ڪھاڻيون

آزاديءَ جو صبح

سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن اوج تي آهي، ان اوج ۾ ٻين اڻڳڻين ڪهاڻيڪارن سان ٻٽ ٻيٺل اسان جو پرويز پڻ آهي. جنهن لڳاتار ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ بنا ڪنهن ساهيءَ جي، هو ڪهاڻين سان گڏوگڏ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو کاتو ڪنهن نينهن نهوڙيل ڇوڪريءَ جي جهول وانگر رنگ برنگي گلن سان ڀرجندو ٿو وڃي ۽ اڄ جي ڪير سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو ته، ان ۾ کيس هر رنگ جون ڪهاڻيون ساهه کڻندي محسوس ٿينديون ...
هي ڪهاڻي ڪتاب : ”آزاديءَ جو صبح“ پڻ ان لهر جي هڪ لار ئي ته آهي... پرويز هميشه حقيقت پسند لکت جو ساٿاري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو آهي ته، پڙهندڙ کي ڇا ڏجي ۽ ڇو ڏجي... هن جا مڙوئي ڪتاب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وقت جي گُهر آهن ڪوبه ڪتاب يا سندس لکڻي بنا ڪنهن ڪارج جي ناهي
  • 4.5/5.0
  • 2343
  • 789
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • پرويز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آزاديءَ جو صبح

چڪيا چاڪ چيهون ڪري....!

”آءٌ واٽون سدا ويٺي نهاريان
من منهنجا اباڻا اچن.
من منهنجا اباڻا اچن....
الا، من منهنجا ڏوٿيئڙا اچن....
آءٌ واٽون سدا....!“
صبح جا ڏهه کن ٿيا هئا. سياري جو تِڙِڪو ماڻهوءَ کي وڻي رهيو هو. ٻن پڪي ڪوٺين ۽ ورانڍي تي مشتمل جاءِ جي اڳيان هڪ خلاصو اڱڻ هو، جنهن جي هڪ طرف نم جو گهاٽو وڻ بيٺل هو ۽ ٻئي پاسي کليل حصي ۾ پيل هڪ کٽ تي نصيبان ويٺل هئي. هڪ سهڻي چِٽيل رلي سندس گوڏن تي پکڙيل هئي. هوءَ سُئيءَ سان رنگين ڌاڳن جا سيبا ڪڍي رهي هئي. اڄ ويٺي ئي ويٺي اوچتو ئي اوچتو پراڻين يادگيرين جي وِيرِن مٿس وراڙو ڪيو هو ۽ هوءَ سيبي کي ڇڏي انتهائي درديلي ۽ سُريلي آواز ۾ ڪنهن وقت جو مشهور ۽ مقبول لوڪ گيت ”آءٌ واٽون سدا ويٺي نهاريان...“ جُهونگارڻ لڳي. هُوءَ پنهنجي آس پاس کان بي نياز، لوڪ گيت جُهونگارڻ ۾ ايتري ته گم ٿي ويئي هئي، جو کيس اِها به سُڌ ڪا نه پئي ته سندس اکين مان لڙڪ سَريون ڪري سندس پوڙهين مِٽِن تان لڙي رهيا هئا. کيس اِها به خبر ڪا نه پئي ته سندس پٽ ڪمال دين ۽ ننهن شاهينه آهستي آهستي اچي سندس پٺيان بيهي سندس جُهونگار ٻڌي رهيا هئا. هوءَ جذبات جي وهڪري ۾ ايترو ته لڙهي ويئي هئي جو سندس سُريلو آواز يادن جي درد جي شدت کان وات ۾ وچڙڻ لڳو هو ۽ هوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي هئي، جڏهن ڪمال ۽ شاهينه ڏٺو ته سندن ماءُ لوڪ گيت جهونگارڻ بدران مرڳو روئي رهي آهي، تڏهن ٻئي ڄڻا ڦري سندس سامهون آيا ۽ کيس چنبڙي پڇڻ لڳا ته ”امان تون ڇو پئي روئين...؟ اسين ته تنهنجو سُريلو آواز ٻڌڻ لاءِ اچي تنهنجي پٺيان بيٺا هئاسين. پر تون ته روئڻ لڳي آهين. ٻڌائي امان، تون ڇو پئي روئين؟ توکي ڪهڙو درد آهي؟ ڪهڙي شيءِ جي توکي گهرج آهي؟ امان تون رڳو حڪم ڪر. ڇا گهرجي توکي؟“
”نه منهنجا ٻچڙا مون کي ڪجهه به ڪو نه گهرجي. مون کي ڪا به تڪليف ڪانهي. توهان فڪر نه ڪريو. پريشان نه ٿيو.“
”ته پوءِ تون روئين ڇو پئي امڙ؟“ شاهينه دلگير ٿيندي پڇيو.
”بس امڙ، اڄ ايئن ويٺي ويٺي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو ته يادن جي دريا ۾ مانڌاڻ مچي ويو ۽ پراڻا ڦٽ چِڳي پيا. يادن جي ڇُٽل زخمن تان جو ڪڙيون لٿيون ته درد جون سُوٽون اڀرڻ لڳيون. يادگيرين جي واچوڙن ۾ ٿيلهجي ٿيلهجي جو زمين سَٽيَس ته سُڏڪا پاڻمرادو سُڏڪي پيا. وڇوڙي جا وسري ويل وَڍَ تازا ٿي پيا. هينئين جي هورا کورا درد ۾ ٻڏل دانهون بنجي آواز جو روپ ڌارڻ لڳيون ۽ رتوڇاڻ روح مان رسڪندڙ رت ريلا ڪري اکين جا آنسو بڻجي لڙي پيو. اِنهن مُئين يادن کي ڪير پڄي؟ اِهي ڪي روڪڻ سان رُڪجي به ڪڏهن سگهيون آهن..! بس ڙي امڙ، پنهنجي مرشد لطيف سائينءَ هڪ جاءِ تي چيو ڪو نه آهي ته:
سُور ورهايان سرتيون، جي ورهايا وڃن
ٻيون ڪو ٻُجهن، جنهن سنڌا تنهن سامهان..!
