ناول

ڪيمياگر

دنيا جي 60 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ پائولو ڪؤلهو جي جڳ مشهور ناول AL Chemist جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”ڪيمياگر“ جي نالي سان احرار يوسف ڪيو آهي. هن ڪتاب جون سڄي دنيا ۾ تقريبن چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. هِن ناول کي لاطيني ٻولي منجهان انگريزي ۾ ايلن آر ڪلارڪ ترجمو ڪري “الڪيمسٽ” جي نالي سان پڙهندڙن اڳيان آندو.
Title Cover of book ڪيمياگر

باب ٽيون

ناصر ياقوت ۽ مرجان کي ساڻ ڪري آفريڪا جي سفر لاءِ نڪري ٿو. اڃان تائين هو ڪافي منجهيل هيو، ڇاڪاڻ ته هو بلڪل اڻ ڄاتل سفر تي نڪتو هيو. اندلس کي ڇڏي ناصر آفريڪا جي پهرين شهر تنجير ۾ پهچي ٿو. ٿورو هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ کانپوءِ هو تنجير جي هڪ هوٽل تي اچي ٿائنيڪو ٿئي ٿو. هوٽل منجهه هڪ عجيب خوشبوءِ هئي. ماڻهو هڪ نڙ پنهنجي وات ۾ وجهي هڪ صراحي جهڙي شيءِ منجهان نڪتل دونهون پهرين پاڻ ڏانهن ڇڪي پوءِ ان کي ٻاهر ڪڍي رهيا هئا. ناصر تمام غور سان ڏسي رهيو هو. ان دونهين ۾ جيڪا خوشبوءِ هئي سا سڄي هوٽل ۾ پکڙيل هئي. ناصر تماڪ جا ڪيئي قسم ڏٺا هئا پر هي طريقو هُن کي نئون لڳو. هُن بيري کي اشاري سان چانهه آڻڻ لاءِ چيو. آفريڪا اچڻ کان اڳ هن کي ڌيان ۾ ئي نه رهيو ته هِن خطي ۾ عربي کانسواءِ ٻه ڪا ٻولي نٿي ڳالهائي وڃي. اها ڳالهه هُن لاءِ اندر ۾ عجيب پريشاني جو سبب بڻجي رهي هئي.
“عربي ٻوليءَ کي سکڻ کانپوءِ ئي منزل طرف وڌي سگهجي ٿو. پر خير مون وٽ ايترا پئسا آهن جو آءُ پنهنجي مشڪل آسان ڪري سگهان. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مونکي گهڻو ڪجهه ملي ويندو ۽ پوءِ ته هيڏانهن اچڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. پر جي هن بادشاهه ڪوڙ ڳالهايو هجي ته پوءِ! نه ائين نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته هو گهڻين رڍن جي گهر ڪري ها.
هن قدرت جي نشانين کي پڙهڻ جو به ته گس ڏنو، جيڪو منهنجي سفر لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي. آءُ به ته جهر جهنگ جهاڳي اهو سکي ويو آهيان ته رستا ڪيئن ڳولهجن. جهڙي طرح سان سدائين قدرت واري منهنجي مدد ڪئي آهي هاڻي به ڪندو.” ناصر چانهه پيئڻ دؤران پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٿو.
“اوهين اندلس کان آيل آهيو. نه؟” هوٽل جي ڪُنڊ ۾ ويٺل هڪ شخص ناصر جي ٽيبل وٽ خالي پيل ڪُرسي تي ويهندي چوي ٿو.
ناصر جو هن شخص کي اندلسي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو ته هُن کي ائين لڳو ڄڻ قدرت واري هُن جي لاءِ ڪو مددگار موڪليو آهي. هڪ اهڙي شهر ۾ جتي هر ڪو عربي پيو ڳالهائي اتي هُن جي ديس جي ٻولي ڳالهائيندڙ جو ملڻ وڏي غنيمت هئي.
“تون اندلسي ٻولي ڪيئن ڄاڻين؟” ناصر هُن اجنبي شخص کان پڇيو.
“اندلس هن شهر کان گهڻو پري ڪونهي ۽ ٻيو آءُ اوڏانهن ويندو رهندو آهيان، ان ڪري سکي ورتي اٿم. پر تون اهو ٻڌاءِ ته هتي ڪهڙي ڪم سانگي آيو آهين؟” اجنبي شخص ناصر کان پڇيو.
“مصر جي محرابن کي ڏسڻ جو ڪنهن وقت کان شوق جاڳيو هو، هينئر موقعو مليم ته نڪري پيس. هتي اچي پريشاني اها ٿيم ته عربي ٻولي ڳالهائيندڙن سان ڪيئن منهن ڏجي. پر هاڻي تون مليو آهين ته آءُ پئسن عيوض پنهنجي رهبري لاءِ سفر ۾ توکي ساڻ کڻڻ چاهيان ٿو. تنهنجو ڇا خيال آ؟” ناصر ٿورو ڪوڙ ڳالهايو.
هوٽل جو مالڪ جيڪو پرڀرو گراهڪن کان پئسا وصول ڪري رهيو هو، اُهو اچي ناصر ۽ اجنبي شخص جي ڀرسان ويٺو. ناصر جي مرضي هُئي ته هو اُتان اٿي وڃي پر مجبور رهيو ڇاڪاڻ ته هو هڪ اجنبي شهر ۾ هيو.
“مصر جي محرابن تائين پهچڻ آسان ناهي. آفريڪا جو خونخوار صحرا پار ڪرڻو پوي ٿو. اُن لاءِ ماڻهوءَ وٽ جهجها پئسا هجڻ لازمي آهي. آءُ توسان گڏ هلڻ لاءِ تيستائين راضي نه ٿو ٿي سگهان جيستائين اها تصديق نه ٿي ٿئي ته تو وٽ پئسا ڪيترا آهن.” اجنبي شخص ناصر کي چيو.
هوڏانهن هوٽل جو مالڪ ڳالهه جي سمجهڻ لاءِ ناصر جي بلڪل ويجهو ڪرسي رکي ويهي ٿو.
ناصر هوٽل جي مالڪ جي سامهون ئي سڀ پئسا ڪڍي ٿو ۽ اجنبي شخص کي ڏيکاري ٿو.
هوٽل جو مالڪ پئسا ڏسندي ئي اجنبي شخص کي پاسيرو وٺي وڃي ٿو ۽ عربيءَ ۾ ڪجهه چئي ٿو. گفتگو ايتري ته شدت اختيار ڪري وڃي ٿي جو هوٽل جو مالڪ هن شخص سان تلخ لهجي ۾ ڳالهائي ٿو.
اجنبي شخص ناصر ڏانهن اچي ٿو ۽ پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چئي ٿو.
