ڪجهه به ڪو نه ٿيو...
”ڊاڪٽر صاحبه، اوهان کي اڃا ڪجهه چوڻو آهي؟“ بيڊ تي پيل ڇوڪريءَ تمام ٿڌي لهجي ۾ ۽ انتهائي صبر ۽ تحمل سان پڇيو.
”اڃا ٻيو ڇا چوان توهان کي؟ منهنجي خيال ۾ ته حيا واريءَ لاءِ اِهو به گهڻو آهي.“ ڊاڪٽرياڻيءَ ڪروڌ واري انداز ۾ چيو.
”ڊاڪٽر صاحبه، جي اوهان دل ۾ نه ڪريو ته آءٌ اوهان جي ڪيل جُٺ جي وضاحت ڪريان!“
”چور ٿوروئي ڪو ڀاسيندو ته مون چوري ڪئي آهي. توهان به پنهنجي بدافعالن جو بوجهه ٻين تي اڇلائينديون. ٻيو ڇا چوڻو آهي توهان کي،“ ڊاڪٽرياڻيءَ وري به مٿس حملو ڪيو.
”ڏسو ڊاڪٽر صاحبه، هيءَ اوهان جي پرائيوٽ اسپتال آهي. هتي اوهان معاوضو وٺي پوءِ علاج ڪنديون آهيو. اسان به اوهان جي هاسپيٽلٽي ۽ ٽريٽمينٽ (اسپتال ۽ علاج جو خرچ) جي ادائيگي ڪري چڪا آهيون. تنهن ڪري اوهان کي اِهو حق ڪو نه ٿو پهچي ته اوهان پنهنجي مريض کي هِن طرح بي عزتو ڪريو. ٻي ڳالهه ته ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾، بنا سموري ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي، ايئن مداخلت ڪرڻ جو به حق اوهان کي ناهي. اوهان جو ڪم آهي مريضن جو علاج ڪرڻ، پوءِ يا کيس چڱو ڀلو ڪري يا لاشو بنائي روانو ڪرڻ. ڪنهن جي عيبن ثوابن يا سٺن ۽ بڇڙن عملن بابت وعذ ڪرڻو ڪونهي. پر جي هروڀرو به اوهان کي، اسان کي بي عزتو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اسان کي انهيءَ بري عمل جي پٺيان ڪار فرما حقيقت ٻڌائڻ جو ته موقعو ڏيو.“ بيڊ تي پيل ڇوڪريءَ انتهائي سنجيدگيءَ ۽ شائستگيءَ سان نرم لهجي ۾ چيو ۽ ڊاڪٽرياڻيءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي نهاريندي رهي.
”اڇا....! مان توهان کي بي عزتو پئي ڪريان!! حيرت آهي!!! هڪ اڻ پرڻيل ڇوڪري، جيڪا پنهنجي بدافعالن جي ڪري ٿيل ناجائز ٻار کي ڪيرائڻ آئي آهي، سا پيئي چوي ته مان کيس بي عزتو پئي ڪريان! ڏاڍي مُنهن جي پڪي آهين. ڇا توهان جهڙين ڇوڪرين جي به ڪا عزت هوندي آهي؟“ پوڙهيءَ ۽ حد کان وڌيڪ پُراعتماد ڊاڪٽرياڻيءَ نوجوان ڇوڪريءَ جي اکين سان اکيون ملائي، انتهائي چڀندڙ لهجي ۾ کائنس پڇيو.
”ڏسو ڊاڪٽر صاحبه، جيڪڏهن اوهان رڳو اِهو ئي سوچي آيون آهيو ته مون کي سَتَ سُريون ئي ٻڌائڻيون آهن، ته پوءِ ٺيڪ آهي. اوهان وڏيون آهيو. جيڪي مناسب سمجهيو ۽ جيڪي وڻيوَ، سو ڀلي چئو. آءُ ٻڌان پئي.“
”ٻڌڻ کان سواءِ ٻيو توهان ڪري به ڇا ٿيون سگهو.“ ڊاڪٽرياڻيءَ اڃا به ڪروڌ مان چيو.
