مرگهه ترشنا
اُن ڏينهن به حسبِ معمول صبح جو سويل اٿي واڪ ڪرڻ لاءِ نڪتو هوس. پنهنجي ڳوٺ کي ويجهو ئي گذرندڙ پڪي روڊ کي ڪراس ڪندڙ گنج بحر ناليءَ تي، روڊ جي بلڪل ڀرسان ئي ٻه ٽي ڪچا گهر ٺهيل آهن. اتي مسڪين هاري ۽ پورهيت ماڻهو رهندا آهن. مون کي سلوار ۽ گنجي پاتل هئي. موبائيل فون منهنجي هٿ ۾ هئي ۽ اُن ۾ Save ٿيل عابده پروين جو ڳايل ڪلام ”ميڏا عشق وي تُو، ميڏا يار وي تُو....“ پئي هليو. ڪلام جي ٻولن جي مِٺاسَ، عابده پروين جي آواز جي سحر انگيز ترنم ۽ سازن جي لئي تي آءٌ مست ٿيو جُهومندو، هڪجهڙي رفتار سان اڳيان وڌندو پئي ويس. آس پاس ۾ سارين جي فصل جو رونبو ٿي چڪو هو. هر طرف هريالي هئي. ڌرتيءَ سائي چادر اوڍي ڇڏي هئي. اڌ جولاءِ جو جُهڙالو ۽ ڏاڍو خوب صورت صبح هو. ساڍا پنج ٿيا هئا. ماحول تي ٿوري گهڻي ڌنڌ ڇانيل هئي. سج اڃا ڪو نه اڀريو هو. وايو منڊل ۾ ٿڌاڻ جي ورکا ٿي رهي هئي. ڏکڻ جي هلڪي هلڪي ۽ چنچل هِيرَ گُهلي رهي هئي. پنڌ ڪندي، قميص بنا بدن تي ٿڌڙي هِيرَ جو ڇُهاءُ مون کي انتهائي فرحت ۽ سڪون مهيا ڪري رهيو هو.
”اي....!“ اوچتو مون محسوس ڪيو ته جهڙوڪَرَ ڪنهن مون کي سڏ ڪيو هجي.
آءُ ڪلام جي سُرن سازن، ٻولن ۽ آواز جي سحر انگيزيءَ مان جهڙوڪر ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. مون آس پاس توجهه ڏيڻ لاءِ لؤنڻا ڦيريا. انهن غريباڻن ڪچن گهرن جي، نه هئڻ جهڙي ڍينگهرن جي واڙ اندران، ڄار (کٻڙ) جي گهاٽي ٻوٽي جي ڀر ۾ ڪا نوجوان ڇوڪري بيٺي هئي. اسان جي وچ ۾ ڪو سئو کن فوٽن جو فاصلو هو. منهنجا قدم هلندي هلندي رُڪجي ويا، ۽ آءٌ ان ڇوڪريءَ ڏانهن غور سان نهارڻ لڳس. ڏٺم ته هُن شرمائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ٻئي لمحي هڪ خوشگوار مسڪراهٽ منهنجي چپن تي پکڙڻ لڳي ۽ آءٌ پنهنجي گس سان وڃڻ لڳس، سوچيم ته شايد رانگ نمبر لڳو آهي. تنهن ڪري آءٌ وري ڪلام جي سحر انگيزي ۽ ماحول جي خوشگواريءَ ۾ مست ٿي واڪ ڪرڻ لڳس. روزانو واري مقرر هنڌ تي پهچي آءُ واپس وريس. واپسيءَ مهل انهن گهرن وٽ پهتس ته بي اختيار منهنجي نگاهه ان گهر ڏانهن کڄي ويئي ۽ ڏٺم ته اُها ڇوڪري اڃا ساڳي جاءِ تي بيٺي هئي. سج هاڻ اُڀرڻ جا سانڀاهه پئي ڪيا پر اڃا نڪتو ڪو نه هو. پر تنهن هوندي به آس پاس جون شيون پهرئين کان وڌيڪ چٽيون ۽ صاف نظر اچي رهيون هيون. مون ڪو گهڻو خاص توجهه ڏانهس ڪو نه ڏنو. پر پوءِ به پنهنجي چپن تي ڇڙواڳ ۽ ڇيڳري مرڪ کي پکڙجڻ کان روڪي به ڪو نه سگهيس. مون پاڻ کي پنهنجي پهروڪي مستيءَ ۾، سر، ساز، آواز ۽ ڏکڻ جي هِيرَ واري مستيءَ ۾ گم ڪرڻ پئي چاهيو. پر هن ڀيري ائين ڪري نه سگهيس. مون کي خيالن جا واچوڙا ڌِڪي 55 سال پوئتي کڻي ويا، جڏهن انهن ساڳين پڊن تي ڪا ”لالان“ رهندي هئي ۽ 12 سالن جو آءٌ، جو انهيءَ ساڳئي رستي تان پنڌ ڪري پڙهڻ ويندو هوس. ها، البته تڏهن اِهو رستو ڪچو هو ۽ هاڻي پڪو روڊ آهي.