ناصر جڏهن هوٽل جي مالڪ کي چانهه جا پئسا ڏئي ٿو ته هوٽل جو مالڪ ناصر جي ٻانهن کان جهلي عربي ۾ ڪجهه چئي ٿو. ناصر ٻانهن ڇڏائي اجنبي شخص سان وڃڻ لڳو. هوٽل جو مالڪ پوءِ به عربيءَ ۾ رڙيون ڪندي ڪجهه چوندو رهيو.
هو ٻئي هوٽل کان ٻاهر نڪري آيا.
“هوٽل جي مالڪ مونکي پاڻ سان ڪري تنهنجا پئسا ڦٻائڻ ٿي چاهيا. پر آءُ اُن ڪري به راضي نه ٿيس ته آءُ به ٻين ملڪن جي شهرن ۾ ويندو رهان ٿو ۽ مونکي هميشه اهو احساس هجي ٿو ته ماڻهو ڪنهن اڻڄاتل شهر ۾ وڃي ڪيترو نه اڪيلو محسوس ڪري ٿو ۽ اتي جيڪڏهن ڪو پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ وارو ملي وڃي ٿو ته ڪيتري نه خوشي ٿئي ٿي.” اجنبي شخص چيو.
“صحيح ٿا چئو.” ناصر چيو.
“اسان کي ٻه اُٺَ خريد ڪرڻا پوندا ۽ ڪجهه کاڌي پيتي جو سامان وٺڻو پوندو. سڀاڻي اسين نڪري هلنداسين. اوهين مون سان گڏ هلو ۽ پئسا مونکي ڏيو. ڇاڪاڻ ته آءُ اٺن وارن کي ۽ بازار مان شيون خريد ڪرڻ وقت دڪاندارن کي پنهنجي لاءِ چوندس ته هو ڪجهه رعايت ڪندا.” اجنبي شخص ناصر کي چيو.
ناصر کي دل سان ڳالهه لڳي. هُن کي ڪجهه پئسا بچائڻا به هئا ڪٿي به ضرورت پئجي ٿي سگهي. ناصر پنهنجا سڀ پئسا هُن اجنبي شخص کي ڏنا.
هو ٻئي تنجير جي بازار وٽ پهتا جتي ننڍا وڏا مختلف شين جا دُڪان هئا. پر سڀ کان گهڻا دُڪان تلوارن ۽ خنجرن جا ٿي لڳا. اجنبي شخص ۽ ناصر بازار ۾ هلندا رهيا. ناصر کي ڪافي شيون خوبصورت لڳيون. هن سوچيو ته مصر جي محرابن وٽان ضرور خزانو هٿ ايندو پوءِ هو هتان ضرور ڪجهه شيون خريد ڪري اندلس ويندو. هُن کي هڪ چانديءَ جي ٺهيل خوبصورت تلوار نظر اچي ٿي. هو اُتي بيهي ٿو ۽ خوبصورت تلوار کي ڏسي ٿو. ناصر انهيءَ تلوار جي قيمت ڄاڻڻ لاءِ اجنبي شخص جي مدد وٺڻ چاهي ٿو. جڏهن ناصر پوئتي نهاري ٿو ته هُن کي اجنبي شخص نظر ئي نٿو اچي.
ناصر سوچي ٿو ته هو اجنبي شخص ضرور اٺن وارن سان ڳالهائي هتي ئي موٽي ايندو. ان ڪري هن کي هتي ئي انتظار ڪرڻ گهرجي.
ڪافي وقت گذري ويو پر هو شخص نه موٽيو. سج هينئر پنهنجو اڌ حصو واريءَ جي دَڙن پٺيان لاڙي چڪو هو. جڏهن سج لٿو ته نماز جو وقت ٿيو. ڪافي سالن کانپوءِ ناصر نماز ادا ڪئي ۽ هُن کي سڪون مليو. پر جڏهن هن دڪانن کي بند ٿيندي ڏٺو ته هن جي پريشاني وڌي وئي. دُڪان خيمن ۾ ٺهيل هئا. بانس جي لڪڙن تي ويڙهيل ڪپڙو ڪڍي دڪانن جا مالڪ رکيل شين جي مٿان وجهي رهيا هئا. ناصر لاءِ اهي سڀ شيون نيون هيون ۽ هو نيون شيون سکڻ جو تمام گهڻو شوقين هيو پر هينئر هُن کي صرف پنهنجن پئسن جي لڳل هئي. هو ڪڏهن به زندگيءَ ۾ ايترو مايوس نه ٿيو هو جيترو اڄ هيو. هن کي هينئر ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هوٽل جي مالڪ هُن جي پئسن خاطر هُن چور سان جهڳڙو ڪيو.
ناصر کي هن وقت ڏاهي شخص جي ڳالهه به ٺيڪ ٺيڪ سمجهه ۾ آئي. تيل سان ڀريل چمچي ۽ دنيا ۾ پيل شين کي توازن سان ڪيئن رکڻو هو، هن کي هينئر سمجهه ۾ آيو.
“پر هاڻي ڇا ٿئي؟ پئسا ته هو چور کڻي ويو ۽ رات ٿيندي پئي وڃي” ناصر پاڻ سان ڳالهايو.
هو روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ هن جون اکيون ڀرجي آيون. هڪ اڻڄاتل شهر ۾ پئسا نه هجڻ ۽ ڪوبه وسيلو نه هجڻ جو احساس هن کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ٿيو هو. جڏهن هن وٽ رڍون هيون ته هن کي ڏک جو ڪو ڪڏهن احساس پئدا نه ٿيو هو. ڪيئي سال گذري ويا ڪڏهن رنو نه هو.
“هينئر آءُ بلڪل بي يارو مددگار ٿي ويو آهيان. آءُ ته بس اهو چاهيو ته مون کي منهنجي حصي جو نصيب ملي پر جيڪڏهن خدا ان ۾ راضي ناهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ، اي خدا! مونکي هتان واپسيءَ جو ڪو ذريعو ڏيار.” ناصر خدا کي ٻاڏايو.
اچانڪ هن کي ياقوت ۽ مرجان جو خيال آيو. هُن پنج رڍن عيوض اُهي ٻئي پٿر ورتا هئا. ڪانه ڪا ته شيءِ هنن ۾ ضرور رکيل هوندي جو هُن بزرگ هن کي ڏنا هئا. هُن پٿرن کي صَدريءَ جي کيسي مان ڪڍڻ کان پهرين هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. ڇاڪاڻ ته هي شهر چورن سان ڀريل ٿي نظر آيو. هوٽل جي مالڪ به شايد اها ئي ڳالهه ٿي سمجهائڻ چاهي هئي، جنهن تي بي اعتباري ۽ نه سمجهڻ جو نتيجو هو ڀوڳي رهيو هو.