انتهائي حسين ڇوڪريءَ ڪو به جواب نه ڏنو ۽ خالي خالي نظرن سان پنهنجي چهري تي ڪو به تاثر آڻڻ بنا ڊاڪٽرياڻيءَ کي ڏسندي رهي.
”هڪ بدڪردار ڇوڪري، جيڪا شاديءَ کان اڳ ۾ پيٽ سان ٿي آهي، سا سواءِ ڪوڙو فسانو ٻڌائڻ جي، ٻيو ڇا ٿي چئي سگهي.“
نيٺ ڊاڪٽرياڻي به، ڇوڪريءَ طرفان ڪو ردعمل نه ڏسي خاموش ٿي ويئي ۽ ڪجهه دير لاءِ مڪمل سانت ڇائنجي ويئي. پوءِ ڊاڪٽرياڻي بي پي ايپريٽس ۽ اسٽيٿاس ڪوپ کڻي هلي ويئي.
ڊاڪٽرياڻيءَ جو ڪمري مان نڪرڻ کان پوءِ، نوجوان ڇوڪري، جيڪا انتهائي خوبصورت ته هئي، پر ايبارشن ڪيس ۾ ڪجهه خون ضايع ٿيڻ جي ڪري بي ستي پئي لڳي ۽ چهري تي هلڪي هلڪي پيلائڻ ڏسڻ ۾ پئي آئي، ڊاڪٽرياڻيءَ کي پٺيرو ويندي ڏسي رهي هئي، گڏوگڏ سوچيائين به پئي ته: ”مرد ته مرد آهن، جن کي سواءِ پنهنجي مقصد پورو ڪرڻ جي، عورت جي مجبورين جي ڪا به پرواهه ڪا نه هوندي آهي. پر جڏهن عورت به ٻي عورت جي مجبوريءَ کي ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ کان سواءِ ئي اُن تي بدڪاريءَ جو ٺپو هڻي ڇڏي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ هاڻ هن ڊاڪٽرياڻيءَ کي ڪهڙي خبر ته مون کي اِهو ٻار ڪيئن ٿيو آهي؟ مارَ پويس رڳو گارين جي ڊٻ لاهيو بيٺي آهي. ڪجهه سُڻڻ ٻُڌڻ لاءِ تيار ئي ڪانهي، ته پوءِ کيس ڪيئن سمجهائجي.. پر هي پوڙهيون، جن پنهنجي جواني ته ڀرپور نموني ۾ گذاري هوندي آهي، پر جڏهن باقي وٽن ڪجهه به نه رهندو آهي، تڏهن نوجوان ڇوڪريون جون رڳو ۽ رڳو اوڻائيون ئي ڏسي سگهنديون آهن ۽ انهن تي ڦِٽَ لعنت ئي ڪري سگهنديون آهن.“
پوءِ هوءَ چار مهينا اڳ آيل 2010ع واري درياهي مها ٻوڏ ۾ سندن حويليءَ جي اجڙڻ جي خيالن ۾ گم ٿي ويئي:
ڪوٽ عالمو وٽان، مرڪزي سرڪار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ صوبائي سرڪار جي منصوبابندي، رضامندي ۽ نگرانيءَ هيٺ سرڪاري ڪرينن ذريعي، پٿرن سان پچنگ ٿيل بند ٽوڙي آنڌل هٿرادي ٻوڏ جن علائقن ۾ پاڻيءَ ذريعي تباهي مچائي، تنهن کان ته سڄي دنيا واقف ٿي چڪي آهي. پر جيڪي علائقا پاڻيءَ جي زد کان پري هئا، تن جي ماڻهن کي به سرڪاري اعلانن ذريعي هڪدم گهر خالي ڪري ڀڄي وڃڻ جي حڪمن جيڪا تباهي آنڌي، تنهن جا مثال به دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهن.
