باب پنجون
ناصر جڏهن سامان کڻي اچي ٿو ته همراهه هُن کي اُٺن جي تنبيلي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. تنبيلي ۾ اڳ ئي هڪ انگريز شخص ويٺو هو جيڪو تنبيلي ۾ اٺن جي بدبوءَ ۽ گاهه ۽ ڇيڻن جي بدبوءَ جي ڪري چڙ منجھان ڳالهائي رهيو هو.
انگريز، ڪيمياگري جو ڪو ڪتاب پڙهڻ ٿي چاهيو پر بدبوءِ جي ڪري هن جي دماغ ۾ ڪا به شيءِ ٺيڪ طرح سان نه ٿي ويٺي. هو هي سڀ ڪجهه ان ڪري برداشت ڪري رهيو هو ته هن سڄي زندگي ڪيمياگري جي مشاهدن لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪافي درسگاهن ۾ ۽ تجربي گاهن ۾ علم پرايو، تمام گهڻيون ٻوليون به سکيون ۽ هاڻي هو وڏو ڪيمياگر ٿيڻ چاهي ٿو. هو مختلف ملڪن جو سفر ڪندو رهي ٿو ته جيئن هو ڄاڻي سگهي ته دنيا اندر ڪيمياگري جا ڪهڙا ڪهڙا طريقا آهن. هن وقت تائين هو گهڻو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هن جي خيال ۾ ته ڪيمياگر سدائين ڳالهيون لڪائيندا رهن ٿا. شين جو اصل فلسفو ڪيمياگر ڪنهن سان به نٿا ونڊين. هو هاڻي صحرا ۾ هڪ ماڻهو سان ملڻ پيو وڃي جيڪو هڪ عرب ڪيمياگر آهي. جنهن وٽ اهڙا ڪيميائي فلسفي جا راز آهن جن کي ڪو به ماڻهو نٿو ڄاڻي. سڀ کان وڏو راز هُن عرب ڪيمياگر وٽ اهو آهي ته هو ڪهڙي به ڌاتوئي شيءَ کي سون ۾ تبديل ڪرڻ ڄاڻي ٿو. ٻي وڏي راز جي ڳالهه اِها آهي ته هُن عرب ڪيمياگر کي “آب حيات” جي مرڪب جي ڄاڻ آهي. اهي ڳالهيون ڏسڻ کانسواءِ يقين ڪرڻ جهڙيون ئي ناهن. انهيءَ ڪري هيتري ڌپ ۽ گندي ماحول ۽ صحرا جي ڏکيائي سهي انگريز ڪيمياگر هُن عرب وٽ پهچڻ چاهي ٿو، جيڪو الفيوم ڏانهن ڪٿي رهي ٿو.
ناصر تنبيلي کان ٻاهر ڏسي ٿو ته قافلو پنهنجي تيارين ۾ رڌل هيو. قافلي جي هلڻ ۾ اڃان دير هئي. ان ڪري ناصر اُهو پراڻو ڪتاب ڪڍيو جيڪو هُن ٻارنهن مهينا اڳ ورتو هو. اُن ڪتاب جي پهرين ئي صفحي تي ڪنهن جي تدفين جو ذڪر آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا ڄاڻايل آهن. ناصر ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو پر هن کي پنهنجو ڪيل فيصلو اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي رهيو هو. اڃان تائين هو ٻڏتر ۾ هو ته مصر جي محرابن ڏانهن وڃي يا نه. فيصلو ڪرڻ ڪڏهن ڪڏهن وڏو عذاب ٿي پوي ٿو پر ايترو ضرور آهي ته فيصلي ڪرڻ سان زندگيءَ جو وهڪرو جاري رهي ٿو. نه ته فيصلي ڪرڻ کان بنا زندگي هڪ بيٺل پاڻيءَ جي دُٻي وانگر ٿي وڃي ٿي. جنهن ۾ ڪافي بيماريون اچي واسو ڪن ٿيون.
