باب ڇهون
اڄ سفر کي ڪافي ڏينهن گذري چڪا هئا. رات جو وقت هو ۽ ٿڌي موسم هجڻ ڪري ننڍڙا ننڍڙا باهه جا مچ مچايا ويا هئا. انگريز ڪيمياگر ۽ ناصر به هڪ باهه جي مچ وٽ وڃي ويٺا ۽ گذريل ڏينهن بابت هڪ ٻئي سان حال اوريندا رهيا. ناصر، انگريز ڪيمياگر کان پڇيو ته: “گذريل ڏينهن ۾ قافلي سان الاءِ ڇا ڇا وهيو واپريو پر اوهين رڳو ڪتابن ۾ گم هئا ڇو؟”
“ناصر! ڪتاب اهڙين ڪيترين ئي دنيائن بابت ٻڌائن ٿا جيڪي اسان نه ڏٺيون نه ٻڌيون. تون پنهنجي اردگرد ڏسڻ جو شوقين...” انگريز ڪيمياگر اڃان ڪجهه وڌيڪ چيو ٿي ته وچ ۾ ناصر جو اٺ ڇڪڻ وارو همراهه آيو ۽ چيائين ته هتان کان ٿورو اڳيان گھمسان جي قبائلي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، جنهن ڪري اسين في الحال اڳتي نه وڌي سگهنداسين. ڳالهه ٻڌي ناصر ۽ ڪيمياگر خوف ۾ ويڙهجي ويا.
ناصر پنهنجي همراهه کان پڇيو ته “هِن مصيبت مان نڪرڻ جو آخر ڪو ته رستو هوندو نه!”
“صبر، اوهان کي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو. الله سائين تي ڀروسو ڪيو جيڪو هر لمحي جو ڪاتب آهي. ڪجهه لمحا صبر ڪرڻ لاءِ به انسان جي زندگي ۾ اچن ٿا.” اٺ ڇڪڻ وارو همراهه ائين چئي اتان هليو ويو.
پورا ٻه ڏينهن هنن کي انتظار ڪرڻو پيو. ان کانپوءِ وري قافلو هلڻ شروع ٿيو. اڳواڻ اٺن کي ٿورو تيز ڊوڙائڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته هن قافلي کي ڪنهن مصيبت جي منهن ۾ نه ٿي وجھڻ چاهيو. ڏينهن ۽ راتيون خاموشي سان ڪٽجي رهيون هيون. قافلو ڏينهن جي بنسبت رات جو گھڻو سفر ڪري رهيو هو. رات جو ڪنهن وقت جيڪڏهن ٿائينڪو به ٿيا ته باهه نه ٿي ٻاريائون، چوڌاري اٺن کي ويهاري وچ ۾ سڀن ماڻهن کي آرام ڪرڻو ٿي پيو ۽ ڪجهه ماڻهن کي چؤڪيداري لاءِ مقرر ڪيو ٿي ويو. باهه ٻارڻ سان روشني ٿي ٿئي. جنهن سان پري کان ماڻهن کي خبر ٿي پئي ته اتي ڪو قافلو آهي انهيءَ ڪري چور باهه جي روشني ڏسي حملو ڪري ٿي سگهيا.
هڪ رات انگريز ڪيمياگر کي ننڊ نٿي آئي. هو ناصر ڏانهن ويو ۽ ساڻس گڏ هلڻ لاءِ چيائين. ناصر ننڊ ڪرڻ ٿي چاهي پر پنهنجي نئين دوست جو لحاظ ڪندي هو گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿيو. هو ڀرسان ئي هڪ واريءَ جي دڙي تي ويٺا. هوا ۽ ٿڌ ماحول کي بلڪل سانت ڪري ڇڏيو هو.
انگريز ڪيمياگر ناصر کي چيو “ناصر! تون ڪڏهن ڪا نئين شيءِ ٺاهي جنهن تي توکي وڏو ناز هجي.”
“ها! آئون شيشن جي گلاسن ۾ چانهه کپائڻ جو هڪ نئون طريقو آندو.” ناصر پوءِ سڄو سربستو احوال ڏنو. انگريز ڪيمياگر ناصر جي دڪان ۾ آندل نون نون طريقن کان تمام گھڻو متاثر ٿيو.
“ڪنهن به ڪاروبار هلائڻ لاءِ نون طريقن کي ڳولهڻ ۽ لاڳو ڪرڻ وارو عمل تمام مفيد ثابت ٿئي ٿو. مختلف طريقا پروڙڻ ئي دنيا ۾ انسان جي هجڻ جو اصل مقصد آهي، ۽ اِهو مقصد اسين تڏهن ماڻي سگھون ٿا جڏهن اسين ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سچي دل سان ڪوشش ڪريون”. ڪيمياگر چيو.
“اوهان کي ائين نه ٿو لڳي ته هر ذري ۾ جان آهي؟” ناصر پڇيو.
