6
هو معمول مطابق غيرمعمولي سنجيدگي ۽ حيرت سان چئي ها ”پنهنجا پاڻ ۾ ويٺا آهيون راڻا، تنهنجو هيءُ کاٻي اک جو خواب ڪو معمولي ۽ عام قسم جو خواب نه آهي، تنهنجو هيءُ خواب دراصل هن دور جو تمام وڏو ۽ غير معمولي خواب آهي. اهڙو خواب جنهن جي ساڀيان ڏسڻ لاءِ دنيا ورهين کان منتظر آهي. اهڙو خواب جيڪو ڪيتري عرصي کان پيڙهيون پنهنجي اکين ۾ سانڍينديون آيون آهن. توکي اندازو ئي نه هوندو ته راڻا تنهنجو هي خواب ڪيڏو نه قيمتي خواب آهي. کاٻي اک جو خواب...!! هڪ افسانوي علامت...!! مونکي اڄ به سج جهڙو روشن يقين آهي ته تنهنجو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو. سرمائيداراڻو سماج ضرور ڊهندو. بدمعاش بورزوائي خوار خراب ٿيندو. پرو لتاري سرخرو ٿيندو. سرمائيدار هڪ راڪاس آهي جيڪوسڄي دنيا کي پنهنجي مٺ ۾ قابو ڪرڻ ٿو چاهي. پر اهو راڪاس ضرور پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو. اهو مادي جدليات جو اصول آهي. اها ارتقا جي سائنس آهي. تنهنجو کاٻي اک جو خواب زنده خواب آهي تنهنجو خواب ضرور ساڀيان ٿيندو منهنجا دوست.“ سارنگ ائين چئي ها ته شايد اهو به پنهنجي جاءِ تي سهي هجي ها ڇو جو هن پنهنجي زندگي جو خوبصورت دور کاٻي اک جي خواب ۾ گذاريو هو. شايد اهي سڀ ماڻهو جيڪي پنهنجي زندگي جا سڀ کان خوبصورت ۽ قيمتي پل ڪنهن پاڇولي جي پويان ڀٽڪندي گذاري ڇڏيندا آهن ۽ سندن خواب اکين سميت ٽٽي ٽڪرا ٿي ويندا آهن اهي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ٿانيڪا ٿي نه سگهندا آهن. پر اصل ۾ سندس کاٻي اک جو خواب ان پراڻي خواب جو پرتوو هو ته ”ڪاش ٽٽل چنڊ جا ٽڪرا گڏجي هڪ مڪمل چنڊ کي جنم ڏين...! ڪاش...! هڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي ويل سامونڊي غوراب جا تختا گڏ ٿي هڪ مڪمل غوراب ٺاهين ۽ لهرن ۾ ڏڪندڙ قنديلون گڏجي هڪ مڪمل قنديل کي جنم ڏين. جيئن وري ڪڏهن به سندس ساڄي اک جي نشاني تي آيل چنڊ کيس ڏک ۾ مبتلا نه ڪري!“
کاٻي اک جو خواب در اصل ساڄي اک جو ڏک آهي.
کيس ياد نه آهي ته آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ کي ٿڏو ڪڏهن لڳو هو؟ ۽ ڪڏهن سمورا سِڪا ڇڻ ڇڻ ڪندا هڪ ٻئي کان پري هليا ويا هئا. پر جڏهن کان هوش سنڀاليو هئائين. جڏهن کان درسنيءَ ۾ منهن ڏسڻ جهڙو ٿيو هو ۽ جڏهن کان درسنيءَ اڳيان بيهي ڪنگو ڏيڻ ۽ ڪنگو ڏيئي وارن جي سينڌ ڪڍي وارن جو گل ٺاهڻ جهڙو ٿيو هو تڏهن کان ٻنهين اکين ۾ واضح فرق محسوس ڪرڻ لڳو هو. اهو فرق ايترو وڏو ته نه هو پرشايد ڪو به فرق ننڍڙو فرق نه هوندو آهي. اکين جو فرق ته هر حال ۾ وڏو فرق هوندو آهي. سندس ساڄي اک جي تاري ۾ ماڻڪيءَ جي مٿان هڪ ننڍڙو سُئيءَ جي پاکي جيترو نشان هو. جهڙو ماءُ جي ٿڃ ڌائيندڙ سانوري ٻار جي ڳل تي پيل ٿڃ جو ننڍڙو ڦڙُو. اهو در اصل سندس پٺيءِ تي سُرندڙ کهرن پرن ۽ کهرن چنبن وارو اجنبي جيت هو.. هڪ چيلاٽو هو ۽ وڇونءَ جهڙو هڪ لفظ هو جنهن سان سندس واسطو پوڻ لڳوهو. هڪ جيڏن سان راند ڪندي اڪثر ڪنهن حيرت ۾ ڀريل نهار سان واسطو پوڻ لڳو هئس..” اڙي ڏس.. راڻي جي اک ڪيئن آهي...؟ ڪيئن آهي؟ ٿوري اڇي آهي.. اڙي ها... اڙي راڻي جي اک اڇي ... راڻي جي اک اڇي“ ٻار ڪورس جي انداز ۾سندس چوطرف ڦيريون پائي ڳائيندا ۽ هو پنهنجي سڀني حواسن سميت زخمي ٿي ويندو. ماءُ سان گڏ مائٽن ڏانهن شادي غمي ۾ ويندو ته ڪانه ڪا مائي سندس منهن ۾ ڏسي چوندي ”آئي ادي ... رب جو شان ... چوندا آهن ته چڱي شئي کي چَک هوندو آهي. ڇوڪرو ڪهڙو سهڻو ملوڪ آهي پر ويچاري کي عيب ٿي پيو آهي.“
تڏهن ماڻس جي اکين ۾ ڏک جو پاڇولو لهي ايندو هو. ڪجهه ڪڇندي پڇندي نه هئي.
خاموش ٿي ويندي هئي.
۽ پنهنجي ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ راڻي کي وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳندي هئي.
هڪ شام راند اڌ ۾ ڇڏي روئندي گهر موٽيو هو.
”ڇو راڻا ڇا ٿيو آهي...؟“
”امان هاڻي مان ڪڏهن به احمد سان راند نه کيڏندس...“
”ڪهڙو احمد ابا...؟“
”امان تون به سمجهين نه ٿي، اهو ماسي مريم وارو احمد ٻيو ڪهڙو وري ڪهڙو احمد“
”ائي .. ها... ها... پر ڇو؟“
”امان احمد مون سان کوٽ ٿو ڪري“
”اڙي ابا تون به..... کوٽ ته راند روند ۾ ٿيندو آهي“
”امان... تون سمجهين به نه ٿي.... احمد چئي ٿو تنهنجي اک سٺي نه آهي. تون گدلو ٻار آهين. ان ڪري توسان راند ناهي..... تون چور آهين.... چور ته پاڻ آهي. کوٽ ته پاڻ ٿو ڪري... ڪتي جو پٽ....“ماڻس ڪجهه چوڻ آکڻ بدران ڇڪي سيني سان لاتو هئس ۽ ٻنهين اکين تي هڪ هڪ چمي ڏني هئائينس.
هڪ چمي ساڄي اک تي. هڪ چمي کاٻي اک تي.
پهرين چُمي ان اک تي جنهن ۾ ڪوئي خواب نه هو..
ٻي چُمي ان اک تي جنهن ۾ هڪڙو خواب هو. .
مائرون انصاف ڪنديون آهن.
انهن لاءِ ٻئي اکيون هڪ جهڙيون هونديون آهن.
۽ گهٽ ۾ گهٽ هو پنهنجي ماءُ لاءِ ته گدلو ٻار نه هو. ڳوٺ جي ڀر واري شهر ۾ اکين جي خيراتي ڪئمپ لڳي هئي. ڏاڍي خوش هئي. ماڻهن چيو پئي ته پري پري کان ملڪ جا وڏا وڏا ڊاڪٽر آيا آهن. اکين ۾ شيشا ٿا لڳائن... اکين جو آپريشن ٿا ڪن.. پٽ کي وٺي صبح جو سويري خيراتي اسپتال رواني ٿي.
”امان آءُ آپريشن ڪونه ڪرائيندس... مونکي ايذاءُ ايندو“
پٽس سڄي رستي ۾ روئندو رڙندو هليو هو.
”اڙي ابا تون به ڪو چريو آهين... آپريشن ۾ ڪا دير ئي ڪانه لڳندي... ابي گهڙي ٿي ويندي................پوءِ تنهنجون ٻئي اکيون هڪ جهڙيون ٿي وينديون...“
ماڻس سمجهائيندي سرچائيندي چئي رهي هئس.