سو يادگيرين جا درد ۽ سور، وڇوڙن جي چهڪن سان چهڪيل لِڱَن جا ايذاءَ ۽ اذيتون ته انهن کي ڀوڳڻيون ۽ سهڻيون پون ٿيون، جن کي پيش اچن ٿيون. اوهين پريشان نه ٿيو. شال علي مولا (رضه) اوهان جي جوڙي سلامت رکي. اوهان جي خوش هجڻ سان ئي ته آءٌ اڃا جيان پئي. نه ته هاڻي مون کي وڌيڪ جي به ڇا ڪرڻو آهي. الله ڪري سدائين ائين مُرڪندا ۽ مَرڪندا رهو.“ ايئن چئي نصيبان اکين تي پاتل عينڪ لاهي، پنهنجي پوتيءَ جي پلانڌ سان پنهنجا لڙڪ اگهيا ۽ پوءِ ٻيهر عينڪ پائي رليءَ کي سبڻ لڳي. ڪمال ۽ شاهينه پڻ ڪجهه دير کيس آٿت ڏيئي ويا هليا. جيئن ئي هو هڪ پاسي ٿيا ته ٻيهر يادگيرين جو مينهن اوهيرا ڪري نصيبان مٿان وسڻ لڳو ۽ هوءَ رلي سُبندي سبندي اوهيرن جي ڌنڌلاهٽ ۾ هٿوراڙيون هڻندي هڻندي پنجاهه سال پوئتي ڌڪجي وڃي ماڃر جي سُکَ پُور واري علائقي ۾ پهتي، جتي هوءَ ڄائي هئي، نپني هئي، پڙهي هئي ۽ پوءِ مُکڙيءَ مان ٽِڙي گل ٿي هئي.
سُک پور هڪ چڱو خاصو وڏو ڳوٺ هو. سرسبز ۽ خوشحال ڳوٺ هو. اڀروسڀرو پرائمري اسڪول ته اڳ ۾ ئي موجود هو، پر پوءِ ڳوٺاڻن جي ڪوششن سان کيس وڌائي باقاعده اسڪول بنايو ويو ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن، هڪڙو جوان مڙس هٿ ۾ ٿيلهو کڻيو، پڇائون ڪندو، پنڌ ئي پنڌ، شام ڌاري اچي سک پور پهتو هو. اترادي لهجي ۾ مان تان (توهان) ڳالهائڻ جي ڪري ننڍڙا ٻار کِلَ ۾ رِڙِيو ٿي ويا. خبرون چارون ٿيون ته خبر پئي ته هُو ماستر آهي ۽ سکر ضلعي کان آيو آهي. سُک پور اسڪول تي سندس مقرري ٿي آهي ۽ هُو ڊيوٽي ڪرڻ آيو آهي. هن پنهنجو نالو نهال دين ٻڌايو هو. لاڙ جا ماڻهو، جن لاءِ اتر سنڌ جا ماڻهو چوندا آهن ته: اتر جو ڍڳو ۽ لاڙ جو ماڻهو ٻئي برابر. سي ڀلي ڪنهن جي نظر ۾ ڍڳن برابر ڇو نه هُجن، پر هو مهمان نوازيءَ جا خان هوندا آهن. تن جو ٻڌو ته ڪو اتر جو ماڻهو ماستر ٿي سندن اسڪول تي ٻار پڙهائڻ آيو آهي، سي مٿانئس قربان قربان ٿيڻ لڳا. اُن رات ته اسڪول ۾ ئي کٽ ۽ بسترو لڳائي ڏنائونس. پر ٻئي ڏينهن، اسڪول جي پاسي ۾ ئي بانٺ ۽ ڪانن جي اوطاق اڏي، ٿوڻيون کوڙي، مٿانئن لاٽڻ ۽ لڙا رکي، ڪايا هڻي، ٽوها ۽ پکا وجهي ڇِتِ ڇانئي، ان ۾ کٽ ۽ بسترو وجهي، ڪنڍ ۾ پاڻيءَ جو ڪورو مٽ ۽ گلاس رکي ڏنائونس. ٻاهر منجهه لاءِ ٺڪر ڪرو (بدنو) ۽ ٻيو به ضرورت جو حال سارو سامان مهيا ڪري ڏنائونس.
سائين نهال دين باقاعده هڪ استاد هو ۽ سندس مقصد ٻارَ پڙهائڻ هو. ان حوالي سان هن پهريائين ڳوٺ جي ماڻهن سان ۽ پوءِ انهن جي مدد سان ڀرپاسي جي ننڍن ننڍن ڳوٺن جي ماڻهن سان ملي سندن ٻارن کي اسڪول ۾ موڪلڻ جي استدعا ڪئي ۽ تعليم جي فاعدن سان کين روشناس ڪرايو. ڳوٺن وارن ساڻس تعاون ڪيو ۽ سندس محنتن رنگ لاٿو. مهيني کن ۾ اسڪول ٻارن سان ڀرجي ويو. نهال دين هڪ خوش طبع ۽ فضيلت ڀريو ٺاهوڪڙو جوان هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هُو جهڙوڪر هر ڳوٺاڻي جي دل ۾ پنهنجي لاءِ عزت ڀري جاءِ ٺاهي چڪو هو. هُو اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هو ۽ شام جو کين رانديون ڪُڏائيندو هو. نوجوانن سان راندين توڙي ڪچهرين ۾ سندن ساٿ ڏيندو هو. وڏي عمر جي عام ماڻهن توڙي سريالن سان ڊگهيون رهاڻيون ڪندو هو. مقصد ته هُو ڳوٺ جي هر مرد، ٻار توڙي ٻُڍي سان سندن مزاج مطابق اٿ ويهه ڪندو هو. موٽ ۾ ڳوٺ وارا به سندس هر ضرورت جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا.
وقت گذرندي ويرم ئي ڪا نه ٿي. اڃا جهڙوڪر نهال دين ڪلهه پئي ٿيلهو کڻيو پڇا ڪندو، پيرين پنڌ آيو هو سک پور ۾. پر اڄ کيس سک پور ڳوٺ ۾ رهندي ست اَٺ سال ٿي ويا هئا. سندس طرفان پهرئين درجي ۾ داخل ڪيل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به سنڌي فائنل پاس ڪري چڪا هئا. جن مان ڪن وڃي انگريزي اسڪولن ۾ داخلائون ورتيون ته ڪي وڃي نوڪرين۽ ڪرت سان لڳا. ستن اٺن سالن جي ڊگهي عرصي دوران وچ وچ ۾ نهال دين ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بدلي ڪرائي سکر وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو ته ڳوٺ وارا مٿس ڪاوڙجي پوندا هئا. ناراضگي ۽ محبت جو اهڙو اظهار ڪندا هئا جو نهال دين کي پنهنجي ڳالهه تان هٿ کڻڻو پوندو هو. نهال دين۽ ڳوٺاڻن جي وچ ۾ هڪ اهڙو رشتو قائم ٿي چڪو هو، جنهن کي بظاهر ته ڪو نالو ڏيئي ڪو نه پئي سگهجيو، پر اهو بي نام رشتو ايترو ته مضبوط ۽ ايترو ته قربائتو هو، جنهن جو مثال ڳولڻ سان به ڪو نه پئي مليو. تنهن ڪري ڳوٺاڻن جي محبت ڀري ۽ قربائتي ناراضگي نهال دين کي پيرن ۾ ونگ وجهي ڇڏيندي هئي ۽ هُو چاهيندي به سکر وڃي نه سگهندو هو.