“بلڪل هر ذري ۾ جان آهي. هي دنيا صرف انسان ذات جي روح سان آباد ناهي بلڪه هن زمين تي رهندڙ هر شيءِ ۾ پنهنجي پنهنجي حساب سان روح ڦوڪيل آهي. ايتري قدر جو اسانجي ذهن ۾ جيڪي خيال اچن ٿا انهن ۾ به روح آهي. هيءَ دنيا نين نين شين سان ڀرجڻ واري عمل ۾ مسلسل هلندي رهي ٿي. ڪي شيون پنهنجو مقرر وقت پورو ٿيڻ ڪري هن دنيا منجھان ڪنهن ٻئي عالم ۾ هليون وڃن ٿيون.” ڪيمياگر وراڻيو.
“اهو ته صحيح آهي پر هيءَ دنيا اسانجي ڪهڙي طرح مدد ڪري ٿي، توڙي جو اسين نيڪ نيتي سان هر ڪم سرانجام ڏيون؟” ناصر پنهنجن پوين تجربن کي ذهن ۾ رکي پڇي ٿو.
انگريز ڪيمياگر ٿورو مشڪي ٿو ۽ ناصر کي چئي ٿو ته “اسانجا نيڪ مقصد پورا ڪرڻ لاءِ هيءَ دنيا هر حال ۾ اسانجي مدد ڪري ٿي، پر اسان کي محسوس ان ڪري نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اسين هِن جو ئي حصو آهيون. جهڙي طرح اسين پنهنجن هٿن، پيرن، اکين وغيره جيڪي اسان لاءِ ڪهڙا نه عظيم ڪم ڪن ٿا، پر اسين انهن تي ڌيان نٿا ڏيون ڇو جو اهي اسانجو حصو آهن. جڏهن انهن عضون مان ڪو عضوو خراب ٿي وڃي ٿو ته اسان کي پوءِ احساس ٿئي ٿو. اهڙي طرح سان هيءَ دنيا اسانجي اردگرد ڪيترائي ماڻهو مدد لاءِ مقرر ڪري ٿي. جيئن ماءُ پيءُ هو اسان لاءِ وڏا مددگار آهن اسانکي انهن جي اهميت جو صحيح اندازو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن هو هن دنيا مان هليا وڃن ٿا.” ڪيمياگر ائين چئي آسمان ڏانهن ڏسي ٿو. هن جون اکيون ڀرجي آئيون هيون، ڇاڪاڻ ته هن جا پيءُ ماءُ هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيا هئا.
ناصر چاهيو ته هو اڃان ڪجهه وڌيڪ پڇي پر ان ڪري چپ هيو جو ڪيمياگر ٿورو غمگين ٿي ويو هو.
ٿوري دير ماٺ کانپوءِ ناصر چيو ته: “توهان اِهو محسوس ڪيو ته هي قافلو جڏهن صحرا ۾ داخل ٿيو ته صحرا جو حصو ٿي ويو. صحرا ۾ به ڪافي نشانيون رکيل آهن جيڪي خدا جي طرفان خلقيون ويون آهن. اسانجي قافلي جو اڳواڻ انهن نشانين جي مدد سان قافلي کي منزل تائين وٺي وڃڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايتري قدر جو هو تارن جي بيهڪ کي به ڌيان ۾ رکي ٿو.”
ناصر دراصل چاهيو ته هو ڪيمياگر کي اهو ٻڌائي ته رڳو ڪتاب سان نه پر ماحول جو جائزو وٺڻ سان ماڻهو سکي ٿو.
“واهه! اهي ڳالهيون ته مون ڪڏهن سوچيون به ناهن. مونکي ضرور ڪجهه وقت ڪڍي قافلي ۽ صحرا ۾ ڇا وهي واپرائي پيو ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ گھرجي.” انگريز ڪيمياگر کي به محسوس ٿيو ته هو پنهنجي آسپاس ڪجهه وڌيڪ ئي نظرانداز ڪري رهيو آهي.
“بلڪل، ۽ مونکي اوهانجا ڪتاب به پڙهڻ گھرجن.” ناصر چيو.
هو واپس پنهنجي خيمي ۾ آيا ۽ ڪيمياگر ناصر کي ڪجهه ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا.
ناصر ڪيمياگر جي طرفان مليل ڪتابن کي سفر دؤران پڙهڻ جي ڪوشش ته تمام گھڻي ڪئي پر ڌاتن ۽ انهن جي مرڪبن جون عجيب نشانيون هُن کي اصل سمجهه ۾ نه آئيون. بس ايترو سمجهه ۾ آيو ته ڪيمياگري اِها آهي ته ڪيترائي ڌاتو ملي ڪري هڪ مرڪب جي صورت وٺن ٿا ۽ اها هڪ نئين تخليق هجي ٿي پر ان جي اهميت ماڻهو پاڻ وڌائن ۽ گھٽائن ٿا. انهن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب ڪيمياگرن جي زندگيءَ بابت هيو جيڪي پنهنجي سڄي حياتي تجربي گاهن کي ارپن ٿا. سڀ کان وڏو ڪارنامو ڪيمياگرن جو اهو رهيو ته هنن پنهنجي محنت سان اهو ڄاڻڻ ۾ ڪامياب رهيا ته هيءَ دنيا ٺهيل ڪهڙي مادي جي آ. هو هِن نتيجي تي پهتا ته دنيا پاڻياٺ ۽ سخت مادن جو مرڪب آهي.