“جيڪڏهن هڪ دفعو آئون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ هَر هَر مونجھارن جو شڪار ڇو ٿي رهيو آهيان. ڀل ايندڙ لمحا ڪيترا به نوان ڇو نه هجن منهن ڏئي وٺندس.” ناصر دل ئي دل ۾ پاڻ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
انگريز ڪيمياگر جو ناصر جي هٿ ۾ اندلسي ٻولي ۾ ڪتاب ڏٺو ته هُن کي تسلي ٿي ته ڪو اهڙو ماڻهو به هُن سان سفر ۾ ساڻ هوندو، جنهن کي هُن جي تَر جي ٻولي اچي ٿي.
“ياقوت ۽ مرجان” انگريز ڪيماگر ناصر جي هٿ ۾ ٻئي پٿر ڏسي رڙ ڪئي. ناصر تڪڙ ۾ ٻئي پٿر کيسي ۾ وجهي ڇڏيا.
“اهي پٿر اوهان کي ڪيئن ۽ ڪٿان مليا؟” انگريز ڪيمياگر ناصر کان پڇيو.
“هي پٿر هڪ بادشاهه وٽان مونکي سوکڙيءَ طور مليل آهن.” ناصر وراڻيو.
انگريز ڪيمياگر پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ بلڪل ساڳيا پٿر ڪڍيا ۽ ناصر کي چيو:
“اهي ڪي ايترا قيمتي پٿر ناهن، هي جابلو علائقن ۾ عام جام ملن ٿا. هتي صحرا ۾ اهي اڻلڀ آهن، ان ڪري حيران ٿيس. پر وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اهي پٿر توکي ڪنهن بادشاهه ڏنا آهن. اها ڳالهه ڄڻ اعتبار جوڳي ناهي.”
“توهان صحيح ٿا چئو، ڀلا هڪ عام ريڍار جي پيشي واري ماڻهو سان هڪ بادشاهه ڇو ڳالهائيندو”. ناصر چيو.
“نه ائين ناهي. بادشاهه ريڍارن، ڌنارن ۽ ڪڙمين سان محبت ڪن ٿا ۽ انهن جي ڪمن کي ساراهه ڪندي ياد ڪن ٿا. هي پٿر بادشاهه گهٽ، ديندار ماڻهو گهڻا رکندا آهن. هنن پٿرن جو ذڪر خدا طرفان نازل ڪيل تقريبن هر ڪتاب ۾ آهي. هي پٿر ايترا ته اهم آهن جو خدا طرفان مليل اشارن کي سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿا.” انگريز ڪيمياگر پٿرن بابت ناصر کي ٻڌايو. “اوهان کي ڪيئن خبر پئي هنن جي اهميت جي؟” ناصر کي کٽڪو ٿي پيو ته متان انگريز ڪيمياگر هن جي ئي پٿرن کي صحيح سڃاتو هجي ۽ چالاڪي سان مون کان ڦري نه وڃي.
“هڪ ته هي پٿر هر ڪنهن کي مدد ڪو نه ڪندا آهن. ٻيو اهو ته اوهان اِنهن کي ڪهڙي نيت سان استعمال ڪيو ٿا هِن ڳالهه جو وڏو عمل دخل هجي ٿو.” انگريز ڪيمياگر چيو. ناصر کي تسلي ٿي ته هِن وٽ موجود پٿر هي انگريز ڪيمياگر هٿڻ جي ڪوشش نه ڪندو.
“دنيا ۾ هر شيءَ چاهي اها خرابي طرف هجي يا سٺائي طرف، خدا طرفان انسان کي عنايت ٿئي ٿي. اِهي سڀ حالتون انسان لاءِ هڪ مثال ۽ نشاني طور آهن. هيءَ هڪ اهڙي زبان آهي جيڪا خدا استعمال ڪندي پنهنجي مخلوق سان ڳالهائي ٿو ۽ خدا اهڙيون شيون به خلقي ٿو جن جي مدد سان اسين خدا جي ڳالهايل ٻولي سمجهي سگهون. سمجهه ته هي ٻئي پٿر به انسان جا مددگار آهن ۽ .... ” انگريز ڪيمياگر اڃان ڳالهائي رهيو هو ته هڪ عرب اندر آيو ۽ چيائين ته قافلو بس الفيوم جي علائقي ڏانهن نڪرڻ وارو آهي. تنهن تي ناصر هن عرب کي چيو ته:
“مونکي الفيوم نه پر مصر ڏانهن وڃڻو آهي.”