هُن کيسي ۾ هٿ وجهي پٿرن کي هٿ گهمايو ۽ چپن ۾ ڀڻڪيو ته: “آءُ به انهن ئي ماڻهن جهڙو آهيان، جيڪي صرف انهن ڳالهين کي مڃيندا آهن، جيڪي هنن سان ٿيندي آهي. ٻين جي تجربن منجهان نه سکي سگهندا آهن.”
هن پٿرن کي ٻاهر ڪڍي هٿ ۾ جهلي ڏٺو. انهن تي غور ڪيو ۽ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخر هنن پٿرن ۾ اهڙي ڪهڙي قوت آهي، جيڪا هن جي مدد ڪري سگهي ٿي. اتي ناصر جي اندر ۾ سيلم جي بادشاهه عبدالله جا چيل لفظ گونجڻ لڳن ٿا ته:
“جڏهن انسان پنهنجي مقصد لاءِ نڪري ٿو ته ڪائنات جو هر ذرو هن کي منزل تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.”
هو پٿر کيسي ۾ رکي ٿورو هيڏانهن هوڏانهن جو چڪر هڻي ٿو. تنجير هُن لاءِ بلڪل نئون هيو ۽ جتان جي ٻولي به اڻڄاتل هئي ۽ هڙ ۾ صرف ٻه پٿر پيا هئا، جيڪي به هن لاءِ ايترا فائديمند نه هئا.
ناصر کي خيال آيو ته ڇو نه هنن پٿرن منجهان گهٽ ۾ گهٽ ايتري مدد وٺي ته اڃان به هو مصر جي محرابن ڏانهن وڌي يا پوئتي موٽي.
“مونکي اڳتي مصر جي محرابن ڏانهن وڌڻ گهرجي؟” هن پنهنجي اندر ۾ سوال ڪيو ۽ کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ پٿر ڪڍيو. هن جي کيسي مان ڪاري رنگ جو ياقوت نڪتو جنهن جي معنى هئي ‘ها هن کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ مصر جي محرابن تائين پهچڻ گهرجي.’
ان کان پوءِ هُن جيئن ئي ياقوت کيسي ۾ اندر وڌو ته اُهي ٻئي پٿر کيسي ۾ پئجي ويل ڇيد منجهان هيٺ واريءَ تي اچي ڪريا. هو حيران ٿي ويو هن کي خبر ئي نه پئي هئي ته هُن جي صدريءَ ۾ ڇيد پئجي چڪو آهي. ناصر پٿرن کي کڻڻ لاءِ جيئن ئي جهڪيو ته هُن کي سيلم جي بادشاهه جي ڳالهه ياد آئي ته “هر جاءِ تي ڪانه ڪا قدرت جي نشاني توکي ضرور ملندي ۽ اها نشاني تنهنجي رهنمائي ڪندي.” هُن پٿرن جو واريءَ تي ڪرڻ به هڪ قدرت جي نشاني ڄاتي پر هُن اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها نشاني آهي ڇا جي باري ۾. ٿوري دير کانپوءِ ناصر ٿورو مشڪيو ائين لڳو ڄڻ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي هجي. هن جي پريشاني ڪجهه گهٽ ٿي ۽ هن محسوس ڪيو ته اُهو بزرگ (سيلم جو بادشاهه عبدالله) هن جي هروقت رهنمائي ڪري رهيو آهي.
ناصر هڪ جڳهه تي وڃي ويهي رهيو. هِن شهر جي بازار ۾ ڪافي خوبصورت پڪا دڪان به ٺهيل هئا. انهن منجهان هڪڙي جڳهه تي وڃي ويٺو. هن کي وري تلوار ياد آئي جيڪا تمام گهڻي خوبصورت هئي. حالانڪه انهيءَ تلوار جي ڪري هو هينئر هِن حال ۾ هيو. پر هن سوچيو ته ايترو ضرور آهي جو ڪي نيون شيون جيڪي تمام گهڻيون خوبصورت آهن ۽ نيون جڳهيون به ڏسڻ لاءِ مليون، جيڪي ڪهڙي به ريڍار نه ڏٺيون هونديون. ائين سوچيندي هُن کي ننڍ کڻي ويئي.
ٻئي ڏينهن جي صبح ٿيڻ شرط دڪاندارن دڪان کولڻ شروع ڪيا. جنهن دڪان اڳيان ناصر سمهيو پيو هو ان جي مالڪ ناصر کي اٿاريو. هو اڃان پوري طرح جاڳيو نه هو. هُن جي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته هن کي رڍون ڪنهن گاهه واري هنڌ تي چارڻ لاءِ ڪاهي وڃڻيون آهن. پوري طرح سان سجاڳ ٿيڻ شرط هن کي ڪلهه واري وارتا ياد پئي. هن کي بک به لڳي هئي ۽ واپس وڃڻ جو به فڪر لڳو. نه ٻولي ڄاڻي ۽ نه شهر ۾ هن جو ڪو سڃاڻو هيو. هن ڪتابن ۾ اهڙا قصا پڙهيا هئا ۽ هينئر هن کي يقين آيو ته ڪتابن ۾ لکيل ڳالهيون غلط نه هونديون آهن.
تنجير جي شهر جي بازار آهستي آهستي کُلڻ شروع ٿي. تنبن وارا دڪان به جڙڻ شروع ٿيا. ناصر ڏٺو ته هڪڙو ضعيف شخص جنهن کي بانس جي لڪڙن کڻڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي هئي، هو ان پوڙهي شخص ڏانهن ويو ۽ دڪان جي تنبو ٻڌڻ ۾ مدد ڪئي. تنبو ٻڌڻ وقت ضعيف شخص ناصر ڏانهن نهايت ئي تشڪر آميز مرڪ مرڪيو. ناصر کي ياد پيو ته اُها اِهڙي ئي مرڪ هئي جهڙي سيلم جي بادشاهه عبدالله جي چپن تي هوندي هئي.
دڪان جڏهن پوريءَ طرح جڙي ويو ته دڪاندار ناصر کي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏنو. ناصر اشارن سان ئي ضعيف شخص جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اتان هليو ويو.
ناصر کي هلندي هلندي اِهو خيال پيو ته هُن ۽ ضعيف دڪاندار جي وچ ۾ ڪانه ڪا ٻولي ضرور هئي، جيڪا هنن ٻنهي جي وچ ۾ رابطي جو سبب بڻي. دڪاندار ته صرف عربي پئي ڄاتي ۽ هُن اندلسي. پوءِ هنن ٻنهي جي وچ ۾ ڪهڙي ٻولي هئي.
“اشارن جي ٻولي” هن کي اندر مان آواز آيو. هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته ٻن انسانن جي ٻولي ڀل مختلف ڇو نه هجي پر هو اشارن جي ذريعي ڳالهائي سگهن ٿا. مطلب رابطو هر حال ۾ ممڪن آهي. اهي ڳالهيون جيڪي هُن جي علم هيٺ ڪڏهن به نه آيون هيون، انهن کي هر لمحي سکي رهيو هو.