هڪ ڏينهن ناصر، ڪيمياگر کان پڇيو ته: “توهان کي ائين نٿو لڳي ته ڪيمياگرن ڄڻ خدا طرفان قائم شين کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟”
“تون هر شيءِ کي صرف هڪ ئي پاسي کان ڇو جاچڻ شروع ڪيو آهي. تنهنجي ڳالهه کي آءُ پوريءَ طرح سان رد نه ٿو ڪيان، پر آءُ صرف اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪيمياگرن سوين سالن جي محنت کانپوءِ، ڌاتن جي مرڪبن منجهان هڪ اهڙو پاڻي ٺاهيو جنهن جي پيئڻ سان انسان پوڙهو يا بيمار نه ٿو ٿي سگهي، جنهن کي هو “آب حيات” سڏين ٿا. سخت گير مادن منجھان ڪيمياگرن هڪ اهڙو “اعليٰ پٿر” ٺاهيو جيڪو ڌاتن سان ملڻ کانپوءِ ان کي سون ڪري ڇڏي ٿو. ناصر! سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا آءُ توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان اُها اِها آهي ته ڪيمياگر ڌاتن کي ڳارڻ ۽ پچائڻ سان گڏ پاڻ به ڳرن ۽ پچن ٿا. ته جيئن هنن جي ذهنن منجھان لالچ جو گند نڪري وڃي”.
ناصر، ڪيميا گر جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ دل ۾ ارادو ڪري ٿو ته مصر جي محرابن مان موٽي اچي هو ڪيمياگري سکندو. هو “اعليٰ پٿر” جي ڪرشمي مان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هُن کي پهريون دفعو اها خبر پئي ته ڪي اهڙا به طريقا آهن جيڪي ٿوري صبر ڪرڻ سان هٿ اچي وڃن ٿا ۽ پوءِ ماڻهو امير ٿي وڃي ٿو. ڪيمياگرن جي زندگيءَ وارن واقعن جي ڪتاب ۾ ڪيئي ڪيمياگر ڏنل هئا: جابر بن حيان، ابن الهيشم، الياس وغيره. انهن ڏاهن پنهنجي تجربي گاهن ۾ ڪيئي سال تمام گھڻو ڳوڙهو مشاهدو ڪيو هو.
ناصر جڏهن ڪيمياگر کي ڪجهه ڪيمياگري سيکارڻ لاءِ چيو ته انگريز ڪيمياگر هن کي عجيب انگ اکرن، ڌاتن جي تَڪ تورَ ۽ عجيب شڪلين وارا ڪتاب ڏنا. ناصر جي اتي ئي دل کڄي ويئي. ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب ته انهن کان به ڏکيا هئا جيڪي هُن پوين ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڪيمياگري بابت پڙهيا هئا.
“هي ڏاڍا الجھائيندڙ ۽ عجيب ڪتاب آهن. مونکي ڪي آسان ڪتاب ڏيو.” ناصر چيو.
“هي ڪتاب ڪيمياگري سکڻ لاءِ پهريون سبق آهن. جن ماڻهن کي مشڪل شين سکڻ جو شوق هوندو آهي اُهي ئي هي ڪتاب هضم ڪري سگهندا آهن.” انگريز ڪيمياگر چيو.
“هي سڀ ڳالهيون ڪيمياگرن هروڀرو ڏکين طريقن سان لکيون آهن ته جيئن هو پنهنجي اهميت ٻڌائي سگهن. خدا جي طرفان جيڪي نشانيون ملن ٿيون يا ملي چڪيون آهن اهي ته انسان تمام سادي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي ۾ لکي سگھي ٿو.” ناصر وري پنهنجي ڳالهه ڏانهن ڦري آيو.
انگريز ڪيمياگر، ناصر جون ڳالهيون ٻڌي مايوس ٿيو. ڪجهه گھڙيون ٻڏتر ۾ هيو پوءِ چيائينس ته:
“تون ڪيمياگرن جا ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏي ۽ قافلي ڏانهن ڌيان ڏي.”
ڪيمياگر، ناصر کان ڪتاب وٺي پنهنجي ٿيلهي ۾ وجھي ڇڏيا.
