان کي خطري جي آگاهي ڏني ته جيئن هو پنهنجو بچاءُ ڪن باقي حملي کانپوءِ ڇا ٿيندو اها ته ڪنهن کي به خبر ناهي.” ناصر وراڻيو.
“ٺيڪ آهي. تنهنجو هيڏانهن اچڻ ڪيئن ٿيو آهي؟” گھوڙي سوار پڇيو.
“آءُ پنهنجي حصي جي خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان پر اها سڄي ڪهاڻي شايد تون سمجھي نه سگھين.”
گهوڙي سوار منهن تان ڪپڙو لاٿو ۽ ٿورو مشڪيو تڏهن وڃي ناصر سک جو ساهه کنيو.
“آءُ هي سڀ ڪجهه صرف تنهنجي همٿ آزمائڻ لاءِ ڪيو. همٿ، انسان جي اها خاصيت آهي جيڪا دنيا جي هر واقعي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏيئي ٿي.” گهوڙيسوار چيو.
ناصر کي سيلم جو بادشاهه عبدالله ياد اچي ويو. جنهن به هن طرح جون سياڻپ واريون ڳالهيون ڪيون هيون.
“صحرا ۾ ڪجهه به نه هجڻ جي باوجود به عجيب ڪشش آهي. انسان هِن جو ٿي وڃڻ پسند ڪري ٿو. پر ان جو مقصد اهو ناهي ته اسين پنهنجيون منزلون وساري ويهون. انهيءَ ڪري توکي منزل جي حاصلات تي ڌيان ڏيڻ گھرجي نڪي صحرا ۽ انهن جي ماڻهن تي.” گھوڙيسوار ناصر کي وري پنهنجي منزل چڱيءَ طرح سان ياد ڏياري.
“سڀاڻي جيڪڏهن تو جھيڙي ۾ جان بچائي وڃين ته مونسان ملڻ اچجانءِ.” گھوڙيسوار گهوڙي کي هڪل ڏيندي چيو.
“اهو ته صحيح آهي پر اوهين رهندا ڪٿي آهيو؟” ناصر گھوڙيسوار کان هُن جو ڏس پڇيو.
گھوڙيسوار ڏکڻ طرف اشارو ڪيو ۽ تيز گھوڙو ڊوڙائيندو هلي ويو.
ناصر هاڻي ڄاتو ته هو گھوڙيسوار دراصل عرب ڪيمياگر هيو.
ٻئي ڏينهن تي سڀن کي هٿيار ڏنا ويا ۽ هر ڪنهن لاءِ جڳهه مقرر ٿي. صبح کان وٺي اڌ ڏينهن تائين ڪجهه به نه ٿيو. ناصر کي ٿورو کٽڪو ٿيو. سج جڏهن ٻن پهرن جي مهل تي پهتو ته پريان چار پنج سؤ ماڻهن جو قافلو نخلستان ڏانهن ايندي نظر آيو پر انهن مان ڪنهن وٽ به هٿيار ڪو نه هئا. هو به ٻين وانگر مسافر ٿي لڳا. انهن ماڻهن جو قافلو نخلستان ۾ پهتو ۽ جڏهن هو وڏي سردار جي خيمي وٽ پهتا ته پنهنجن ڪپڙن مان لڪيل هٿيار ڪڍي حملو ڪيائون. خيمو اڳ ۾ ئي خالي ڪيو ويو هو ۽ عورتن ۽ ٻارن کي محفوظ جڳهه ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو. حملي ڪندڙن کي اهو وهم و گمان به نه هو ته نخلستان وارا ايتري ڀرپور تياري ۾ هوندا. حملو ڪندڙ سڀ مارجي ويا ۽ سپہ سالار کي گرفتار ڪيو ويو.
گرفتار ڪيل سپہ سالار کان جڏهن وڏي سردار هِن امن واري جڳهه تي حملي ڪرڻ جو سبب پڇيو ته هن ٻڌايو ته قبائلي جھڳڙن جي ڪري هو ٽي ڏينهن کان سخت اڃ ۽ بک جي حالت ۾ هئا. انهيءَ ڪري حملو ڪيو. وڏي سردار کي احساس ٿيو ته ماڻهو بک ۽ اڃ ۾ مري رهيا آهن پر پوءِ به قبائلي جھيڙا نه ٿا ڇڏين. ان هوندي به وڏي سردار کي اصولن جو مان رکڻو هو ان ڪري هن سپہ سالار کي کجيءَ جي وڻ تي ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ لاش ٽي ڏينهن لٽڪائڻ جو حڪم ڏنو.