“جيڪڏهن آئون اهڙي ٻولي سکي وٺان جيڪا بنا لفظن جي ڳالهائي وڃي ۽ ٻڌي وڃي ته آءُ پڪ سان پوري دنيا کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهان ٿو.” ناصر پنهنجو پاڻ کي چيو.
هو شهر جي بازار ۾ اجايا چڪر هڻڻ لڳو. هن کي اهڙي شخص جي تلاش هئي جيڪو اندلسي ٻولي سمجهي سگهي يا ڪجهه پئسا ملن. هلندي هلندي هو هڪ اهڙي دڪان جي سامهون پهتو جتي شيشي جون ٺهيل مختلف شيون پيل هيون پر اهي سڀ ايتريون ته مٽيءَ سان ميريون ٿي ويون هيون جو انهن تي چڙهيل مٽي شين جي پوري خوبصورتي وڃائي ڇڏي هئي. ناصر ان دڪان جي اندر وڃڻ چاهيو پر ٻولي نه اچڻ ڪري هو اُتي بيٺو رهيو. دڪان کي ٻاهران پوريءَ طرح سان ڏسڻ وقت هُن کي هڪ تختي نظر آئي جنهن تي مختلف ٻوليون لکيل هيون. انهن ٻولين مان هڪ ٻولي اندلسي به هئي. ان تختي تي لکيل هو ته “ٻين ملڪن مان آيل سياح هن دڪان ۾ اندر اچڻ کان نه گهٻرائين ڇو ته هن دڪان جي مالڪ کي ڪيتريون ئي ٻوليون اينديون آهن.” ناصر اهو پڙهندي ئي دڪان ۾ اندر وڃي ٿو.
دڪان جو مالڪ هڪ پوڙهو شخص هيو. تقريبن سٺ سالن جي عمر جو ٿي لڳو. ناصر هُن جي ويجهو وڃي هُن کي چيو ته “آئون اوهان جي دڪان ۾ رکيل سڀن شين کي صاف ڪندس ۽ ان جي بدلي اوهين مونکي هڪ ويلو ماني کارائجو.”
دڪاندار هڪ نظر کڻي ناصر ڏانهن ڏسي ٿو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ بنا ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي ٿو. ناصر ڪپڙو کڻي شيشي جي ٺهيل شين کي صاف ڪرڻ شروع ڪري ٿو. شيشي جا ٺهيل گلاس، جڳ، پليٽون ۽ گلدان وغيره تمام خوبصورت هئا. مٽي صاف ٿيڻ سان هنن جي خوبصورتي موٽي آئي. صفائي ڪرڻ دؤران ناصر کي دڪاندار ڪجهه به نه ٿو چئي. جنهن وقت منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿئي ٿو ته دڪاندار ناصر کي پاڻ سان گڏ هلڻ جو اشارو ڪري ٿو. دڪان جي دروازي تي هو شخص “منجهند جي ماني جو وقفو” واري تختي لٽڪائي ٿو ۽ ناصر کي ساڻ ڪري هڪ هوٽل ۾ وڃي ويهن ٿا. شيشي جي دڪان وارو مالڪ بيري کي ڪجهه آڻڻ لاءِ چئي ٿو. ان کانپوءِ ناصر کي مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته:
“اسان جو خدا قرآن جي ذريعي اسان کي اها تاڪيد ٿو ڪري ته ضرورت مند جو خيال رکجي ۽ بکايل کي ماني کارائجي. اهو ڪو احسان ناهي پر اهو باعث رحمت آهي انهيءَ مسلمان لاءِ جيڪو ائين ڪري ٿو.”
ناصر هن پوڙهي شخص واتان هيتري دير کانپوءِ اندلسي زبان ۾ ڪجهه لفظ ٻڌا ته خوش ٿيو.
“مون تي به اهو فرض آهي ته آئون بنا ڪنهن ڪم وٺڻ جي ڪنهن ضرورت مند جي ضرورت پوري ڪيان.” شيشي جي دڪان جي مالڪ چيو.
“پوءِ اوهان صفائي ڪرڻ کان مونکي جهليو ڪونه؟ جڏهن ته اوهان کي اها به خبر هئي ته آءُ ڇو پيو صفائي ڪيان.” ناصر چيو.
“ها مونکي ڄاڻ هئي پر آءُ پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ پاڻ ۾ هاڻي ايتري همت به نه ٿو ڀانيان ته روز دڪان کوليان. انهيءَ لاءِ مونکي اهڙي ماڻهوءَ جي مدد جي ضرورت هئي جيڪو انهن شين کي صاف ڪري ۽ تون پاڻ اهو ڏسي چڪو آهين ته شيون ڪيتريون نه مٽي ۾ خراب ٿي ويون هيون. آئون هي دڪان ٽيهن سالن کان هلائي رهيو آهيان ۽ منهنجو دڪان اهڙي هنڌ تي آهي جتي ايڪڙ ٻيڪڙ گراهڪ اچن ٿا. آءُ ڪنهن وقت ۾ دڪان بدلائڻ جو سوچيو هو پر ائين نه ڪري سگهيس ۽ هاڻي ته ڪافي دير ٿي چڪي آهي جو دڪان بدلائڻ ته ڇا پر سوچي به نه ٿو سگهجي.” شيشي جي دڪان جو مالڪ ناصر کي ڏسندي چوي ٿو.
“شروع شروع ۾ هيڏانهن ڪافي پرڏيهي ماڻهو جن ۾ فرانسيسي، اندلسي، انگريز ۽ جرمن وغيره هئا، منهنجي دڪان تي ضرور ايندا هئا ۽ پنهنجن مٽن مائٽن لاءِ شيشي جا ٺهيل گلدان، گلاس ۽ ٻيون خوبصورت شيون خريد ڪري ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ آئون امير ٿيڻ جا تمام گهڻا خواب ڏسندو هيس. اچانڪ ائين ٿيو جو هِن شهر کان پرڀرو هڪ ٻئي شهر ۾ هڪ تمام خوبصورت بازار جُڙي. ان کانپوءِ آهستي آهستي هِن شهر جي بازار پنهنجا گراهڪ وڃائي ويٺي ۽ آئون امير ٿي نه سگهيس.”
دڪان جي مالڪ پنهنجي حياتيءَ جي گذريل سالن جو ڪجهه حال احوال ڪيو. بيرو ماني کڻي آيو هيو ناصر صرف ڳالهه پوري ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. ڳالهه پوري ٿيڻ شرط ماني کائڻ لڳا. ماني کائڻ دوران دڪان جي مالڪ ناصر کي چيو ته “مونکي خوشي ٿيندي جيڪڏهن تون منهنجي دڪان تي ڪم ڪندين.”