”ڇوڪرو تنهنجو ڇا ٿئي امان..“ ڊاڪٽر پُٽهنس جي اکين ۾ ٽارچ هڻي چيو
”پٽ اٿم ابا“
” امان هتي ڇوڪري جي آپريشن ڪونه ٿيندي“
”هان... پر ڇو ابا؟...“
”امان تنهنجي ڇوڪري جي ماڻڪي ۾ زخم آهي، ماڻڪي ٻي لڳندي“
”ٻي ماڻڪي وري ڪٿان ايندي ابا..؟“
”امان ٻاهرين ملڪ مان عطيي طور ماڻڪيون اينديون آهن.... پران جو به هتي آپريشن نه ٿيندو... ڪراچي ۾ ٿيندو..“
هو اسٽول تان اٿي بيٺو.
۽ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو.
” آپريشن کان بچي ويس“
پر ماڻس جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
جيڪي هن جلدي اگهي ورتا.
ماڻڪيءَ جو زخم..؟؟ ٻاهرين ملڪ جي ڳالهه...؟؟ خيراتي ماڻڪي..؟؟ ڪراچيءَ ۾ آپريشن...؟؟ شايد هوءَ ڀڻڪي پيئي. اهو سڀ ته هن لاءِ ناممڪن هو.
هن ته سڄي زندگيءَ ۾ ڪراچي ڏٺي به ڪانه هئي..
کيس رڳو اها خبر هئي ته ڪراچي ۾ سمنڊ آهي.. ڪراچي تمام وڏو شهر آهي، ڪراچيءَ ۾ جناح صاحب جو مقبرو آهي ۽ عبدالله شاهه غازي جي درگاهه آهي. ۽ اهو ته ڪراچي ۾ بندرگاهه آهي، جتي وڏا سامونڊي جهاز آهن. جن مان هڪ جو نالو سفينه عرب آهي ۽ ٻئي جو شايد الشمس آهي.
انهن مان هڪ جهاز تي سندس پيءُ چڙهي گهڻا سال اڳ حج تي ويوهو.
۽ کيس ٻي رڳو ايتري خبر هئي ته ڪراچيءَ ۾ ٻائي جو پٽ به آهي، جتي سندس ڪجهه عزيز رهندا آهن. جن ڏي هوءَ ڪڏهن به نه وئي آهي. جتي نيٽي جيٽيءَ واري پل آهي. جتان اڪثر چانڊوڪين راتين ۾ ماڻهو آپگهات ڪري ڇڏيندا آهن.
۽ هوءَ ڊاڪٽرن ۽ اسپتال کان مايوس ٿي وئي.
واپسي مهل هو خوش هو. سڄي واٽ ٽپندو ڪُڏندو آيو ۽ ماڻس رکي رکي اکيون اگهندي رهي.
راتيون جاڳي دعائون گهرندي هئي. پيرن فقيرن تي سکائون باسيندي هئي. مرشدن منڱتن جا هٿ ڌوئاريندي رهي. ۽ ڏس پنڌ ڪندي رهي. پر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو.
۽ هو ٻاروتڻ جون حدون اورانگهي اتي اچي پهتو جتي ڪوبه ڪنهن سان رعايت نه ڪندو آهي.
تڏهن کيس پهريون ڀيرو ماءُ جي انهن ڳوڙهن جو ڏک سمجهه ۾ آيو جيڪي خيراتي اسپتال مان ٻاهر ايندي سندس اکين مان وهي آيا هئا.
جن کي هن تڪڙ ۾ پوتيءَ جي پلئه سان اگهي ورتو هو.
۽ تڏهن کيس خوشيءَ جي ڪک ۾ لڪل ڏک جو اندازو ٿيو جيڪا خوشي ان مهل محسوس ڪئي هئائين جنهن مهل ڊاڪٽر چيو هو ”ڇوڪري جي آپريشن نه ٿيندي“ ۽ هو جلدي اٿي کڙو ٿيو هو. ۽ پوءِ هو پاڻ اسپتالن جي دروازن جي اڳيان لڳل قطارن جو حصو ٿي ويو . ۽ هاڻي ماءُ ساڻس گڏ نه هئي. هوءَ ڪڏهو ڪو پنهنجي اميدن ۽ دعائن سميت قبر جو حصو ٿي چڪي هئي. هاڻي هو وڏن شهرن جي وڏين اسپتالن ۾ ڦهليل ڪاريڊورس ۽ انتظار گاهن جي اداس ڪرسين تي اڪيلو رهجي ويو. ۽ هر اسپتال مان جواب اهو ساڳيو جيڪو ڪيئي سال اڳي سندس ماءُ کي مليو هو. ”دراصل هي ڪورنيئل ٽرانسپلانٽيشن جو ڪيس آهي. خرچ به لڳندو... انتظار به ڪرڻو پوندو . ڏسو ماڻهوءَ جي ماڻڪي ته اسان جي اسپتال ۾ ڪانهي... باقي توهان کي ٻڪريءَ جي اک ته ڪونه لڳندي. ٻيو ته توهان وٽ پيسا به نه آهن جو اسان سريلنڪا مان ماڻڪي گهرايون ... البت ڪجهه پيسا ڏئي ڪانٽيڪٽ لينس لڳرايو ته توهان جي مرضي....“
۽ هُن جي اميد جي ڇت ڊهي پئي. هو ٽيهن سالن تائين جنهن آس جي ڇت هيٺيان رهيو هو يڪسر ان کان محروم ٿي ويو. ڪوڙي ئي سهي اڌوري ئي سهي بهرحال اميد جي ڇت ماڻهوءَ کي محروميءَ جي اس کان بچائيندي آهي.
۽ کيس پڪ ٿي وئي ته بس هاڻي ايئن زندگي گذارڻي پوندي جيئن گذري پئي.
ايئن نه جيئن هو چاهي ٿو.
ايئن نه جيئن سندس ماءُ ٿي چاهيو.
شايد هاڻي کيس هميشه کاٻي اک جي خواب سان گڏ جيئڻو پوندو ۽ شايد گڏ مرڻو پوندو....
تڏهن کان هو اسپتالن جي ڪاريڊورس ۾ ڀٽڪڻ سان گڏوگڏ کاٻي اک جي خواب سان گڏ جيئڻ لڳو.
اکيون اکين کي پهريان قبول ڪنديون آهن ۽ تعارف جا ٻيا دروازا بعد ۾ کلندا آهن. اکيون هڪ ٻئي کي رد ڪنديون آهن ته تعارف جا ٻيا دروازا بند ٿي ويندا آهن. جتان گذري ماڻهو ماڻهوءَ جي اندر ۾ داخل ٿيندو آهي. ۽ ڏسندو آهي ته ان جي اندر ۾ ڪيتري اُس آهي؟ ڪيتري ڇانو آهي، ڪيتري اڃ آهي... ڪيتري زمين آهي؟ ۽ ڪيترو آسمان آهي؟
۽ هن سان ايئن ٿيندو رهيوآهي جو ڪيئي مسافر اکين ۾ ورهين جا ٿڪ کڻي وٽس آيا پر سندس اکين جي دهليز تان موٽندا رهيا.
۽ هو قدم قدم تي ڀڄندو ڀرندو رهيو.
پلصراط تي هلندو رهيو. پير رتوت رت. احساس ڪمتريءَ جي تيز تکي تلوار.
درسنيءَ ۾ منهن ڏسي نه سگهي.....
ڏسي ته زخمي ٿيو پئي..... نه ڏسي ته به زخمي ٿيو پئي......اڪثر درسني جي آڏو ڪيترو وقت بيٺو رهندو.. ۽ بيٺو ساڄي اک ۾ ڏسندو... مسلسل... هڪ سفيد مکڙي.... هڪ اڻوڻندڙ خواب. کاٻي اک جو خواب. چاهيندو ته جيڪر مکڙيءَ کي چپٽيءَ سان اک جي تاري تان پٽي ۽ چپٽيءَ سان ايئن چيڀاڙي ڇڏيان جيئن پير جي آڱر ۾ چڪ هڻي چنبڙي پيل ماڪوڙيءَ جي منڍيءَ کي آڱر سان پٽي ڪاوڙ مان چيڀاٽي ڇڏبو آهي. پر ايئن ممڪن ڪٿي هو؟ اڪثر رستي ۾ هلندي سوچيندو” فرض ٿا ڪيون ته جيڪڏهن هينئر رستي ۾ هلندي منهنجي کاٻي اک ۾ ڪو ڌڪ لڳي وڃي. ۽ منهنجي کاٻي اک بند ٿي وڃي..... ته مان گهر ڪيئن پهچندس...؟
شايد مون کي اتي ئي ڪجهه ديرلاءِ بيهڻو پوندو...
