ڪھاڻيون

آزاديءَ جو صبح

سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن اوج تي آهي، ان اوج ۾ ٻين اڻڳڻين ڪهاڻيڪارن سان ٻٽ ٻيٺل اسان جو پرويز پڻ آهي. جنهن لڳاتار ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ بنا ڪنهن ساهيءَ جي، هو ڪهاڻين سان گڏوگڏ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو کاتو ڪنهن نينهن نهوڙيل ڇوڪريءَ جي جهول وانگر رنگ برنگي گلن سان ڀرجندو ٿو وڃي ۽ اڄ جي ڪير سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو ته، ان ۾ کيس هر رنگ جون ڪهاڻيون ساهه کڻندي محسوس ٿينديون ...
هي ڪهاڻي ڪتاب : ”آزاديءَ جو صبح“ پڻ ان لهر جي هڪ لار ئي ته آهي... پرويز هميشه حقيقت پسند لکت جو ساٿاري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو آهي ته، پڙهندڙ کي ڇا ڏجي ۽ ڇو ڏجي... هن جا مڙوئي ڪتاب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وقت جي گُهر آهن ڪوبه ڪتاب يا سندس لکڻي بنا ڪنهن ڪارج جي ناهي
  • 4.5/5.0
  • 2343
  • 789
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • پرويز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آزاديءَ جو صبح

پروفائيل : آءُ پاڻ پرويز.....!