قافلو تقريبن هر روز ڪنهن نه ڪنهن ننڍي يا وڏي مصيبت جي منهن ۾ ضرور پوندو هيو. اهڙي صورتحال ۾ اڳواڻ آرام ڪرڻ لاءِ گھٽ ۽ سفر ڪرڻ لاءِ گھڻو وقت رکندو هو. مسافرن کي ڳالهائڻ کان به منع ڪيو ويو هو ۽ جنهن جانور تمام گهڻو گوڙ ٿي ڪيو ان کي ضبح ڪري کاڌي لاءِ ڪم آندو ٿي ويو. رات جي وقت جيڪڏهن قافلي منجھان ڪنهن اٺ آواز ڪڍيو ٿي ته سڀن تي حملي جو خوف طاري ٿي پي ويو۔
هنن خوف وارين حالتن ۾، ناصر ڏسندو هو ته هُن جو اٺ ڇڪڻ وارو همراهه ڪنهن به طرح سان پريشان نه ٿيندو هو. هن ناصر کي هڪ دفعي چيو هو ته هو هاڻي ڪنهن به خطري کان پريشان نه ٿيندو آهي. ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه وڃائجي وڃڻ کانپوءِ الخبر ۾ هو کجور ۽ پاڻي تي گذارو ڪندو هو. راتيون تارن جي هيٺان گذاريون ۽ ڏينهن تپندڙ سج هيٺان گذريا. اهي ڏينهن به جڏهن گذري ويا ته خطري وارا ڏينهن به گذري ويندا. جيڪڏهن وڙهڻ جو وقت آيو ته وڙهبو. هن جو ماضي ۽ مستقبل ته نه بلڪ حال تي گهڻو ڌيان هيو. ڇاڪاڻ ته هن جو خيال آهي ته جيڪو لمحو انسان زندهه آهي بس اهو ئي لمحو هن جو پنهنجو آهي.
ناصر، اٺ ڇڪڻ واري کي چيو هو ته “هي قبائلي جھڳڙا ته تمام برا لمحا آهن انسان جا، پوءِ به ماڻهو خوشي خوشي اهو ڪم ڪن پيا، ڇو؟”
اٺ ڇڪڻ واري همراهه مشڪندي وراڻيو هو ته “قبائلي جھڳڙا هتان وارن ماڻهن جي لاءِ هڪ قسم جو ميلو آهن ڇو جو هنن کي گھڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ آهي ڪو نه. هو بس زور آزمائي ڪري پنهنجي اهميت مڃائڻ چاهن ٿا ۽ اِهائي هنن لاءِ وڏي خوشي آهي.”
ناصر کي هن همراهه جون ڳالهيون سچيون ۽ صحرا جي رنگ جي عڪاسي ڪندي ملنديون هيون جيڪا هُن لاءِ هڪ نئين ڄاڻ هئي. صحرا بابت اٺ ڇڪڻ واري همراهه کي پوري پوري ڄاڻ هئي.
اڄ رات هڪ هنڌ تي اڳواڻ آرام ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ جڳهه کان ٿورو پريان ناصر کي ڪافي کجين جا وڻ نظر آيا. هن اٺ ڇڪڻ واري همراهه کان پڇيو ته هو هوڏانهن هلي ڇو نه پيا ٿائينڪو ٿين.
“جنهن جڳهه تي اسين آهيون اُتي ڪو به خطرو ناهي. ٻيو هينئر آرام ڪرڻ جي مهل آهي انهيءَ ڪري سڀن کي آرام ڪرڻو آهي. صبح جا ڀاڳ صبح سان، هينئر اوهين آرام ڪيو.” اٺ ڇڪڻ واري همراهه چيو.
ناصر کي گھڻو سمجهه ۾ ته نه آيو پر انهيءَ ۾ بهتري ڄاتي نه خيمي ۾ آرام ڪري. پر هو خيمي ۾ وڃڻ کان پهرين آسمان ۽ اوس پاس جو جائزو وٺي ٿو. اوماس رات ۾ آسمان ۾ رڳو تارا ئي تارا هئا پر منظر تمام خوبصورت هيو. ناصر انهيءَ خوبصورت منظر کي اکين ۾ رکي خيمي ۾ ويو ۽ سمهي پيو.
صبح ڏاڍو خوبصورت هيو. ناصر کان اڳ هو ڪيمياگر جاڳيل هيو. ڪيمياگر، ناصر کي جاڳندو ڏسي چيو:
“ائين ٿو لڳي ڄڻ هزار ڏکيون راتيون پار ڪري هِن صبح تائين پهتا آهيون. ناصر، منهنجي منزل هن کجين جي وڻن وٽ اٿئي.”