۽ پوءِ اُهو ٿيو، جيڪو نه ٿيڻ کپندو هو.
اُها هڪڙي سياري جي ڪاري رات هئي. چنڊ جي ستاويهين رات هئي ۽ جنوريءَ جو پهريون هفتو هو. آسمان ڪڪرن سان ڇانيل هو. سيءُ هو اُن رات....! هوا سُڪ بند هئي. رڳو سڪو سِيءُ هو. لاڙ ۾ برف ته ڪا نه وسندي آهي، پر اُن رات لڳو پئي ته جهڙوڪر برف پئي وٺي. هر ڪو ساهه وارو پنهنجي اجهي، گڀري ۽ ڀيڻيءَ آهر سُڪڙيو سوڙهو ٿيو پيو هو. ايتري قدر جو وڻن به جهڙوڪر ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو هو. پن به ڪو نه ٿي چُريو. اهڙيءَ ئي خطرناڪ اونڌاهيءَ ۾، وحشتناڪ سيءَ ۾ ۽ هيبتناڪ سناٽي ۾ نصيبان هڪ وڳي ڌاري اٿي پنهنجي گهٽيءَ جي کڙاهه لاهي، سندن گهر کان ٻه سئو کن فوٽ پري اسڪول جي ڀرسان ٺهيل ماستر نهال دين جي اوطاق ۾ هلي آئي هئي. توڙي جو هُوءَ ٿلهي چنڙي گنڌيءَ ۾ ويڙهيل هئي ۽ کيس موٺڙي جي تاڪئي جي سٿڻ پاتل هئي، پر پوءِ به بي انداز سيءَ جي ڪري هوءَ ڏڪي رهي هئي. انتهائي ٿڌاڻ جي احساس کان سندس بدن مان سيسڙاٽ ۽ ڌُرِڻيون نڪريو ٿي ويون. اوطاق جو ڏاڪائو در ٻيڪڙيل هو. هُوءَ جيئن ئي در کولي اندر داخل ٿي ته در جي هلڪي چيڪاٽ جي آواز تي نهال دين پاسو ورايو. سيءَ کان ٻن سَوَڙِين ۾ سُتل نهال دين کي ساَرَ ٿي پئي ۽ هُو سُتي ئي ستي ڪنائڻ لڳو. گهڻي اوندهه هجڻ ڪري واضح طرح ڏسڻ ۾ ته ڪجهه به ڪو نه ٿي آيو، پر پوءِ به ڪجهه ساعتن بعد هن محسوس ڪيو ته ڪو ماڻهو سندس سيرانديءَ کان بيهي وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو آهي. اُن زماني ۾ اڃا ايتري بدامني به ڪا نه هئي. ٻيو ته هٿين خالي ماستر وٽ هوندو به ڇا، جو ڪو چور چڪار اوطاق اندر گهڙي اچي. ٽيون ته ماستر جي بي داغ ڪردار جي ڪري ساڻس ڪنهن جي دشمنيءَ جو ته سوال ئي ڪو نه ٿي اڀريو. تنهن ڪري انهن خدشن تي سوچڻ کان سواءِ ئي ماستر نهال دين بنا ڪنهن خوف خطري جي سوڙون هڪ پاسي ڪري اٿي ويٺو ته کيس ڀر ۾ اوڇڻ ۾ ويڙهيل ڪو ماڻهو بيٺل نظر آيو. پهريائين ته ماستر حيران ٿيو، پريشان ٿيو ۽ ششدر ٿيو. پر پوءِ انهن سڀني ڪيفيتن تي ضبط ڪري، پُرسڪون لهجي ۾ پڇيائين: ”ڪهڙو آهين....؟“ توڙي جو کيس اِن وچ ۾ٿورا گهڻو اندازو ته ٿي چڪو هو ته بيٺل ماڻهو ڪو مرد نه پر عورت ئي ٿي سگهي ٿي.
”نصيبان آهيان!“ نصيبان پنهنجي ساهن جي سهڪي تي ضابطو آڻيندي چيو.
”نصيبان تون....! سو به هن مهل....!! آڌيءَ رات جو....!! اڪيلي اڪيلي....!! ڇو، خير ته آهي...!؟“ ماستر حيران ٿيندي پنهنجي ڳالهه کي ٽڪرن ٽڪرن ۾ تقسيم ڪندي پڇيو. سندس ڪڏهن اِن پاسي توجهه ئي ڪو نه ويو هو ته جڏهن عشق جي آتش، جوالا مُکي بڻجي لاوا اوڳاڇيندي آهي، تڏهن اندران اُڀڪي نڪرندڙ ٽهڪندڙ لاوا پنهنجا گس، پنهنجون واٽون ۽ پنهنجون ڏِسون پاڻ ٺاهيندو ويندو آهي ۽ رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ، هر رڪاوٽ ۽ هر مزاحمت ڍڪجي ويندي آهي، ميسارجي ويندي آهي ۽ نيست و نابود ٿي ويندي آهي. ۽ اڄ رات نصيبان به سڀ رڪاوٽون، سڀ اخلاقي جواز ۽ سموريون سماجي، ثقافتي ۽ روايتي پابنديون ٽوڙي اچي ماستر نهال دين وٽ پهتي هئي.
”خير هجي ها ته هن مهل آڌيءَ رات جي اونڌاهيءَ ۾ گهر جي گهٽي اورانگهي ڪو نه اچان ها. خير جون خبرون ڏينهن جي سوجهري ۾ به ڪري سگهجن ٿيون...!“
”پر ٻڌائي ته سهي، ڇا ٿيو آهي؟ ڪير بيمار ٿي پيو آهي ڇا...؟ يا ڪو ٻيو مسئلو آهي.“ ماستر پريشان ٿيندي پڇيو.
”ٻيو ڪو به مسئلو ڪونهي. ها، باقي بيماري ئي لڳي آهي...!“ نصيبان ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني. ”پر ڪير بيمار ٿيو آهي، تنهنجو ڀاءُ؟ تنهنجو پيءُ؟ يا تنهنجي ماءُ؟“ ماستر کي خبر هئي ته نصيبان جي گهر ۾ ڪل چار ئي ته ڀاتي هئا.
”ٻيو ڪير به نه، پر آءٌ پاڻ بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي آهيان.“ گهڻي اونڌاهي هجڻ ڪري هو ٻئي هڪ ٻئي جي چهرن جون ڀاونائون ڏسي ڪو نه پئي سگهيا. نه نصيبان ماستر جو فڪرمند چهرو ڏسي پئي سگهي ۽ نه ئي ماستر نهال دين نصيبان جو ڊپ، خوف ۽ خدشن جي ور چڙهيل ۽ سفيد ٿي ويل چهرو ڏسي پئي سگهيو.