ناصر کي باعزت نموني سان وڏي سردار جي خيمي ۾ آندو ويو. پنجاهه سونيون اشرفيون ڏنيون ويون ۽ وڏي سردار جو خاص صلاحڪار وارو عهدو به ڏنو ويو.
حملي جي آفت ٽري ته هر ڪنهن جي چهري تي سرهائي آئي. هر ڪوئي پنهنجا پنهنجا ڪارناما ٻڌائڻ لڳو ۽ گڏوگڏ ناصر جي تعريف به هلي. ان ڏينهن شام جو نه چاهيندي به ناصر، عرب ڪيمياگر جي خيمي جي در وٽ وڃي ويٺو. هن ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته آخر عرب ڪيمياگر هُن سان وري ملڻ جو اسرار ڇو ڪيو. نخلستان جا ڪجهه ماڻهو اتان لانگهائو ٿيا ۽ ناصر کي منع ڪيائون ته هِن خيمي ۾ رهندڙ شخص سان نه ملي ڇو جو هو هڪ جادوگر آهي. ناصر ان جي باوجود به ويٺو رهيو.
چنڊ پنهنجي روشني وڇائڻ شروع ڪئي هوندي جو عرب ڪيمياگر ساڳي سفيد گھوڙي تي پنهنجي خيمي وٽ آيو. هن جي هٿ ۾ شڪار ٿيل ٻه پکي هئا ۽ ڪُلهي تي هڪ سهڻو عقاب ويٺو هو. صحرا ۾ عقاب جي مدد سان ماڻهو شڪار آساني سان پڪڙي ٿو، ان ڪري عرب ڪيمياگر به عقاب پاليو هو.
“آئون ڪافي دير کان اوهان جو انتظار پئي ڪيو.” ناصر، عرب ڪيمياگر کي چيو.
“توکي انتظار صرف منزل جو هجڻ گھرجي ۽ انهيءَ کي هر وقت ڌيان ۾ رک.” عرب ڪيمياگر گهوڙي تان لهندي چيو ۽ ناصر کي خيمي اندر هلڻ جو اشارو ڪيو.
“ها پر آئون هنن قبائلي جھيڙن دؤران مصر ڏانهن هڪ قدم به نه ٿو وڌائي سگهان.” ناصر حقيقت بيان ڪئي.
ناصر اندر خيمي جو جائزو ورتو ته هُن کي ڪا عجيب شيءِ نظر نه آئي. عام خيمن وانگر هي به خيمو هيو بس ڪجهه حڪمت جا ڪتاب پيا هئا.
“چڱو تون هتي ويهه ته آءُ هي شڪار ڪيل پکي پچائي تو لاءِ ماني جو بندوبست ڪيان.” ڪيمياگر چيو.
ناصر انهن ٻنهي پکين ڏانهن غور سان ڏٺو ته هُن کي اهي ٻئي ساڳيا پکي لڳا جيڪي ڪالهه هن آسمان ۾ عجيب اڏار اڏندي ۽ خاڪو ٺاهيندي نظر آيا هئا. پر پوءِ پاڻ ئي خيال ڪيائين ته متان اهو وهم هجي.
“پر اوهان مونسان ڇو ملڻ چاهيو؟” ناصر ملڻ جو سبب ڄاڻڻ ٿي چاهيو.
عرب ڪيمياگر ڪجهه نه ڪڇيو. پکين جا کنڀ لاهي انهن کي صاف ڪرڻ کانپوءِ ٻن الڳ الڳ شيخن ۾ وجھي باهه مٿان لٽڪايو.
“مونکي توسان ڪا گفتگو نه ڪرڻي هئي پر مونکي پنهنجي حاصل ڪيل علم ذريعي اهو معلوم ٿيو آهي ته توکي منهنجي مدد جي ضرورت آهي.” عرب ڪيمياگر چيو.
“هاڻي سمجھيم. توهان کي سمجھڻ ۾ غلطي ٿي آهي. مونکي اوهان جي ضرورت نه پر هو جيڪو انگريز ڪيمياگر آهي ان کي اوهانجي مدد جي تمام گھڻي ضرورت آهي.” ناصر چيو.
