ناول

ڪيمياگر

دنيا جي 60 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ پائولو ڪؤلهو جي جڳ مشهور ناول AL Chemist جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”ڪيمياگر“ جي نالي سان احرار يوسف ڪيو آهي. هن ڪتاب جون سڄي دنيا ۾ تقريبن چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. هِن ناول کي لاطيني ٻولي منجهان انگريزي ۾ ايلن آر ڪلارڪ ترجمو ڪري “الڪيمسٽ” جي نالي سان پڙهندڙن اڳيان آندو.
Title Cover of book ڪيمياگر

باب اٺون

ناصر سج اڀرڻ وقت عرب ڪيمياگر جي خيمي وٽ پهتو.
ڪيمياگر جو ناصر کي اداس ڏٺو ته آٿت ڏيڻ لاءِ چيو: “ڪڏهن ڪڏهن اسين ڪنهن موڙ تي ائين محسوس ڪندا آهيون ڄڻ اسان سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا آهيون. حقيقت ته اها آهي ته اڳتي وڌڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻ اسانجي بهتري ۾ هوندو آهي.”
“هر ماڻهو هميشه حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي ٿو، آءُ نه ٿو سمجھان ڪو وڃائڻ جي بابت سوچيندو به هوندو. انهيءَ ڪري اچانڪ جڏهن اسان کان ڪي شيون ۽ ماڻهو وڇڙي وڃن ٿا ته ڏک ٿئي ٿو.” ناصر ٿورو غمگين ٿيندي چوي ٿو.
“ناصر اهو ياد رک ته وڃائيندا اهي ماڻهو آهن، جن جو هر قدم اونداهن لاڙن طرف هجي. سچ جي تلاش ۾ نڪتل ماڻهو سدائين دائمي روشني حاصل ڪندو آهي ۽ اهڙو ئي شخص سدائين دلين ۾ زنده رهي ٿو.” ڪيمياگر چئي ٿو.
هنن ٻنهي جا گهوڙا آهستي آهستي نخلستان کان پري وڃي رهيا هئا. ناصر ٿوري ٿوري گهڙي کانپوءِ ڪنڌ ورائي نخلستان طرف ڏسي رهيو هو. هن کي سڀ ڳالهيون ڏاڍيون ياد اچي رهيون هيون ۽ خاص طور تي فاطمه ته هن کان پل لاءِ به نه وسري.
سڄو ڏينهن هو ٻئي سفر ڪندا رهيا. رات ٿيڻ تي هنن ٻنهي هڪ هنڌ آرام ڪرڻ لاءِ واريءَ ۾ هڪ ننڍڙو کڏو کوٽيو ۽ انهيءَ ۾ باهه ٻاري ته جيئن باهه جي روشني دٻيل رهي. هنن ٻنهي جي وچ ۾ ڪا خاص ڳالهه نه ٿي. آرام ڪرڻ کانپوءِ صبح جو اٿي وري سفر ڪرڻ لڳا. ڇهن ڏينهن تائين هنن مسلسل سفر ڪيو ۽ عرب ڪيمياگر ناصر سان صرف هدايتن ڏيڻ وقت ڳالهايو، وڌيڪ هنن جي وچ ۾ ڪنهن به طرح جي خيالن جي ڏي وٺ نه ٿي.
ستين ڏينهن، اڃان سج مس لٿو هو جو عرب ڪيمياگر هڪ هنڌ پڙاءُ وجهڻ جو چيو. ناصر ننڍو کڏو کوٽيو ۽ ڪيمياگر ٿوريون ڪاٺيون کڻي آيو. باهه ٻاري هو کڏ جي ڀرسان ٿي ويٺا.
“تون آهستي آهستي منزل جي ويجهو پهچندو پيو وڃين.” ڪيمياگر ناصر کي چيو.
“اهو ته صحيح آهي پر اوهان سفر دؤران پنهنجي وسيع علم منجهان مونکي ڪجهه به نه سيکاريو. هيترن ڏينهن ۾ صرف اوهان هدايتون ڏنيون.” ناصر چيو.
عرب ڪيمياگر ان وقت عقاب ڏانهن ڏسي رهيو هو جيڪو آسمان ۾ ڪنهن شڪار جي تلاش ۾ اڏامي رهيو هو. بيابان کي شايد ٺيڪ ٺيڪ عقاب ئي ڄاڻي ٿو. هو گول گول چڪر ڪاٽي رهيو هو. عرب ڪيمياگر جو عقاب شڪار پڪڙڻ جو تمام گهڻو ماهر هيو.
“انسان تجربن جي آڌار تي گهڻو ڪجهه سکندو آهي ۽ تون به گهڻو ڪجهه سکي چڪو آهين. بس هڪڙي ڳالهه آئون توکي ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان.” ڪيمياگر ٿوري دير لاءِ عقاب مان نظرون هٽائي ناصر کي چئي ٿو.
ڪيمياگر ناصر کي ضروري ڳالهه ٻڌائڻ کان پهريان عقاب جي اڏار کي پرکي ٿو. اڄ عقاب ڪجهه وڌيڪ ئي دير لڳائي هئي شڪار هٿ ڪرڻ ۾. ناصر بي تابي سان انتظار ڪرڻ لڳو ته ڪيمياگر هن کي اُها ضروري ڳالهه ٻڌائي. انتظار هن کان ٿي نه سگهيو ۽ بي صبرو ٿي عرب ڪيمياگر کي چيو ته:
“اوهان ڪيمياگر ٿيڻ ڇو پسند ڪيو؟”
ڪيمياگر جون نظرون مسلسل آسمان طرف عقاب ۾ هيون ۽ ناصر کي وراڻيو ته:
“منهنجو پڙ ڏاڏاو، ڏاڏو ۽ والد سڀ هن ڪِرت جا بادشاهه هئا. شيشن ۾ بند ڌاتو ۽ انهيءَ جا مرڪب ننڍڙي هوندي کان ڏٺا. آهستي آهستي ڪيمياگري منهنجو دلچسپ مشغلو بڻجي وئي. هاڻي ته آئون سون ٺاهڻ جا ڪيترائي طريقا به ڄاڻيان ٿو.”