”اوهه....! پر تون پاڻ بيماريءَ جي حالت ۾ ۽ هيڏي ساري سيءَ ۾ هيڏانهن ڪيئن آئي آهين....؟ ڇا پڻهين ۽ ڀاڻين گهر ۾ موجود ڪونهن ڇا...؟“
”سڀ گهر وارا گهر ۾ موجود آهن ۽ مٺي ننڊ ۾ ستا پيا آهن. پر مون کي نه دوا جي بيماري آهي ۽ نه دعا جي بيماري، جو مون کي انهن جي ضرورت پوي. منهنجي بيماريءَ جو علاج رڳو تو وٽ آهي. ٻئي ڪنهن وٽ به ڪونهي....!“
”نصيبان، تون هيءُ ڇا پئي چوين...!؟ تون سمجهين ٿي ته تون ڇا پئي چوين...!“ ماستر حيران ۽ پريشان ٿيندي چيو.
”ها نهالَ.... آءٌ سڀ ڪجهه سمجهان ٿي...! مون مهينن جا مهينا سوچي سمجهي، غور ۽ ويچار ڪري، پوءِ ئي پنهنجي گهر جي چانئٺ ٽَپي آهي. تون ڪو الڪو نه ڪر. مون نه ڪو اٻهرائيءَ ۾ تڪڙو قدم کنيو آهي ۽ نه ئي وري آءٌ پنهنجي اِن کنيل قدم تي نادم آهيان. مون کي تنهنجي ضرورت آهي. مون کي بس رڳو تون کپين. آءٌ گذريل اٺن مهينن کان توکي پنهنجي دل ۾ ويهاري ويٺي آهيان. تنهنجي عشق جو ڀُوت مون تي واسو ڪري ويو آهي. لک ڪوششون ڪرڻ کان پوءِ به، جڏهن تنهنجي عشق جي پنجوڙ مان جند نه ڇڏائي سگهيس. تڏهن اڄ گهر وارن کي ڀَتَ ۾ نشي جي دوا وجهي، کين گهري ننڊ ڏيئي پوءِ هيڏانهن آئي آهيان. هاڻ مون کي مارڻ يا جيارڻ تنهنجي هٿ ۾ آهي. پر هڪڙي ڳالهه ياد رک ته آءٌ توکي مجبور ڪا نه ڪنديس ته هروڀرو مون کي جئيندان ڏي. تون مون کي ماري به سگهين ٿو. منهنجي التجا آهي ته جي مارڻ چاهين ته هڪڙي ڌڪ سان ماري ڇڏ، ته جيئن روز روز جي مرڻ کي هيڪاندي جند ڇٽي پوي. توکي جيئن به، جتي به سولو مارڻ لڳي، اتي آءٌ پهچي وينديس. توکي منهنجو خون معاف آهي. پر جي جيارڻ چاهين ٿو ته اِهو ڪن کولي ٻڌي ڇڏ ته آءٌ توکان سواءِ جي ڪا نه سگهنديس. ڳالهه اٿئي صفا سِڌي پِڌي سونٽي جي. نڪالِڪَ، نڪا ڇِپَ.“ نصيبان هڪ ئي ساهيءَ ۾ پنهنجو اندر کولي کڻي ماستر جي اڳيان رکيو.
ماستر نهال دين حال هڪيو ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. هُو ايترو ته مُنجهي پيو هو، جو نه هُن نصيبان کي کٽ تي يا پاسي ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. هُو ڪجهه ساعتون جواب ڏيڻ بنا ئي منتشر سوچن ۾ گم ٿي ويو. ۽ پوءِ هن نصيبان کي ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ انتهائي پنهنجائپ واري ۽ برجستي لهجي ۾ نصيبان کي مخاطب ٿي چيائين:.
”ڏس نصيبان، مون کي هتي ست اٺ سال ٿيا آهن. مون کي هن ڳوٺ وارن ايتري ته پنهنجائپ، قرب ۽ مان ڏنو آهي، جو آءٌ کين پنهنجا مائٽ سمجهندو آهيان ۽ هنن به مون کي پنهنجي ٻچي ۽ ڀاءُ جيتري محبت ڏني آهي. هاڻ ٻڌائي ته آءٌ انهن سان ڪچائي ڪيئن ڪريان...!؟ نصيبان مون کان اهو ڪُدو ڪم نه ڪرائي جو مرڳو ماڻهن جو رت جي رشتن تان ويساهه ئي کڄي وڃي.“ ماستر نصيبان کي سمجهائيندي چيو.
”تون ڪو به ڪچو ڪم نه ڪر، ۽ نه ئي آءٌ به ڪا حَوَس جي تسڪين لاءِ تون وٽ آئي آهيان. تون منهنجي مائٽن کان منهنجو سڱ گهر....۽....“
”پر اِها ته مون کي به خبر آهي ته تنهنجي ڳالهه اڳ ئي تنهنجي ماسات سان طئي ٿيل آهي.“ ماستر نصيبان جي ڳالهه پوري ٿيڻ ڪا نه ڏني.
”ها، رڳو ڳالهه ٿيل آهي، نڪاح ڪونهي پيل. پر عشق جي آتش ته نڪاح جي ٻن ٻولن کي به ميڻ وانگر پگهاري ڇڏيندي آهي ۽ وري نَوَن رشتن ۽ ناتن جو جهان جوڙيندي آهي.“
”پر مون کي ته اِها به خبر آهي ته تنهنجي برادريءَ جا ماڻهو، پنهنجي برادريءَ جي رڳو ٻئي پاڙي ۾ به سڱاوتي ڪو نه ڪندا آهن ۽ آءٌ ته ٿيس ٽئين دنگ جو ماڻهو ۽ ڌارئين برادري جو ماڻهو. سو ڪٿي ڏيندا مون کي تنهنجو سڱ....! هروڀرو پاڻ ٻئي ڏچي ۾ پئجي وينداسين. آءٌ ته خير هليو ويندس پنهنجي ڳوٺ، پر تون آزار ۾ پئجي وينديئين. تنهنجي مائٽن، ساهرن، ڳوٺ وارن ۽ تنهنجي مڱيندي جي نظرن ۾ اچي وينديئين. پوءِ تنهنجو جيئڻ عذاب ٿي پوندو. تنهن ڪري اهڙو قدم کڻجي ئي ڇو، جنهن ۾ رڳو نقصان ئي نقصان هجي....! ماستر ٻيهر نصيبان کي سمجهائيندي چيو.