قافلو پنڌ ئي پنڌ پريان کجور جي وڻن تائين پهتو. اهو علائقو پورو نخلستان هيو. ناصر جو زرخيز زمين ۽ چؤڌاري سوين وڻ ڏٺا ته حيران ٿي ويو. هي سڀ هُن صرف ڪتابن ۾ پڙهيو هو. هيڏي وڏي ريگستان ۾ هي خوبصورت نخلستان ڪنهن عجوبي کان گھٽ نه هو. ناصر کي هي لمحا ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا هئا. نخلستان جا سردار قافلي جي اڳواڻ سان تمام گھڻي گرمجوشي سان ملي رهيا هئا ۽ هُن کي واٽ تي پيش ايندڙ تڪليفن بابت به حال احوال وٺي رهيا هئا. ٻار ٻين ٻارن سان ملي ٻهڪي پيا هئا، ويچارن هيترن ڏينهن ۾ رڳو سفر ۽ چپ ڪرڻ جو هدايتون ٻڌيون هيون. عورتون به عورتن سان ملي حال اورڻ لڳيون. انهن منجھان صرف هڪ شخص الڳ ٿلڳ ٿيو بيٺو هيو، اُهو انگريز ڪيمياگر هو. هن جو خيال هو ته هي عام معمول جون ڳالهيون آهن. ائين صحرا ۾ ٿيندو رهندو آهي.
ناصر کي معلوم ٿيو ته هن نخلستان ۾ تقريبن ٽي سؤ جي قريب کوهه ۽ هزار جي تعداد ۾ وڻ آهن. هن اهڙا رنگ برنگي سجاوٽ سان ڀريل خيما اڳ ڪڏهن نه ڏٺا هئا جيڪي هن نخلستان ۾ هئا. هن کي خدا جي قدرت ڏسي يقين ٿيو ته واقعي گپ ۾ به ڪنول جو تحفو ڏيڻ وارو ڪيرُ آهي.
قافلي جي اڳواڻ سڀن مسافرن کي آگاهه ڪيو ته جيستائين قبائلي جهڳڙا ڪجهه ڏينهن لاءِ هلن ٿا اهي ڏينهن اسين هتي نخلستان ۾ گذارينداسين. هن نخلستان جي ماڻهن سان ڀرپور تعاون ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ۽ سڀن کي حڪم ڏنو ته پنهنجا پنهنجا هٿيار جمع ڪرائن جيڪو هتان جو اصول آهي. جنهن وقت نخلستان مان قافلو رخصت ٿيندو ته سڀن کي هٿيار واپس ملندا.
ناصر ڏٺو ته انگريز ڪيمياگر هڪ پستول پنهنجي چمڙي واري بوٽ مان ڪڍيو ۽ هٿيارن گڏ ڪرڻ واري کي ڏنو.
“هي ڇا؟ اوهان پستول ڇو کنيو هو؟” ناصر ڪيمياگر کان پڇيو.
“هٿيار جي هجڻ سان ماڻهو ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ڪوبه کٽڪو نه ٿو رکي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي وٽ هٿيار هجڻ ڪري طاقت جي حساب سان برابر رهن ٿا ان ڪري هڪ ٻئي تي اعتبار ڪن ٿا.” انگريز ڪيمياگر چيو.
ناصر وڌيڪ ڪجهه به نه پڇيو ۽ هُن کان موڪلائي هليو آيو. ناصر کي چئن نوجوانن سان گڏ خيمو ڏنو ويو هو. هو خيمي ۾ پهچي نوجوانن سان ڪجهه حال احوال ڪري ليٽي پيو. هن کي اُٺ ڇڪڻ واري جي ڳالهه ياد آئي ته “صحرا به هڪ عجيب هنڌ آهي. هن جڳهه تي انسان کي لازمي طور تي اِهو ڌيان ۾ رکڻو آهي ته ڪنهن وقت سمهڻو آهي، ڇا کائڻو آهي ۽ ڏينهن جو ڇا ڪرڻو آهي، ڪهڙي وقت سفر موزون ٿيندو ۽ ڪهڙي وقت صبر جو پلئه پڪڙڻو آهي.”
ليٽندي هُن کي ڪيئي خيال اچن ٿا. سيلم جي بادشاهه عبدالله جون به ڪيئي ڳالهيون ياد اچنس ٿيون. جن منجهان هڪڙي ڳالهه: “انسان جڏهن منزل طرف وڌي ٿو ته ڪائنات جو هر ذرو هن جي مدد ڪري ٿو.” هي ڳالهه هن جي ڪنن ۾ مسلسل گونجي ٿي. ائين ناصر کي ٿوري دير لاءِ ننڍ اچي وئي.
انگريز ڪيمياگر اچي ناصر کي جاڳائي ٿو ۽ پاڻ سان هلڻ لاءِ چوي ٿو. خيمي مان ٻاهر نڪري انگريز ڪيمياگر، ناصر کي عرب ڪيمياگر جو ڏس پتو معلوم ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. ڇاڪاڻ ته عرب ڪيمياگر هن نخلستان جي ويجهو ئي ڪٿي رهندو آهي. هو ٻئي گهمندا ڦرندا هڪڙي کوهه جي ڀرسان وڃي ويهن ٿا. هڪڙي عورت چمڙي جي پکال کڻي کوهه وٽ اچي ٿي.