هوءَ ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچي ويل علائقي ۾ پنهنجي اباڻي زميندارن جي شاهي حويليءَ ۾ رهندي هئي. هوءَ پڙهي لکي بااخلاق ڇوڪري هئي. اوچتن اعلانن تر جي سموري عوام وانگر هُن جي مائٽن کي به مت مان ڪڍي ڇڏيو. هر طرف کان ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان واري افراتفريءَ ۾ هُوءَ پنهنجي گهرڀاتين سميت مڪليءَ تي، قومي شاهراهِ جي پاسي ۾، ڊگري ڪاليج ٺٽو جي اڳيان هڪ تنبوءَ ۾ پناهه وٺي اچي ويٺي هئي. پڻس هٿ جو ٿورو پڪو هو، تنهن ڪري مسواڙ تي ڪا جاءِ وٺي ويهڻ ۾ سستي ڪيائين ته جايون به سڀ هٿ مان نڪري ويون. پوءِ هو هڪ شاندار حويليءَ جا رهاڪو، پينڙيات فقيرن جهڙي جُهڳيءَ ۾ رهي حالتن کي مُنهن ڏيڻ لڳا. اڀري سڀري جهڳي ڏسي هر خيراتي ادارو، امداد ورهائڻ وارو ادارو، ٻاهريون مالياتي ايجنسيون ۽ اين جي اوز وارا هنن کي امدادي سامان، کاڌ خوراڪ ۽ پئسه ڏوڪڙ ته جام ڏيو پئي ويا، پر انهيءَ انساني همدرديءَ ۽ انساني خدمت جي عيوض هُنن هِنَ خوبصورت ۽ انتهائي حسين ڇوڪريءَ کان جيڪا قيمت وصول ڪئي، تنهن انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ٿيو هيئن جو هڪڙي سنجها ويل، انساني خذمتگارن جي روپ ۾ هڪ جلادن جو ٽولو، تيار ٿيل کاڌو ۽ شربت جو ڪُولر ڀري هنن کي ڏيئي ويا. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ کاڌي ۽ شربت ۾ شامل نشه آور دوا جي اثر هيٺ سمورا ڀاتي ننڍ پئجي ويا ۽ پوءِ هڪ شاندار ڪار آئي ۽ اچي هنن جي جهڳيءَ وٽ بيٺي، ڊرائيور ۽ ٻيو همراهه هيٺ لٿا، جهڳيءَ اندر گهڙيا. هُن معصوم ڇوڪريءَ کي کڻي ڪار جي پٺئين سيٽ تي ليٽايائون ۽ ڪار هلي ويئي.
مڪليءَ تي ئي هڪ حويليءَ نما بنگلي ۾ ٻوڏ جي ستايلن جي خدمت ڪندڙ سڄي رات انسانيت کي اگهاڙو ڪري، وسڪيءَ جي ڍُڪن ڀرڻ، جاڙا جاڙا ٽهڪ ڏيڻ ۽ نياڻيءَ جي لڄ جي تذليل ڪرڻ سان گڏ هنبوڇيون هڻندا رهيا ۽ پوءِ رات ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي هُن کي واپس تنبوءَ ۾ ڇڏي ويا.
ڪجهه به ڪو نه ٿيو، نه مائٽن جي احتجاج ڪو رنگ لاتو، نه سماجي فلاحي ادارا ڪجهه ڪري سگهيا، نه پوليس ۽ انتظامي سرڪاري مشنري حرڪت ۾ آئي، نه مذهبي ۽ روحاني پيشوا پنهنجون ڪرامتون ڏيکاري سگهيا. نه ئي ڳاڙهين اکين وارن ۽ ڪاٽن پائيندڙ قوم پرست ڪامريڊن ڪو ٻوٽو ٻاريو ۽ .... ۽ نه ئي وري خدا جي خدائيءَ پنهنجو جوش ۽ جلال ڏيکاريو.
تنهن ڪري ڪجهه به ڪو نه ٿيو.
۽ جيڪو ٿيو، تنهن هُنَ انتهائي خوبصورت ۽ انتهائي حسين ڇوڪريءَ کي، هِن پوڙهي ڊاڪٽرياڻيءَ جي گارين ٻڌڻ لاءِ آڻي هِن اسپتال تائين پهچايو، جيڪا ٻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
(نوٽ: ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي ويئي 26 سيپٽمبر 2010
-ڪهاڻي مڪمل ٿي مئي 2012 جي 17 تاريخ.
اهڙي طرح هِن مختصر ڪهاڻيءَ مڪمل ٿيڻ ۾ هڪ سال
ست مهينا ۽ ويهه ڏينهن ورتا.
(600 ڏينهن)
پرويز)