“اوهان جهڙا ٻيا به ته ڪيترائي ڪيمياگر آهن، انهن ڇو نه سون ٺاهڻ جو ڪو طريقو سکيو آهي؟” ناصر پڇيو.
“ڇاڪاڻ ته ڪافي ڪيمياگر انهيءَ علم کي لوڀ ۽ لالچ لاءِ سکن ٿا. هن علم ۾ نيت جو سچو هجڻ تمام گهڻو لازمي آهي.” ڪيمياگر عقاب تان نظرون هٽايون.
“ڪيمياگري ايتري پيچيده ڇو آهي؟ ايتريون نشانيون انسان سمجهي ڪيئن؟” ناصر جيڪي انگريز ڪيمياگر کان ڪتاب وٺي پڙهيا هئا انهن کي ذهن ۾ رکي پڇيو.
“ڪو وقت هو جو مرڪبن جا طريقا، چاهي اُهي ڪيترا به اهم ڇو نه هجن پر سادي نموني سان لکيا ويندا هئا. ايترا سولا ۽ سادا جو ڪنهن هيري جي مٿان اهو طريقو لکجي ته به لکجي وڃي. پر جيئن جيئن گهڻا ماڻهو هن ڪرت سان وابسته ٿيا، انهن پنهنجي پنهنجي فلسفي کي اڳيان آندو. هر ڪيمياگر ڪونه ڪو پيچيده طريقو آندو. پر، آئون اڄ به چوان ٿو ته هيرن تي جيڪي طريقا لکيا ويا اهي تمام گهڻا ڪارآمد آهن.” عرب ڪيمياگر، ناصر کي ڪيمياگري بابت ٻڌايو.
عقاب کي شڪار ۾ هڪ سهو هٿ آيو. هن ڪيمياگر جي اڳيان اڇليو. ڪيمياگر سهي کي چڱي طرح ضبح ڪري مٿان کل لاٿي ۽ صاف ڪيو. باهه لاءِ کوٽيل ننڍڙي کڏي جي مٿان ڪاٺيون اهڙي طرح رکيون ته جيڪڏهن سهي کي ڪاٺين تي رکجي ته ان کي باهه جو سيڪ ملندو رهي ۽ پچي وڃي.
“آخر انهن هيرن تي ڇا لکيل آهي؟” ناصر پڇيو.
عرب ڪيمياگر مياڻ مان تلوار ڪڍي ۽ واريءَ تي ڪجهه لکڻ لڳو. ان وقت ناصر کي سيلم جي بادشاهه عبدالله ياد آيو، جنهن به لڪڻ جي مدد سان زمين تي هن جي پيءُ ماءُ ۽ هُن اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جا نالا لکيا هئا.
“هيرن مٿان هي شيون درج ٿيل آهن.” ڪيمياگر تلوار جي مدد سان اشارو ڪندي ناصر کي چيو.
“پر هي ته ڪو راز آهي جيڪو آئون انگريز ڪيمياگر جي ڪتابن ۾ به ڏٺو هو.” ناصر چيو.
“نه اِهو اهڙو ئي خاڪو آهي جيڪو تون نخلستان ۾ ٻن پکين جي اڏار ۾ ڏٺو هو. بس هن خاڪي کي پڙهڻ لاءِ هن جي مطابق علم جو اچڻ ضروري آهي.” ڪيمياگر چيو.
ڪيمياگر باهه تي رکيل سهي کي اٿلايو ۽ ٻيو پاسو باهه جي منهن ۾ ڏنو ته جيئن پوريءَ طرح سان هن جو گوشت پچي.
“الله تعالى هن دنيا کي انهيءَ ڪري خلقيو ته جيئن هن جي تخليق جي خوبصورتيءَ جي جهلڪ انسان ڏسي سگهي. اصل دنيا ته الله اسانجي نظرن کان اوجهل رکي آهي. ان دنيا ۾ دوزخ به آهي ۽ جنت به آهي. هيءَ دنيا بس انهن دنيائن جي سمجهڻ خاطر خلقي ويئي آهي. انهيءَ ڪري هن دنيا ۾ انسان جو هر عمل ڳڻيو وڃي ٿو ۽ لوح و قلم ۾ محفوظ ڪيو وڃي ٿو. جن به انسانن هِن دنيا جي رازن کي صحيح نموني سان سڃاتو، انهن هن دنيا ۾ پنهنجي عملن کي نيڪ نيتي سان ادا ڪيو آهي.” عرب ڪيمياگر چيو.
“ان جو مطلب ته هيرن تي لکيل طريقا، زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ سکڻ گهرجن.” ناصر چيو.
“هر ماڻهوءَ جي ڪرت مطابق رستا هجن ٿا. جيڪڏهن تون ڪيمياگر هجين ۽ تنهنجي زندگي ڪيمياگري جي اردگرد گهمي ها ته تنهنجي لاءِ هي هيرن تي لکيل خاڪا ڄاڻڻ تمام ضروري هجن ها. پر هينئر تنهنجي زندگي صحرا جي اردگرد گهمي رهي آهي، انهيءَ ڪري تون صحرا منجهان سکڻ جي ڪوشش ڪر.” ڪيمياگر چيو.