“اسلام عليڪم” ناصر هُن عورت کي سلام ڪري ٿو. عورت هُن کي ڪوبه جواب نه ٿي ڏئي. ناصر وري چئي ٿو “دراصل اسانکي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ڳولا آهي جيڪو ڪيمياگري جي طريقن جي مهارت ڪري سڃاتو ويندو هجي. ڇا اوهان کي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ بابت خبر آهي؟”
هن عورت ناصر ڏانهن غور سان ڏٺو. ناصر کي عجيب لڳو.
“پهرين ڳالهه ته اها آهي ته هتي ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪونه ٿو رهي. ٻيو، اهو ڄاڻڻ اوهان لاءِ تمام ضروري آهي ته هتي جنهن عورت کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پاتل هجن ٿا انهيءَ سان غير مرد کي ڳالهائڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته اها شادي شده هجي ٿي ۽ اها عورت جيڪڏهن ڪنهن غير مرد سان ڳالهائي ٿي ته هُن جو پنهنجو مرد انهيءَ ڳالهه کي تمام خراب محسوس ڪري ٿو.”
انگريز ڪيمياگر ڏاڍو مايوس ٿيو. هُن عورت جو چيو ته هتي ڪوبه ڪيمياگر نٿو رهي ته انگريز ڪيمياگر کي ڄڻ سڄو پنڌ اجايو لڳو. ڪجهه دير ملول ٿي ويو. ٿوريءَ دير ۾ پاڻ ئي ٻهڪندي ناصر کي چيو ته “ڇو نه اسين ائين پڇون ته هتي وڏي ۾ وڏو حڪيم ڪير آهي، ڇاڪاڻ ته هتان جي ماڻهن کي اها خبر ئي نه هوندي ته ڪيمياگر ڇاهي.”
هو ٻئي کوهه جي ڀرسان بيٺا رهيا. انهيءَ وچ ۾ ڪيئي عورتون ڪاري رنگ واري ڪپڙن سان آئيون. ۽ انگريز ڪيمياگر، ناصر کي زور ڀريو ته هنن کان پڇي پر ناصر نٿي چاهيو ته ائين ڪرڻ سان ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي. انهيءَ وچ ۾ هڪ ضعيف ماڻهو به آيو جنهن اهڙي حڪيم جي نفي ڪئي ۽ هنن ٻنهي کي منع ڪيو ته نخلستان جي ماڻهن سان گهڻو نه ڳالهائن ٻولهائن. هو وري ساڳي کوهه تي پهتا ۽ انتظار ڪرڻ لڳا ته ڪا اهڙي عورت جنهن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا نه پهريل هجن ته انهيءَ کان ڏس پڇن.
ڪافي دير کانپوءِ هو پريان کان هڪ عورت ايندي ڏسن ٿا جنهن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا نه هئا. هن جي مٿي تي ٻه مٽ ۽ چيلهه تي هڪ مَٽڪُو رکيل هو. ناصر ٿورو اڳتي وڃي جڏهن پتو پڇڻ لاءِ هُن ڇوڪريءَ جي ويجهو پهتو ته ڄڻ خاموش ۽ سُن ٿي ويو. بلڪل چپ ٿي ڪي لمحا ڇوڪريءَ کي تڪيندو رهيو. هن جا ڪارا نيڻ ناصر جي اندر ۾ عجيب احساس پئدا ڪري رهيا هئا. اها ڪهڙي ٻولي هئي جيڪا ناصر ۽ هن ڇوڪريءَ جي وچ ۾ بنا لفظن جي هينئر ڳالهائي وڃي رهي هئي.
انسانذات جي وجود کان به پهريان شايد هيءَ ٻولي تخليق ٿي هئي. ٻن انسانن جي اکين ۾ اهڙو سهڻو اظهار ۽ خوبصورت گفتگو جنهن کي سڃاڻڻ به وڏو فن آهي. ٻنهي جي چپن تي هلڪي مسڪراهٽ ڄڻ زندگيءَ جي پوين سڀني غمن کي ڌڪاري ڪڍي رهي هئي. هنن ٻنهي کي زبان سان ڄڻ اها ٻڌائڻ جي ضرورت ئي نه هئي ته هو هڪٻئي لاءِ ڇا محسوس ڪري رهيا آهن. هنن ٻنهي ڄڻ هڪ ٻئي جي من ۾ جهاتي پاتي هئي.
هنن ٻنهي جي خاموشي جو سلسلو تڏهن ٽٽي ٿو جڏهن انگريز ڪيمياگر ناصر کي جنهجهوڙيندي عرب ڪيمياگر جي ڏس پڇڻ لاءِ چوي ٿو. ناصر سلام ڪري هُن ڇوڪريءَ کان هن جو نالو پڇي ٿو.
“فاطمه” ڇوڪري چئي ٿي.
“ڪيترو نه خوبصورت نالو آهي. هن نالي ۾ هڪ طرح جي عظمت به رکيل آهي.” ناصر چئي ٿو.