”اڃا ٻيو گس به آهي....!“ نصيبان ڌيرج سان چيو.
”سو ڪهڙو؟“
”پاڻ نڪري هلون.“ نصيبان پرسڪون لهجي ۾ چيو.
”نصيبان....! تون ڇا چيو؟ نڪري هلون...!“ ماستر حيران ٿيندي چيو.
”ها. نڪري هلون.“ نصيبان وري به بنا ڪنهن تاثر جي چيو.
”ڇا ڳوٺ وارن کي آءٌ سندن خلوص، قربن، پنهنجائپ ۽ عزت جو اِهو صلو ڏيان ته ست اٺ سال نمڪ پاڻي کائي پيءُ، موٽ ۾ سندن ٻانهن ڀڄائي وڃان....! سندن عزت، غيرت ۽ مان کي مٽيءَ ۾ ملائي پنهنجي مُنهن ۾ ڌوڙ پايان...!! اُنهن تان راڄ کلايان، جن مون کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون...!؟ نصيبان... نصيبان، ماڻهو پنهنجي جذبن جي تسڪين لاءِ ايترو به هيٺ ڪِري سگهي ٿو، مون ڪڏهن ائين سوچيو به ڪو نه هو. مون کان اهڙو ڪوجهو ڪم ڪو نه ٿي سگهندو... آءٌ ائين نه ڪري سگهندس....!“
”ته پوءِ هڪڙي سرداري مون تي ڪر.“ نصيبان ساڳئي پرسڪون انداز ۾ چيو.
”ڪهڙي؟“
”مون کي ماري ڇڏ.“
”اِهو بڇڙو ڪم به ڊيڊ کان ٿي ڪرائڻ چاهين! آءٌ ائين به نه ڪري سگهندس.“
”خير تون نه ماريندين ته ماري ته آءٌ به پاڻ ئي پاڻ کي ڇڏينديس. پر منهنجي دل ٿي چاهي ته تنهنجي هٿن سان تنهنجي هنج ۾ ساهه ڏيان، ته من منهنجي تڙپندڙ روح کي سڪون اچي ۽ منهنجو آخري پساهه سولائيءَ سان پرواز ڪري وڃي.“
”پر آخر تون اهڙي تقاضا ئي ڇو ٿي ڪرين، جنهن سان تنهنجي جان داءَ تي لڳي. ڇا اِهو ضروري آهي ته جيڪا ڳالهه چاهجي، سا پوري ٿئي، نه ته جيئڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏجي..!؟“
”اِهي عقل وارن جون ڳالهيون آهن ۽ عقل وارن کي ئي سمجهه ۾ اينديون هونديون. جيڪي ماڻهو ڪنهن جي چاهت ۾ چريا ٿيندا آهن، تن کي انهن هدايتن ۽ نصيحتن جو ڪو به اثر ڪو نه ٿيندو آهي.“
”ڀلي ڪو چريو مجذوب هجي، پر پوءِ به پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت جو ته خيال ڪرڻ گهرجي نه. صفا ايئن ليڪا لتاڙڻ کي ڇا چئجي؟“
”جيڪي وڻيئي سوچئو. باقي هن مهل منهنجي اڳيان صرف ٻه ڳالهيون آهن. توسان ملاپ، يا موت. ۽ بس.“
”اِهو تنهنجو آخري فيصلو آهي...؟“ ماستر کانئس پڇيو.
”ٻي ڳالهه ڪا نه ٿيندي.“ نصيبان فيصله ڪن ۽ برجستي لهجي ۾ چيو.
”ته پوءِ منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃ.“
”ڪهڙي؟“
مون کي پنج مهينا مهلت ڏي.“
”ڀڄڻ ٿو چاهين؟“
”نه، قطعي نه.“
”ڪيئن اعتبار ڪريان؟“
”هن مهل ڪيئن مون تي اعتبار ڪري گهران نڪتي آهين؟“
”پنج مهينا الاهي آهن.“ نصيبان ڳڻتي ظاهر ڪئي.
”لطيف سائينءَ چيو آهي ته ”جي قيام مِڙن، ته به اوڏا سپرين...! هيءَ ته پنجن مهينن جي ڳالهه آهي.“
”الاجي ڇو، منهنجي دل ٻڏي پئي....! مون کي اعتبار نٿو اچي....!“ نصيبان روئڻهارڪي ٿيندي چيو.
”ڏس نصيبان، مون کي پنهنجي مائٽن سان به ڳالهائڻو پوندو. کين راضي ڪرڻو پوندو. ايئن جي اوچتو ئي اوچتو پاڻ هلي بيهي رهون۽ جي هو توکي قبول نه ڪن ته پوءِ؟ تنهن ڪري مون کي وقت ته لڳندو.“
”مون سان ويساهه گهاتي ته نه ڪندين....؟“ نصيبان وري خدشو ظاهر ڪيو.
”اميدن تي دنيا قائم آهي. الله مان آسرو نه لاهي. مالڪ مڙيئي چڱي ڪندو.“
”پر الاجي ڇو منهنجي دل گهٻرائي رهي آهي. ماستر مون سان اٽڪل ته نه ڪندين!“
”نصيبان، آءٌ نٿو چاهيان ته ڪو به ماڻهو منهنجي هٿان، يا منهنجي ڪري ڪنهن ٻئي جي هٿان، يا مرڳو پاڻ پنهنجي هٿان موت جو کاڄ بڻجي. ساڳي طرح آءٌ اِهو هرگز ڪو نه چاهيندس ته منهنجي ڪري تنهنجو خوبصورت جيون به موت جي ور چڙهي وڃي. باقي سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي، سا ڪهڙي خبر! تون ڀروسو ڪر. آءٌ پنهنجي وس آهر هر ممڪن ڪوشش ڪندس ته تون کلندي خوش ٿيندي زندگي گذارين.“
”پوءِ آءٌ وڃان ٿي.“ ايئن چئي نصيبان ڪُرسيءَ تان اٿي ۽ پاڻ کي چنڙيءَ پوتيءَ ۾ ويڙهي سيڙهي وڃڻ لڳي ۽ پٺيان ماستر نهال دين کي سوچن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ڇڏي ويئي.