“ها هو ڪيمياگر! هو مون وٽ آيو هو هن کي آءُ ڪجهه شيون سکڻ لاءِ چيون آهن. هُن کي هِن صحرا بابت ڄاڻ وٺڻ لاءِ به چيو اٿم. هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هو ڪامياب ضرور ٿيندو. هن وقت مونکي تنهنجي مدد ڪرڻي آهي.” عرب ڪيمياگر چيو.
“پر مونکي اوهانجي ڪهڙي مدد گھربل آهي. آئون ته تمام گھڻو خوش آهيان.” ناصر چيو.
باهه تي رکيل پکي پچي راس ٿيا ته عرب ڪيمياگر هڪڙو پنهنجي پليٽ ۾ وڌو ۽ هڪڙو ناصر جي پليٽ ۾. کائڻ دؤران هنن ڪا به گفتگو نه ڪئي. ماني کائڻ کانپوءِ، عرب ڪيمياگر ناصر کي قهوي جي پيالي ڏني. ناصر جڏهن قهوي جي سپ ڀري ته هُن کي قهوي جي خوشبو ۽ ذائقو ڏاڍو وڻيو.
“انسان جڏهن منزل ڏانهن نڪري ٿو ته ڪائنات جو هر ذرو هن جي منزل تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري ٿو.” عرب ڪيمياگر چئي ٿو.
ناصر کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو ۽ ماضيءَ جون سڀ ڳالهيون ۽ سيلم جو بادشاهه عبدالله جو هڪ هڪ لفظ ياد اچيس ٿو. ناصر کي پڪ ٿي ته عرب ڪيمياگر واقعي ڪو ڏاهو شخص آ ۽ هن جو علم تمام گھڻو وسيع آ.
“منزل طرف وڃڻ تمام ڏکيو لڳي رهيو آهي. قبيلن جي وچ ۾ گھمسان جي ويڙهه هلي رهي آهي. جان وڃڻ جو تمام وڏو خطرو آ. ٻيو اهو ته هاڻي آءُ امير ٿي ويو آهيان. مون وٽ پنجاهه سونيون اشرفيون، پهريان ڪجهه ڪمايل پئسا ۽ وڏي سردار جي خاص صلاحڪار جي نوڪري به آهي. انهن سڀن کان وڌيڪ قيمتي سرمايو فاطمه جيڪا منهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي جو سبب آهي، انهن سڀني کي ڇڏي آءُ موت جي منهن ۾ ڇو پوان؟” ناصر چيو.
“پر تون ان کان به وڌيڪ مصر جي محرابن وٽ پهچي ماڻي سگهين ٿو. تون اهو سوچ ته جنهن وقت تون منزل کي ماڻڻ لاءِ نڪتو هئين ان وقت تو وٽ ڇا هيو. ان وقت تو صرف اهو ذهن ۾ رکيو ته توکي مصر جي محرابن تائين پهچڻو آهي. توکي صحرا، نخلستان ۽ فاطمه جي ڪا خبر هئي؟ توکي ته اهو سمجھي وڃڻ گھرجي ها ته اُها منزل ڪيتري نه خوبصورت هوندي جنهن پنهنجي راهه ۾ هي خوبصورت شيون رکيون آهن.” ڪيمياگر ناصر کي سمجھائي ٿو.
ناصر پل کن لاءِ چپ ٿي ويو. هن کي ڪيمياگر جون ڳالهيون بلڪل سچ لڳيون پر هِن وقت هن جي ذهن ۾ وڃائجي وڃڻ جو خوف اچي ويٺو هو. هر شيءِ حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن وڃائي هئي ۽ هاڻي به جيڪڏهن هو مصر طرف وڃي ٿو ته سڀ ڪجهه وڃائجي سگھجي ٿو. پر هن جي ذهن ۾ فاطمه جا لفظ گونجڻ لڳن ٿا: “صحرا جون عورتون انهن مردن تي فخر ڪن ٿيون جيڪي منزل جي ڳولا ڪن ٿا. جيڪڏهن ڳولا ۾ هو وڇڙي وڃن ٿا تڏهن به غم نٿو ٿئي.”