“آئون اڄ پورو ڏينهن اوهان جي دڪان تي ڪم ڪندس جيڪڏهن رات جو به ڪم ڪرڻو پيو ته پوري رات ڪندس. ان جي بدلي اوهين مونکي صرف ايترا پئسا ڏجو جو آئون مصر جي محرابن تائين پهچي سگهان.” ناصر دڪان جي مالڪ کي چيو.
دڪاندار ناصر جي ڳالهه ٻڌي مسڪرايو. هن جي مسڪراهٽ اهو ٻڌائي رهي هئي ته هن جي سامهون ويٺل ڇوڪرو جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي اهو ممڪن ناهي.
“توڙي جو تون سڄو سال ڪم ڪرين ۽ شين کپائڻ لاءِ نفعي منجهان ڪجهه فيصد تون پاڻ لاءِ مون سان طئه ڪرين، تڏهن به تون ايترو نٿو ڪمائي سگهين جو مصر جي محرابن تائين پهچين. تون نٿو ڄاڻين ته مصر پوري صحرا کي پار ڪرڻ کانپوءِ آهي، ۽ صحرا پار ڪرڻ ايترو سؤلو ناهي.” دڪاندار ناصر کي حقيقت کان اگاهه ڪري ٿو.
ناصر کي ائين ٿو لڳي ڄڻ بلڪل خاموشي ڇائنجي ويئي آهي ۽ سڄو شهر سمهي پيو آهي. سڀ ڪجهه سانت ٿي ويو آهي. ناصر ائين محسوس ڪيو ڄڻ هُن جون سڀ اميدون، خواب ۽ منزل ماڻڻ جون خواهشون ڪنهن اڻڄاتل مقام تي هليون ويون آهن. جتان هاڻي هنن جي موٽ نه ٿيندي ۽ نه ئي هو انهن تائين پهچي سگهندو. ناصر جي دل چيو ته ڪاش هو هينئر جو هينئر مري وڃي.
ناصر جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي پوڙهي شخص کي رحم اچي ويو. هُن ناصر کي چيو ته “تون چاهين ته آئون توکي ايترا پئسا ڏيئي سگهان ٿو جو تون واپس پنهنجي شهر وڃي سگهين.”
ناصر دڪان جي مالڪ ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پاڻي جو گلاس ڀري پيئي ٿو. هڪ نئين عزم ۽ جوش سان دڪان جي مالڪ کي چئي ٿو “جيڪڏهن آءُ نيون شيون سکڻ چاهيان ٿو ته مون تي اهو لازم آهي ته آئون اوهان جي دڪان تي ڪم ڪيان.” ان کانپوءِ ٻئي ڄڻا دڪان تي وڃن ٿا. ناصر دڪان جي ڀرسان ٺهيل ننڍڙو ڪمرو (جيڪو دڪان جو ئي حصو هيو) صاف ڪري پنهنجي رهڻ جو بندوبست ڪيو. ڪجهه ڏينهن جي محنت کانپوءِ ناصر دڪان جو ڄڻ نقشو ئي ڦيرائي ڇڏيو.
ناصر دڪان تي رکيل سڀني شين کي بلڪل صاف ڪري اهڙي نموني سان سجائي رکيون جو انهن راهگيرن جن کي ڪجهه وٺڻو به نه هجي انهن به نظرانداز نٿي ڪيو. دڪان جو مالڪ صرف ناصر کي هدايتون ڏيندو رهندو هو.
ناصر کي جيتوڻيڪ هيءَ نوڪري نه وڻندي هئي ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن هڪ هنڌ ويهي ڪنهن جي هدايتن تي ڪم ڪرڻ سکيو ئي نه هيو پر هن کي پئسن جي گهرج هئي. هن اڻڄاتل شهر ۾ پئسا ڪمائڻ جو، ٻيو ڪوبه ذريعو نه هو. دڪان جو مالڪ ناصر جي محنت جي ڀرپور تعريف ڪندو هو. مهينو گذرڻ تي دڪان جي مالڪ ناصر کي پگهار کان علاوه شين تي مليل منافعي منجهان ڪجهه فيصد به ڏنو. ناصر مليل سڀ پئسا جمع ڪندو ويندو هو، ته جيئن سڀاڻي هو انهن کي پنهنجي مقصد لاءِ ڪم آڻي.
هڪ ڏينهن ناصر دڪان جي مالڪ کي چيو ته “آئون هڪ اهڙي شيءَ ٺاهڻ چاهيان ٿو جيڪا اسين دڪان جي ٻاهران رکون ۽ انهيءَ شيءِ ۾ اهڙي ته ڪشش هجي جو اها پري کان واٽ ويندڙن جو ڌيان ڇڪائي. منهنجي خيال ۾ اهڙي طرح سان اسين ڪيترائي گراهڪ ٺاهي سگهون ٿا.”
“اها ته ڳالهه صحيح آهي پر جي تون اهڙي ڪا شيشي جي شيءِ ٺاهي دروازي ٻاهران رکي ڇڏين ۽ ڪڏهن ڪو گراهڪ تڪڙ تڪڙ ۾ دڪان ۾ اندر داخل ٿئي ۽ اها شيءِ ڀڃي وجهي ته ڪيترو نه نقصان پئجي ويندو.” پوڙهي دڪاندار چيو.
“آئون پورا ٻه سال رڍون چاريون. اسين ڌنار ڪنهن اهڙي هنڌ به هليا ويندا هئاسين، جتي تمام گهڻا نانگ هوندا هئا يا خونخوار جانور هوندا هئا. جيڪي رڍن کي ماري به وجهندا هئا. پر تنهن هوندي به اسين حوصلو نه هاريندا هئاسين ۽ انهن جڳهين ڏانهن وٺي ويندا هئاسين، جتي گاهه جهجهو هجي ڀل اوڏانهن ڪهڙا به جانو هجن.” ناصر پنهنجو مؤقف بيان ڪيو.
انهيءَ وچ ۾ ڪجهه گراهڪ اچن ٿا جن کي ناصر ڪجهه شيون ڏيکاري ٿو ۽ هو ڪجهه شيون وٺن به ٿا. آهستي آهستي هن دڪان جي شين جي وڪري ۾ اضافو ٿي رهيو هو.
“هينئر ته دڪان ڄمندو وڃي ٿو ۽ ڪمائي به سٺي ٿئي ٿي. تون ايترا پئسا جلد ئي ڪمائي ويندي جو پنهنجي ڳوٺ وڃين رڍون خريد ڪري وري پنهنجي سُکي زندگي گذاري سگهين. پوءِ تون گهڻن گراهڪن جي لالچ ڇو پيو ڪرين؟” دڪاندار ناصر سان اڌ ۾ ڪٽجي ويل ڳالهه وري ڪڍي.