۽ ڀرسان گذرندڙ ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز ٻڌندس... ته کيس سڏڪري چوندس.. ”سائين معاف ڪجو... ٿوري تڪليف ڪري مونکي ڪوئي رڪشا بيهاري ڏيو.... ته مان گهر پهچان.“ ۽ ڪڏهن سوچيندو ته ” فرض ڪيو ته منهنجي کاٻي اک ۾ ڪارو پاڻي لهي اچي... ۽ منهنجي لاءِ سڄي روشن دنيا اونداهو ٻيٽ بڻجي وڃي ته پوءِ؟؟.... ته....پوءِ..؟
۽ ايئن خدشن ۽ امڪانن جي رڻ ۾ جيئن پوءِ تيئن منتشر ٿيندو رهيو. محدود ٿيڻ لڳو. محتاط رهڻ لڳو. چانڊوڪي سندس چڙ بڻجي وئي. بلب بتيءَ کان ڊڄڻ لڳو. ڪئميرا جي فليش کان ۽ ماڻهن جي سڌي نهار کان ڇرڪڻ لڳو.. نه ڪنهن سان ڀوڳ چرچو نه ڪنهن سان گهڻي حُجت... ڊپ ته متان موٽ ۾ ڪوئي تير جهڙو طنز نه ٻڌڻو پوي...ڪوئي زهر جهڙو جملو نه ٻڌڻو پوي.. پر باوجود احتياطن جي گهڻو ڪجهه ٻڌندو رهيو...سمجهندو رهيو.... سهندو رهيو. ان ڏينهن محفل ۾ هڪ دوست چيو...“دوستو توڻي جو اسان جي هن دوست جي اک ۾ مکڙي آهي پر وٽس اها نينهن نهار آهي جيڪا گهڻن سڄن وٽ به ڪونهي..“ تاڙيون وڄي ويون. ”واهه سائين واهه.... ڇا جملو آهي“.... ۽ هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا... هو ته گهڻو وقت اڳ ئي پنهنجي اندر ۾ شديد ۽ گهري انتشار جو شڪار ٿي ويو هو. سندس شخصيت ٺهڻ کان اڳ ڊهي وئي هئي.... ۽ سندس اعتماد جو پکي کليل آڪاش ۾ اُڏڻ بدران هميشه لاءِ احساس ڪمتريءَ جي پڃري جو قيدي بڻجي ويوهو. ڪجهه موسمون اڳ ئي بلڪه شايد چار پنج برساتون اڳ الماس سندس اکين جي چانئٺ تان واپس موٽي وئي هئي .
ان شام هوءَ سندس ڀر مان اٿي وئي هئي ۽ پوئتي ڏک جي هڪ طويل شام ڇڏي وئي هئي. شام جنهن جو ڪو ڇيڙو نه هو. شام ته هونءَ ئي اداسيءَ جي مهل آهي. پر جنهن شام هڪ ئي لمحي ٻه جدايون گڏجي پونديون آهن اها شام ڪجهه وڌيڪ ئي اداس ٿي پوندي آهي. ۽ اها اهڙي جدائي هئي جنهن جو ڪو منهن سر نه هو. ابتدا انتها نه هئي. سندس خيال هو ته شايد اُها چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري آهي. چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري سندس ساڄي اک جو سپنو هئي. سپنو جيڪو کاٻي اک جي خواب مان ڦٽي نڪتو هو. پر اها سندس ڀُل ثابت ٿيڻي هئي.
هوءَ گذريل خزان جي هڪ منجهند جو ان مهل سندس زندگيءَ ۾ داخل ٿي هئي جنهن وقت هن اڪيلي ڪمري جي خاموش ڪنڊ ۾ پاڻ کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته ڪجهه به هجي پر ماڻهوءَ کي زندگيءَ کان منهن موڙڻ نه گهرجي. پر زندگيءَ جي حق ۾ سندس سمورا دليل هڪٻئي جي پٺيان ناڪام ٿيندا پئي ويا ۽ هن جي مايوسيءَ جو پارو مٿي چڙهندو پئي ويو. ايئن نه هو ته ڪو هو خودڪشي ڪرڻ وارو هو. يا پوءِ ڪڏهن خودڪشي ڪري ڇڏي ها... پر ڳالهه اها هئي ته هو زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ واري ٻه واٽي تي بيٺل اهڙي لمحي جو قيدي هو جيڪو کيس هميشه لاءِ ڪنهن به هڪ رخ جو مسافر بڻائي پئي سگهيو. ”يا ماڻهوءَ کي ڀرپور زندگي جيئڻ گهرجي يا مري وڃڻ گهرجي“ هو اڳ وانگر وري چپن ۾ ڀڻڪيو هو ۽ ڪجهه لمحن کان پوءِ وري چوڻ ٿي چاهيائين ته ”جڏهن آئون زندگيءَ مان سڄي دلچسپي وڃائي ويٺو آهيان ته پوءِ مون کي جيئڻ بدران مري وڃڻ گهرجي“ پر ٽيبل تي رکيل فون جي رنگ کيس ايئن چوڻ جو موقعو نه ڏنو. ”شايد توکي خبر نه هجي ان ڪري تنهنجي اطلاع لاءِ عرض آهي ته سڄو آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويو آهي. مينهن ڪنهن به وقت وسي سگهي ٿو. مان توکي ساوڻ جي پهرين برسات جي مبارڪ ڏيان ٿي.. منهنجي طرفان پنهنجي ساڄي هٿ تي چار ڪڻيون مينهن جون ۽ هڪڙو ننڍڙو ٽڪرو ڪڪر جو قبول ڪجان..“ هن گهڻن ڏينهن جي خاموشيءَ کان پوءِ نيٺ ان برساتي شام جو ڳالهايو. کيس لڳو ڄڻ هو ساوڻ جي تيز بوندن ۾ پسي ويو هجي.
”اهو صحيح آهي ته مون کي خبر ناهي ته ڪو آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويو آهي پر اهو سچ آهي ته مان تنهنجي لهجي مان برسات جي خوشبو محسوس ڪيان پيو.“
۽ کيس خبرهئي ته هُو گهڙيءَ کان پوءِ ٻارن وانگر ڊوڙي ڪمري مان ٻاهر نڪري ايندو ۽ هٿ وڌائي تريءَ تي ڪجهه بوندون کڻي وٺندو... ۽ آڪاش ڏي Flying Kiss موڪلي ڪڪرن کي ڇهي وٺندو..
هن جون ڳالهيون ، ۽ ٽهڪ کيس چيچ مان وٺي مايوسيءَ جي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍي آيا هئا.
کيس لڳو هو ڄڻ ڪوئي معجزو ٿي ويو آهي.
۽ کيس لڳو هو ته هو جيڪو ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ وکريو پيو هو آهستي آهستي سميٽجي هڪ جاءِ گڏ ٿي رهيو آهي. يڪسانيت جي ولوڙ ختم ٿي رهي آهي. ۽ هو هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿيندو پيو وڃي. ۽ هن کي پڪ ٿيڻ لڳي هئي ته دراصل هوءَ اُها ئي اڇي وڳي واري ڇوڪري آهي جنهن کي هن گهڻا سال اڳ راجا واري ريل گاڏي جي بوگيءَ ۾ دريءَ کان ويٺل ڏٺو هو. جنهن کي ڏسڻ مهل مور جي کنڀن جو مينهن وسيو هو. اڪثر ائين ٿيندو ته هو ساڻس ڳالهائيندي ڳالهائيندي چپ ٿي ويندو.. ”ڇا ٿيو“ اهڙن موقعن تي هوءَ حيرت مان پڇنديس ته هو چوندو ”بس ايئن ئي... الاءِ ڇو“
”ڇا مطلب...؟ الاءِ ڇو“ هوءَ ضد ڪندي.
”بس .... الاءِ ڇو دل اُداس اُداس آهي.“
”وري توتي شاعريءَ جو دورو پيو آهي ڇا“ هوءَ کلندي چوندي.