***
۽ پوءِ ماستر نهال دين هڪ مهيني کان پوءِ، بظاهر هڪ مهيني جي حقي موڪل وٺي، پنهنجي ڀيڻ جي شاديءَ جي تياريءَ لاءِ، ڳوٺ وارن کان روايتي انداز ۾ اڳوڻي وانگر موڪلائي هليو ويو. پر جڏهن ماستر مهيني کان پوءِ به نه موٽيو، تڏهن سڀني ڳوٺ وارن کي فڪر ورائي ويو ته ماستر اڃا الاجي ڇو ڪو نه وريو. پر نصيبان جا ته جهڙوڪر ڇيهه ڇڄي پيا. هُن کي اُڍڪو ته پهريائين ئي هو ته الاجي نهال دين ساڻس اٽڪل پيو ڪري...! پر هاڻ ته کيس پڪ ٿي ويئي ته واقعي ماستر ساڻس ويساهه گهاتي ڪري ويو آهي. پر هوءَ ڪري به ڇا ٿي سگهي!؟ دل جو سور دل ۾ سانڍي ماٺ ڪري رهي. اُن هوندي به هوءَ پنهنجي پيار مان نااميد ڪا نه ٿي هئي. هن پنهنجي مُنهن پئي سوچيو ۽ گهڻو ئي سوچيو ۽ پوءِ عهد ڪيو ته ڀلي نهال ڪيترو به وٽانئس پري ڀڄي، پر هوءَ ضرور کيس لوچي لهندي.
ڏيڍ مهيني کان پوءِ ماستر نهال دين جي جاءِ تي ٻيو هيڊ ماستر اچي دخل ڪار ٿيو. جنهن جو چوڻ هو ته ماستر نهال دين پهريائين ته برابر حقي موڪل ورتي هئي. پر پوءِ سندس والد جي فوتيءَ جو سبب ڄاڻائي هتان پنهنجي بدلي ڪرائي ڇڏي آهي. هاڻي هُو سکر ضلعي جي ڪنهن اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو آهي. پوءِ ڪيترائي ڏينهن ماستر نهال دين ڳوٺ وارن جي زبان جو موضوع رهيو. ڪن سندس سهڻي ۽ بي داغ ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ ڪن سندس ملنساري ۽ پنهنجائپ جي ساراهه ڪئي. پر سڀئي ڳوٺاڻا هڪ ڳالهه تي يڪراءِ هئا ته ماستر کي ايئن بنا ٻڌائڻ ڀڄي نه وڃڻ گهرجي ها. اڄ نه، ته سڀاڻي وڃڻو ته کيس هوئي، پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ايڊريس يا ڳوٺ جو ڏس پتو ته ڏيئي وڃي ها، ته ماڻهو ڪڏهن خط پٽ لکي پيو خبر چار وٺي ها. هاڻ سکر ضلعو ڪو ننڍڙو ڳوٺ ٿورو ئي آهي جو ڳولي وڃي هٿ ڪجيس. ڪهڙي خبر ته سکر ضلعي جي ڪهڙي تعلقي، ڪهڙي تپي، ڪهڙي ديهه ۽ ڪهڙي ڳوٺ يا شهر ۾ ٿو رهي، جتي ماڻهو وڃي مليس. پر وري به خير هجيس. جتي به هجي، الله ڪري خوش هجي. ماڻهو ڏاڍو ڀلو هو...! ايئن ڪجهه وقت کان پوءِ ڳوٺ وارن لاءِ ماستر نهال دين جو ذڪر پراڻي ياد بڻجي رهجي ويو هو.
پر نصيبان جي اندر ۾ جاڪُني ٻَڙَڪي رهي هئي، تنهن جي خبر ڪنهن کي به ڪا نه هئي. ڳوٺ وارا ته پري رهيا، پر سندس گهروارن کي به خبر ڪا نه هئي ته ڪو ڀنڀور کي باهه لڳي چڪي آهي، جنهن ڪک پن سميت نصيبان جو سارو وجود ساڙي، کانئي رک ڪري ڇڏيو آهي.
پوءِ هڪڙي ڏينهن، معمول مطابق هُوءَ پنهنجي ڳوٺ وارين ساهيڙين سان گڏجي ٻه ڪلوميٽر پري شهر وئي هئي. هو سڀئي اڪثر ڏهين پندرهين ڏينهن گڏجي شهر وينديون هيون. جتان هو سڳين، اڳٺن ۽ ٻانهوٽن لاءِ گهربل رنگين ڪشميرو، پشم، زري، ستارا ۽ ٻيو ضرورت جو سامان وٺنديون هيون ۽ ٺهيل اڳٺ، سڳيون ۽ ٻانهوٽا دڪاندارن وٽ کپائينديون هيون. اُن ڏينهن نصيبان کي سامان وٺڻ سان گڏ ٻيو ڪم به هو. هوءَ ساهيڙين کي بازار ۾ ڇڏي، پاڻ اک بچائي ويجهو ئي تعليم کاتي جي آفيس ۾ هلي ويئي. جتي هوءَ پڇا ڪري وڃي اُن ڪلرڪ تائين پهتي، جتان کيس ماستر نهال دين جي ايڊريس ۽ ڳوٺ جو ڏس پتو ڪاغذ جي ٽڪر تي لکجي مليو.
ان ڳالهه کي به ٻه مهينا گذري ويا. ڪا به زمين ڪا نه ڦاٽي. ڪو به زلزلو ڪو نه آيو ۽ نه ئي وري ڪو آسمان ئي ڪريو. سڀ ڪجهه معمول مطابق هو. آهستي آهستي ماستر نهال دين ڳوٺ وارن کان ته وسرندو پئي ويو. پر نصيبان کان هڪ پل لاءِ به ڪو نه وسريو هو. ننڊ توڙي جاڳ ۾، ڪم ڪار دوران يا وانڌڪائيءَ ۾، سهيلين سان ڪوڏين ڪڏندي توڙي اڳٺن جا ٽونئر ٺاهيندي، سڳيون يا ٻانهوٽا ٺاهيندي، ماني پچائيندي توڙي ساڳ رڌيندي هُو هر وقت نصيبان جي دل ۾ پيو هُرندو هو. سچ چيو آهي لطيف سائينءَ ته:
ديسي سيڻ ڪجن، پر ديسي ڪهڙا پرين؟
لڏيو لاڏوڻا ڪيو، پنهنجي ديس وڃن،
پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
سو ماستر نهال دين به نصيبان لاءِ پرديسي هو ۽ هُو پنهنجي ديس هليو ويو هو. ماستر جو خيال هو ته ڳوٺ وارن جي ايڏي قرب ۽ مان ڏيڻ جي موٽ ۾ سندن نياڻي ڀڄائي وڃڻ ڪنهن به طرح مناسب ناهي. تنهن ڪري هُن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هُو سک پور ڳوٺ ڇڏي ويندو ۽ اُن فيصلي تحت هُو ڳوٺ ڇڏي هليو ويو هو. وڃڻ کان پوءِ هُو مطمئن هو ته هُن ڪو به ڪچو ڪم ڪو نه ڪيو آهي. جنهن تي کيس شرمساري ٿئي. باقي رهي نصيبان، سا پاڻيهي روئي رڙي، ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ مون کي وساري ڇڏيندي. پر جي نه وساري سگهي، ته به مون تائين پهچڻ سندس لاءِ ناممڪن آهي.