ائين سمجهو ته اها به قدرت واري جي طرفان هڪ خاص مهرباني آهي جو اسان کي اهڙو موقعو مليو آهي جو اسين گراهڪ وڌائي سگهون.” ناصر دڪان جي مالڪ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
دڪان جي مالڪ کي ڳالهه دل سان لڳي. هُن اهو به محسوس ڪيو ته جڏهن کان هِن جي دڪان تي هو ڇوڪرو آيو هو تڏهن کان ڪو ڏينهن گراهڪ کانسواءِ نه گذريو هو. پر اهو به خيال ٿيس ٿو ته ڇوڪرو گرهاڪن کي وڌائڻ جي ڳالهه شايد ان ڪري پيو ڪري ته جيئن هو گهڻي کان گهڻا پئسا ڪمائي سگهي ۽ جلد وطن واپس وڃي سگهي.
“تون هڪ ٻه دفعا مون کي مصر جي محرابن ڏانهن وڃڻ جو خيال ڏيکاريو هو. تون اوڏانهن ڇو پيو وڃڻ چاهين؟” دڪاندار ڳالهه مٽائيندي ناصر کي چيو.
“ها. مصر جا محراب. آئون تمام گهڻن ماڻهن کان انهن جي باري ۾ تعريف ٻڌي آهي سو شوق ٿيم ته انهن کي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ڏسي اچان.” ناصر خواب واري ڳالهه دڪاندار کان لڪائيندي چئي.
“اڄ تائين مون اهڙو شخص نه ڏٺو آهي جيڪو اهڙي خطرناڪ خواهش رکندو هجي. ڇاڪاڻ ته آفريڪا جو صحرا جنهن کي اسين ‘صحارا’ سڏيون ٿا اهو پار ڪرڻ تمام ڏکيو آ. ان کان وڌيڪ اهو ته محراب ڪجهه به ناهن، بس سِرن جي مٿان سِرون رکيل آهن.” دڪاندار چيو.
“اوهان کي ڪڏهن شوق نه جاڳيو ڪيڏانهن وڃڻ جو؟” ناصر دڪاندار جي مصر جي محرابن واري ڳالهه تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڳالهه مٽائي.
دڪان جو مالڪ اداس ٿي ويو. ناصر هُن جي وراڻيءَ جو انتطار ڪندو رهيو پر دڪان جو مالڪ بلڪل خاموش رهيو.
ان کان پوءِ ٻن ڏينهن تائين هنن ٻنهي جي وچ ۾ ناصر جي پيش ڪيل تجويز جي باري ۾ ڪا گفتگو نه ٿي.
“ناصر هڪڙي ڳالهه آئون توسان ٻن ڏينهن کان ڪرڻ ٿي چاهي. اُها اِها آهي ته آئون هن وقت گهڻي تبديلي نٿو چاهيان، جيڪا شيءِ جيئن هلي پئي ان کي ائين هلڻ ڏجي.” دڪاندار ٻه ڏينهن اڳ واري رهيل ڳالهه وري کولي. ڇاڪاڻ ته هُن محسوس ڪيو ته ناصر ٻن ڏينهن کان اطمينان ۽ سڪون واري حالت ۾ نه هو.
“اسين سڀ هُنَ پاڙي واري دڪاندار وانگر نه ٿا ٿي سگهون.” دڪان جي مالڪ ناصر کي پرڀرو ٻئي شيشي جي شين وارو دڪان ڏيکاريندي چيو.
“هُن دڪان جي مالڪ جو نالو حَسن آهي. هو سدائين خريداري ڪرڻ وقت غلطيون ڪندو رهندو آهي، ڪافي دفعا هُن کي ڀڳل ۽ ٽٽل سامان لڳي ويو آهي. پر هُن تي انهيءَ جو اثر نه ٿيندو آهي ڇو جو هو هاڻي تمام گهڻو امير ٿي چڪو آهي. اسان جي حالت اها آهي ته غلطيءَ جي ڄڻ ڪا گنجائش ئي ڪونهي.” دڪاندار ٻئي دڪان واري جو مثال ڏئي ناصر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ناصر ڳالهه ٻڌي دڪان جي مالڪ کي ڪجهه نه چيو ۽ پنهنجي ڪم سان لڳو.
“وري به آئون تنهنجي راءِ ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته تون ڇا ٿو چاهين ناصر پٽ!” دڪاندار ناصر کي بي چين ڏٺو ان ڪري ائين چيو.
“آءُ چاهيان ٿو ته منهنجي زندگي اڳ جيان گهمڻ ڦرڻ واري ٿي وڃي. انهيءَ ڪري آءُ جلد کان جلد پئسا ڪمائي پنهنجي ڳوٺ پهچي، رڍون خريد ڪري پنهنجي پسند جي زندگي گذارڻ چاهيان ٿو.” ناصر پنهنجو مقصد بيان ڪيو. ناصر ٿوري دير چپ رهي وري ڳالهايو ته: “اوهان سڄي زندگي هتي ئي گذاري ۽ ڪيڏانهن وڃڻ جو خيال به نه آيو. هر ماڻهوءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن هڪ جڳهه گهمڻ جو شوق ضرور هوندو آ. ائين اوهان کي ڇو نه ٿيو؟” ناصر دڪان جي مالڪ کان اڳ پڇيل سوال جو جواب ٻڌڻ چاهي ٿو.
“حضرت محمد صلي الله عليه وسلم اسان جو آخري نبي جنهن الله جي طرفان خلقيل ڪلام قرآن شريف جي ذريعي اسانکي اهو سيکاريو ته الله هڪ آهي ان جو ڪو معبود ڪونهي. ان کانپوءِ پنج وقت نماز پڙهڻ، روزا رکڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ حج ڪرڻ” ... دڪان جي مالڪ جڏهن آخري لفظ “حج ڪرڻ” چيا ته هُن جي اکين مان امالڪ لڙڪ لڙي پيا.
“اسان تي فرض آهن. ناصر پٽ! تون ان ڏينهن به مون کان پڇيو هو ته مونکي ڪيڏانهن وڃڻ جو ڪو شوق ڇو نه آهي. آءُ جڏهن نوجوان هيس ته مونکي مڪي ڏانهن وڃي حج ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هيو. ڏينهن رات اها ڪوشش هوندي هئي ته پئسا گڏ ٿين ته حج جو فريضو ادا ڪيان. آءُ ڪجهه پئسا گڏ ڪري هي دڪان خريد ڪيو. دڪان تمام سٺو هلندو هيو. انهيءَ وچ ۾ آئون ڏسندو هيس ته مونکان وڌيڪ غريب مڪي ڏانهن حج لاءِ ويندا هئا. آءُ بس ان وهم ۾ هوندو هيس ته مون جهڙي طرح دڪان چمڪايو آهي اهڙي سنڀال ۽ ڪمائي منهنجي دڪان جي ٻيو ڪو ماڻهو ڪندو الاءِ نه. حج ڪرڻ لاءِ مهينا لڳي وڃن ٿا ۽ انهيءَ عرصي دؤران منهنجو دڪان ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ ۾ الاءِ جي ڪيئن هلي. بس ائين وقت هٿن مان نڪري ويو.” دڪان جي مالڪ چپ ڀيڪوڙي ڪجهه گهڙي خاموش ٿي ويو.