“اڄ رات جو سڪون جي ننڊ ڪر، سڀاڻي پنهنجو اٺ کپائي هڪ گھوڙو خريد ڪجانءِ. اٺ صحرا تي هلي تمام سٺو ٿو پر هو ٿڪجڻ جي ڪڏهن به آگاهي نٿو ڏئي بس ڪنهن موڙ تي هو گوڏا کوڙي ويهندو آهي ۽ مري ويندو آهي. گھوڙو صحرا تي هلندي ٿڪجي ته جلدي پوندو آهي پر گھٽ ۾ گھٽ هو ٻڌائيندو آهي ته هو ٿڪجي پيو آهي. ان ڪري هن منجھان وچ صحرا تي ڌوڪو نه ملندو آهي.” عرب ڪيمياگر ناصر کي نئين ڳالهه سيکاري.
ناصر موٽي اچي پنهنجي خيمي ۾ ليٽي ٿو. اهڙين حالتن ۾ ننڊ ڪٿان اچي ٿي. هو سڄي رات سوچڻ ۾ لڳائي ٿو. صبح جو نماز پڙهي سمهي پوي ٿو.
ٻئي ڏينهن رات جو هو پنهنجي نئين ورتل گھوڙي تي عرب ڪيمياگر جي خيمي وٽ وڃي ٿو. عرب ڪيمياگر اڳ ئي تيار ويٺو هو. هو پنهنجي سفيد گھوڙي تي چڙهي ٿو ۽ عقاب کي پنهنجي کاٻي ڪلهي تي رکي ٿو.
“صحرا ۾ به هڪ روح آهي. تون اڄ صحرا ۾ ڦوڪيل روح جي باري ۾ مونکي ڪجهه ڏيکار ۽ ٻڌاءِ.” ڪيمياگر ناصر کي چئي ٿو.
“هن ريگستان ۾ ڪهڙو روح. ايتري قدر جو هتان جا ماڻهو جن ۾ روح ڦوڪيل آهي، سي سڄي زندگي وڙهندي گذارن ٿا.” ناصر چئي ٿو.
“مونکي لڳي ٿو اسين ڪجهه خاص نه ماڻي سگهنداسين صحرا مان.” ناصر وري چئي ٿو.
“ته پوءِ ڏسون ٿا، تون گهوڙي جون ٿوريون واڳون ڍليون ڪَر.” ڪيمياگر چئي ٿو.
ناصر جيئن ئي گهوڙي جون واڳون ڍليون ڪري ٿو ته گهوڙو هڪ پاسي تيز تيز ڀڄڻ شروع ڪري ٿو. ڪيمياگر به هن جي پٺيان پٺيان اچي ٿو. گھوڙو ڊوڙندي اچانڪ هڪ هنڌ بيهي رهي ٿو. ناصر هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي ٿو پر کيس ڪو جانور يا ڪا شي نظر نه ٿي اچي، جنهن کي ڏسي گهوڙو هيئن اچانڪ بيهي رهيو هجي.
“هتي ضرور ڪو خوفناڪ جانور آهي.” عرب ڪيمياگر چئي ٿو.
“پر مونکي ته ڪجهه به نظر نه پيو اچي.” ناصر چيو. هو ٻئي گھوڙن تان لٿا.
عرب ڪيمياگر هڪ وڏي سوراخ ڀرسان بيهي ٿو ۽ پنهنجو هٿ اندر وجھي ٿو. اندر ٻرڙ ۾ ضرور ڪو جانور هيو جيڪو ڪيمياگر کي سولائي سان پڪڙجڻ نه ڏئي رهيو هو. ان ڪري ڪيمياگر پنهنجي سڄي ٻانهن ان ٻرڙ ۾ وجھي سخت رساڪشي کان پوءِ تقريبن ڇهن ستن فوٽن جو نانگ ٻرڙ مان ڪڍيو. نانگ ڪاريهر ٿي لڳو. ڪيمياگر هن کي پڇ کان پڪڙيو ۽ نانگ هن کي ڏنگي به ٿي سگهيو. ناصر ٿورو پري ٿي بيٺو.
“گھٻراءِ نه. آئون نانگن جي فطرت چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو” ڪيمياگر، ناصر کي چيو.
ڪيمياگر پنهنجي تلوار سان واريءَ تي هڪ وڏو دائرو ٺاهي ٿو ۽ ان مٿان ڪجهه پڙهي ٿو. نانگ کي جيئن ئي دائري ۾ وجھي ٿو، نانگ بلڪل سانت ۾ اچي وڃي ٿو ڪا چرپر نه ٿو ڪري.
