پنهنجن ڪتابن جا مهاڳ : ليکڪ پاران
اُن مهل ڪن ڪهاڻيڪارن حڪومتي ڏاڍ ۽ جبر جي عتاب کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڪهاڻين ۾ مقصد جي ڳالهه کي گهمائي ڦيرائي، رومال ۾ ويڙهي ٿي پيش ڪيو. ڪن ڪهاڻيڪارن وري نون آيل مسلمانن جي فتوا جي عالمن جي ڪفر جي فتواحن کان بچڻ لاءِ حيلا ٿي هلايا ۽ ڪن ته وري سمورين ڏاڍائين جي پرواهه نه ڪندي سڌي ڳالهه سونٽي جي ٿي ڪئي. ڪن ڪهاڻيڪارن ابتا جملا لکي سنڌي گرامر جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻيڙي پئي ٻوڙي، ڪن پئي چيو ته ادب ۽ سياست ٻه الڳ الڳ شيون آهن. تنهن ڪري سياست کي ادب ۾ گهلي اچڻ ضروري ڪونهي. ڪن چيو ته ادب براءِ زندگي هجڻ گهرجي ۽ جيئن ته سياست پڻ زندگيءَ جو هڪڙو اهم پهلو آهي تنهن ڪري سياسي معاملن کي پڻ مختلف ادبي صنفن جي ڍانچي ۾ سموئڻ گهرجي.
بهرحال، ڪهاڻيءَ جو سفر هلندو رهيو. سيکڙاٽ ڪهاڻيڪار پوڙها ٿي ويا ۽ پوڙهن ڪهاڻيڪارن مختلف سببن جي ڪري ڪهاڻي لکڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو. ڪي ته مرڳو هي جهان ئي ڇڏيا ويا. وري نون لکندڙ جون کيپون ظاهر ٿيڻ لڳيون آهن. هن وقت لکڻ تي ڪا گهڻي پابندي ڪانهي. تنهن ڪري لکندڙن کي پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو وڃي ۽ لکندڙ بي خوف ٿي محبت، نفرت، انتقام، ڏاڍ، جبر، بالادستي، والار، ڪرپشن، دهشت گردي، قبضه گيري، ڀته خوري، ٻه- نمبري سياست، قوم پرستيءَ جي آڙ ۾ ڌنڌي بازي ۽ مذهب جي غلط استعمال سميت هر موضوع تي کليءَ دل سان لکي سگهي ٿو. ماحول ۾ موجود گدلائڻ، نشو ۽ جسم فروشيءَ کان وٺي زندگيءَ جي هر ننڍي وڏي پهلوءَ تي لکي سگهي ٿو. قوم ۽ ڌرتيءَ کي درپيش خطرن ۽ انديشن جي باري ۾ لکي سگهي ٿو. حڪومتي وائڙپ، قانون جي لتاڙ ۽ وڏيرن جي پيدا ڪيل معاشري ۾ پستيءَ ۽ زواليءَ بابت به لکي سگهي ٿو.
تنهن ڪري اڄ جي نئين ٽهيءَ جي ليکڪن کي ڪالهه جهڙي مشڪل صورتحال سامهون ڪانهي. ماهوار، سلسليوار، هفتي وار، پندرهن روزه ۽ ٽماهي رسالا به جام نڪرن پيا. تنهن کان سواءِ تمام گهڻين روزانه سنڌي اخبارن ۾ به هفتيوار مئگزين ۽ ادبي ايڊيشن به شايع ٿين پيا. سو ڪلهه جي ڀيٽ ۾ اڄ اسان کي لکڻ ۽ پڙهڻ جا موقعا وڌيڪ آهن. اهڙي صورتحال ۾ ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته رڳو اديبن۽ شاعرن جي اڪيلي سر ئي ايتري ڳڻپ ۽ تعداد هجي ها، جو رڳو اسين اديب ۽ شاعر ئي سندرو ٻڌي اٿي پئون ته ڪر ڪيترائي اسان جي قوم ۽ ڌرتيءَ جا مسئلا حل ڪري وجهون ها. پر هن بدقسمتيءَ کي، يا وڏيرڪي سازش کي ڇا چئجي، جو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم بدران نشي، هٿيارن، ڪاپي ڪلچر، ڀته خوري ۽ بدڪرداريءَ جهڙيون وبائون پلجي رهيون آهن. جتان ٻار پڙهي انسان ٿي نڪرڻ بدران وحشي جانور۽ دهشتگرد ٿي پيا نڪرن. اهڙن وحشي جانورن کي ادب ۽ شاعريءَ جي، قوم ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن کي سمجهڻ، پروڙڻ ۽ حل ڪرڻ جي ڪهڙي پرواهه!؟
ان جي باوجود به، هينئر به پراڻن شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن سان گڏ ڪافي نوان نالا به سامهون اچن پيا جن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ چڱا چوکا پير ڀريا آهن. نالن جي ڊگهي لسٽ آهي. پر رڳو ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ ج-ع منگهاڻي صاحبه کان وٺي رسول ميمڻ، غفور ميمڻ، انور شيخ، انور ابڙو، منظور ڪوهيار، عبيد راشدي، حسيب ڪانهيو، سلام ٿهيم، شوڪت لوهار، اختر حفيظ تائين ۽ ٻيا ڪيترا دوست وقت جي گهرجن کي سامهون رکي مختلف موضوعن کي ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ سموئي پيش ڪن ٿا. جن سان موجوده سنڌي قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي درپيش مسئلن، خطرن، انديشن ۽ امڪانن جي پروڙ پوي ٿي.
آئون به اِن سلسلي ۾، پنهنجي جهڙي تهڙي حال سان اِن سفر جي ساٿين سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهيان. اِهو سفر، جيڪو مون پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”اونڌاهي رات“ ماهوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ مارچ 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيڻ سان شروع ڪيو هو، سو اڃا جاري آهي. ان سفر دوران هيءُ منهنجو نائون ڪهاڻي ڪتاب شايع ٿيو آهي. ڪيئن آهي؟ ڪهڙو آهي؟ اُن راءِ جو اظهار ڪرڻ لاءِ اوهان پڙهندڙن کي منهنجي نماڻي گذارش آهي.
پرويز
سنڌ ميڊيڪل اسٽور
ميرپوربٺورو،
سجاول- سنڌ
موبائيل: 3065201-0308
اپريل 2015ع