“آءُ صحرا منجهان ڪيئن سکي سگهان ٿو؟” ناصر ڪيمياگر کان پڇيو.
“تون پنهنجي اندر ۾ اٿندڙ آوازن کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪج. ڪنهن وقت توکي خوشي جا آواز ايندا ۽ ڪنهن وقت غم جا. ڪنهن ڪنهن وقت اندر بلڪل سانت رهي ٿو. اهي سڀ اندر جا رنگ آهن ۽ اهي ساڳيا ئي رنگ صحرا جا آهن. تون دل جي ٻڌندو رهه صحرا پاڻهي سمجهه ۾ اچي ويندوءِ.” ڪيمياگر ناصر کي پچيل سهي جو گوشت کائڻ لاءِ ڏنو.
هنن ٻنهي ماني کاڌي ۽ ليٽي پيا. اڃان ننڍ نه آئي هئي ٻنهي کي.
“اوهان ضروري ڳالهه ته ٻڌائي ڪونه جنهن جو آئون هن مهل تائين انتظار پئي ڪيم.” ناصر کي ڳالهه ياد آئي.
“تنهنجي دل ڇا ٿي چئي ته اها ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا ڄاڻڻ ضروري هئي.” ڪيمياگر چيو.
ناصر ٿورو مشڪيو. هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. هنن ٻنهي جي وچ ۾ زندگي بابت جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي سڀ ناصر جي لاءِ نيون هيون ۽ سکڻ تمام ضروري هيون.
هو ٻئي سمهي پيا.
صبح ٿيڻ تي وري سفر جاري رکيو. ٻه ڏينهن وڌيڪ گذري ويا. هو ٻئي ڪجهه اهڙن علائقن کان به گذريا جنهن بابت ڪيمياگر ناصر کي ٻڌايو ته اتان جا ماڻهو بلڪل وحشي آهن جيڪي انسان کي مارڻ کان پوءِ خوشي ڪن ٿا.
انهن ٻن ڏينهن ۾ ناصر کي پنهنجي دل ڪيترائي آواز ٻڌايا. ڪنهن وقت خوف کان ٿي ڌڙڪي، ته ڪنهن وقت فاطمه جي ياد ۾ اداس ٿي ۽ ڪنهن وقت مصر جي محرابن جي ويجهو پهچڻ جي خوشي ۾ ڌڙڪي. مختلف حالتن ۾ اندر جا آواز بدلجندا رهيا.
هو هڪ واريءَ جي دڙي جي ڀرسان اچي ويٺا. ٻن ڏينهن جي مسلسل سفر هنن کي ٿڪائي وڌو هو. گهوڙن تان لهڻ شرط ناصر چيو:
“اسان کي دل جي ڇو ٻڌڻ گهرجي؟”
“ڇاڪاڻ ته اهو ئي انسان جو اصل خزانو آهي.” عرب ڪيمياگر وراڻيو.
“پر دل ته موراڳو ئي تنگ پئي ڪري. هن جا پنهنجا احساس آهن. ڪڏهن صحرا جي محبوبه جي ياد ۾ مونکي سمهڻ ئي نه پئي ڏي ته ڪڏهن وري خزاني جي حاصل ڪرڻ لاءِ نئون جذبو پئي ڏي. دل ايترا ته رنگ مٽائي ٿي جو آئون بي چين ٿي وڃان ٿو.” ناصر دل جو حال ٻڌايو.
“اها ته ڏاڍي چڱي ڳالهه چئبي جو تنهنجي دل زنده آهي. هن دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي دل خالي خالي ڌڙڪي ٿي. هن جي دل هنن ماڻهن سان ڪجهه نه ٿي ڳالهائي ۽ انهن ماڻهن جي زندگي بلڪل بي مقصد گذري ٿي.” عرب ڪيمياگر ناصر جي همٿ وڌائي ٿو.
“منهنجي دل ڪڏهن ڪڏهن خوف کان ايترو ته ڌڙڪي ٿي جو ڄڻ آواز ڏيندي هجي ته اڳتي نه وڌ. اهڙي صورت ۾ آئون منزل طرف وڌڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪيان ٿو.” ناصر چيو.
“تنهنجي انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ کان مان انڪار نه ٿو ڪريان پر ايترو ضرور چوندس ته جيڪڏهن تجربن جي آڌار تي دماغ جي مدد سان تون اهو ڄاڻي چڪيو آهين ته تنهنجي لاءَ ڇا صحيح آ ۽ ڇا غلط آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ دل کي سمجهائي ڇڏيندو ڪر. پر جي دل جي بلڪل ٻڌڻ بند ڪندين ته پوءِ دل به توسان ڳالهائڻ بند ڪندي ۽ پوءِ تون به عام ماڻهن وانگر هڪ عام زندگي گذاريندين.” ڪيمياگر چيو.
ناصر کي اها ڳالهه وڻي. هو هينئر صحرا بابت گهڻو ڪجهه سکي چڪو هو. ايتري قدر جو صحرا جي مختلف علائقن ۾ مختلف ماڻهن جون ريتون رسمون ڪيئن آهن اهو به هِن هاڻي سکي ڇڏيو هو. هو ٻئي هر علائقي جي قاعدن قانونن جي پاسداري ڪندا هئا. ناصر کي هاڻي مصر جي محرابن تائين پهچڻ سؤلو ٿي لڳو.
ڪنهن وقت ناصر کي اندر مان آواز ايندو هو ته جيڪڏهن هو ايتريون تڪليفون سهي مصر جي محرابن تائين پهچي به وڃي ۽ اُتي هن کي ڪجهه به حاصل نه ٿئي ته اِها هڪ وَڏي ۾ وڏي تڪليف هوندي.