“الفيوم، مصر جو ئي علائقو آهي. تون ايتري سٺي عربي ڄاڻيندي ۽ عربن سان گڏ رهندي به اهو معلوم نه ڪري سگهيو آهين ته الفيوم ڪٿي آهي. عجيب ماڻهو آهن هن دنيا ۾.” عرب ناصر کي ٿورو تکو ٿي چيو.
هنن ٻنهي تياري وٺڻ شروع ڪئي. انهيءَ دؤران انگريز ڪيمياگر چيو:
“شڪر آ جو قافلو هلڻ وارو آهي. نه ته قافلن جڙڻ ۾ به ڪافي ڏينهن لڳيو وڃن. اها به خدا جي خاص مهرباني آهي جو اسان کي اتفاق سان دل ۾ وقتائتو خيال ڏياريو. جيڪڏهن آئون ڪو ڪتاب لکندس ته ان جو نالو “قسمت ۽ اتفاق” رکندس.”
“تون هي مرجان ۽ ياقوت ڇو کنيا آهن. ڇا تون به مون وانگر ڪيمياگر ٿيڻ چاهين ٿو؟” انگريز ڪيمياگر ناصر کان پڇيو.
“نه آئون خزاني جي ڳولا ۾ آهيان.” ناصر تڪڙ ۾ چيو. ناصر کي اٻهرائپ ڪرڻ تي پاڻ تي وڏي ڪاوڙ آئي. ڇاڪاڻ ته هو خزاني بابت يا پنهنجي هِن سفر جي ڪنهن به ڳالهه جو ذڪر ڪنهن سان به ڪرڻ نٿي چاهيو.
“هر انسان ڪنهن نه ڪنهن خزاني جي ڳولا ۾ رهي ٿو. مون کي ئي ڏس آئون مختلف شين کي سون ۾ تبديل ڪرڻ جا گُرَ ڄاڻڻ لاءِ الفيوم هڪ عرب ڪيمياگر سان ملڻ پيو وڃان. پر تون ڪيئن خزانو ڳولڻ پيو وڃين؟” انگريز ڪيمياگر ناصر کي چيو.
ان کان اڳ جو ناصر ڪو هيڏانهن هوڏانهن وارو جواب ڏي. اڳ جيڪو عرب تنبيلي ۾ هنن کي تياري پڪڙڻ لاءِ چئي ويو هو اهو وري آيو ۽ هنن ٻنهي (ناصر ۽ عرب ڪيمياگر) کي ٻاهر هلڻ لاءِ چيو.
هنن ٻنهي پنهنجو پنهنجو سامان کنيو ۽ ٻاهر نڪتا. ٻاهر ميدان تي هڪ واريءَ جي ننڍڙي دڙي تي هڪ وچولي عمر جو شخص بيٺو هو. جيڪو هن قافلي جو رهنما ۽ سردار چونڊيو ويو هو. هُن قافلي جا چار ماڻهو مقرر ڪيا ته اُهي قافلي جا سڀ ماڻهو ڳڻن ته جيئن ڄاڻ پوي ته قافلي ۾ ڪيتريون عورتون، ڪيترا ٻار ۽ ڪيترا مرد آهن. جڏهن سڀ ماڻهو ڳڻجي ويا ته قافلي جي سردار وڏي آواز ۾ چيو ته:
“آئون هن قافلي جو اڳواڻ آهيان. آئون اوهان کي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته سفر دؤران ڪنهن به ماڻهوءَ جيڪڏهن ڪا گڙٻڙ ڪئي ته ان کي آئون مارڻ جي اجازت رکان ٿو. هي صحرا هڪ خوبصورت پر رنگ بدلائيندڙ عورت وانگر آهي. صحرا ڪنهن وقت به ڪنهن کي به چريو ڪري سگهي ٿو. هيءَ ڳالهه شايد اوهان کي هن وقت سمجهه ۾ نه اچي پر آهستي آهستي اوهين چڱيءَ ريت ڄاڻي وٺندؤ. آءُ پنهنجي پاران اوهان کي اِها تسلي ڏيارڻ ٿو چاهيان ته آءُ اوهان کي هر ممڪن ڪوشش ڪري منزل تائين رسائڻ چاهيان ٿو. هيءَ ڳالهه آءُ پنهنجي الله کي، جنهن کي هر گھڙي ٻاڏايان ٿو ان کي حاضر ناظر ڄاڻي چئي رهيو آهيان. اوهان کي اها گذارش آهي ته اوهين به قافلي هلڻ کان پهريان خير و عافيت جي دعا گُهري ڇڏيو.”
