ناول

ڪيمياگر

دنيا جي 60 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ پائولو ڪؤلهو جي جڳ مشهور ناول AL Chemist جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”ڪيمياگر“ جي نالي سان احرار يوسف ڪيو آهي. هن ڪتاب جون سڄي دنيا ۾ تقريبن چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. هِن ناول کي لاطيني ٻولي منجهان انگريزي ۾ ايلن آر ڪلارڪ ترجمو ڪري “الڪيمسٽ” جي نالي سان پڙهندڙن اڳيان آندو.
Title Cover of book ڪيمياگر

باب نائون

هو ٻئي سفر ڪندا رهيا. ٻه ڏينهن سفر ڪرڻ کانپوءِ هڪ جڳهه تي عرب ڪيمياگر گھوڙو بيهاري ناصر کي چيو:
“محراب هتان کان ٿورو اڳتي آهن ۽ اهو سفر توکي اڪيلي طئي ڪرڻو پوندو.”
“دنيا جي اصل روح کي سمجھڻ لاءِ جيڪي اوهان نشانيون سيکاريون يا جيڪي ڪجهه مون لاءِ اوهان ڪيو انهن جي شڪريه ادائي لاءِ مون وٽ لفظ ئي ڪونهن. طوفان وارو معجزو ته آئون ڪڏهن سوچيو به نه هو، پر اوهان ته مون ۾ هڪڙي نئين سوچ ۽ نئون روح ڀريو”. ناصر چيو.
“اهي سڀ ڳالهيون تو ۾ اڳ ئي موجود هيون. علم ۽ عمل جي چڻنگ تو ۾ اڳ ئي لڳل هئي آءُ ته صرف ٿوري هوا ڏني.” عرب ڪيمياگر ائين چئي هڪ گھر ڏانهن وڌيو ۽ دروازو کڙڪايائين. گهر جي اندران مسجد جو پيش امام ٻاهر نڪتو. جنهن کان عرب ڪيمياگر هُن جي بورچيخاني کي استعمال ڪرڻ جي اجازت گھري. پيش امام مرڪندي هنن ٻنهي کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني.
ڪيمياگر بورچيخاني ۾ چلهه تي هڪ وڏو تئو رکيو ۽ پيش امام کي ٽامي جي ڪجهه ٽڪرن آڻڻ لاءِ چيو. عرب ڪيمياگر تَئي ۾ اُهو پاڻي وڌو جنهن کي هو آب حيات چئي رهيو هو. پاڻي گرم ٿيو ته ڪيمياگر ان ۾ پيش امام جا آندل ٽامي جا ٽڪرا وڌا. کيسي مان هيڊي رنگ جو پٿر ڪڍي ان جو ڪجهه حصو ڀڳو ۽ ان کي ميڻ ۾ وجھي ٻڙڪندڙ ٽامي سان ملائي ڇڏيو. سڄي پاڻياٺ جو رنگ ڳاڙهسرو ٿي ويو. ڪيمياگر تئي کي باهه تان هٽايو ۽ پاڻياٺ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڇڏيو، تيستائين هو پيش امام سان ڪچهري ڪرڻ لڳو.
جڏهن ٽامي واري پاڻياٺ ٿڌي ٿي ته اها سون ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. مانيءَ جيترو سون جو ٽڪر هيو. عرب ڪيمياگر اُن جا چار حصا ڪيا. هڪ حصو پيش اِمام کي ڏنو. پيش امام وٺڻ کان انڪار ڪيو.
“آءُ هي مال ڪاڏي ڪندس.” پيش امام چيو.
“هي اوهان جي خدمت جو انعام آهي. اوهين جڏهن حج تي ويندا ته هي اوهان جي ڪم ايندو.” عرب ڪيمياگر چيو.
“ها پر هي ته تمام گھڻو آهي.” پيش امام چيو.
“ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه به ملڻ تي ۽ ڪڏهن بلڪل ٿورو ملڻ تي توهان الله سائين جو شڪر ادا ڪيو. اڄ اوهان ڪجهه گهڻو ملڻ تي به الله سائين جو شڪر ادا ڪيو.” عرب ڪيمياگر چئي ٿو.
هڪ ٽڪرو ڪيمياگر ناصر کي ڏي ٿو ۽ چئي ٿو: “تون واٽ تي جيڪي ڪجهه قبيلي جي سردار کي ڏنو انهيءَ جي بدلي ۾ هي وٺ.”
ناصر سوچيو ته هو اِهو سون جو ٽڪرو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇو جو هن سونيون اشرفيون ڏئي خدا جي قدرت سان ڪلام ڪيو هو. پر ناصر چپ رهيو. هن ڄاتو ٿي ته ڪيمياگر خوب ڄاڻي ٿو ته هي سون جو ٽڪرو هن (ناصر) لاءِ ڪيترو اهم آهي.
هڪ حصو ڪيمياگر پاڻ کنيو ڇاڪاڻ ته واپس ويندي وري هن کي ڪنهن نه ڪنهن قبيلي جي سردار کي منهن ڏيڻو هو.
“هي سون جو ٽڪرو اوهان وٽ هن ڇوڪري جي امانت آهي. اوهان وٽ جڏهن به هي (ناصر) اچي ته هي ٽڪرو سندس حوالي ڪجو.”
“پر مونکي ته هونئن به خزانو ملڻو آهي هي ٽڪرو اوهان کي ڪم ايندو.” ناصر چئي ٿو.
“مونکي پڪ آهي ته تون خزانو ضرور ماڻيندين. پر سفر دؤران ياد ڪر ته توکي ٻه دفعا، هڪ دفعو چور کي ۽ ٻيو دفعو سردار کي پنهنجي پوري دولت ڏيڻي پئي آهي ۽ ائين ٽيون دفعو به ٿي سگھي ٿو.” ڪيمياگر ناصر کي سمجھائي ٿو.
هو ٻئي پيش امام جو شڪريو ادا ڪري اچي ان وڻ هيٺان بيٺا جتي هنن جا گھوڙا ٻڌل هئا.
“ناصر آءُ توکي هڪ آخري ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو. اها هڪ آڳاٽي دؤر جي ڪهاڻي آهي.” ڪيمياگر چئي ٿو.
ناصر پنهنجو پورو ڌيان ڪيمياگر ڏانهن ڏي ٿو.
“گھڻو اڳي روم ۾ بادشاهه طبرس حڪومت ڪندو هو جنهن کي ٻه پُٽَ به هئا. هُن هڪ پٽ کي فوجي ڪرايو ۽ ڏورانهين علائقي ڏانهن تربيت لاءِ موڪليو هو. هڪڙو هن جو پٽ روم جو وڏو شاعر هيو.
هڪ رات بادشاهه کي خواب ۾ فرشتو آيو ۽ کيس چيائين ته هن جي هڪ پٽ جا گيت صديون ماڻهو ڳائيندا رهندا. اتي بادشاهه کي جاڳ ٿئي ٿي. خوش به ٿئي ٿو ته هن جي پٽ سان هُن جو نالو به ڳايو ويندو. پر غم ان ڪري ٿو ٿيس ته هو اِهو سڀ پنهنجين اکين سان نه ڏسندو ڇو جو انسان جي حياتي تمام ننڍڙي آهي.
ٿوري عرصي کانپوءِ بادشاهه طبرس مري وڃي ٿو. عالم ارواح ۾ بادشاهه جي ان فرشتي سان ملاقات ٿي. جنهن خواب ۾ اچي پٽ جي باري ۾ ٻڌايو. بادشاهه طبرس فرشتي کان ان خواب جي حقيقت گھري ٿو.