هو ٻئي جيئن ئي هڪ هنڌ ساهي پٽڻ لاءِ ويٺا ته ناصر دل جي ڳالهه ڪندي چيو “منهنجي دل کي اچي خوف ويٺو آهي ته ايترين تڪليفن سهڻ کانپوءِ به ڪجهه حاصل نه ٿئي اِها ته هڪ وڏي تڪليف آهي.”
“ناصر! ڪابه تڪليف ايترو درد نه ڏيندي آهي جيترو انهيءَ جو خوف انسان کي درد ڏئي ٿو. اهو ياد رک ته انسان کي ڪا تڪليف نه ٿي اچي هو ته بس رستي تي پيل ڪنڊا صاف ڪري ٿو ۽ خدا جي قريب پهچڻ جي ۽ اُن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.” عرب ڪيمياگر چيو.
ناصر انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪري ٿو. اڄ چنڊ جي نه هجڻ ڪري ۽ ڪڪرن جي تارن جي اڳيان هجڻ ڪري روشني بلڪل نه هئي. ناصر کي لڳو ته خوف به انسان جي زندگيءَ ۾ ڪڪرن وانگر آهي جيڪو ڪجهه گهڙين لاءِ اچي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو. سوچيندي سوچيندي هن کي ننڍ کڻي وئي.
صبح جو ناصر پاڻ کي ڏاڍو مطمئن ۽ پرسڪون محسوس ڪري ٿو. هن جي دل ۾ ويٺل خوف نڪري ويو هو ۽ منزل طرف وڌڻ جو نئون جوش ڀرجي آيو.
“هر انسان لاءِ هن دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو خزانو ضرور رکيل آهي بس انسان جي ثابت قدم ۽ پنهنجي دل و دماغ کي هر وقت چوڪس رکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو اشارن کي سمجهي سگهي. ان هوندي به انسان منزل کي ماڻڻ لاءِ ڪيٻائي ڇو ٿو؟” ناصر ڪيمياگر کان پڇي ٿو.
“انهيءَ ڪري ته ڪيٻائيندڙ انسانن کي تڪليفن جو خوف اڳتي وڌڻ ئي ڪونه ٿو ڏئي ۽ هو همٿ نه ساري دل کي چپ ڪرائي هڪ ئي هنڌ زندگي گذارن ٿا.” ڪيمياگر چيو.
“آءُ هاڻي بلڪل ارادن کي اٽل ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت جيڪڏهن ڪو خوف اچي به ٿو ته آءُ پنهنجن ارادن جي ذريعي ان کي ڌڪاري ڇڏيان ٿو. هاڻي آءُ بس مصر جي محرابن تائين پهچڻ چاهيان ٿو،” ناصر چيو.
“اها ته ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي.” عرب ڪيمياگر چيو.
هو ٻئي گهوڙن تي چڙهيا ۽ سفر شروع ڪيائون. رات ٿيڻ تي وري هڪ هنڌ ساهي پٽڻ لاءِ ويٺا.
“اوهين ڇا ٿا سمجهو ته اڃان ڪجهه آهي جيڪو مون لاءِ سکڻ ضروري آهي؟” ناصر باهه جي ڀر ۾ ويهندي چيو.
“نه. هاڻي بس تون پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو رهه. انسان جڏهن پنهنجي منزل ۽ رستا سڃاڻي وٺندو آهي ته هن کي وڌيڪ سکڻ جي ضرورت نه ٿي هجي. پر پنهنجي منزل ماڻڻ کانپوءِ سکڻ جو عمل نه ٿو هجي.” ڪيمياگر چيو.
هو ٻئي ڳالهيون ڪندي سمهي پيا.
صبح جو اٿي هو جنهن وقت گهوڙن تي سنج رکي رهيا هئا ته ٽي ماڻهو جن وٽ بندوقون به هيون، هنن سان اچي مليا ۽ هتي اچڻ جو سبب پڇيائون.
“اسين عقاب جي مدد سان هتي شڪار ڪرڻ آيا آهيون.” عرب ڪيمياگر چيو.
ڪيمياگر جي ڪلهي تي هنن ٽنهي همراهن هڪ چست عقاب ويٺل ڏٺو.
“اسان اوهان جي سامان جي تلاشي وٺڻ چاهيون ٿا.” هنن ٽنهي منجهان هڪ چيو.
“ٺيڪ آهي.” ڪيمياگر چيو ۽ سامان اڳيان وڌائي ڏنائين.
“هي سونيون اشرفيون اوهان ڇو کنيون آهن.” هڪ همراهه ناصر جي سامان کي جاچڻ کانپوءِ چيو.
“آءُ سير ڪرڻ جو شوقين آهيان ۽ مونکي مصر جا محراب گهمڻا آهن. توهان کي ته خبر آهي ته اوڏانهن پهچڻ لاءِ ڪيترو پئسو گهرج ۾ هجي ٿو.” ناصر ٿورو ڊڄ ۾ جواب ڏنو.
جيڪو همراهه ڪيمياگر جو سامان جانچي رهيو هو ان کي پاڻيءَ سان ڀريل هڪ شيشي جي برني ۽ هيري جهڙا شفاف پٿر مليا.
“هي ڇا آهن؟” همراهه ڪيمياگر کان پڇيو.
“شيشي جي برني ۾ آبِ حيات آهي جنهن جي پيئڻ سان ماڻهو بيمار نه ٿو ٿئي. ۽ هو جيڪو هيڊي رنگ جو پٿر آهي، اهو سون ٺاهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.” عرب ڪيمياگر چيو.