ڪيمياگر کي سخت چڙ وٺي ٿي ۽ هو ناصر کي ڪجهه چڙ منجهان ڏس پڇڻ لاءِ چوي ٿو.
“منهنجي هن دوست کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي تلاش آهي جيڪو هڪ قابل حڪيم يا دنيا جي ڪيئي راز ڄاڻيندڙ، يا جيڪڏهن اوهان کي خبر هجي ته هو هڪ وڏو ڪيمياگر آهي. ان شخص بابت اوهين ڪجهه ڄاڻيو ٿا؟” ناصر، فاطمه کان پڇيو.
فاطمه ڏکڻ طرف جو اشارو ڪيو ۽ چيو ته “اوڏانهن هو ماڻهو رهي ٿو.”
ناصر اتي ئي بيهي رهي ٿو ۽ ڪيمياگر ڏکڻ طرف پنڌ پئي ٿو. ناصر پهريون دفعو محسوس ڪيو ته ڪجهه خاص معاملن ۾ ڪجهه خاص لفظ ڳالهائڻا پون ٿا، جيڪي هن ڪڏهن سکيا ئي ناهن. انهيءَ ڪري هو فاطمه سان ٻيو ڪجهه ڳالهائي نٿو سگهي ۽ فاطمه پاڻي ڀري هلي وڃي ٿي.
ٻئي ڏينهن تي ناصر جلدي اٿي کوهه طرف وڃڻ لڳي ٿو. هن فاطمه سان اڄ ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻ جو ارادو ڪيو. واٽ تي هن کي انگريز ڪيمياگر ملي ٿو. ناصر هن کي ڏسي عرب ڪيمياگر سان ملاقات بابت پڇي ٿو.
انگريز ڪيمياگر چئي ٿو “آءُ هن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيس ڇو جو هو مونکي سون ٺاهڻ جا ڪافي طريقا ٻڌائي ٿي سگهيو. پر عرب ڪيمياگر مونکي هڪ به طريقو نه ٻڌايو ۽ محنت ڪري اُهي راز هٿ ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه اڃان وڌيڪ شيون سکڻ لاءِ چيو.”
“پوءِ اوهين ڪوشش ڪيو اوهين ضرور ڪامياب ٿيندا.” ناصر چئي ٿو.
“ها ڪوشش ته ضرور ڪندس. منهنجي محنت دير يا سوير ضرور رنگ لائيندي.” ڪيمياگر چئي ٿو.
ناصر اتان وڃي ٿو ۽ کوهه وٽ وڃي فاطمه جو انتظار ڪري ٿو. ڪافي دير کان پوءِ فاطمه کي ايندو ڏسي ٿو. هو ڪيترائي لفظ ڳولي جملا ٺاهي ٿو. پر هن کي لڳي ٿو ته ڪو اهڙو جملو ناهي جيڪو هن جي اندر کي فاطمه اڳيان بيان ڪري سگهي.
ناصر فاطمه جي ويجهو پهچڻ تي سلام ڪري ٿو. “وعليڪم سلام” فاطمه سليقي سان سلام جي وراڻي ڏيئي ٿي ۽ کوهه ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ ٿانو وجهي ٿي. ناصر کي ٻيو نه ٿو سجهي هو فاطمه جي پاڻي ڀرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. جڏهن مٽن ۾ پاڻي ڀرجي وڃي ٿو ته فاطمه وڃڻ لڳي ٿي.
“ٿورو ترسو.” ناصر فاطمه کي چئي ٿو.
“مونکي لڳي ٿو ته محبت ٿي وڃڻ لاءِ ڪي پل درڪار هجن ٿا ۽ اهي پل مون لاءِ اوهين کڻي آيا. مونکي اوهان سان محبت ٿي وئي آ ۽ آءُ توهان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.” ناصر کي پهريون دفعو اهو محسوس ٿيو ته هو رڍن سان رهي پاڻ به رڍ ٿي ويو آهي ۽ هن کي ڪو ڳالهائڻ جو ڍنگ ئي نه ٿو اچي.
فاطمه، ناصر جا لفظ ٻڌي بلڪل چپ ٿي وڃي ٿي. هن جي چهري تي حيرت ۽ خوشيءَ جا ٻئي رنگ هيا.
“اوهين هتي نخلستان ۾ هڪ پرديسي وانگر آهيو ۽ اوهان جي منزل ته ڪا ٻي آهي پوءِ مونسان شادي ڪيئن ڪري سگهندا؟” فاطمه پنهنجي همت گڏ ڪري چئي ٿي.
“ها اهو سچ آهي ته منهنجي منزل مصر جي محرابن ڏانهن آهي ۽ هي سڀ تڪليفون مون انهيءَ منزل تائين پهچڻ لاءِ برداشت ڪيون پر هينئر مونکي ائين ٿو لڳي ته تون ئي مون لاءِ سڀ ڪجهه آهين.” ناصر چئي ٿو.