”نه اهڙي ڳالهه نه آهي“
”ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي“ هوءَ وڌيڪ ضد ڪندي ته هُو ڪونه ڪو بهانو ڪري کيس مطمئن ڪندو پر پاڻ کي مطمئن ڪري نه سگهندو. شايد پاڻ کي مطمئن ڪرڻ ئي سڀ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. هو محسوس ڪرڻ لڳو هو ته اصل ۾ هُو خوش نه آهي. ۽ اهو اهڙو معاملو هو جيڪو هو ڪنهن کي به ٻڌائي نه پئي سگهيو. هُن کي ته قطعي نه. اصل ۾ هُن جي ذهن ۾ جنهن مهل به اهو خيال ڪر کڻندو هو ته ”جڏهن اسين ملنداسين ته ڇا ٿيندو...؟؟“ ته سندس اندر پري پري تائين صحرا بڻجي ويندو هو. هو سوچڻ لڳندو هو ته ”هوءَ مون سان ملندي ته منهنجي کاٻي اک جو خواب ڏسي وٺندي ۽ پوءِ وري ڪڏهن به مون سان ملڻ نه چاهيندي“ هن ڪڏهن به کاٻي اک جي خواب سان هن جي سامهون اچڻ نه ٿي چاهيو ۽ ساڻس ملڻ به چاهيو ٿي. پر هُن کيس ڪنهن به صورت ۾ وڃائڻ نه ٿي چاهيو. اصل ۾ هو ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڊنل هئا. پر ٻئي هڪٻئي جي ڊپ کان بي خبر هئا. هنن ملڻ به چاهيو ٿي ۽ ملڻ نه به ٿي چاهيو. هو کاٻي اک جي خواب جي ڪري ڊنل هو ۽ هوءَ وڌندڙ عمر جي ساڀيان جي ڪري ڊنل هئي. هڪ وٽ خواب جو ڊپُ ٻئي وٽ ساڀيان جو ڊپ. هوُ جنهن کي چوٿين ڳلي واري ڇوڪري سمجهي رهيو هو سا دراصل خود سريءَ جي سزا ڀوڳيندڙ اهڙي عورت هئي جنهن پنهنجي اکين مان هڪ شاعر کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هو. شاعر جيڪو پنهنجا خوبصورت شعر پنهنجي نالي سان ڇپرائڻ بدران هن جي نالي سان رسالن ۾ ڇپرائيندو هو ۽ هوءَ سهيلين ۾ شاعره بڻجي اوچي ڳاٽ سان ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ ايئن هلندي هئي ڄڻ ڪا شهزادي هجي. ۽ شهزاديءَ جو شاعر سان تعلق به فقط شاعري تائين محدود هو. هو نه ئي سندس پيار پائي سگهيو نه ڪو شاعر چوائي سگهيو. هُو هميشه لاءِ گمنام شاعر بڻجي رهجي ويو ۽ انهيءَ گمناميءَ ۾ ئي هڪ برساتي موسم ۾ هميشه لاءِ ڪڪرن جو حصو ٿي ويو هو.. هڪ منجهند جنهن مهل آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويو هو ۽ پکي منجهند کي شام سمجهي واهيرن ڏي موٽڻ لڳا ها ته هو بنان ڪنهن کي ڪجهه ٻڌائڻ جي خاموشيءَ سان گهر مان ٻاهر نڪري ويو هو ۽ وري ڪڏهن به واپس نه موٽيو هو. ۽ هن بابت ماڻهو ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا ته دراصل هو ڪڪرن ۾ گم ٿي ويو آهي. کيس برسات پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي. پر پڪي خبر کان فقط هوءَ پاڻ واقف هئي ته هو ڪيڏانهن ۽ ڇو هليو ويو آهي؟ ۽ هوءَ پڇتاءَ جو پاڇولو بڻجي وئي هئي. پنن ۽ گلن کان خالي وڻن جي انهيءَ جهڳٽي جي اُها سيمينٽ جي بئنچ جنهن تي هو اٺن مهينن جي ڳالهين کان پوءِ پهريون ۽ آخري دفعو مليا، ٻنهي لاءِ پلصراط بڻجي وئي. ٻنهي ۾ هڪٻئي سان اکيون ملائڻ جي سگهه نه هئي”چيو هئم نه توکي ته مان اُها نه آهيان جيڪا تون سمجهين ٿو“
”انهيءَ سان ڪهڙو ٿو فرق پئي ته تون اُها نه آهين ڪا ٻي آهين“ هن ڏانهنس نهارڻ کان سواءِ چيو. هو کاٻي اک جي خواب ظاهر ٿي پوڻ جي ڊپ ۾ مبتلا هو. ” فرق ڪيئن نه ٿو پئي. فرق ته پئي ٿو فرق ته آهي“.
”ڪوئي فرق نه ٿو پئي. تون ته منهنجي لاءِ اُها ئي آهين جيڪا اٺ مهينا اڳ تائين هئينءَ... جنهن جي ڳالهين ۾ شاعريءَ جي خوشبو هئي ۽ جنهن جو لهجو چميءَ جهڙو مٺو هو“.
”فقط آوازن ۽ لهجن تي زندگي نه ٿي هلي... ۽ مان زندگيءَ جواهو دور گذاري آئي آهيان جنهن ۾ رڳو آواز ۽ لهجي جي اهميت هوندي آهي...“
” ته باقي...؟“ هُن اعتماد کان خالي آواز ۾ چيو.
”ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي به ضرورت پوندي آهي. مرد کي عورت جي ۽ عورت کي مرد جي...“
”تون عورت ئي ته آهين ... چوٿين ڳلي واري ڇوڪري نه ئي سهي چوٿين ڳلي واري عورت ئي سهي. ٻيو ڇا؟“ ”نه....!! مان ته پنهنجو عورتپڻو وڃائي چڪي آهيان. منهنجو عورتپڻو هُن شاعر جي اکين ۾ رهجي ويو. هاڻي ته وقت ضايع ٿي ويو.. وقت ڪٿي ٿو ڪنهن جو انتظار ڪري“ هن ڪنهن هارايل سپاهيءَ جيان ٿڪل آواز ۾ چيو. هن جي خوبصورت اکين ۾ اداسي ڦهلجي وئي.
”پر مون لاءِ ته محبت ئي سڀ ڪجهه آهي...“
”هونم..“ هن جي چپن تي طنزيه مرڪ پکڙجي وئي.
”ڪهڙي محبت؟ ڇا جي محبت؟ ڪنهن سان محبت؟ اها محبت ئي ته آهي جنهن مون کي تباه ڪيوآهي.“
هن آخري جملو سخت ۽ ڪڙي لهجي ۾ ادا ڪيو. ان مهل هوءَ کيس هڪ ٻي ۽ اجنبي عورت محسوس ٿي. اهڙي عورت جنهن جي اندر ۾ ڪنڊن جو فصل پوکيل هو. ” فون تي تنهنجا ٽهڪ .. ڳالهيون ... پيار .. اهو سڀ ڇا هو؟ “ هن پنهنجي خالي هٿن ۾ خالي نگاهن سان ڏسندي چيو.
”هڪ وڏي، اداس ۽ ڀڙڀانگ گهر ۾ رهندڙ هڪ ناڪام ۽ عمر رسيده عورت جي پاڻ کي مصروف ۽ خوش رکڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ... پراڻي پرئڪٽس ... ۽ بس ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه... جيڪو به ان کان وڌندو آهي مان ان سان تعلق ختم ڪري ڇڏيندي آهيان.... سچ اهو اٿئي ته منهنجو هاڻوڪو پيار سيليولر فون پيار آهي... ايس ايم ايس محبت .. بنڊل پئڪيج پيار. هاڻي مان ڪوئي وڏو رسڪ کڻڻ نه ٿي گهران“ هن جي وشال اکين ۾ گمنام شاعر جي گمشدگيءَ جو ڏک لهي آيو.
”ته معنيٰ هي پنهنجي آخري ملاقات آهي“
هن اداس لهجي ۾ پڇيو.
۽ هُن سندس اکين ۾ ڦٽل سوال جو جواب ڏيڻ بدران پرس هٿ ۾ کڻندي چيو هو”چڱو هاڻ مان هلان ٿي“ ۽ ان کان اڳ جو هُو وڌيڪ ڪجهه چئي هوءَ اٿي بيٺي ۽ آس پاس ڦهليل هيڊي شام جو حصو ٿي وئي. ۽ ويندي ويندي چاهيندي به کيس ٻڌائي نه سگهي ته ساڻس ملي کيس ڇا محسوس ٿيو. اهو ئي ته سندس ڀر ۾ ويٺل شخص جي اندر ۾ هڪ محبوبا لاءِ اهڙي آڳ ٿي ٻري جنهن کي ڪا به برسات ٺاري نه ٿي سگهي. ۽ اهو ان ڪري آهي جو هو کاٻي اک جي خواب جو قيدي آهي. پر وٽس کيس اهو ٻڌائڻ جو وقت نه هو. هن سچ چيو هو ته ”هاڻي دير ٿي وئي آهي.“ البت اهو به سچ هو ته ان شام کان وٺي کيس هميشه لاءِ هڪ بدران ٻه ڏک پالڻا هئا. هڪڙو گمنام شاعر جي موت جو ڏک ۽ ٻيو کاٻي اک جي خواب ۾ ڀٽڪندڙ زندگيءَ جو ڏک.
جاڙو ڏک.
۽ ان شام وڻن جي جهڳٽي ۾ ويڙهيل بئنچ کان سندس گهر جو مختصر رستو مختصر ثابت نه ٿيو. ۽ رڪشا ۾ سفر ڪندي بيد مشڪ جي ٽارين ڏي ڏسڻ مهل اوچتو سندس اکيون ڀرجي آيون پر ان کان اڳ جو هوءَ پرس مان ٽشو پيپر ڪڍي سندس ڳوڙها وهي پيا. ۽ سندس ڳوڙها ڏسڻ لاءِ ڪير به موجود نه هو. جيڪو سندس ڳوڙها ڏسي ڄاڻي سگهي ها ته اکيون ڀلي ميريون ئي ڇو نه هجن لڙڪ ميرا نه هوندا آهن.
