ناول

ڪيمياگر

دنيا جي 60 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ پائولو ڪؤلهو جي جڳ مشهور ناول AL Chemist جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”ڪيمياگر“ جي نالي سان احرار يوسف ڪيو آهي. هن ڪتاب جون سڄي دنيا ۾ تقريبن چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. هِن ناول کي لاطيني ٻولي منجهان انگريزي ۾ ايلن آر ڪلارڪ ترجمو ڪري “الڪيمسٽ” جي نالي سان پڙهندڙن اڳيان آندو.
Title Cover of book ڪيمياگر

باب ٻيو

ٻئي ڏينهن تي ناصر پنهنجون سڀ رڍون کپائي باقي پنج رڍون کڻي اچي ان جڳهه تي پهچي ٿو، جتي هو ڪالهه بزرگ سان مليو هيو. ٿوريءَ دير ۾ سيلم جو بادشاهه عبدالله به اُتي پهچي ٿو.
“منهنجي دوست مون کان سڀ رڍون خريد ڪيون، هي پنج رڍون آءُ اوهان لاءِ آنديون آهن.” ناصر، بزرگ کي چيو.
“تنهنجي دوست رڍون صحيح قيمت ۾ خريد ڪيون؟” بزرگ پڇي ٿو.
“آءُ حيران آهيان ته منهنجي دوست مون کان ايتري سٺي قيمت ۾ رڍون ڪيئن ورتيون.” ناصر وراڻيو.
“انهيءَ کي چوندا آهن قدرت جو مهربان ٿيڻ. منزل کي سڃاڻڻ وارن لاءِ راهون آسان ڪري ڏيڻ قدرت جي اولين ترجيح هوندي آهي. راهن جي ٿورڙي به آساني انسان جي اندر منزل کي ماڻن جو جذبو پيدا ڪري ٿي.”
اهو چئي بزرگ رڍن کي ڏسڻ لڳو. انهن پنجن رڍن منجهان هڪڙي رڍ هڪ اک کان خراب هئي. بزرگ ڇوڪري ڏانهن ڏٺو، ۽ ڇوڪري کيس ٻڌايو ته هي رڍ ڀل ڪاڻي ڇو نه هجي پر اُنَ ڏيڻ ۾ هن جو ڪو مقابل ناهي.
“هاڻي توهان مون کي خزاني بابت ٻڌايو.” ڇوڪري پنهنجي مطلب جي ڳالهه چئي.
“اهو توکي مصر جي محرابن ڀرسان ملندو.” بزرگ هڪ غير مطمئن جواب ڏنو.
“هن پوڙهي عورت به ساڳيو جواب ڏنو ۽ اوهين هي پنج رڍون وٺي ساڳيو ڏس ڏئي رهيا آهيو، ان مان فائدو ڪهڙو؟” ڇوڪري احتجاجن چيو.
“تون هاڻي صرف ئي صرف انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي جيڪي غور طلب آهن. قدرت طرفان جلد توکي اهڙيون نشانيون ملنديون، جن کي تون سڃاڻڻ کانپوءِ منزل طرف گامزن ٿي ويندين.” بزرگ ناصر جي تجسس کي اڃان وڌائي ڇڏيو.
ان کان اڳ جو ڇوڪرو قدرت جي نشانين کي سڃاڻڻ بابت ڪجهه پڇي هڪ رنگ برنگي پوپٽ هُنن ٻنهي جي اڳيان اڏامندو اچي ٿو. ناصر کي پنهنجي ڏاڏي جي ڳالهه ياد اچي ٿي جنهن کيس جانورن جي بابت ٻڌايو هو ته ڪهڙا ڪهڙا جانور انسانن جي لاءِ قدرت جي طرفان ڪو پيغام کڻي اچن ٿا. پوپٽ جو اڳيان گذرڻ معنى قسمت جو کلڻ آهي، ۽ ڪانوءُ ڪنهن گهر ۾ گهڻي دير تائين آواز ڏيئي ته معنى مهمان اچڻو هوندو آهي. ٻڪرين ۽ رڍن جو ڪنهن زلزلي يا آفت اچڻ کان ٿوري دير پهرين پريشاني ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ به قدرت وٽان هڪ نشاني آهي.
“تنهنجي ڏاڏي توکي صحيح ٻڌايو هو، پر حقيقت ۾ اهو سڀ محض نشاني لاءِ آهي. اهڙن طريقن سان قدرت انسان سان مخاطب ٿئي ٿي.” بزرگ ڇوڪري جو ذهن پڙهندي چيو. ان کان پوءِ اهو بزرگ پنهنجي مٿي تان عربن وارو رومال لاهي ٿو ته ڇوڪرو هن جي مٿي تي پيل تاج ڏسي وٺي ٿو ۽ هن کي يقين اچي ٿو ته بزرگ واقعي سيلم جو بادشاهه آهي. هن جي تاج ۾ تمام قيمتي هيرا ۽ پٿر جڙيل هيا.