“نانگ هن دائري کان ٻاهر نه نڪرندو.” ڪيمياگر چئي ٿو.
“پر هن ڳالهه جو اصل مقصد ڇاهي. مطلب اوهين مونکي ڇا ٻڌائڻ چاهيو ٿا.” ناصر پڇي ٿو.
“آءُ اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انسان جي زندگي به دائري اندر ئي آهي. هيءَ سڄي ڪائنات قدرت واري وٽان هڪ ٺهيل دائرو آهي. جنهن ۾ اسين زندگي گذاريون ٿا ۽ هن دائري مان ٻاهر نڪرڻ انسان جي وس ۾ ناهي. انسان هن ڪائنات جي دائري ۾ رکيل منزلون ماڻڻ ۽ انهن جي حاصلات لاءِ موڪليو وڃي ٿو.” عرب ڪيمياگر تلوار کي مياڻ ۾ وجھندي چوي ٿو.
“پر جي آءُ اوهان جي ڳالهه نه مڃان ۽ هتي نخلستان ۾ ئي رهي پوان ته پوءِ.” ناصر پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري ٿو.
“ناصر تون ٻڌڻ چاهين ٿو ته تنهنجي هتي رهڻ سان ڇا ٿيندو ته ٻڌ. تون صلاحڪار جي عهدي تي رهي گھڻو ڪجهه ڪمائيندين. فاطمه سان تنهنجي شادي به ٿي سگهندي. تون صحرا جي هر شيءِ بابت پهرين سال ۾ ڄاڻي وٺندين. ٻئي سال ۾ تنهنجي زندگي نخلستان ۾ هڪ باعزت ماڻهوءَ وانگر گذرندي. انهيءَ دؤران توکي مصر جي محرابن بابت ڪيئي خواب به ايندا پر تون انهن تي ڌيان نه ڏيندين. ٽئين سال توکي خواب ايترو ته ستائيندا جو ڪڏهن ڪڏهن تون اڌ رات جو اٿي واريءَ تي اجايا چڪر ڪاٽيندين. ان وقت فاطمه کي تمام گھڻو افسوس ٿيندو ڇو جو هوءَ اهو محسوس ڪندي ته هوءَ تنهنجي منزل جي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهي. پر تون هُن سان محبت ۾ ڪا گھٽتائي نه آڻيندين ۽ خوابن سان وڙهڻ واري تنهنجي جستجو هلندي رهندي. منزل حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي موت ۽ قبائلي جھيڙن جو ڊپ توکي مصر جي محرابن ڏانهن وڃڻ کان روڪيندو. آخر خزاني جو ڪو به خواب توکي نه ايندو.” ڪيمياگر ٿوري ساهي کڻي وري چوي ٿو:
“نخلستان ۾ تنهنجو جڏهن چوٿون سال ايندو ته توکان قدرت جي نشانين کي سمجھڻ واري صلاحت کسي ويندي، ڇاڪاڻ ته توکي اها صلاحيت ملي ئي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ هئي. تون وڏي سردار جي صلاحڪار واري نوڪري تان لاٿو ويندين. توکي جيڪو پئسو هوندو انهيءَ مان تون ڪاروبار شروع ڪندين پر پوءِ باقي سڄي زندگي توکي اهو پڇتاءُ رهندو ته جيڪر تون مصر جي محرابن ڏانهن وڃين ها.” ڪيمياگر چيو.
هو ٻئي خاموش ٿي ويا. ناصر کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو. پر هُن ڪيمياگر جي هر ڳالهه کي سچو مڃيو، ڇو جو اها هڪ حقيقت هئي ته قدرت واري وٽان مليل نشانيون هُن تڏهن کان سڃاڻڻ شروع ڪيون آهن، جڏهن کان هو منزل طرف هليو آهي.
“توکي اهو سمجھڻ گھرجي ۽ چڱيءَ طرح دل سان هنڊائڻ گھرجي ته ڪنهن جي چاهت منزل ڏانهن وڃڻ لاءِ روڪي نه ٿي بلڪه جوش ڏياري ٿي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ.” عرب ڪيمياگر ائين چئي نانگ جي اردگرد دائري ڀرسان ويو ۽ دائرو ڊاهي ڇڏيو. نانگ وري ساڳي ٻرڙ ۾ هليو ويو.