هيءَ ڳالهه ٻڌي هنن ٽنهي همراهن هڪ ٻئي جو منهن تڪيو ۽ عرب ڪيمياگر جي بيوقوفي واري جواب تي کِلي ويٺا. هنن کي لڳو ته هو ماڻهو (ڪيمياگر) خوف کان اهڙي قسم جو جواب ڏئي رهيو آهي. هنن ٽنهي ناصر کي ۽ عرب ڪيمياگر کي سامان واپس ڏنو ۽ وڃڻ لاءِ چيو.
ٿورو اڳتي هلي ناصر ڪيمياگر کي چيو: “اوهان ته ذري گهٽ مارايو هو. هن پاڻيءَ ۽ پٿر جي باري ۾ سچ ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.”
“ناصر! هي به تنهنجي لاءِ هڪ مثال اٿئي. ماڻهن کي جيڪڏهن تون ڪنهن خزاني بابت سچ سچ ٻڌائيندي نه ته هو تو تي اعتبار ئي نه ڪندا. ڇاڪاڻ ته ماڻهن لاءِ خزانو صرف پئسو ڏوڪڙ هجي ٿو.” ڪيمياگر ناصر کي حقيقت ٻڌائي.
هنن ٻنهي جو سفر وري اڳ وانگر منزل طرف هيو. ناصر انهيءَ وچ ۾ اندر مان آيل آوازن کي ٻڌندو رهيو. ڪيتريون ئي ماضيءَ جون ڳالهيون هن کي ياد اچي رهيون هيون. پيءُ ماءُ کان موڪلائڻ، ريڍار ٿيڻ ۽ رڍن جي سارسنڀال، آفريڪا ۾ پهريون ڏينهن، شيشي جي دڪان تي ڪم ڪرڻ ۽ فاطمه. ايتريون ڳالهيون هوندي به ڪنهن وقت وري هن جي دل بلڪل خاموش هئي.
منجهند جو هڪ اهڙي قبيلي جي اڳيان لانگهائو ٿيا جتي ٿوري ٿوري فاصلي تي مورچا لڳل هئا. هو ڪيترن ئي قبيلن وٽان گذري آيا هئا پر هي قبيلو ٿورو ويڙهاڪ وڌيڪ ٿي لڳو.
“منهنجي دل ٿي چئي هتي ڪو خطرو ناهي.” ناصر کي جيڪو اندر مان آواز آيو هن ڪيمياگر کي ٻڌايو.
“بيوقوف! آءُ توکي دل جي ڳالهه هر وقت ٻڌڻ لاءِ چيو هو، هر وقت اعتبار ڪرڻ لاءِ نه. هي صحرا آهي ۽ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. هتان جي ماڻهن کي نتيجن جي پرواهه گهٽ هجي ٿي. هو بس اهو ڪجهه ڪندا آهن جيڪو هنن کي سمجهه ۾ ايندو آهي.” ڪيمياگر، ناصر کي دڙڪي جي انداز ۾ چيو.
هو اڃان ڳالهائيندا وڌي رهيا هئا جو پٺيان ٻه گهوڙي سوار آيا.
“اوهين اڳتي نه وڃو، ڇو جو اڳيان ويڙهه هلي رهي آهي.” انهن مان هڪڙي ناصر ۽ ڪيمياگر کي پٺيان تيز آواز ۾ چيو.
هو ٻئي بيهي رهيا. ڪيمياگر هنن ڏانهن اکيون اکين ۾ ملائي چيو “اسين گهڻو اڳتي ڪونه وينداسين.”
ناصر، ان وقت ڪيمياگر جي اکين ڏانهن ڏٺو. انهن ۾ عجيب طاقت سمايل هئي، هو ڄڻ ڪا عجيب ٻولي ڳالهائي رهيون هيون. هنن گهوڙيسوارن هنن کي وڃڻ ڏنو.
هو ٿورو اڳتي هليا ته ناصر چيو:
“هن ماڻهن سان ڳالهائيندي مون اوهان جي اکين ۾ هڪ اٿاهه سمنڊ جهڙي گهرائي ۽ طاقت ڏٺي.”
“ناصر! اکيون انسان جي من جي عڪاسي ڪن ٿيون. انسان جو مَن جڏهن مطمئن ۽ اڇو اجرو هجي ٿو ته اکيون به انهيءَ جي طاقت جي عڪاسي ڪن ٿيون. اندر ۾ هيڻي ۽ ٽٽل انسان جون اکيون بلڪل ڪمزور نگاهه رکن ٿيون.” ڪيمياگر وراڻيو.
هو ٻئي پنڌ ڪندا رهيا. ناصر، ڪيمياگر جي ڳالهين کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هو. هُن چاهيو ٿي ته اڃان به ڪجهه وقت وڌيڪ ڪيمياگر سان گڏ گذري.
“باقي ٻه ڏينهن جو سفر آهي.” ڪيمياگر هڪ واريءَ جي وڏي دڙي تي چڙهندي چيو.
“آءُ جڏهن خزانو حاصل ڪري وڃان ته اوهين مونکي ڪيمياگري سيکاريندؤ.” ناصر چيو.
“تون اڳ ئي زندگي جي ڪيمياگري ڄاڻين ٿو.” ڪيمياگر چيو.
“آءُ زندگيءَ جي ڪيمياگري نه بلڪه ڌاتن کي سون ۾ بدلائڻ جي ڪيمياگري جي ڳالهه پيو ڪريان.” ناصر چيو.