انهيءَ دؤران ڪجهه گراهڪ دڪان ۾ آيا.
“منهنجي پاڙي ۾ هڪڙو موچي هيو جيڪو سڄو سال سفر ڪري واٽ تي ڪجهه پئسا ڪمائيندو ۽ ريگستان کي پار ڪري وڃي مڪي پهتو ۽ حج ادا ڪري واپس آيو. هتي پهچڻ تي آئون هُن کان پڇيو ته هُن ايترو پنڌ ڪيئن ڪيو. تنهن تي موچيءَ مونکي چيو ته هن سڄي تنجير ۾ ڌاڳي ۽ چمڙي جي ڳولا ۾ ڪافي پنڌ ڪيا ۽ انهيءَ پنڌ ۾ هو جلد ٿڪجي پوندو هو پر جڏهن هو مڪي ڏانهن حج ڪرڻ لاءِ ويو ته سڄو سال پنڌ ڪرڻ جي باوجود به هن کي ڄڻ ڪنهن به قسم جو ڪو ٿڪ ئي نه ٿيو هو.” هو ٻئي هوٽل تي منجهند جي ماني کائيندي گفتگو ڪري رهيا هئا. ۽ دڪان جي مالڪ پنهنجو شوق ۽ موچيءَ جي مقصد ۽ منزل جي حاصلات بابت ٻڌايو.
ناصر دڪان جي مالڪ جي ڳالهه ٻڌندي چيو ته:
“هاڻي اوهين مڪي ڏانهن وڃي سگهو ٿا ۽ منهنجي خيال ۾ ته اوهان کي مون تي ايترو اعتبار ته ٿي ويو هوندو ته آئون دڪان جي ڪيئن سنڀال ڪندس” ناصر چاهيو ته دڪان جي مالڪ جي مڪي وڃڻ واري آس پوري ٿئي.
دڪان جو مالڪ ٿورو مشڪيو. هنن ٻنهي ماني کائي پوري ڪئي هئي ۽ حڪو ڇڪڻ لڳا.
“ناصر پٽ! جنهن تصور جي ڪري آئون زنده آهيان اهو جيڪڏهن ختم ٿي وڃي ۽ مڪو آءُ جيڪڏهن حقيقت ۾ ڏٺو ته منهنجي لاءِ جيئڻ ۽ ڏکين ڏينهن کي سهڻ جي تمنا ئي ختم ٿي ويندي. هي روز ساڳي ڪِرت، دڪان تي اچڻ، منجهند جي ماني کائڻ، دڪان بند ڪرڻ، رات جي ماني وڃي کائڻ، هي سڀ ڳالهيون تنگ ڪرڻ جهڙيون آهن. هاڻي آءُ صرف تصور ۾ ڪعبو چمڻ چاهيان ٿو ۽ ان جو طواف ڪرڻ چاهيان ٿو. بس! انهيءَ کي وهم سمجهه يا ارادي جي ڪمزوري پر آئون ائين ئي زندگي گذارڻ چاهيان ٿو.” دڪان جي مالڪ پنهنجا ارادا ٻڌايا.
هو هوٽل مان نڪري آيا ۽ دڪان جي ڪم ڪارين ۾ لڳي ويا. دڪان بند ڪرڻ وقت دڪان جي مالڪ ناصر کي چيو ته “پٽ! تون مون کان مختلف آهين، تون پنهنجو شوق پورو ڪرڻ چاهين ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته تون نوجوان آهين انهيءَ ڪري تون پنهنجي ارادن ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندين. هڪڙو فرض مون تي به عائد ٿئي ٿو ته آئون تنهنجي اڏار ۾ مدد ڪيان. تنهنجا پَر نه ڪٽيان. ان ڪري تون دڪان ۾ گراهڪن کي وڌائڻ لاءِ جيڪي ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿو، توکي منهنجي طرفان اجازت آهي.”
ٻئي ڏينهن تي ناصر هڪ شيشي جو وڏو گلدان ٺاهي ان تي سهڻا چٽ چٽي دڪان جي در جي ٻاهران لٽڪائي ڇڏيو. گلدان ايترو ته وڏو هيو جو واقعي پري کان ماڻهو ان کي ڏسي دڪان تي ايندا هئا. اهڙي طرح خريدارن جو تعداد وڌندو ويو.
ناصر کي هِن شهر ۾ ڇهه مهينا گذري ويا. ٿورڙي عرصي ۾ هُن دڪان کي خوب ڄمايو هو. هو سوچيندو هو ته جيڪڏهن ائين ڪم هليو ته باقي ڇهن مهينن ۾ هُن وٽ ايتري رقم جمع ٿي ويندي جو هو آساني سان رڍن جو ڌڻ وٺي طرفه  ۾ سٺي زندگي جي شروعات ڪري سگهي ٿو. هاڻي ته هُن کي عربن سان به ڪاروبار ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿيندي ڇو ته عربي هُن مڪمل طور سکي ورتي هئي.
ناصر جي دل و دماغ ۾ مصر جا محراب، ياقوت ۽ مرجان پٿرن جا خيال ڌنڌلا ٿي چڪا هئا. هو هر وقت پنهنجي ڳوٺ ڏي هڪ ڪامياب ماڻهوءَ طور واپسي جا خواب ڏسندو هو. هن ائين سمجهڻ شروع ڪيو هو ته سيلم جي بادشاهه عبدالله هن کي جنهن رستي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو هو اُهو هيءُ ئي رستو آ. هي شيشن جي ٺهيل شين جو فن، عربي سکڻ ۽ ڪو پئسو نه هوندي هيڏو وڏو ڪاروبار ڄمائي وڃڻ، آسان ناهي. انسان جو حوصلو ۽ ارادو اصلي خزانا آهن. هي سفر به انهيءَ ڪري نصيب ٿيو.
وقت ائين گذرندو رهيو. دڪان جي رونق وري موٽي آئي هئي. ناصر سان سياح ۽ شهر جا گراهڪ پنهنجي دل جو حال به اوريندا هئا. ناصر ڪجهه مهينن کان اها شڪايت عام ٻڌندو هو ته هن ڳوٺ جي واري جي دڙن وارن حصن تي چانهه نه ٿي ملي. واريءَ جو دڙو چڙهي اچڻ کانپوءِ چانهه وغيره جي ضرورت پوي ٿي.