فرشتو چئي ٿو “توکي ڇا ٿو لڳي ته تنهنجي ڪهڙي پٽ جا گيت ڳايا ويندا؟”
“منهنجو اهو پٽ جنهن جا شعر اڄ به پوري روم ۾ مشهور آهن ۽ منهنجي ان شاعر پٽ کي وڏي مڃتا ملندي.” بادشاهه طبرس چئي ٿو.
فرشتو بادشاهه جا لفظ ٻڌي هن جو هٿ پڪڙي ٿو ۽ هو بادشاهه کي ڪيئي سؤ سال اڳتي جي زماني ۾ وٺي اچي ٿو. جتي جا ماڻهو اهڙي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا جيڪا بادشاهه بلڪل نه ٿي سمجھي. بادشاهه ٻن چئن ماڻهن جي واتان صرف پنهنجي سپاهي پٽ ۽ روم جا لفظ ٻڌي ٿو باقي سمجھي نه ٿو سگھي ته هو ڇا چئي رهيا هئا. بادشاهه طبرس فرشتي کان پڇي ٿو ته: “هو ماڻهو ڇا چئي رهيا آهن روم ۽ هن جي پٽ جي بابت؟”
فرشتو بادشاهه کي چئي ٿو: “تنهنجي شاعر پٽ جي شاعري بدقسمتي سان تنهنجي وڃڻ کانپوءِ ختم ٿي ويندي پر تنهنجو سپاهي پٽ صديون ڳايو ويندو.”
بادشاهه طبرس کي تعجب وٺي ٿو.
“تنهنجو سپاهي پٽ جنهن کي تون تمام ڏورانهين ڏيهه ڏي موڪليو هو، هڪ ڏينهن هُن سان ائين ٿيندو جو هُن جو نوڪر تمام گھڻو بيمار ٿي پوندو ۽ ايتري ته طبيعت خراب ٿي پوندس جو هو اچي مرڻ ڪنڌيءَ تي لڳندو. تنهنجو پٽ اهڙي حڪيم جي تلاش ڪندو جيڪو هُن جي نوڪر جي طبيعت صحيح ڪري سگهي. هو حڪيم جي تلاش ۾ ڪافي ڏينهن ڀٽڪندو اچي هڪ درويش وٽ پهچي ٿو ۽ پنهنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪري ٿو. درويش هُن سان هلڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو. درويش کي اهو ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿئي ٿي ته هڪ مالڪ نوڪر جي صحت لاءِ ايترو پريشان آهي. پر تنهنجو پٽ جڏهن ڏسي ٿو ته ان درويش وٽ تمام گھڻا ماڻهو شفايابي لاءِ ويٺا آهن ۽ درويش وڏي بزرگيءَ وارو شخص آهي ته هن بزرگ کي چئي ٿو: “سائين آئون نٿو سمجھان ته منهنجو گھر انهيءَ لائق آهي ته اوهان ان جي ڇت هيٺان ويهو ۽ هتي ڪيترائي ماڻهو اچن ٿا، توهان جي نه هجڻ سان هنن کي تڪليف ٿيندي. اوهين منهنجي ملازم لاءِ ڪجهه دعائون ۽ شفايابي لاءِ ڪجهه ڏيو ته آءُ اوهانجو شڪر گذار رهندس.”
بادشاهه طبرس اهو ٻڌي روئي ويهي ٿو ۽ مڃي ٿو ته واقعي هن جو سپاهي پٽ عظيم هيو.
“ناصر! انسان اهو آهي جيڪو ٻئي انسان جي قدر و قيمت سمجھي سگهي ۽ ڪنهن کي گھٽ نه سمجھي. اهو ضروري ناهي ته ماڻهو وٽ ڇا آهي پر اهو سمجھڻ تمام ضروري آهي ته ماڻهو پاڻ ڇا آهي.” عرب ڪيمياگر ائين چئي گھوڙي تي چڙهي ٿو.
“الله نگهبان” ڪيمياگر چئي ٿو.
“الله نگهبان” ناصر وراڻي ٿو.