انهيءَ کانپوءِ قافلي مان ڀڻڪن جا آواز اچن ٿا. قافلي ۾ تقريبن ٻه سئو ماڻهو هئا ۽ چار سؤ جي قريب جانور جن ۾ ٻڪريون، اٺ، مرغيون وغيره هئا. قافلي ۾ عورتون ۽ ٻار ڪافي هئا. باقي جيڪي به مرد هئا، انهن سڀن کي تلوار ۽ ڪلهي تي بندوق رکيل هئي.
اٺن آهستي آهستي اٿڻ شروع ڪيو. ناصر ۽ انگريز ڪيمياگر ۽ ڪجهه ٻين اٺ ڇڪڻ لاءِ ماڻهو رکيا هئا. ناصر کي انگريز ڪيمياگر جي اٺ تي ڏاڍو رحم آيو. ڇاڪاڻ ته ان تي ڪتابن جو تمام وڏو وزن رکيل هيو. اٺن، ٻين جانورن ۽ ماڻهن جي آوازن عجيب شور پئدا ڪيو هو. قافلو تنجير کان اوڀر طرف هلڻ شروع ٿيو.
اٺن جي اڳتي پوئتي ٿي هلڻ ڪري ناصر ۽ هو ڪيمياگر گفتگو نه ڪري سگهيا. ناصر آسپاس جو جائزو ٿي ورتو. جائزو وٺندي هن کي خيال آيو ته انسان منزل ماڻڻ لاءِ ڪٿي کان ڪٿي وڃي پهچي ٿو. حالانڪ اِها خبر به ناهي ته واقعي منزل تي ڪو خزانو يا مال دولت هٿ اچڻي آهي يا نه. ماڻهو اميد ڪري بس ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. انهيءَ ڪوشش دؤران واقعا واقعن سان جڙن ٿا. سڀ واقعا زنجير وانگر جڙي اسان کي منزل تائين پهچائن ٿا.”
منجھند جو وقت اچي چڪو هو. انهيءَ ڪري قافلي جي اڳواڻ هڪ هنڌ ساهي پٽڻ لاءِ حڪم ڏنو. انهيءَ دؤران ناصر جي ڪيمياگر سان ڳالهه ٻولهه ٿي. سفر جنهن وقت وري شروع ٿيو ته هنن ٻنهي جي وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. ناصر خاموشي سان سفر ڪري رهيو هو ۽ آسپاس تي غور به ڪري رهيو هو. قافلي هلڻ دؤران جيڪي مختلف آواز اڀريا ٿي اهي هينئر بلڪل سانت ٿي چڪا هئا هينئر جيڪڏهن ڪو آواز آيو ٿي ته اهو صرف تيز هوا جو هيو. صحرا تي سج لهڻ جو منظر ناصر ڪيئي دفعا ڏسي چڪو هو پر هينئر هو هڪ هڪ لمحو سج کي لڙندي ڏسي رهيو هو.
سج لهي وڃڻ ۽ رات ڇائنجڻ جي ڪري اڳواڻ آرام ڪرڻ لاءِ قافلي کي هڪ جڳهه تي خيمن هڻڻ جو حڪم ڏنو. ناصر اڄوڪي سفر کانپوءِ اهو ضروري سمجھيو ته صحرا بابت ڪنهن کان پوريءَ طرح ڄاڻ وٺي ته جيئن باقي ڏينهن جي سفر ۾ هو صحرا کي ٺيڪ ٺيڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. هو پنهنجي اٺ ڇڪڻ واري سان وڃي ويهي ٿو ۽ صحرا بابت حال احوال پڇي ٿو. اٺ ڇڪيندڙ همراهه ناصر کي چئي ٿو:
“سائين! آفريڪا جو هي صحرا تمام وڏو صحرا آهي. آئون هن کي ڪيترائي دفعا پار ڪيو آهي پر هر دفعي هِن صحرا جي اڳيان آءُ پاڻ کي تمام ننڍڙو محسوس ڪيو آهي. هن ۾ وفا ۽ دغا ٻئي خصوصيتون آهن. هن جي طاقت جو ٺيڪ ٺيڪ اندازو اوهان کي ڪير به نه ٿو ٻڌائي سگهي.”