۽ انهيءَ لمحي جي ڪنڌيءَ تي کنوڻ جي تيز تجليءَ وانگر هن محسوس ڪيو ته اها هيڊي شام اصل ۾ سندس کاٻي اک جي خواب مان ڦُٽي نڪتي آهي. ۽ ان پل کان وٺي هو ان احساس ۾ مبتلا ٿي ويو هو ته دراصل اهو حادثو سندس ساڄي اک ۾ رونما ٿيو آهي. ۽ تڏهن کان وٺي سندس کاٻي اک ۾ هڪ بدران ٻه خواب پلجڻ لڳا. هڪ خواب اهو ئي پراڻو جيڪو ورهين کان سندس کاٻي اک ۾ ڀٽڪي رهيو هو ۽ ٻيو نئون خواب. وڃائجي ويل شئي جو ڳولا جو خواب. ۽ هاڻي ته ڪڪرن ۾ گم ٿي ويل شاعر به ان ڳولا جو حصو ٿي ويو هو. هاڻي سندس کاٻي اک ۾ جاڙو خواب رهڻ لڳو هو. اها سندس ساڄي اک جي سزا هئي. ساڄي اک جنهن کيس سهيڙجڻ کان محروم ڪري ڇڏيو هو. هاڻي هو جڏهن به اداس ٿيندو آهي ته کيس ساريندو آهي ۽ جڏهن به کيس ساريندو آهي اداس ٿي ويندو آهي ۽ سڄو آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويندو آهي. ۽ سندس اداسي ڪنهن به موسم ۽ ڪنهن به مهل جي محتاجي قبول نه ڪندي آهي. ۽ جيئن ڪجهه سالن کانپوءِ مٿس آپريشن ٿيٽر ۾ اينيٿيسئا واري سئي لڳڻ کان اڳ ساڳي اداسي ڇائنجي وئي هئي...!! توڻي جو بنيادي طرح اهو سندس خوشيءَ جو لمحوهو. آخرڪار اهو ورهين جي رولاڪي ۽ انتظار کان پوءِپيدا ٿيل کاٻي اک جي خواب جي ساڀيان جو لمحو هو.
خوشي ان پل جو نالو آهي جنهن پل ڪوئي پراڻو خواب مثال طور کاٻي اک جو خواب تعبير ماڻيندو آهي. يا ساڄي اک جو سپنو ساڀيان ٿيندو آهي. پر ڪجهه خوابن کي ساڀيان ٿيڻ ۾ گهڻي دير ٿي ويندي آهي. ۽ وقت کان پوءِ ساڀيان ٿيل خوابن جي خوشي اهڙي خوشي هوندي آهي جنهن جي پٺيءَ ۾ ڪُٻ هوندو آهي. اها پٺيءَ ۾ ڪُٻ نڪتل هڪ ڪُٻڙي خوشي هوندي آهي. ۽ الاءِ ڇو هن کي جڏهن به ۽ جيڪا به خوشي ملي ڪُٻڙِي خوشي ملي. خوشي ته ان ونڊ ورڇ جونالو آهي جيڪا ونڊ ورڇ انهن سان ٿيندي آهي جيڪي اوهان جي خوابن ۾ ڀاڱيوار هوندا آهن. خواهشن ۽ اميدن ۾ شريڪ هوندا آهن.. اذيت ۽ ڏک جا نه رڳو اکين ڏٺا شاهد هوندا آهن. پر انهن جا ڀوڳيندڙ به هوندا آهن. جن لاءِ اوهان جو ڏک ۽ عيب رڳو اوهان جو عيب ۽ ڏک نه هوندو آهي. پر انهن جو به اڌ ڏک ۽ اڌ عيب هوندو آهي. ۽ جڏهن خواب ساڀيان ٿيندو آهي ۽ توهان اها ساڀيان انهن سان ونڊيندا آهيو ته اها خوشي سڌيءَ چيلهه واري خوشي محسوس ٿيندي آهي. پر جڏهن خواب کي تعبير ماڻڻ ۾ ايتري دير ٿي وڃي جو ايسيتائين خوابن جا شاهد مٽِيءَ جو حصو بڻجي چڪا هجن ته خوشيءَ جي پٺيءَ ۾ ڪٻ نڪري ايندو آهي. ايئن جيئن ڳوٺ جي دڪاندار گل محمد جي پٺيءَ ۾ ڪٻ نڪتل هو. کيس ڳوٺ جا ننڍا وڏا گلو گڪو سڏيندا هئا. گلوگڪو قد جو صفا بندرو ۽ سانورو هو. وات ۾ هر وقت پن جي ٻيڙي دکندي رهندي هئس ۽ وڏين مُڇن ۾ لڪل نڪ ۽ وات مان هر وقت دونهون نڪرندو رهندو هئس. هُو گڪو يا ڪُٻڙو سڏجڻ تي بلڪل نه چڙندو هو. ڄڻ پنهنجي پُٺيءَ جي ڪُٻ کي پنهنجي نالي جي طور تي قبول ڪري ورتو هئائين. سندس خيال مطابق اهو سندس عيب نه پر نالو هو. يعني هو گل محمد يا گلو دڪاندار نه هو پر اصل ۾ هو ڪُٻڙو دڪاندار هو. هو پنهنجي اصلي نالي تان گهڻو وقت اڳ هٿ کڻي چڪو هو. هاڻي ڪو ماڻهو کيس گل محمد چئي سڏيندو هو ته هو گهڻو ڪري سڏ نه ورنائيندو هو...پر ڪو به ماڻهو کيس”ڪٻِڙو“ چئي سڏيندو هو ته هڪ دم ڪن کڙا ٿي ويندا هئس. ماڻس گل محمد ڪٻڙي جي هڪڙيءَ قداور ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ سان شادي ڪرائي هئي. اهو ماڻس جو پراڻو خواب هو ته سندس نُنهن کيس اهڙو پٽ ڄڻي ڏيندي جنهن جي پٺيءَ ۾ ڪٻ نه هوندو. (شايد دنيا جا سڀ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن خواب جا قيدي آهن.) پر شاديءَ کان پوءِ ڪُٻڙو گل محمد اڳ کان وڌيڪ ڏکارو ۽ خاموش رهڻ لڳو ۽ هو پنهنجو ڏک ڪنهن کي به ٻڌائي نه سگهيو. هونءَ به سڄي ڳوٺ ۾ گل محمد جو ڪوبه دوست نه هو. پوءِ هڪ رات هو پٺيءَ جي ڪٻ کان آجو پٽ پيدا ڪرڻ کان اڳ ۽ ڪنگيءَ جي مرض ۾ ورتل ڌيءَ جو پيءُ بڻجڻ کان پوءِ جلد ئي پنهنجي دڪان ۾ مري ويو ۽ صبح جو ٻارن کي اهو ڏسي حيرت لڳي ته کٽ تي ستل گل محمد جو ڪُٻ گم ڇو آهي؟... ۽ هنن کيس زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سڌو ستل ۽ ڪُٻ کان سواءِ ڏٺو ۽ ان ڏينهن ٻارن کي گل محمد جي مرڻ کان وڌيڪ دڪان جي بند هئڻ جو ڏک ٿيو هو ۽ گُل محمد جي ماءُ جيستائين جيئري هئي ايستائين ڪڏهن به ڪنهن سان به ڳالهائي نه سگهي. سندس اکين ۾ هميشه لاءِ هڪڙو خال رهجي ويو ۽ هو ان نتيجي تي اوچتو نه پهتو هو پر ڪيترن ئي ننڍن وڏن مرحلن مان گذرڻ ۽ دائرن مان نڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو هو ته ماڻهو جيترو کلندو آهي کيس اوترو ئي روئڻو پوندو آهي. جيترو ڳالهائيندو آهي اوترو ئي کيس چپ رهڻو پوندو آهي. ماڻهو نه ڪو ڳڻي ٽهڪ ڏيندو آهي نه ئي ڳڻي ڳوڙها روئندوآهي.
هو آپريشن ٿيٽر جي ڀر واري ڪمري ۾ ويٺو هو ۽ سرجن جو اسسٽنٽ سندس بلڊ پريشر چيڪ ڪري کيس آپريشن لاءِ ”اوڪي“ ڪري چڪو هو. سامهون روشندان جي چوڪور دري کليل هئي جنهن مان آسمان جو هڪ ننڍڙو نيرو ٽڪرو ۽ ان جي هيٺان هڪ بلند عمارت جي ڇت صاف نظر پئي آئي.
آسمان ۾ اڇا ڪڪر پئي ڀٽڪيا ۽ عمارت جي ڇت تي سُرمئي پاريهل ويٺو هو. هو روشندان جي چوڪور دري مان پاريهل جي گول اکين ۾ ڏسندو ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ پاريهل جي اکين جو حصو بڻجي ويو. اسسٽنٽ ڊاڪٽر کيس آپريشن ٿيٽر جي بيڊ تي ليٽائي ٻانهن ۾ بلڊ پريشر جو پٽو ٻڌي اينيسٿيزيا واري ڊاڪٽر ڏي نهاريو ۽ ٻئي پل هوُ ڪبوتر سان گڏ ڇت تان اڏاڻو ۽ اڇن ڪڪرن ۾ داخل ٿي ويو... ڪڪرن جو ڌنڌ گهاٽو هو. جن مان نه پوئتي ڪجهه ڏسڻ ۾ ٿي آيو نه اڳتي.. ماضي ۽ مستقبل معدوم ٿي چڪا ۽ رڳو حال موجود هو. ڪنهن سندس وات ۽ نڪ تي آڪسيجن جو ماسڪ چاڙهيو ته ڪڪرن جو ٿڌو تهه سندس اکين جا ڇپر ڇهڻ لڳو. اها هڪ ٿڌي ۽ نيري دنيا هئي. جنهن ۾ ڪجهه پراڻا ۽ ڪجهه گهٽ پراڻا آواز هئا... جيڪي آهستي چٽا ٿيندا پئي ويا. ڪجهه چهرا هئا. ڏٺل وائٺل چهرا... اجنبي چهرا.. ڌنڌلا چهرا... اکيون... چپ... لهجا.... بي خبريءَ جو ڌنڌ.... ياد گيرين جو ڄارو....آوازن جو لمس.