تڏهن، جڏهن ٽنڊوڄام واري موجوده زرعي يونيورسٽي اڃا يونيورسٽي ڪا نه بڻي هئي ۽ اڃا سنڌ زرعي ڪاليج هو، آءُ اتي پڙهندو هوس (1963ع کان 1968ع). اوڻيهه سئو چوهٺ، پنجهٺ وارو زمانو هو. اسين ڪاليج جا ڇوڪرا ويڪ ايند ملهائڻ لاءِ حيدرآباد وڃي فلم شو ڏسندا هئاسين ۽ واپسيءَ مهل ڪراچيءَ کان ميرپورخاص ويندڙ مهراڻ ايڪسپريس ۾ بنا ٽڪيٽ سفر ڪري ٽنڊوڄا۾ ايندا هئاسين. ٽنڊوڄام ۾ رهندڙ ميمڻ برادريءَ جا ٻه ٽي ڇيڳرا ٺاهوڪڙا ڇوڪرا، اسان ڪاليجي ڇوڪرن سان اسٽيشن تي چيٽنگ ڪندا هئا ۽ هر ڪنهن کي چوندا هئا: ”توهان کي ”پرويز“ سلام ڏنا آهن“. هڪ ڀيري مون کي به ڦري آيا ۽ چيائون ”توهان کي پرويز سلام ڏنا آهن.“. پڇيو مانِ ”پرويز ڪهڙو؟“ چيائون ”پرويز کي ڪو نه سڃاڻين؟ هُو ته توکي گهڻو سڃاڻي....!“ ”پر پرويز آهي ڪٿي؟“ وري پڇيومان. چيائون ته ”ڪُنري ۾.“ اهڙي طرح هو ته ڀوڳ ڪندا، کلندا هليا ويا ۽ آءٌ به هاسٽل ڏانهن وڃڻ لڳس. پر هلندي هلندي هڪ تجسس دل ۾ جنم وٺڻ لڳو. ”پرويز....!“ هڪ ته نالو مون کي ڏاڍو وڻيو. ٻيو ته اڻ ڏٺي شيءِ کي ڏسڻ جو تجسس، اشتياق ۽ خواهش ڪَرَ موڙڻ لڳي. پر اوڏيءَ مهل پرويز کي ڪُنريءَ ۾ وڃي ڏسڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. ڳچ ڏينهن پرويز منهنجي حواسن تي ڇانيل رهيو ۽ پوءِ.... پوءِ.... مون پنهنجو پاڻ لاءِ پنهنجو ادبي نالو پرويز طئي ڪري ڇڏيو. خالي پرويز.... نه اڳيان ڪجهه ۽ نه پٺيان ڪجهه.
ڳچ سال پوءِ، منهنجو ڪنريءَ وڃڻ ٿيو. يار محمد خاصخيلي ۽ سندس سئوٽ جان محمد خاصخيلي منهنجا دوست هئا ۽ ڪنريءَ جي پاسي ۾ ٻهراڙيءَ ۾ سندن زرعي فارم تي رهندا هئا. آءٌ هفتو کن سندن زرعي فارم تي رهيو پيو هوس. هڪ ڏينهن مون کي پيٽ ۾ سور ٿي پيو. جان محمد چيو ته هلون ٿا ڊاڪٽر پرويز وٽ. پرويز جو نالو ٻڌي منهنجا ڪن کڙا ٿيا. پڇيومانس:
”اهِو ڊاڪٽر پرويز ڪير آهي؟“
”ٽنڊي ڄام جو ميمڻ آهي. پهريائين سندس والد ڊاڪٽر هو ۽ هاڻي پاڻ ڪلنڪ هلائيندو آهي“. جان محمد چيو ۽ آءٌ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس.
۽ جيڏي مهل اسان سندس ڪلنڪ ۾ گهڙياسين ته مون کي انتهائي خوبصورت، گول مٽول ۽ هڪڙو ڳوري رنگ وارو واهه جو ٺاهوڪڙو نوجوان سندس ڪرسيءَ تي ويٺل نظر آيو. اُن پهرئين پل ۾ ئي منهنجي دل خوش ٿي ويئي پاڻ تي پنهنجو ادبي نالو پرويز رکڻ واري فيصلي تي.
ملياسين ۽ حالي احوالي ٿياسين. منهنجي پيٽ جي سور جو علاج به ٿيو. ”هُن پرويز.... ڊاڪٽر پرويزَ مون ڪهاڻيڪار پرويز جي فراخدليءَ سان خاطر توازه ڪئي. جڏهن مون پاڻ پرويز بنجڻ جو قصو کيس ٻڌايو ته ڏاڍو محفوظ ٿيو. اُها اسان جي پهرين ۽ آخري ملاقات هئي، شايد 1979ع ۾.
ها، آءٌ ئي اُهو پرويز ڪهاڻيڪار آهيان، جنهن پاڻ تي پنهنجو ادبي نالو به پرايو چورائي رکيو آهي. نالو ته برابر مون پرايو چورايو آهي، پر ادبي پورهيو مون پنهنجو پاڻ ڪيو آهي. اُن تي ڪنهن کي شڪ گمان نه هئڻ گهرجي ۽ هينئر تائين منهنجي کاتي ۾ هيٺيون پورهيو ۽ ثمر شامل ٿي چڪو آهي ۽ اڃان سفر جاري آهي. جيستائين سرير ۾ سگهه باقي آهي:
آءُ علي محمد ميمڻ، 1945ع ۾ ڄايس ۽ ڪاليج جي تعليم دوران 1965 ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم ۽ اڃا لکان پيو. 25 آڪٽوبر 2013ع تي هِن لکڻيءَ کان اڳ به سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ چار ڪهاڻيون لکيون اٿن. منهنجا اٺ ڪهاڻي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ نائون هيءُ آهي.
1: سڻي تنهنجو سڏ (1978ع)
2:رت جا ڦڙا (1989ع)
3: وڃايل مُرڪ (2006)
4: ماڃرجي حُور (2007)
5: منهنجو پاڻي بند نه ڪجانءِ (2007)