“سياڻن ماڻهن اڳيان سون هڪ لوهه جي ٽڪري جي برابر آهي ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته هر شيءِ کي فنا آهي. خبر ناهي ڇو اسين سون جي ايترو پٺيان آهيون، اها خبر هوندي به ته سون سدائين جهيڙي جو بنياد رهيو آهي.” ڪيمياگر ناصر جي دل ۾ ٿوري لالچ ڏسندي چيو.
“اوهين ڪيمياگر سون جي پٺيان ڇو هوندا آهيو.” ناصر پڇيو.
“ائين ناهي. آءُ پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيمياگر به ڏٺا جن پنهنجي سڄي عمر تجربيگاهن کي ڏني ته هو مختلف مرڪب ڳولهي لهڻ ۾ ڪامياب ويا. سون کي ته تجربن ڪندي ڳولهيو، خاص ان لاءِ محنت نه ڪئي وئي. ڪي ماڻهو وري اهڙا به آهن جن کي خدا وڏي ڏات ڏني. هو کوڙ اهڙا طريقا ڄاڻن ٿا جن سان تمام قيمتي ڌاتو ٺهي سگهن پر هي انهن کي دنياوي شيون سمجهي اهميت ئي نه ڏيندا آهن.” ڪيمياگر چيو. ٿوري دير خاموش رهي وري چيو:
“ڪافي ڪيمياگر اهڙا به آهن جيڪي صرف سون ٺاهڻ جي ترڪيب ڄاڻڻ لاءِ تجربيگاهن ۾ محنت ڪن ٿا، پر انهن جي مَن ۾ لالچ هجڻ ڪري هنن کي ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي.”
ناصر سمجهي ويو ته ڪيمياگري لالچ جي بنياد تي نه ٿي سکي سگهجي. هو ٻئي واريءَ جي وڏن دڙن تان گذري ميدان تي هلڻ لڳا. سج لهي چڪو هو. ناصر جي دل ان وقت ڪو اڻڄاتل خوف محسوس ڪيو پر هن ڪيمياگر سان ڳالهه نه ڪئي ڇو جو اِهو هر وقت جو معمول هيو ۽ ڪيمياگر ڪاوڙجي به ٿي سگهيو.
اچانڪ هنن ٻنهي جي اڳيان ڪاري رنگ جي دستار ٻڌل چار گهوڙيسوار آيا ۽ هنن کي سردار ڏانهن هلڻ جو چيائون.
هو جڏهن قبيلي جي سردار جي خيمي ۾ اندر گهڙيا ته چئن منجهان هڪ ڄڻي چيو ته “هي ٻئي جاسوسي ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهن.”
“اسين مسافر آهيون. جاسوسي ڪرڻ نه آيا آهيون.” عرب ڪيمياگر سردار کي چيو.
“ٻه ڏينهن اڳ اوهان ٻئي اسان جي دشمن قبيلي جي ماڻهن کان ڪجهه هدايتون وٺي هيڏانهن نڪري آيا. اوهان ضرور جاسوسي واري مقصد سان هتي آيا آهيو.” هن همراهه هن قبيلي جي پئي ڳالهه ڪئي جتي تمام گهڻا مورچا لڳل هئا ۽ ٻن گهوڙيسوارن هنن سان ڪجهه دير ڳالهايو هو.
“توهان کي غلط فهمي ٿي آهي. اسانجو ان قبيلي جي علائقي کان لنگهڻ ضرور ٿيو هو پر هنن به اوهان وانگر پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ وڃڻ ڏنو.” ڪيمياگر چيو.
“هي ڇوڪرو ڪير آهي.” قبيلي جي سردار ناصر ڏانهن اشارو ڪري ڪيمياگر کان پڇيو.
“آءُ هن کي صحرا پار ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪري رهيو آهيان. هي هڪ تمام وڏو ڪيمياگر آهي. هن وٽ تمام وڏي ڏات آهي. اهڙي ڏات جنهن سان هو قدرت جي طاقتن کي سمجهي سگهي.” ڪيمياگر چيو.
ناصر هينئر تائين ته ٻڌندو آيو پر ڪيمياگر جي آخري ڳالهه هن تي خوف طاري ڪري ڇڏيو.
“تو هن ڇوڪري کي ٻڌايو ڪونه ته هيڏانهن قبائلي جھيڙا هلي رهيا آهن؟” سردار ڪيمياگر کي چيو.
“ٻڌايومانس پر هِن جو شوق هيو ته هو گھڻي کان گھڻا ۽ هر جڳهه تي وڃين تجربا ڪري. هِن ڇوڪري اوهان لاءِ سونين اشرفين جو تحفو به آندو آهي.” ڪيمياگر ناصر جي ٿيلهي مان اشرفيون ڪڍي سردار کي ڏنيون. سردار اشرفيون ڏسي خوش ٿيو.
“ڪيمياگري ڇا ٿيندي آ؟” سردار پڇيو.
“ڪيمياگري اهڙي ڏات آهي جنهن سان هي ڇوڪرو اهڙو ته زوردار طوفان آڻي سگھي ٿو جو اوهان جا خيما پاڙؤن اکڙجي وڃن.” عرب ڪيمياگر چيو.
خيمي ۾ موجود سڀ ماڻهو ڪيمياگر جي ڳالهه ٻڌي ٽهڪ ڏيڻ لڳا. هنن وڏيون وڏيون آفتون ڏٺيون هيون پر هيءَ ته هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي.
“آءُ چاهيان ٿو ته هي ڪيمياگر اهڙو طوفان اٿاري جو اسانجا خيما اکڙجي وڃن.” سردار چيو.
“ان لاءِ هن کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيو.” عرب ڪيمياگر چيو.