ساڳيو شهر...
ساڳيو آسمان...
ساڳي گهم..
ساڳيون اسپتالون...
ساڳيا ڊاڪٽر...
ساڳيو سمنڊ...
۽ اک ۾ ساڳيو خواب...
کاٻي اک جو خواب..
جيڪو هو اکين ۾ کڻي ڪيئي ڏينهن ڪيئي راتيون هن ئي شهر جي رستن تي رلندو رهيو.... ڀٽڪندو ۽ ڀلجندو رهيو...
ها امان هتي جناح جو مقبرو آهي. عبدالله شاه غازي جي درگاه آهي. سمنڊ آهي. سمنڊ جو پاڻي نيرو آهي. نيري پاڻي ۾ لهرون آهن. لهرن ۾ وڏا غوراب آهن ... غورابن ۾ قنديلون آهن. قنديلن کي ٿڏو لڳي ٿو. قنديلون ٻرن ٿيون. وسامن ٿيون. ٺهن ٿيون ۽ ڊهن ٿيون. نيٽي جيٽيءَ جي پل تي فانوس ٻرن ٿا. سمنڊ ڦٿڪي ٿو. فانوس وسامن ٿا . چنڊ ٻري ٿو. چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ چانديءَ جي چادر جيان چمڪي ٿو. پُل تي بيٺل ماڻهوءَ کي سمنڊ سڏي ٿو..... مان اچان ٿو مان اچان ٿو. لهرون لڇن ٿيون. سمنڊ ڦٿڪي ٿو. چنڊ ٻري ٿو.
اي ماءُ ٻڌاءِ مون کي ..
هي درد ڪٿان آيا؟
اي ماءُ ٻڌاءِ مونکي؟
اي ماءُ ٻڌاءِ مونکي.....
اي ماءُ.....
اي..
اکين ۾ ڀرجي ڀرجي ايندڙ ڳوڙها...
گلي ۾ ڳنڍ بڻجي ويندڙ آواز...
پيارا شاعر تو هي سٽون ڪنهن جي لاءِ لکيون آهن.؟
پنهنجي لاءِ؟
منهنجي لاءِ؟
ڪنهن ٻئي لاءِ؟
اهُو ٻيو ڪير آهي؟
اهُو ٻيو تون آهين؟
اُهو ٻيومان آهيان؟
اي ماءَ ٻڌاءِ مونکي.....
امان مون کي اک ۾ سور آهي.
ڊاڪٽر صاحب منهنجي آپريشن ٿي سگهي ٿي؟
مان تنهنجي ڀرسان آهيان.... منهنجا راڻا...
امان مون کي بخار ٿي پيو آهي....
الماس تون ڪٿي آهين؟ ڏس مان تختا تختا ٿي ويوآهيان... مان رستا رستا ٿي ويو هان.
ڪاش امان اڄ تون هجين ها! ڏسين هان.... منهنجي کاٻي اک جي خواب جي ساڀيان ڏسين هان!..
مٿي ۾ ۾ ڏاڍو سور آهي... الا ڄڻ مٿو ڦاٽي ٿو... الا... آ....
راڻا تنهنجو مٿو منهنجي هنج ۾ آهي...
نه امان ڇوڪري جو آپريشن نه ٿيندو..
ڇو ابا ڇو؟ هان ڇو نه....
امان اک ۾ ماڻڪيءَ جي پيوند ڪاري ٿيندي... ڪراچي ۾....
امان مونکي ماسي مريم جو پٽ گاريون ٿو ڏيئي.....
امان منهنجي ساڄي اک ۾ ڇاهي؟..
ٻيا ٻار ڇو ٿا نهارين منهنجي ساڄي اک ۾...
ڌوڙ آهي دينوءَ جي منهن ۾.... تون منهنجو راڻو آهين راڻو...مان رستا رستا ٿي ويو آهيان...
مور جي کنڀن جو مينهن ٿو وسي. ريل گاڏي بيٺي آهي...
نه بيٺي نه آهي
ٻه ٻه پئسا ڇهه ڇهه پايون.
نه جانان ملين هان، نه ڀٽڪان ڳليون هان
نه ئي درد جون ٿي وڌان مان وليون هان
الماس تون مونکي پوتيءَ ۾ ويڙهي نه سگهينءَ.....
مٿي ۾ سور آهي اٽ از اوڪي... يس... نارمل.... امان ڏس تنهنجي دعا اگهامي وئي آهي... ڪاش..... امان... مون کي روئڻ ٿو اچي... منهنجي دل ڪچي ٿئي ٿي الاءِ ڇا لاءِ.... ڇو دل اداس اداس آهي... درد ڪوئي آس پاس آهي...
نه راڻا... نه روء.... مان توسان گڏ آهيان.... منهنجا راڻا... هي ڏس تهنجي وارن ۾ آڱريون ٿي ڦيريان... امان... الا... مٿي ۾ سور آهي.... الٽي ٿي اچي... اوي ڊسٽبن پليز.... ٽشو... ناشتو دير سان ڪيوآهي... اوڪي.... اسٽريچر تي شفٽ ڪري روم ۾ کڻي هلو... اوڪي... اکيون کوليو.... شاباش... دئٽ از گوڊ.... مبارڪ اٿؤ.... خرچي... هن اکيون کولڻ چاهيون... کولي نه سگهيو... وري به ڪوشش ڪيائين... ۽ پوءِ نيري آسمان مان هيٺ لهي ڇت تي اچي ويٺو ۽ پاريهل جي اکين مان واپس موٽي آيو.... ۽ پاڻ کي بيڊ تي ليٽيل ڏٺائين. سائي ڊريس پاتل... ساڄي اک تي پٽي ٻڌل... کاٻي اک کليل.... ٻانهن ۾ ڊرپ... دل ڪچي.... نڪ ۾ ڪنهن دوا جي بوءِ... ڌنڌلا چهرا آهستي آهستي چٽا ٿيندا ويا.... چهرن تي مرڪون... ٽهڪ.... خوشي.... ڀائر... دوست.... سرهائيءَ جو پل.... اهوئي سندس کاٻي اک جي خواب جي ساڀيان جو پل هو.... پر هو پاڻ خوش نه هو. هو ناخوش هو، اداس هو، اها اڌوري خوشي هئي.... انهيءَ خوشيءَ جي پٺيءَ ۾ ڪُٻ هو. اها ڪُٻڙي خوشي هئي. کاٻي اک جي خواب جي ساڀيان ٿيڻ ۾ گهڻي دير ٿي وئي. ايستائين هو پنهنجي حصي کان ٻيڻي اذيت ڀوڳي چڪو هو.
اها ڪٿي هئي جيڪا راتيون جاڳي دعائون گهرندي هئي.. اي منهجا رب منهنجي راڻي جو عيب مٽاءِ!
سدائين پئي ڊاڪٽرن حڪيمن جا پنڌ پُڇائيندي هئي. مرشدن منگتن جا هٿ ڌوئاريندي هئي. جتان ڪو ڏس پتو ملندو هئس ان تي عمل ڪندي هئي. ڪڏهن ڏاڙهونءَ جا ساوا پن گهرائي اُکريءَ ۾ ڪٽي لپري ٺاهي پئي اک تي ٻڌندي هئس. ڪڏهن سرينهن جي ساون پنن جو پاڻي ڪڍي اک ۾ پئي وجهنديس.... ڪڏهن ٽيليفون جي ٿنڀن تي لڳل چينيءَ جو ڪوپ ڪُٽي سنهو ڪري سُرمي وانگر اک ۾ پارائينديس....
اها ته پنهنجي سمورين خواهشن، خوابن، ۽ دعائن سميت مٽيءَ جو حصو بڻجي چڪي هئي.