6: دل جي دري (2008)
7: ڳوڙهن جا ڪبوتر (2011)
8: اکين ۾ رهجي ويل عڪس
هڪ ناول- لُڙڪن آجا نيڻ (2006) پنهنجي آتم ڪٿا ”پيهي جان پاڻ ۾...“ پهريون حصو 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي. آتم ڪٿا جي ٻئي حصي تي ڪم جاري آهي. 2 ناول پريس ۾ آهن، (مارچ 2015ع ۾ ”اڃا پنڌ ۾ آهيون“ ۽ ٽياس تي ٽنگيل“ شايع ٿي چڪا آهن) خاڪن، تاثرن، اڀياس ۽ مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهي. ان کان سواءِ 1: ”پراڻو ڳوٺ نئون ڳوٺ“ انگريزي مان ترجمو، (2) ”فلسطين، جدوجهد آزادي“ انگريزي مان ترجمو، (3) ”پنڌ اڙانگاپٻ جا“ انگريزيءَ مان ترجمو، (4) ”شاهراهه دهلي“ انگريزي مان ترجمو، (5) ”پيءُ جا ڌيءَ ڏي خط“، انگريزي مان ترجمو (6) ”ڏونگر منجهه ڏيئو“، اردوءَ مان ترجمو، (7) ”اسپارٽيڪس“ اردوءَ مان ترجمو (8) ”وڇوڙي جا وڍَ“ اردو مان ترجمو شايع ٿيل آهن. گڏوگڏ:
(1) حفيظ خان جون ڪهاڻيون ”ويندڙ رت جي شام“ سرائيڪي ڪهاڻين جو ترجمو (2) ”تمهاري شهر ۾“ (ناول) جو سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو به شايع ٿي چڪا آهن. (1) هل ته دهلي گهمون (سفرنامو) جو سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو، (2) انقلابي پارٽي ۽ ڪارڪن (ليڪچر، رسول بخش پليجو) جو سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو به پريس ۾ ڇپائي هيٺ آهن.
ڪجهه نظم (ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل) به منهنجي فائيل ۾ شامل آهن.
1967ع کان وٺي هيستائين سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ تقريبن هر هفتيوار، پنڌرهن روزه، ماهوار، ٻه ماهي، ٽه ماهي رسالن، ڊائجسٽن ۽ اخبارن جي ادبي صفحن ۾ منهنجون ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهنديون آهن.
روشني پبليڪشن، نيو فيلڊس پبليڪيشن، سچائي اشاعت گهر ۽ نئون نياپو اڪيڊمي، عظمت اڪيڊميءَ فڪشن طرفان منهنجا ڪتاب ڇپرايا ويا آهن. ماهوار امرتا، ماهوار اديب، ماهوار سوجهرو، هفتيوار سنڌو ڊائجسٽ، پنڌرهن روزه عبرت ميگزين۽ ٽه ماهي سرهاڻ سميت مختلف رسالن ۾ انٽرويوز، سيلف انٽرويوز، ۽ ڪارنرس شايع ٿي چڪا آهن.
۽ مون پرويز کي (1) سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران اسپارٽيڪس جي ترجمي تي بهترين مترجم جو ايوارڊ ڏنو ويو. (2) ماهوار سوجهرو پاران بهترين ڪهاڻيڪارجو ايوارڊ، (3) شاهه عنايت پريس ڪلب ميرپوربٺورو پاران ڪهاڻي سيڪشن جو ساحر پريمي لائف اچيوِمينٽ ايوارڊ، (4) انيس انصاري اڪيڊمي پاران ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ، (5) سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران بهترين آتم ڪٿا (ناول) جو ايوارڊ، (6) ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ طرفان بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ، (7) سنڌي ادبي سنگت سنڌ ڪهاڻي ڪتاب ”ڳوڙهن جا ڪبوتر“ تي بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ به ڏنو ويو آهي. پر انهن ايوارڊس کان وڌيڪ انهن قربدارن جي قرب ۽ محبت جو احسانمند آهيان، جن مختلف موقعن تي مون کي شاباش ڏيئي منهنجي همت افزائي ۽ حوصله افزائي ڪئي، جن ۾ محمد ابراهيم جويو، تاج بلوچ، رسول بخش پليجو، الطاف شيخ، اختر جانوري، انور بلوچ، نجم عباسي۽ ٻيا شامل آهن.
آءُ پرويز، انهن قبردارن جو ٿورائتو آهيان جن مون تي مختلف وقتن تي آرٽيڪل لکيا۽ انهن جو به، جن منهنجي ڪهاڻين تي تنقيد ڪئي. سندن ٿورا ٿورا نه چئبا.

(ماهوار سوجهرو جي ٿورن سان، ڪجهه وڌايل ۽ تاريخن جي درستگي سان)

پرويز
25 آڪٽوبر 2013ع
3065201-0308