“ٺيڪ آهي ته پوءِ ٺيڪ ٽن ڏينهن کانپوءِ اسان ڇوڪري جو ڪمال ڏسنداسين.” سردار چيو.
ناصر خوف کان بلڪل هيڊو ٿي ويو. سردار جي خيمي مان نڪرڻ وقت هو عرب ڪيمياگر جي ڪلهي تي زور سان ٻانهن رکي آيو.
“تون هنن کي اهو ظاهر ٿيڻ نه ڏي ته تون خوف کان ڊڄي رهيو آهين. ڊڄڻي شخص کي ماريندي هي دير ئي نه ڪندا آهن.” ڪيمياگر ناصر کي چيو.
“اوهان منهنجي سڄي ڪمائي هنن کي ڏئي ڇڏي اهو ڇا ڪيوَ.” ناصر چيو.
“جيڪڏهن جان ئي نه هجي ها ته سونيون اشرفيون ڪاڏي ڪرين ها.” ڪيمياگر ناصر کي سمجھايو.
ناصر اڃان تائين سخت خوف واري حالت ۾ هيو. عرب ڪيمياگر سردار جي هنن مٿان مقرر ڪيل خادم کي چانهه آڻڻ لاءِ چيو. چانهه اچڻ کان پوءِ، عرب ڪيمياگر چانهه جو اڌ ڪوپ ٿورو ٿڌو ڪري ناصر جي ساڄي ٻانهه مٿان هاريو ۽ ڪجهه پڙهيو. ناصر کي تمام گھڻو سڪون آيو.
“جيڪڏهن خوف کي هر وقت پنهنجي مٿان طاري ڪندين ته دل جو آواز نه ٻڌي سگهندين.” ڪيمياگر ناصر کي سامت ۾ آڻيندي چيو.
“پر اوهان کي ته خبر آهي نه ته آئون اهڙي قسم جو ڪو طوفان نه ٿو اٿاري سگھان.” ناصر چيو.
“انسان سڀ ڪجهه ڪري سگھي ٿو پر هُن کي ناڪاميءَ جو خوف ڪجهه ڪرڻ نه ٿو ڏئي.” عرب ڪيمياگر ناصر کي سمجھايو.
“مونکي ناڪاميءَ جو خوف ناهي پر جيڪو ڪم آئون ڪرڻ پيو وڃان ان بابت ڪا ڄاڻ به ته هجي نه.” ناصر چيو.
“اهو تون ڄاڻي وٺندين” ڪيمياگر چيو.
“پر جيڪڏهن نه ڄاڻي سگهيم ته پوءِ” ناصر خوف کان چيو.
“پوءِ تون منزل جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندي اڌ راهه تي ماريو ويندين ۽ تڏهن به لکين ماڻهن کان چڱو هوندين.” عرب ڪيمياگر ائين چئي ناصر ڏانهن ڏسي ٿو.
“ٽي ڏينهن تمام گھڻا آهن. انسان کي جڏهن موت جو خطرو رهي ٿو ته هو زندگيءَ طرف ويندڙ سؤ‍ رستا ڳولهي ڪڍي ٿو.” ڪيمياگر ناصر جي همٿ وڌائي ٿو.
هن خونخوار قبيلي ۾ ناصر جو پهريون ڏينهن ڏاڍو بي چيني ۾ گذريو. سڄو ڏينهن ويڙهه ۽ ويڙهه جون ڳالهيون هليون. سڄي ڏينهن جي ويڙهه ۾ جيڪي قبيلي جا ماڻهو مُئا انهن کي دفنايو ويو ۽ زندگي وري معمول مطابق ٿي وئي. ناصر سڄي ڏينهن کي هنن لفظن سان پنهنجي ذهن ۾ نقش ڪيو ته: “موت جو مثال انسان کي بدلائي نه ٿو سگھي.”
رات جو ناصر، عرب ڪيمياگر وٽ ويو ۽ سڄي ڏينهن جو حال احوال ڏيڻ کانپوءِ اندر ۾ ويٺل خوف جو ذڪر ڪيائين ته هو ڪيئن اهڙو وڏو طوفان پئدا ڪري سگهندو جنهن ۾ خيما اکڙجي وڃن.”
ڪيمياگر ساڳيو جواب ڏنس: “انتظار ۽ صبر ڪر.”
ٻئي ڏينهن تي ناصر ڪجهه پرڀرو وڃي واريءَ جي دڙي تي ويٺو. پنهنجو ماضي ياد آيس. هو صحرا کي دل ڀري ڏسي رهيو هو ڄڻ پويون دفعو ڏسندو هجي. فاطمه جون ڳالهيون هن کي ڏاڍيون ياد آئيون. پورو ڏينهن صحرا تي گذاري پنهنجي خيمي ۾ واپس وريو.
ٽيون ڏينهن صبح جو سوير اٿي هو وري واريءَ تي چڪر هڻڻ ۽ صحرا ڏانهن ڏسڻ لڳو. شام جو هو پنهنجي خيمي ۾ آيو ته سردار ۽ ان جا ڪجهه ساٿي ۽ عرب ڪيمياگر اڳ ئي ويٺا هئا. ناصر هنن سڀن کي ساڻ ڪري واريءَ جي انهيءَ دڙي تي وٺي آيو. جتي هو ٻه ڏينهن مسلسل ويٺو هو.
ناصر واريءَ جي دڙي تي بيهي چيو: “اوهان کي ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو.”
“ڪا ڳالهه ئي ناهي. اسين صحرا جا ماڻهو ته انتظار جا هيراڪ آهيون.” سردار مشڪندي چيو.