رڳو سندس اکين ۾ اها خواهش ئي نه رهجي وئي ته سندس پٽ جي اک اکين جهڙي نه ٿي سگهي پر سندس اکين ۾ وسند جوڳيءَ جو انتظار به رهجي ويو جنهن کيس چيو هو ته ”امان الله تنهجي لڄ رکي. منهنجو الله ڪندو ته تون مرشد گوگي چوهاڻ جي دعا سان پٽ ڄڻيندينءَ..... سندس کاٻي هٿ جي پُٺيءَ تي منهنجي آڱوٺي جو نشان هجي ته ٽُڪ جي ڀلي رلهي منهنجو حق اٿئي. آئون وري ٻارهين مهيني او جڏهن واهوندا ورندا ته ايندُس.“ موسمون آيون ۽ گذري ويون هوءَ ٽُڪ جي ڀلي رلهي سانڍي اوسيئڙو ڪندي رهي پر وسند جوڳي نه موٽيو ۽ اها خبر ته دراصل هوءَ جوڳيءَ جي ماءُ آهي کيس گهڻي ديرسان تڏهن پئي جڏهن کٽ ڀيڙي ٿي چُڪي هئي ۽ اڪثر ڊگهي خاموشيءَ جي گهيري ۾ رهڻ لڳي هئي.... ۽ هڪ شام کيس پنهنجي کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺل ڏسي اٿي ويٺي هئي ۽ سندس کاٻو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي ان جي پٺيءَ تي چمي ڏيندي کيس سندس هٿ مان وسند جوڳيءَ جي خوشبو آئي هئي... نه رڳو کيس وسند جوڳيءَ جي خوشبو آئي هئي پر ان شام مٿس اهو انڪشاف به ٿيو هو ته سندس ننڍڙي پُٽ جي اندر ۾ نانگ جو زهر به آهي.... ۽ تخليق جو ترياق به آهي... سندس ڪلهي تي بيک جي بگري به آهي ته هٿ ۾ رولاڪيءَ جي قندري به آهي. ۽ سندس پيرن ۾ صحرا جو ٿڪ به لکيل آهي ۽ ها سندس هٿ جي لڪيرن ۾ کاٻي اک جي خواب جو ڏک به تحرير ٿيل آهي... ۽ ان مهل هوءَ چاهيندي به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهي هئي. پر ايستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. اهي سندس آخري لڙڪ هئا. اها سندس آخري نهار هئي ۽ اها سندس آخري چمي هئي. پوءِ هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون. هوءَ کاٻي اک جي خواب ۽ کاٻي هٿ جي ڏک کان بي خبر نه هئي.تڏهن هو نائين درجي جو شاگرد هو.
۽ تڏهن کيس اهو ته معلوم هو ته ماڻهو ڄمندا آهن. ۽ مرندا به آهن ايئن جيئن ٻار ۽ ٻڪرين جا ڦرڙا ڄمندا آهن، پکي آني مان ڦٽندا آهن. ۽ کيس اهو به معلوم هو ته ٻارن جا پيئر مري ويندا آهن ۽ مائرون به مري وينديون آهن.
پر کيس اهو معلوم نه هو ته مائرون مري وينديون آهن ته ڇا ٿيندو آهي. اهو کيس پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته جڏهن مائرون مري وينديون آهن ته ٻار ايترو روئندو آهي جو روئي روئي صفا ٿڪجي پوندو آهي. پر پوءِ به روئڻ چاهيندو آهي پر روئي نه سگهندو آهي ۽ روئي نه سگهڻ ڪري اڃان وڌيڪ روئڻ ايندو اٿس. ۽ کيس اهو اڃان گهڻو پوءِ معلوم ٿيڻو هو ته جن ٻارن جون مائرون مري وينديون آهن. اهي ڪڏهن به وڏا ٿي نه سگهندا آهن. انهن جي اندر ۾ هميشه لاءِ هڪڙو وڏو خال رهجي ويندو آهي. هو جڏهن کان سمجهه جهڙو ٿيو هو تڏهن کان پنهنجي آس پاس ماءُ کي ڏٺُو هئائين. ۽ کيس گهڻو ڪري پاڻ ڏي موهه مان نهاريندي مرڪندي ڏٺو هئائين. ۽ هن جي لاءِ ماءُ جو ٻيو مطلب ۽ ٻي معنيٰ هئي. ”هر وقت سڄاڳ، زنده ۽ مرڪندڙ“ هن ۾ هڪ ”سجاڳ، زنده ۽ مرڪندڙماءُ“ جي عادت پئجي چڪي هئي. شايد هر ٻار هڪ ”سجاڳ زنده مُرڪندڙ ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف ماءُ“ جو عادي هوندو آهي. جنهن کا سواءِ نه کيس ننڊ ايندي آهي نه خوشي ٿيندي آهي، نه ماني وڻندي آهي، نه راند روند سان دل لڳندي آهي. سندس سڀ خوشيون هڪ سجاڳ، زندهه ۽ مرڪندڙماءُ سان مشروط ٿي وينديون آهن. هن هميشه ماءَ کي جاڳيل ڏٺو۔ صبح کان رات تائين جنهن مهل به کيس ڏٺو هوندائين سجاڳ ڏٺو هوندائين. ڪنهن مهل ٻهارو پئي ڏيندي ڪنهن مهل ڪپڙا پئي ڌوئندي يا رلهي پئي سبندي. ڀرت پئي ڀريندي يا قرآن شريف جو دور پئي ڪندي يا رڌڻي ۾ ڪجهه رڌيندي پئي.
هن ورلي ڪو ماءُ کي هڪ هنڌ چپ ڪري ويٺل يا ننڊ پيل ڏٺو هوندو.
اها ته گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن هوءَ بيمار رهڻ لڳي هئي ۽ ڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر ته ڪڏهن ڪنهن حڪيم جون دوائون کائڻ لڳي هئي ته پوءِ اڪثر ڇپر واري گهر ۾ کٽ تي ستل نظر اچڻ لڳي هئي ۽ انهن ڏهاڙن ۾ اڪثر چُپ چُپ به رهڻ لڳي هئي ۽ اکين ۾ اداسيءَ جا پاڇولا رهڻ لڳا هئس نه ته هونءَ هر وقت سجاڳ ۽ گهر جي هر ڪنڊ پاسي ۾ موجود يا دالان ۾ آڳر ۾ هلندي ڦرندي نظر ايندي هئي.
البت ڪڏهن ڪڏهن جون جولاءِ جي منجهند ۾ کيس آڳنڌ واري گهاٽي نم جي هيٺان پوتيءَ جو پلئه منهن تي ڏئي ستل نظر ايندي هئي. ۽ ٻارن کي ته گهڻو ڪري منجهند جو ننڊ ڪونه ايندي آهي. الاءِ ڇو؟ هن کي به منجهند جو ننڊ ڪونه ايندي هئي. ۽ هو ماءُ کي ننڊ ۾ ستل ڏسڻ نه گهرندو هو. (هو هڪ سجاڳ ماءُ جوعادي هو!) سندس ڀر ۾ ليٽي پوتي مٿان ورائي سندس چولي مان هٿ اماڻي سندس پيٽ تي ڪتڪايون ڪندو... اُرهن ۾ وات وجهندس.... پيٽ جي لسي چمڙيءَ تي پنهنجو منهن ۽ ڳل رکندس... هوءَ کيس پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته هو وڌيڪ زور سان ڀاڪر ۾ قابو ڪندس.... ڳچيءَ تي چميون ڏيندس... پيٽ تي نڪ گسائيندُس. ننڍڙي ٻلونگڙي وانگرگوڏا ڏيئي مٿان چڙهي ويندس.” اٿين ڇونه ٿي پوءِ... هان اٿي“ ارهن ۾ منهن هڻندي ۽ چمڙي جي سرهاڻ سنگهندي چوندس... ”اڙي ابا.. ڇڏ مون کي... پاڻ ته نه ٿو سمهين.. مون کي به ننڊ ڪرڻ نه ٿو ڏين... ڇڏ مونکي“ هوءَ کيس پاڻ کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ کيس ڇاتيءَ تي زور ڏيئي پنهنجو چولو هيٺ ڪندي چوندي ” ”نه امان اٿي... بس اٿي...“ هو سندس ڳچيءَ ۾ چنبڙي پوندو.
”پر تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي مون ۾ .. ڀلا اٿي ڇا ڪيان“ هو پيار ڀري ڪاوڙ مان چوندي”بس امان اٿي... ڪم ته ناهي.. پر تون اٿي ويهه سمهه نه. تون سمهين ٿي رهين ته مون کي الاءِ ڇا ٿو ٿئي“ نيٺ هوءَ مٿان پيل پوتي لاهي چولو سولو ڪري اٿي ويهندي...
۽ هوءَ اٿندي ته هو کٽ تان لهي وري راند روند ۾ مشغول ٿي ويندو..... ۽ هوءَ ڏانهس ڏسي مُرڪون مُرڪون ٿي ويندي.