پر ايئن نه ٿيو .
ان ڏينهن به نصيبان ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرين سان گڏ شهر ويئي هئي. ان ڏينهن به وٽس اڳوڻي وانگر هڪڙي هڙو ٽڙي هئي. پر اُن ڏينهن هڙوٽڙيءَ ۾، شهر ۾ کپائڻ لاءِ سڳيون ۽ اڳٺون، ڪين هيون، پر سندس ٻه وڳا ۽ سڳين، اڳٺن ۽ ٻانهوٽن مان ميڙيل پئسا هئا. ان ڏينهن کيس شهر مان نه ڪجهه وٺڻو هو ۽ نه ئي ڪجهه کپائڻو هو. بازار ۾ گهڙڻ کان پوءِ هوءَ ٻين ماين کان ڇڄي وڃي بس اسٽاپ تان حيدرآباد جي بس ۾ چڙهي. اڇي برقعي ۾ هجڻ ڪري کيس شهر مان نڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ سامهون ڪا نه آئي. حيدرآباد ۾ لهي ٽيشڻ جي پڇا ڪري، ٽڪيٽ وٺي وڃي سکر واري ريل ۾ چڙهي.
جيڏي مهل ڇوڪرين جي ورڻ جو ٽائيم ٿيو، تيڏي مهل ٻيون ته سڀ اچي گڏ ٿيون، پر نصيبان ٺهي ئي ڪا نه. پوءِ ڇوڪرين وَرَ ڦِرَ ڏيئي نصيبان کي ڳوليو پر نصيبان هجي ته ملي. پوءِ ڳوٺ جي هڪ ٻن مردن سان به ڳالهه ڪيائون، جيڪي ڪم سانگي شهر ۾ آيا هئا. پر ٻيو مڙيو ئي ٿيو خير! اُهو ڏينهن ۽ پوءِ ڪيترا ڏينهن لاڳيتو ڳولا، پڇا، وڙولون، وٺ وٺان، هڻ هڻان... چڱن مٺن تي بار بوجها وڌا ويا... پيرن تي پڙ ڀاسيا ويا... ڦالن ۽ حاضرات وارا گهرايا ويا... پر نصيبان جو نه کُرِ لڳو ۽ نه پَير....! نه ڪو ڏس مليو ۽ نه ئي ڪو ئي پتو پيو. خبر ناهي کيس زمين ڳيهي ويئي يا هوءَ اڏامي آسمانن جي وسعتن ۾ ڪٿي گم ٿي ويئي. ڏينهن، هفتا ۽ پوءِ مهينا پئي پڇائون هليون. نيٺ ٿڪي ٽٽي وارث آسرو لاهي، صبر ڪري ويهي رهيا.
۽ ماستر نهال دين تڏهن ڏاڍو حيران ٿيو هو، بلڪه ڏاڍو پريشان به ٿيو هو، جيڏي مهل،. هڪ ڏهاڙي 11 وڳي ڌاري سندس ڳوٺ جي اسڪول ۾، جتي هُو پڙهائي ڪري رهيو هو، اڇي برقعي ۾ ڪا عورت لنگهي آئي هئي.
شايد ماستر نهال دين کي اڃا عشق جي آتش جو سيڪ ڪو نه لڳو هو. شايد اڃا کيس اها خبر ڪا نه هئي ته عشق ڪرڻ وارن لاءِ پابنديون ۽ بندشون، ڪوٽ ۽ قيد، پهرا ۽ فاصلا، پهاڙ ۽ سمنڊ ڪا گهڻي اهميت ڪو نه ٿا رکن. اُنهن کي نه اخلاقي حدبنديون، نه مذهبي وڇوٽيون ۽ نه ئي قانوني حجتون روڪي سگهنديون آهن. سو جڏهن هُن نصيبان کي سندس اسڪول ۾ ايندي ڏٺو ته حيرت کان مرڳو وات ڦاٽي ويس. پر پوءِ هُو هڪدم اُٿيو ۽ نصيبان کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ گهر وارن کي چيائين ته نصيبان جو هر طرح جو خيال رکيو وڃي.
۽ اُن رات ماستر نهال جي گهر ڪَٺ مِڙيو هو، جنهن ۾ نهال جي گهر جي ماڻهن کان سواءِ سندس چاچا، ماما، چاچيون، ماميون ۽ سئوٽن ماساتن سان گڏ سندن برادر جو سريال به شريڪ هو. سڀني کان پهريائين ماستر نهال نصيبان جو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ سندن پهرين ملاقات ۽ ان ۾ ٿيل گفتگو ۽ پوءِ نصيبان کان جند ڇڏائي ڀڄي اچڻ جو سربستو احوال ڪري ٻڌايو ۽ چيو ته ”مون محسنن سان، مون کي ٻچو سمجهندڙ پنهنجي مائٽن سان دولاب ڪرڻ ۽ سندن عزت سان کيڏڻ بدران ماٺ مٺيءَ ۾ واپس هليو اچڻ کي وڌيڪ مناسب سمجهيو ۽ ايئن ئي ڪيو. پر هاڻي جڏهن نصيبان اُهي سمورا باهه ۽ رت جا دريا پاڻ مرادو اورانگهي مون تائين پهتي آهي، تڏهن منهنجي اوهان سڀني کي گذارش آهي ته نصيبان کي منهنجي زال طور قبول ڪيو وڃي ۽ اسان جي شاديءَ ڪئي وڃي.“
”پر اسان کي اهڙي ٻاهرَ پيري نُنهن ڪا نه گهرجي. جيڪا پنهنجي ماءُ پيءُ جو گهر ڇڏي، اٺ ضلعا لتاڙي هيستائين پهتي آهي، سا، ڪهڙي خبر ته سڀاڻي مڙس کي به ڇڏي اڃا اڳتي ٽپي وڃي. اسان کي اهڙي ننهن کي گهر ۾ آڻي پنهنجو خاندان رُسوا ڪونهي ڪرڻو. تنهن ڪري منهنجي صلاح آهي ته ٻه ڄڻا گڏجي وڃي کيس سندس مائٽن حوالي ڪري اچن. يا خط لکي سندس وارثن کي گهرائي ٻانهن سندن حوالي ڪئي وڃي. جي ايئن به نه ته مرڳو ٻانهن پوليس جي حوالي ڪري پنهنجي جان ڇڏائجي“. هيءُ نهال جو وڏو چاچو هو، جيڪو نهال کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيڻ جو ارادو ڪريو ويٺو هو.