هو ٻئي گھوڙي تي چڙهيا ۽ گھوڙن کي نخلستان ڏانهن آهستي آهستي هلائڻ شروع ڪيائون. ناصر اڃان تائين سوچ ۾ گم هيو.
“اوهان منهنجي ڪهڙي مدد ڪندا.” ناصر پڇيو.
“سڀاڻي سج اڀرڻ وقت اسين نڪري هلنداسين. تيستائين تون ضروري ڪم ڇڏاءِ ۽ آرام ڪر.” ڪيمياگر چيو.
ناصر پنهنجي خيمي تائين اچي ٿو. گھوڙو ٻڌي خيمي جي ٻاهران ويهي رهي ٿو. هيءَ اهڙي ٻي رات هئي جنهن ۾ ناصر سخت پريشان ۽ ڪا به شي نه سمجهه ۾ ايندڙ واري حالت ۾ هيو. ههڙي پهرين رات هن جي آفريڪا اچڻ شرط ئي گذري هئي.
ناصر اتان اٿي تڪڙا تڪڙا قدم ڀري پنهنجي هڪڙي دوست وٽ اچي ٿو، جيڪو هِن نخلستان جو اصل رهاڪو هو. هو پنهنجي دوست کي فاطمه جي خيمي تائين وٺي هلڻ ۽ ان (فاطمه) کي خيمي کان ٻاهر وٺي اچڻ لاءِ منٿ ڪري ٿو ۽ ان ڪم جي بدلي ۾ هو هُن کي ٻن رڍن جيترا پئسا آڇي ٿو. هن جو دوست فاطمه کي خيمي مان ٻاهر وٺي اچي ٿو ۽ اتان هليو وڃي ٿو.
فاطمه ۽ ناصر انهيءَ کجيءَ جي وڻ هيٺان ويهن ٿا جتي هو سدائين ويهندا آهن. فاطمه سمجھي وڃي ٿي ته هي وقت هنن ٻنهي جي وچ ۾ عارضي طور وڇوڙي جو وقت آهي. ڪي گھڙيون هو ٻئي بلڪل چپ هئا. ناصر چئي ٿو:
“فاطمه مونکي منزل جي ڳولا لاءِ وڃڻو آهي پر آئون موٽي ضرور ايندس. مونکي توسان بيحد پيار....”
“ڪنهن سان پيار ٿي وڃي ٿو ته بس ٿي وڃي ٿو ان لاءِ ثابتيون ضروري ناهن هونديون. چاهت اعتبار تي قائم هوندي آهي ۽ آئون توتي ڀروسو ڪيان ٿي.” فاطمه ناصر ڏانهن ڏسندي چوي ٿي.
“مونکي پڪ آهي ته آئون ضرور واپس ايندس.” ناصر چئي ٿو.
“اڳي آءُ صحرا ڏي خالي نظرن سان ڏسندي هيس ۽ هاڻي اکيون ڪنهن آس ۽ اميد کي کڻي صحرا ڏانهن ڏسنديون.” فاطمه اڃان ڪجهه چئي ها پر هن جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا.
“تون ايتري همت واري عورت هجڻ جي باوجود به روئين ٿي.” ناصر فاطمه کي روئڻ کان روڪڻ ٿي چاهيو.
“عورت ڪيتري به سخت دل ڇو نه هجي پر محبت هن کي ڪمزور ڪري وجھي ٿي.” فاطمه کي وقت جو احساس ٿئي ٿو ۽ ٻيو هوءَ نه ٿي چاهي ته هن جا وڌيڪ ڳوڙها وهن ۽ ناصر اهي ڏسي پنهنجا ارادا بدلائي ڇڏي. ان ڪري هوءَ اٿي ٿي ۽ ناصر کان موڪلائي هلي وڃي ٿي.
فاطمه سڄي واٽ روئندي آئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ نخلستان ۾ هن لاءِ ڪجهه به نه بچيو هو. توڙي جو هُن سڄي زندگي هتي گذاري هئي پر ناصر جي ملڻ کانپوءِ هن جي دنيا صرف ناصر ئي هو. هن خيمي جي در وٽ بيهي ناصر جي حفاظت لاءِ ڪيئي دعائون ڪيون.