پر ان شام هوءَ ننڊ مان نه اٿي، توڻي جو هن سيني تي مٿو رکي کيس ڪافي سڏ ڪيا..... سندس زندگيءَ ۾ ايئن پهرين ڀيرو ٿيو هو جو هن سندس سڏ نه ورنايو. سندس چوڻ تي سجاڳ نه ٿي. منهن تي پوتي وجهيو نم جي ڀرسان ساڳيءَ کٽ تي گهري ننڊ ستي پئي هئي. سڀني چيو پئي ” کٽ تي لاش پيو آهي“ ڪنهن به ايئن نه پئي چيو ته ” کٽ تي راڻي جي ماءُ ستي پئي آهي“ هن ان کان اڳ ڪڏهن به ڪنهنجو لاش نه ڏٺو هو. اوڙي پاڙي ۾ ڪوئي موت فوت ٿيندو هو ته رڳو وڏيءَ عمر واريون عورتون ۽ مرد ويندا هئا... ”ٻارن کي لاش ڏسڻ نه گهرجي“ اهو جملو هن ڪافي دفعا ٻڌو هو. ۽ اهو سوال سندس ذهن ۾ تيليءَ وانگر ٻري پوندو هو ته آخر ٻارن کي لاش ڇونه ڏسڻ گهرجي؟؟ هو اڪثر سوچيندو ”ڇا ٻار لاش جي ڪائي شئي کڻِي ويندا آهن؟“
”نه ته ڀلا ٻارن مان آخر لاش کي ڪهڙو خطرو آهي؟“ ۽ هو اڪثر چاهيندو هو ته ڏسان ته لاش ڪيئن هوندو آهي. سالن کا پوءِ سندس پُراڻي خواهش پوري ٿي هئي. هاڻي سندس گهر ۾ ئي لاش موجود هو.. ۽ کيس سندس گهر ۾ پيل لاش ڏسڻ کان ڪير به روڪي نه پئي سگهيو؟؟ آخرڪار اهو سندس پنهنجي ماءُ جو لاش هو. هو گهر جي ڪنڊ ۾ اوڪڙون ويٺو سوچي رهيو هو ”معنيٰ هاڻي مان ڪڏهن به ’امان‘ چئي نه سگهندس“ ۽ هو مسلسل دل ئي دل ۾ اچارڻ لڳو. ”امان.... امان.... امان..“ ڄڻ هو پنهنجي هٿن مان نڪري ويل هڪ قيمتي لفظ کي اچاري پنهنجي سيني ۾ قابو ڪرڻ ۽ يادگيريءَ ۾ سانڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ان پل ئي پهريون دفعو کيس سمجهه ۾ آيو ته اهو لفظ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قيمتي، خوبصورت ، مِٺو ۽ سوادي لفظ آهي ۽ اهو محض لفظ نه آهي پر احساس آهي. ڄڻ هڪ وڻندڙ خوشبو آهي .... هن گهر جي ڪُنڊ مان نڪرڻ نه پئي چاهيو. گهر جي ڪُنڊ سان سندس پراڻو ۽ گهرو تعلق هو (کيس اڄ به ايئن لڳندو آهي ته گهر جي ڪُنڊ در اصل گهر جي دل هوندي آهي. ماڻهوءَ کي دل جي ڪُنڊ ۾ ڪو ڏک جو ڪنڊو چڀندو آهي ته هو گهر جي ڪنڊ جو رخ ڪندو آهي. ڇو ته اکين جي ڪُنڊن مان ڳڙندڙ ڳوڙهن کي فقط گهر جي ڪنڊ ئي سمجهي سگهندي آهي. ٻيو ڪير به نه)
هو شروع کان وٺي جڏهن به ڪنهن ڳالهه تان ڏکارو ٿيندو هو ته ڊوڙي اچي گهر جي ڪنڊ ۾ ڀت ڏي منهن ڪري بيهندو هو. ۽ ايسيتائين ٻاهر نه نڪرندو هو جيستائين روئي ڍءُ نه ڪندو هو. يا جيستائين ڏک گهٽ نه ٿيندو هئس .. يا جيستائين ماڻس اچي پٺيان ڀاڪر پائي پڇندي نه هئس ” ڇو راڻا ڇا ٿيو آهي ؟ ڪنهن ڪجهه چيو اٿئي ڇا. هان ٻڌاءِ.“ تڏهن هو سڏڪا ڀري روئي پوندو ۽ هوءَ ٻنهين اکين تي هڪ هڪ چُمي ڏئي گهر جي ڪنڊ مان ٻاهر وٺي ايندس. هڪ چُمي ساڄي اک تي . هڪ چُمي کاٻي اک تي.
۽ ان ڏينهن به هو گهر جي ساڳيءَ ڪنڊ ۾ بيٺو هو. پر منهن ڀت ڏي نه هئس. ڇو جو خبر هئس ته اڄ هوءَ کيس پرچائڻ نه ايندي. ۽ ڀاڪر پائي اهو نه پڇنديس ته ’ راڻا ڇا ٿيو آهي ... ڪنهن ڪجهه چيو اٿئي ڇا‘ ۽ نه ئي هڪ چمي سندس ساڄي اک تي ۽ ٻي چمي کاٻي اک تي ڏينديس . ”مان هڪ گدلو ٻار آهيان“ هن مٽي هاڻا هٿ ڪپڙن سان اگهندي چيو ”گدلن ٻارن جي ماءُ مري ويندي آهي“ مُلياڻيءَ چئوطرف کٽون اُڀيون ڪرائي انهن جي مٿان رلهيون وجهرائي لاش کي تڙ پئي ڏياريو. رکي رکي پاڻيءَ جي ڇُلڪي ۽ ملياڻي جي ڪلمن پڙهڻ جو آواز گڏوگڏ اڀرڻ ۽ ٻڏڻ ٿي لڳو. ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن عورت جي روئڻ جو ۽ ٻارن جي رڙين جو آواز به اڀرڻ ٿي لڳو.. ۽ پاڻيءَ جي ڇُلڪي ، ملياڻيءَ جي ڪلمن ، عورتن جي روئڻ ۽ ٻارن جي گوڙ جو آواز پاڻ ۾ ملي ڪنهن اداس ۽ ڏکاري ڌن جو احساس پئي پيدا ڪيو. آسمان خالي هو ۽ هميشه وانگر هوا جي جهوٽن تي نم جون ٽاريون لڏي رهيون هيون. ۽ پکي هميشه وانگر پنهنجي ڌن ۾ اڏامي رهيا هئا ۽ ٻوليون ٻولي رهيا هئا ... ۽ انهن سڀني آوازن جي وچ مان رستو ٺاهي جيڪو آواز سندس ڪنن تائين پهتو اُهو سندس پيءُ جو آواز هو... ان مهل تائين کيس اندازو نه هو ته اُهو آواز کيس هميشه ياد رهجي وڃڻو هو. هُن اڀين کٽن جي ڀرسان بيهي وڏي آواز ۾ مُلياڻيءَ کي پاڻيءَ جا ڪؤنرا ڀري ڏيندڙ ويجهي مائٽياڻيءَ کي چيو پئي ” ادي هدايت ڀاڄاهئين جي ڪنن جون واليون ۽ منڊيون هٿيڪيون ڪجان... متان هيڏي هوڏي نه ٿي وڃن“ موٽ ۾ هُن چيس ” ها . ادا .. ها... هٿيڪيون .... آهن... تون ڳڻتي نه ڪر.... لکن جهڙي ڀاڄائي هلي وئي.. باقي سون کي باه ڏينداسين ڇا ... پيرن فقيرن کان پني رب کان پٽ ورتائين انهن جون اميدون به نه ڏٺائين.. سوير ئي وڃي سکي ٿي“ گهڙي کان پوءِ کير جهڙي اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل سندس ماءُ جو لاش گهر جي آڳنڌ ۾ کٽ تي رکيل هو. ” ٻارن کي سڏيو ته اچي ماءُ جو منهن ڏسن. الا ڪئين نه جرڪيس ٿو پيو منهن ڄڻ ننڊ ستي پئي آهي“ ڪنهن عورت جو مصنوعي حد تائين ڏکارو ۽ تيز آواز اڀريو جنهن ۾ تڪڙ ۽ ٿڪاوٽ جو احساس نمايان هو. هو گهر جي ڪنڊ مان آهستي آهستي اُٿيو ۽ وڌي اچي ماءُ جي لاش جي ساڄي پاسي کان بيٺو. ماءُ جي ساڄي پاسي کان اچي بيهڻ سندس شعوري چونڊ ته نه هئي پر ڪنهن حد تائين چونڊ ضرور هئي. لاشعوري ئي سهي. شايد هو پنهنجي اندر ۾ گهڻي گهرائيءَ تائين کاٻي اک جي خواب کان ڊنل هو. آسمان ڪڪرن سان ڀريل هو ڄڻ اهو به روئڻ لاءِ بيتاب هجي. ۽ هوءَ اهڙي گهري ، مٺي ۽ پُرسڪون ننڊ ۾ ستل هئي جو اهڙي ننڊ ۾ هُن کيس اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. اهڙي پڪي ۽ گهري ننڊ جنهن مان کيس ڪو به گوڙ شور جاڳائي نه ٿي سگهيو. ۽ ماءُ جي ٻوٽيل اکين ڏي ڏسندي پاڻ کان پڇڻ لڳو ته ماڻهو مري ويندو آهي ته سندس خواب ڪيڏانهن ويندا آهن؟ ڇا خواب به اکين سان گڏ مري ويندا آهن؟ يا اهي خواب خانه بدوشن وانگر ڀٽڪندا رهندا آهن؟؟ کيس پنهنجي سوال جو جواب نه مليو.