بزرگ پنهنجي تاج منجهان ٻه پٿر هڪ اڇي رنگ جو ٻيو ڪاري رنگ جو پٿر ڪڍي ٿو ۽ ڇوڪري کي ڏيندي چوي ٿو ته:
“هي ڪارو پٿر ياقوت آهي ۽ اڇو پٿر مرجان آهي. ٻئي پٿر توکي ان وقت ڪم ايندا جڏهن قدرت طرفان مليل ڪنهن نشاني کي سڃاڻڻ ۾ مونجهاري جو شڪار ٿيندين.” بزرگ ساهي پٽي ٿو ۽ وري چئي ٿو:
“جڏهن به تون مشڪل ۾ ڪو فيصلو ڪرين ۽ جيڪڏهن هنن پٿرن کان ڪجهه ڄاڻڻ چاهين ته هو يقينن فيصلي ڪرڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندا. ياقوت اها نشاندهي ڪندو ته تنهنجو ڪيل فيصلو “صحيح” آهي ۽ مرجان تنهنجي فيصلي جي “غلط” هجڻ جي آگاهي ڏيندو.” بزرگ ڪجهه لمحن لاءِ ساهي کڻي ٿو ۽ وري چئي ٿو:
“تون جيڪي ڪجهه ڪرين ۽ ڪيڏانهن به وڃين پر اهو ياد رکجانءِ ته تنهنجي منزل مصر جي محرابن ڀرسان آهي ۽ قدرت تنهنجي منزل کي تڏهن آسان ڪندي جڏهن تون ان جي ماڻڻ جي ڪوشش ڪندين.”
ڇوڪرو ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پٿرن کي پنهنجي قميص جي کيسي ۾ رکي ٿو ۽ دل ۾ اهو ئي ارادو ڪري ٿو ته فيصلا سڀ آءُ پنهنجا پاڻ ڪندس پٿر مون کي ڇا ٻڌائيندا.
بزرگ ڇوڪري جي ڪلهي تي هٿ رکي چوي ٿو، “ويندي ويندي آءُ هڪ ڪم جي ڳالهه ٻڌائڻ ٿو چاهيان. هڪ ڳوٺ جي دڪاندار هڪ ڏينهن پنهنجي پٽ کي هڪ ڪم سونپيو، ڪم اهو هو ته هو دنيا جي ذهين ترين شخص کان اهو معلوم ڪري اچي ته خوشي ڪيئن حاصل ڪجي؟” دڪاندار جو پٽ ڪيئي شهر لتاڙي اچي هڪ محل جي اڳيان بيهي ٿو. اهو محل جبل جي اوچائي تي قائم هيو، اهو ڇوڪرو جڏهن محل اندر پهچي ٿو ته بانسري جو بلڪل هلڪو آواز ٻڌڻ ۾ اچيس ٿو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. هڪڙو شخص نظر اچي ٿو جيڪو سڀن کي دُعا يا مشورا ڏيئي رهيو هو. اهوئي ڏاهو شخص هو. دڪاندار جو پٽ ان ڏاهي جي ڀرسان وڃي پنهنجي اچڻ جو سبب ٻڌائي ٿو. ڏاهي شخص دڪاندار جي پٽ جي ڳالهه غور سان ٻڌڻ کانپوءِ هڪڙو تيل سان ڀريل چمچو آڻائي ٿو ۽ ڇوڪري کي اهو چمچو ڏيندي چوي ٿو تون منهنجو هي محل گهمي اچ پر اهو احتياط ڪجانءِ ته هن چمچي منجهان تيل نه ڪري.”
ڇوڪرو محل گهمڻ وقت ڪيترين ئي ڏاڪڻين تي لهي چڙهي ٿو ڪٿي ڪٿي تڪڙو به هلڻو پئيس ٿو پر هن جي ڪوشش اها ئي هجي ٿي ته چمچي منجهان تيل نه ڪري ۽ جڏهن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ واپس هُو ڏاهي شخص ڏانهن پهچي ٿو ته چمچي تي تيل اوترو ئي هجي ٿو، جيترو شروع ۾ هن ڇوڪري کي ڏنو ويو هو.