“اسين صحرا جون عورتون اُن ماڻهوءَ کي پسند ڪنديون آهيون جيڪي پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ ارادا اٽل رکن ٿا.” فاطمه چئي ٿي ۽ اتان وڃڻ لڳي ٿي ڇاڪاڻ ته هن کي گهر وڃڻ ۾ دير نه ڪرڻي هئي.
ٻئي ڏينهن تي وري ناصر فاطمه سان ساڳي کوهه وٽ ملي ٿو ۽ چئي ٿو ته:
“فاطمه هي جيڪي قبائلي جهڳڙا هلن ٿا تون سمجهي ٿي ته ڪنهن به طرح جو ڪو موقعو ملندو جو آءُ وڃي مصر جي محرابن تائين رسندس.”
“ها پر پوءِ به تنهنجي ذهن ۾ تنهنجو مقصد اولين ترجيح تي هجڻ گهرجي. مونکي خبر ناهي ته تون مصر جي محرابن مان ڇا حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهين پر ايترو ضرور آهي ته تو وٽ ڪو مقصد ضرور آهي.” فاطمه چئي ٿي.
ناصر هن کي پنهنجي پوئين زندگيءَ جو پورو احوال ڏيئي ٿو. مصر جي محرابن تائين پهچڻ جي حقيقت به ٻڌائي ٿو. فاطمه هُن جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ ناصر کي منزل تائين پهچڻ جي همت ٻڌائي ٿي. هو ٻئي روز ملڻ جو واعدو به ڪن ٿا.
ناصر جيئن جيئن فاطمه جي ويجهو ٿي ويو تيئن تيئن فاطمه هُن کي وڌيڪ خوبصورت لڳڻ لڳي. محبت جو رنگ ئي الڳ ٿئي ٿو. ناصر کي پنهنجي پيءُ هڪ دفعي چيو هو ته ڪنهن انسان کي جڏهن پيار ٿي وڃي ٿو ته هو گهڻيون راهون ڇڏي صرف ان پيار جي راهه تي هلي ٿو. پوءِ چاهي هُن کي هڪ هنڌ ويهي ڇو نه رهڻو پئي پر هن کي صرف هڪڙي شيءِ نظر اچي ٿي- پيار.
“دنيا واقعي وڏي درسگاهه آهي. (مڪتب) جتي سڀ ڪجهه ڪاتب لکي ٿو.” ناصر فاطمه جو ملڻ به هڪ خوبصورت واقعو تسليم ڪري ٿو.
فاطمه جي حالت به ناصر جهڙي ئي هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ ناصر هن جو اهو خواب حقيقت جي روپ ۾ آهي جيڪو هر ڇوڪري شادي ڪرڻ کان اڳ ڏسي ٿي.
اڄ کوهه جي ڀر ۾ کجيءَ جي وڻ جي ڇانو ۾ ويٺا هئا. پنهنجي زندگيءَ جا واقعا اوري رهيا هئا.
“فاطمه تون اهو نٿي چاهين ته آئون تنهنجو ٿي رهان. ائين به ته ٿي سگهي ٿو نه ته آئون مصر جي محرابن طرف ويندي ڪيڏانهن گم ٿي وڃان.” ناصر چئي ٿو.
“تون مونکي پنهنجو سڄو ماضي ٻڌايو ۽ مصر جي محرابن ڏانهن وڃڻ جي حقيقت به ٻڌائي. مونکي ائين لڳو ڄڻ جتي جتي تون هئين اتي آءُ توسان ساڻ هيس. شايد آءُ تنهنجي ئي وجود جو حصو آهيان. مونکي تنهنجي وڃائجي وڃڻ جو ايترو ڊپ ناهي جيترو تنهنجي ارادن جي ڪمزوريءَ جو آهي. آءُ چاهيان ٿي ته تون پنهنجي منزل ماڻ.” فاطمه چئي ٿي.
ناصر اهڙا همٿ ڀريا لفظ ٻڌي ڪي گهڙيون آسمان ڏانهن ڏسي ٿو. ڄڻ آسمان واري کي چوندو هجي ته اسين تنهنجي وجود جو حصو آهيون ۽ تون تمام گهڻو عظيم آهين. هڪ عورت مرد کي همٿ ڏياري رهي آهي.
ناصر هر روز زور ڀريندو هو ته ڪنهن طرح سان فاطمه هن سان شادي ڪرڻ ۽ هن جي مصر ڏانهن نه وڃڻ ۾ راضي ٿئي پر فاطمه سدائين ائين چيو ته:
“آءُ صحرا جي نياڻي آهيان ۽ صحرا مونکي پهريون سبق انتظار ڪرڻ جو ڏنو آهي. اسين عورتون اهو چاهيون ٿيون ته اسان جا وَر مسلسل ڳولا جي عمل ۾ رهن. جيڪڏهن هو ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ دؤران اسان کان وڇڙي وڃن ٿا تڏهن به اسان کي غم نه ٿو ٿئي.”