رات گذري ۽ صبح ٿيو ته قافلي وري سفر کي جاري رکيو. ناصر اڪثر چپ رهيو. هُن صحرا منجھان سکڻ ٿي چاهيو. هن کي ائين سمجهه ۾ آيو ته جهڙي طرح رڍن جي هڪ مخصوص ٻولي هئي اهڙي طرح صحرا به ضرور ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انسان سان ڳالهائيندو هوندو، بس انسان کي صحرا جي ٻولي اچڻ گھرجي.
ڏينهن پٺيان راتيون ۽ راتين پٺيان ڏينهن گذرندا رهيا. سفر دؤران اڪثر انسان کي پنهنجو ماضي ياد ايندو آهي. ناصر کي پنهنجيون رڍون تمام گهڻو ياد اينديون هيون. هو انهن جي چَرڻ ۽ سمهڻ بابت خيال ڪندو هو، هن کي اِهو کٽڪو آيو ٿي ته نئون ريڍار الائجي هنن رڍن جو خيال رکندو هوندو الاءِ نه. وري هُنَ اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جو به خيال ايندو هيس. ان کانپوءِ سيلم جو بادشاهه، آفريڪا ۾ پهريون ڏينهن، چور ۽ بازار ۾ رات گذارڻ کانپوءِ شيشن جي دڪان تي ڪم ڪرڻ هي سڀ ته هن جي ذهن ۾ تازا هئا.
ناصر جي ماءُ انهن کي “ماضي جو مينهن” سڏيندي هئي. واقعي انسان جو ماضي لاشعور منجھان ڪڻيون ڪڻيون ٿي شعور جي اڱڻ تي وسي ٿو ۽ پوءِ يادن جو هڪ وڏو تلاءُ ٺهي ٿو. مختلف واقعا جڙن ٿا پر اهي واقعا ڪيئن جڙن ٿا؟
“مڪتب” ناصر کي سدائين اهڙن سوالن تي هي لفظ ياد ايندو هو، جيڪو هن شيشي جي شين واري دڪان جي مالڪ کان سکيو هو. “ڪاتب سڀ واقعا اڳ ئي لکي رکي ٿو پر اهي انسان جي زندگيءَ ۾ آهستي آهستي اچن ٿا. ڇاڪاڻ ته هر واقعي جو هڪ مقرر وقت هجي ٿو.”
قافلو الفيوم ڏانهن وڌي رهيو هو. گذريل ڏينهن ۾ ڪافي نيون شيون ناصر کي سکڻ لاءِ مليون. قافلي ڪجهه ڏکيائيون به ڏنيون. برسات پوڻ جي ڪري ڪي واريءَ جا دڙا تمام ترڪڻا ٿي ويا هئا جن تي چڙهڻ ناممڪن هيو ان ڪري ڪافي وڏو پنڌ ڪري ٻئي پاسي کان اچي وري سفر کي جاري رکيو. تَرائيون به ڪافي هيون. ڪافي ترائيون جتان پاڻي سڪي ويو هو ۽ سِم ۽ ڪلر جي ڪري رڳو لوڻ ۽ ترڪڻ هئي ان جاءِ کي پار ڪرڻ لاءِ اٺن تان سڄو سامان لاهي، اٺن کي آهستي آهستي پار ڪرايو ٿي ويو. ههڙين ترڪڻ واري جڳهين تان اٺ کي جيڪڏهن وزن سان يا تيز تيز ڊوڙائڻ سان پار ڪرائجي ٿو ته اُٺ جي ترڪڻ ۽ ٽنگون ڀڄي پوڻ جو خطرو رهي ٿو. سفر دؤران جيڪڏهن هڪ به اُٺ ڪنهن ڳالهه جي ڪري گھٽجي وڃي ٿو ته وڏي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري هر ننڍي ننڍي ڳالهه کي صحرا ۾ اهميت ڏيڻي پوي ٿي.