”چاچا وڏا، تون اسان جو ابو آهين. تو لاءِ لک عزتون آهن. پر نصيبان تي ٻاهرَ پيريءَ جو الزام نه لڳاءِ. اِن ڳالهه جي آءٌ ساک ٿو ڏيان. باقي هوءَ منهنجي لاءِ پنهنجو گهر ته برابر ڇڏي آئي آهي. هونئن به ڌيئن کي مائٽاڻان گهر ڇڏڻا ته پوندا ئي آهن.“ نهال نصيبان جو پاسو کنيو.
”ڪيئن به آهي؟! ڪهڙي به آهي!! منهنجي پٽ لاءِ هيڏا ڪشالا ڪڍي جو منهنجي گهر پهتي آهي. سا هاڻي منهنجي گهر مان ٻاهر ڪڍڻ آءٌ بنهه ڪا نه ڏينديس. هاڻي نصيبان منهنجي نُنهن آهي. اسان جي گهر جي لڄ آهي ۽ لڄ ڀولڙي کي به پياري هوندي آهي. اسين ته وري به انسان آهيون. ڳالهه اٿو صاف سڌي.“ نهال جي ماءُ ڳالهايو.
بحث ڇڙواڳ ٿي ويو. جنهن کي جيئن ٿي آيو، تيئن ٿي ڳالهايو. خاموش هئي ته رڳو هڪڙي نصيبان هئي، جنهن جي نصيب جو فيصلو ٿي رهيو هو. سڀني ڳالهائي دنگ ڪيو. گوڙ گهمسان ٿورو گهٽيو، تڏهن سندن سريال ڳالهايو. سندس پهريون سوال نصيبان کان هو:”ڇوڪري، توکي ڪجهه چوڻو آهي؟“ سريال ٿڌي لهجي ۾ پڇيو.
”ماما.....، مون نهالَ لاءِ سمورا سڱ ٽوڙي پنهنجو گهر ڇڏيو آهي. هاڻ منهنجو جيئڻ مرڻ اوهان جي وس آهي، جي مون کي پنهنجو ڪريو ٿا ته آءٌ سڄي عمر اوهان جي گهر جي گولي ٿي گذارينديس. باقي واپس وڃي به مون کي اُتي مرڻو آهي، سو هتي ئي منهنجو خون اوهان کي معاف آهي. واپسيءَ جي تڪليف ئي نه ڪريو.“ ايئن چئي کائنس اوڇنگار نڪري ويئي ۽ هوءَ ڳچ دير تائين روئندي رهي.
ماحول سڄو سوڳوار ۽ جذباتي ٿي ويو. خاموشي پوءِ آهستي آهستي چڻ ڀڻ ۾ تبديل ٿي ويئي. وري به ڳالهائڻ ٿيا ۽ پوءِ هڪوار وري به ماٺار ٿي ته سريال وري ڳالهايو. هن ڀيري هُن پنهنجو فيصلو ٻڌايو هو: ”ابا ڳالهه ٻڌو....“ سڀ خاموش ٿي ويا. ”نصيبان، هن مهل کان پوءِ منهنجي ڌيءَ آهي. نهالَ تون سُڀان رات ٻه مرد ۽ ٻه مايون وٺي اچي منهنجي گهر نصيبان کي پوتي پارائي شاديءَ جا ڏينهن چٽاڪري وڃو. تيستائين نصيبان منهنجي ڌيءَ ٿي، منهنجي گهر ۾ رهندي.“ ايئن چئي سريال اٿيو ۽ نصيبان کي ڳراٽڙي پائي، مٿي تي چمي ڏيئي کيس هٿ کان جهلي پنهنجي گهر وٺي وڃڻ لڳو. نهالَ جي ماءُ ۽ ڀيڻيون، چاچيون توڙي ماميون به ساڻن گڏجي وڃي کيس سريال جي گهر ڇڏي آيون.
”آءٌ واٽون سدا ويٺي نهاريان
الا..... من منهنجا ڏوٿيئڙا اچن، آءٌ واٽون سدا ويٺي نهاريان....!“
نصيبان کي سک پور ۾ پنهنجو گهر ڇڏيندي اڄ اندازن 50 سال کن ٿيا هئا. جڏهن گهر ڇڏيو هئائين، تڏهن هوءَ مکڙيءَ مان ٽِڙي تازو گل مس ٿي هئي ۽ اڄ هوءَ 65-66 سالن جي هئي. شاديءَ کان پوءِ نهال کيس پنهنجي سِرَ سان گڏ سانڍيو هو. نصيبان به سندس ڀرپور ساٿ ڏنو هو. ايئن ڏسندي ڏسندي اڌ صدي گذري ويئي. ان دوران نصيبان کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا مِٽَ مائٽ ياد پوندا هئا ته هوءَ اٻاڻڪي ٿي ويندي هئي۽ ڪيترا ڏينهن دنيا جهان کان بيگاني ٿي پنهنجي مُنهن پئي هلندي هئي. ماٺ مٿس واسو ڪري ويندي هئي. پر هوءَ پنهنجو اندر ڪنهن سان به ڪا نه اوريندي هئي.
اڄ به نصيبان کي پنهنجا اباڻا ياد اچي ويا هئا. خبر ناهي ته جيئرا به هئا يا الله کي پيارا ٿي ويا هئا. پر هوءَ کين ياد ڪري روئي ويٺي هئي. سندس آس هئي ته هڪڙو ڀيرو.... رڳو هڪڙو ڀيرو.... هوءَ پنهنجا اباڻا پڊ ڏسي اچي، ته جيئن سندس حياتيءَ جا باقي ڏهاڙا سڪون سان گذاري سگهي. اُن آس جي آسري تي ئي ته هوءَ جيءُ رهي هئي. نهال دين ته رهيو ڪو نه هو. ٻه وڏا پٽ ۽ ٽي ڌيئر پرڻائي ڇڏيون هئائين، جيڪي سڀ پنهنجو الڳ الڳ جهان اڏيو مڏيو ويٺا هئا. باقي سندس پٽ ڪمال ۽ شاهينه ساڻس گڏ هئا. هوءَ، هُنن کي ڪيئن ٻڌائي ته هوءَ هِتي ڀڄي آئي هئي... کين ڪيئن سمجهائي هوءَ پنهنجي اباڻن پڊن کي ڏسڻ لاءِ مانڌي ٿيو ٿي مري. کين ڪيئن چوي ته کيس وٺي هڪ ڀيرو هلي سک پور ڏيکاري اچو ته جيئن پڇاڙيءَ جا پساهه سڪون سان پورا ڪري سگهان...!
منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساڄن وسري،
مر لڳي لُوههَ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران. - (شاهه)
1 جنوري 2013ع