هڪ ڏينهن ناصر پنهنجي دڪان جي مالڪ کي چيو:
“اسين هِن اوچائي واري جڳهه تي چانهه وڪڻون ته ڪيترو نه سٺو ٿئي؟”
“هاڻي بيوقوفي واريون ڳالهيون ڇڏ. اوچائي تي چانهه جو ننڍڙو دڪان خوامخواهه پئسن جو نقصان آهي.” شيشي جي دڪان واري مالڪ ناصر جي ڳالهه هڪ مذاق سمجهي ٽاري ڇڏي.
ٻئي ڏينهن تي جڏهين هنن دڪان مس کوليو ته ناصر دڪان جي مالڪ کي چيو “اسين جيڪا چانهه وڪڻنداسين اُها شيشي جي ننڍڙن خوبصورت گلاسن ۾ وڪڻنداسين.”
“ناصر آخر تون ايترو بضد ڇو آهين. تون ڇا ٿو چاهين؟” دڪان جي مالڪ ٿورو خفي ٿيندي چيو.
“آءُ بس جلد کان جلد واپس ورڻ ٿو چاهيان. هڪ هنڌ ويهڻ واري زندگي مزو نه ٿي ڏيئي.” ناصر دل جي ڳالهه ڪئي.
“اهو ته صحيح آهي پر تون منهنجي سڄي زندگي تبديل ڪري ويندين. تنهنجي وڃڻ کانپوءِ آئون هي سڀ ڪيئن سنڀالي سگهندس.” دڪان جي مالڪ به حقيقت بيان ڪئي.
“هاڻي ته مونکي پئسن ڪمائڻ جي ڪا لالچ به نه رهي آ. ڪيڏانهن وڃڻو به نه اٿم.” دڪان جي مالڪ ناصر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“ها پر، هي اسان جي لاءِ ڄڻ هڪ قدرت واري جي طرفان اشارو آهي ته اسين اهو ڪجهه ڪري سگهون ٿا جيڪو اڳ ڪنهن به نه ڪيو آهي.” ناصر پنهنجي نئين خيال کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هي ڳالهه چوي ٿو.
“ها اها حقيقت آهي ته تون جلد ئي ڪجهه ڳالهيون سمجهي وڃين ٿو ۽ انهن جي ڪرڻ تي اسان کي فائدو به تمام گهڻو ٿئي ٿو. آئون انهيءَ ڳالهه مڃڻ کان انڪاري ناهيان ته تون اهڙيون شيون ڪري ڏيکاريون جن کي آئون ناممڪن سمجهندو هيس. هينئر جنهن حالت ۾ دڪان آهي اُهي سڀ الله سائين تنهنجي مدد سان ڪيو. پر انهن سڀن ڳالهين جي باوجود آئون گهڻيون تبديليون نه ٿو گهران مٺا!” دڪان جي مالڪ ناصر جي طرفه واپس وڃڻ کان پوءِ جي صورتحال ڏسندي چوي ٿو.
هو ٻئي اِها سڄي گفتگو عربي ۾ ڪري رهيا هئا. ناصر ڏاڍو خوش هيو. هُن چڱي چوکي عربي سکي ورتي هئي. هُن رڍن سان گڏ رهي گهڻو ڪجهه سکيو هيو. پر نئين ٻوليءَ جو سکڻ تمام گهڻو خوبصورت ۽ منفرد عمل هيو. ناصر ٻيون سڀ ڳالهيون في الحال لاءِ بند ڪري دڪان جي مالڪ سان ٻوليءَ جو سکڻ ۽ شيشن جي شين جي سکڻ جي عمل جي ڳالهه ڪئي.
“اها ڪاتب جي درسگاهه آهي.” دڪان جي مالڪ ناصر کي چيو.
“ڪاتب جي درسگاهه! اهو ڇا آهي؟” ناصر حيران ٿيندي پڇيو.
“اسان جيڪي ڪجهه ڪيون ٿا، سکون ٿا، حاصل ڪيون ٿا ۽ وڃايون ٿا، اهو سڀ الله سائين ڪنهن بهتريءَ لاءِ اسان کي سيکاري ٿو. اسين سڀ ڪجهه مقرر وقت تي حاصل ڪيون ٿا.” دُڪان جي مالڪ ڪاتب جي درسگاهه بابت ناصر کي ٻڌايو.
“انهيءَ جي معنى ته آئون جيڪا شيشي جي گلاسن ۾ چانهه وڪڻڻ واري ڳالهه سکي آهي اها به ضرور ڪاتب وٽان لکيل آهي؟” ناصر وري پنهنجي ڳالهه ڪئي.
“معنى ته تون نه مڙندين، چڱو بابا جيڪي وڻئي سو ڪر” دڪان جي مالڪ ناصر کي دل سان اجازت ڏني.
ناصر پنهنجي مالڪ وٽان اجازت ملڻ شرط ئي ڪارخاني ۾ پوري رات ويهي شيشي جا گلاس ٺاهيا ۽ انهن تي گل پاشي ڪئي. صبح جو هو چانهه جي ڀريل ڪٽلي ۽ ڪافي ننڍڙا گلاس کڻي اچي دڪان تي پهتو. چانهه جي ڀريل ڪٽلي ۽ ننڍڙا گلاس کڻي هو واريءَ جي مٿانهن دڙن تي ايندڙن کي چانهه آڇيندو رهيو. ڪيترن ئي ماڻهن هُن کان چانهه صرف اُن ڪري ورتي ته اها منفرد گلاسن ۾ آڇي ٿي وئي. چانهه پيئندڙن ناصر کان اُن دُڪان جو ڏس گهريو جنهن تي اهي ننڍڙا سهڻا گلاس ملي رهيا هجن. ناصر سڀن کي پنهنجي دڪان جو ڏس ڏنو. ڪيترائي ماڻهو ننڍڙا گلاس پنهنجن گهرن لاءِ وٺي ويا.
اهڙي منفرد ڳالهه گھڻن ماڻهن تائين پهتي. هو اِهو پهريون دفعو ڏسي رهيا هئا ته چانهه ٺڪر جي ڪوپن ۾ نه پر شيشي جي ننڍڙن خوبصورت گلاسن ۾ وڪامجي رهي هئي. انهن گلاسن ۾ هڪ ته چانهه جو خوبصورت رنگ به ظاهر ٿي ٿيو ٻيو خوشبو به گھڻي دير تائين ٿي هلي. دڪان ۾ گراهڪن جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويو. ان لاءِ ٻه ٻيا به ڇوڪرا رکيا ويا. تمام گهڻي ڪمائي ٿي رهي هئي.