ڪجهه به هيو، ڪيتريون ئي تڪليفون ڇو نه هيون پر جڏهن اهي گذري ٿي ويون ته وري هر شيءَ معمول مطابق ٿي آئي. قافلي جو اڳواڻ هڪ ڏاهو ۽ هوشيار ماڻهو هيو. هر هڪ شيءَ جو، سج لهڻ، اڀرڻ جي طرفن جي جاچ، تارن جي بيهڪ، وڻن ۽ واٽ تي ايندڙ ڳوٺن کي ڌيان ۾ ٿي رکيو ته متان ڀلجي نه وڃون.
اڳواڻ سان گڏوگڏ سڀن ماحول جو پئي جائزو ورتو. صرف انگريز ڪيمياگر هيترن ڏينهن جي سفر ۾ رڳو ڪتابَ پڙهندو رهيو. ڇاڪاڻ ته هن کي اِهو ذهن ۾ هيو ته عرب ڪيمياگر (جنهن سان هو ملڻ وڃي رهيو هو) اهو هِن جي ڄاڻ جو امتحان نه وٺي. باقي ناصر وٽ جيڪو ڪتاب هيو اُهو هن هڪ ٻه ڏينهن پڙهيو پوءِ صحرا کي ئي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. صحرا کي سمجھڻ ۾ ناصر جي هُن جي اُٺ ڇڪڻ واري تمام گهڻي مدد ڪئي. هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ سٺي گهرائپ ٿي وئي.
اٺ ڇڪڻ واري ناصر کي پنهنجي زندگيءَ جو سڄو حال احوال ٻڌايو هو. هو الخُبر جي علائقي جو رهاڪو هيو. ڪنهن زماني ۾ هُن وٽ تمام سٺي زرعي زمين هئي. اهي ڏينهن هن لاءِ تمام گهڻا سکيا ڏينهن هئا. ان وقت هن کي لڳندو هو ته هُن جو مستقبل به حال وانگر ڏاڍو خوشحال هوندو. پر، بندي جي من ۾ هڪڙي ۽ الله وٽ ٻي، سو هڪ ڏينهن هنن جي ڳوٺ ۾ اهڙو خوفناڪ زلزلو آيو جو ڀرسان واري نديءَ جا بند ٽٽي پيا ۽ سڀ ڪجهه لڙهي ويو. هُن پنهنجي زندگي وري نئين سِري سان شروع ڪئي ۽ هينئر هو هي اٺ ڇڪڻ جي ڪِرت سان وابسته آهي.
ناصر پنهنجي اُٺ ڇڪڻ واري کان هڪ دفعي پڇيو هو ته “تون ٻوڏ مان ڪهڙو سبق حاصل ڪيو؟” وراڻيائينس ته: “ٻوڏ سڀ ڪجهه کسي ويئي اڃان ڪهڙو سبق پرايان ها. پر وقت گـذرڻ کانپوءِ مونکي اهو سمجهه ۾ آيو ته الله تعالي انسان کي ڏاڍو مضبوط ۽ وڏيءَ دل وارو ڏسڻ ٿو چاهي. انسان کي اهو سيکارڻ ٿو چاهي ته مشڪل کان مشڪل گھڙي ۾ به حوصلو تمام گهڻو بلند هجي. انسان کي هميشه پنهنجي استعمال هيٺ آيل شين کي وڃائڻ جو خوف رهي ٿو. پنهنجي زندگي ۽ مال و دولت ۽ جايون جڳهيون بچائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري. انهيءَ لالچي ۽ لوڀي انسان مان اهو خوف تڏهن نڪري ٿو جڏهن هو ڄاڻي وٺي ٿو ته انسان جي هر هڪ ساهه تي قدرت وارو قادر آهي.”
ناصر جڏهن اهڙيون ڳالهيون ٻڌندو هو ته هُن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. هن به پنهنجي زندگيءَ ۾ ائين پاڻ سان ٿيندي ڏٺو هو. هو پئسا کڻي آفريڪا جي شهر ۾ آيو هو ۽ ان ئي ڏينهن هو چور جي هٿان لٽجي ويو هو ۽ وري هن وٽ پئسا اچي ويا.