ناصر صحرا ڏانهن ڏسي، دل ئي دل ۾ الله سائين کي زور سان ٻاڏايو. هن محسوس ڪيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ ايترو شدت سان ڪڏهن به نه ٻاڏايو هو جيترو اڄ ٻاڏائي رهيو هو. خدا جي قدرت ايتري ڌيان سان سڏ کي سڏ ضرور ڏئي ٿي.
“وري ڇو آيو آهين. ٻه ڏينهن توکي منهنجو جائزو وٺندي پيٽ نه ڀريو ڇا؟” ناصر کي پنهنجي اندر ۾ صحرا طرفان آواز گونجيو. ناصر اکيون بند ڪري مراقبي جهڙي حالت ۾ هيو. هن کي آسپاس جي ڪا به خبر نه هئي. هُن بس پنهنجي اندر ۾ پئي جھاتيون پاتيون ۽ ڪلام ڪيو.
“اي صحرا اڄ آءُ وڏي مشڪل ۾ آهيان. آءُ الله سائين کان تنهنجي مدد گُھري آهي. تون خدا جي عظمت جو بي مثال نمونو آهين ۽ تون منهنجي مدد ڪري سگھين ٿو.” ناصر دل ۾ چيو.
“تون هينئر تائين مون لاءِ ڇا ڪيو آهي جو آءُ تنهنجي مدد ڪريان.” ناصر جي اندر ۾ صحرا جو آواز آيو.
“آءُ توسان محبت ڪئي آهي. تنهنجي هر خاصيت تي غور ڪيو آهي. توڙي جو توڏانهن منهنجو پهريون ڏينهن خراب گذريو پر پوءِ به آءُ توکي پوريءَ طرح ڏسڻ جو ارادو ڪيم. تنهنجي بهادر نياڻي فاطمه سان منهنجي محبت ٿي.” ناصر چيو.
“تنهنجي خيال ۾ اها ئي محبت آهي.” صحرا جو آواز ناصر جي اندر ۾ آيو.
“تنهنجي محبت اسان انسانن کان وڌيڪ آهي. تون پنهنجن ماڻهن لاءِ نخلستان به رکين ٿو ته انيڪ جانورن جو ذخيرو به. رڳو واريءَ هوندي به ماڻهو تومان بيزار نٿا ٿين. اڄ تائين آءُ ماڻهن کي صحرا تي فخر ڪندي ڏٺو آ نه ڪي بيزارگي.” ناصر صحرا کي مدد لاءِ مڃائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
“آءُ اڃان به نه ٿو سمجھان.” صحرا، ناصر جي اندر ۾ چئي ٿو.
“پر تون ايترو ته سمجھين ٿو نه ته مون لاءِ تنهنجي نياڻي انتظار ڪندي آ ۽ دعائون ڪندي آ. جيڪڏهن ان ڏانهن آءُ واپس نه ويم ته هوءَ ضرور توکي شڪايت ڪندي.” ناصر پنهنجي دل ۾ چئي ٿو.
“ٺيڪ آهي آءُ مدد ته ڪندس پر واريءَ کي اٿارڻ لاءِ توکي هوا جي ضرورت آهي”. صحرا جو آواز آيو.
ناصر اکيون کولي آسمان ڏانهن ڏٺو. الله سائين کي وري ٻاڏايو. هاڻي ناصر تيز ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“هوا! تون هزارين سال انسان جي مدد ڪئي آهي. ٻيڙا جڏهن سمنڊ ۾ هجن ٿا ته تون الله جي رضا سان انهن کي ڪنارن سان لائين ٿي. ڪڪرن کي پنهنجي طاقت جي وسيلي گڏ ڪري مينهن وسائين ٿي. اڄ آءُ به انسان سان تنهنجي محبت ڏسڻ چاهيان ٿو.”
زوردار هوا شروع ٿيڻ لڳي ٿي. آهستي آهستي هوا واچوڙي جي شڪل اختيار ڪري ٿي ۽ ايتري ته واري پاڻ سان گڏ کڻي ٿي جو خيمن ۾ پيل ٿانو واري ئي واري ٿي وڃن ٿا. هوا اڃان تيز ٿئي ٿي خيما اکڙڻ شروع ٿين ٿا ته سردار جا ساٿي سردار کي منٿون ڪن ٿا ته ڇوڪري کي وڌيڪ طوفان اٿارڻ کان روڪي. پر سردار نه ٿو مڃي. هو طوفان کي اڃا تيز ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو.
ناصر واريءَ جي وچ ۾ نظر ئي نه ٿي آيو. ائين لڳو ڄڻ هو پاڻ طوفان ٿي ويو هجي. هي طوفان جنهن به ٿي ڏٺو دنگ رهجي ٿي ويو. هنن ماڻهن ڪڏهن به اهڙو زوردار ۽ خوفناڪ طوفان نه ڏٺو نه ٻڌو. هر ڪوئي خوفزده ۽ پريشان هيو. صرف ٻه شخص هئا جيڪي نه خوفزده هئا ۽ نه وري پريشان: هڪ؛ عرب ڪيمياگر ۽ ٻيو؛ قبيلي جو سردار. هنن ٻنهي کي خدا جي عظمت تي پورو پورو اعتماد هيو.
طوفان رڪيو ته هر ڪنهن سک جو ساهه کنيو. هر شيءِ ٽڙي پکڙجي وئي هئي. هر ڪنهن کي اعتبار آيو ته ڇوڪرو (ناصر) پنهنجي اندر ۾ تمام وڏي قوت رکي ٿو.
قبيلي جي سردار ناصر ۽ ڪيمياگر کي باعزت نموني سان الوداع ڪيو ۽ هو ٻئي پنهنجي منزل طرف روانا ٿيا.