ڏاهو شخص ڇوڪري کي آرام سان ويهڻ لاءِ چوي ٿو ۽ پڇي ٿو ته “ڇا تون منهنجي محل جي ڀتين تي ايران جا قالين ڏٺا؟ ۽ هو باغ ڏٺو جنهن جي خوبصورتي لاءِ آءُ ڏهه سال لڳايا آهن؟ ۽ ها هو جيڪي منهنجي ڪتب خاني ۾ خوبصورت رحل رکيل هئا ڇا تون اهي به ڏٺا.”
ڇوڪرو دنگ رهجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي وائڙائپ تي ندامت جو احساس ٿئي ٿو. هو اهي سڀ شيون ان ڪري نه ڏسي سگهيو جو هن جو سڄو ڌيان صرف چمچي جي طرف هيو ته متان تيل هارجي نه پئي. آءُ اوهان جي محل جون اِهي سڀ شيون نه ڏسي سگهيس.” ڇوڪرو ڪنڌ هيٺ ڪري چئي ٿو.
ڏاهو شخص ٿورو مشڪي ٿو ۽ شفقت ڀريل لهجي ۾ ڇوڪري کي چئي ٿو ته: “ڪنهن به ماڻهوءَ تي تيستائين اعتبار نه ڪريو جيستائين هن جو گهر چڱي نموني نٿا ڏسو ڇاڪاڻ ته گهر جو ڏيک ان ماڻهوءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. گهَر سدائين اهڙي نموني سجايل هجن ٿا جهڙو ماڻهوءَ جو ڪردار هجي ٿو.”
ڏاهو شخص ڇوڪري کان ورتل تيل سان ڀريل چمچو واپس ڏيندي هُن کي چئي ٿو: “هاڻي هينئن ڪر! هي تيل سان ڀريل چمچو کڻ ۽ اهي سڀ شيون ڏسي آ جيڪي منهنجي محل ۾ رکيل آهن. پر چمچي منجهان تيل نه ڪري.”
ڇوڪرو وري وڃي ٿو. محل ۾ ايران جا خوبصورت قالين جن تي نهايت ئي ڪاريگري سان چِٽ چِٽيل هئا ۽ محل ۾ قائم باغيچو تمام خوبصورت گلن سان ڀريل هو. آخر ۾ هو ڪتب خانو به ڏسي ٿو.
ڇوڪرو موٽي اچي ڏاهي شخص کي سڀن شين جو حال احوال ڏيئي ٿو.
ڏاهو شخص پڇي ٿو: “چمچي تي جيڪو تيل پيل هو اهو ڪيڏانهن ويو؟”
ڇوڪري کي ان وقت خيال اچي ٿو ته هن چمچي تي رکيل تيل ڏانهن ته ڌيان ئي نه ڏنو.
“خوشي انسان تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن هن دنيا جي خوبصورتين ۾ رهي ڪري به خدا کي نه وساري. آءُ توکي چمچي تي تيل رکي انهن سڀن شين کي گهمڻ دؤران به تيل نه هارجڻ جو حڪم ان ڪري ڏنو جو تون اهي سڀ شيون ڏسي ايترو مَحو نه ٿي وڃين، جو منهنجي حڪم جي ئي پاسداري نه ڪرين.”
“ڏاهي شخص جي مثال منجهان ڇوڪرو چڱيءَ ريت ڄاڻي ويو ته خوشي ڪيئن حاصل ڪجي.” سيلم جي بادشاهه ناصر کي چيو.”مونکي اميد آهي ته تون پنهنجي اصلي مقصد ۾ ڪامياب ويندين.” بزرگ شخص ريڍار کي ائين چئي اتان وڃي ٿو.
بادشاهه عبدالله رڍن کي ڪاهي ٽڪرين ڏانهن وڃي ٿو. گاهه واري هنڌ تي رڍن کي چرڻ لاءِ ڇڏي ٿو. ۽ سوچي ٿو ته هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ناصر وانگر مدد ڪئي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هن صرف قدرت واري جي حڪم جي تعميل ڪندي ڪيو آهي. هڪ لڱا هن کي خيال اچي ٿو ته ريڍار وقت گذرڻ سان هُن جو نالو ۽ هن جي عهدي (سيلم جو بادشاهه) کي وساري ڇڏيندو. وري اندران آواز اچيس ٿو ته “ريڍار نالو ۽ عهدو ياد ڪري ڪندو به ڇا؟” ها واقعي اها به هڪ حقيقت هئي. پر هو هڪ بادشاهه آهي ۽ بادشاهن جي هميشه اها خواهش هوندي آهي ته هُن جو نالو سدائين ياد ڪيو وڃي. بادشاهه عبدالله ڪنهن ٻئي حڪم ملڻ تائين رڍن جي سارسنڀال بابت سوچي ٿو.