مون کي ذاتي طرح اِها خبر ڪانهي ته ليليٰ (مجنون واري ليليٰ) ڳوري هئي يا ڪاري هئي. ڇو ته اُن زماني ۾ آءٌ موجود ڪو نه هوس. پر روايتن ۽ ڪتابن مان پتو پوي ٿو ته هُوءَ رنگ جي ڪاري هئي. باقي مُنهن مُهانڊا، نيڻ نقشا ۽ آرڪاڻا ته ظاهر آهي، ڀلا ئي هوندس. تڏهن ته مجنو مٿس عاشق ٿيو هو. پر چون ٿا ته ليليٰ رنگ جي ڪاري هئي. بهرحال، ڪاري هئي يا ڳوري، منهنجو ڇا؟! هاڻي ته هڏ ئي سڙي ڳري ختم ٿي ويا هوندس! خير.... پر جنهن ليليٰ جي ڳالهه آءٌ ڪرڻ وارو آهيان، سا به اتفاق سان رنگ جي ڪاري هئي. سانوري ڪاري نه، پر بنهه چوپ ڪاري! ۽ اسين سنڌي ماڻهو وري پنهنجي لهجي ۽ مزاج مطابق ليليٰ کي ڪڏهن ”لالان“ چئون ته ”ليلان“ چئون ۽ ڪڏهن ته مرڳو ”لالي“ چئون. پر بهرحال، مجنونءَ واري ليليٰ ته مصر جي پاسي جي هئي ۽ چون ٿا ته ڏاڍي خوبصورت هئي ۽ خوبصورت شيءِ تي هر ڪو عاشق هوندو آهي. پر پاڻ تائين رڳو مجنوءَ جو نالو پهتو. باقي ٻين جي خبر هڪڙي ليليٰ کي ۽ ٻي خدا کي!.
هِن ليليٰ، جنهن کي سموري تر جا ماڻهو، رنين توڙي آهيرين، ”لالان“ چوندا هئا. لالان سِلو ٽولَ واري، تي به راڄ عاشق هئا. رنگ، سو ته برابر چوپ ڪارو هوس، پر باقي نيڻ نقشا.... بس ڇُٽيون ڳالهيون! سندس ڪٽاريون اکيون، سندس ننڍڙو وات، ماسيرا چَپَ ۽ اڇا کير جهڙا ڏنڌ! سبحان الله! مسڪراهڻ يا کِلڻ مهل جڏهن، سندس ننڍڙا، سنهڙا ۽ خوبصورت ڏنڌ ظاهر ٿيندا هئا ته ايئن لڳندو هو، ڄڻ سچن موتين جون لڙيون جَرڪي پونديون هيون ۽ ڇا ته سندس ڊگهي ڳچي هوندي هئي! گهڻا ماڻهو ته رڳو سندس اِن ڪُونج جهڙي ڊگهي ڳچيءَ تي مست هوندا هئا.
تڏهن، جڏهن لالان جي جواني هئي ۽ سندس جوڀن جهل ئي ڪا نه ٿي ڏني ۽ سندس اکيون اڻ پيتي جي نشي ۾ صبح توڙي شام مخمور هونديون هيون. سندس انگ انگ مان مستي ايئن ڦٽيو پئي نڪتي، جيئن جهرڻن مان پاڻي اڀَڪي نڪرندو آهي، تڏهن سندس رڳو هڪڙي سنئين نگاهه لاءِ ماڻهو مري پوندا هئا ۽ تڏهن آءٌ ننڍو هوس. شهر جي مڊل اسڪول ۾پڙهڻ لاءِ روز صبح جو سوير اٿي ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرن سان گڏجي ٻه ميل پنڌ ڪري پهچڻو پوندو هو ۽ لالان جي گهر جي ڀرسان اسان کي لنگهڻو پوندو هو. رستي تان مٽيندڙ ماڻهن جي نگاهه سندس غريباڻي گهر جي پناهه لاءِ ڏنل ڍنگهرن جي اڀري سڀري نالي ماتر واڙ کي اورانگهي سندس ٿلهي تائين بنا رنڊڪ جي پهچي ويندي هئي. آءٌ به کيس ڪڏهن ڪڏهن ٿلهي تي بيٺل ڏسندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته، جڏهن ناليءَ ۾ پاڻي هوندو هو، ۽ هُوءَ سوير ئي گهر جا ٿانوَ ٿپا کڻي اچي تڙ تي ويهي ڌوئندي هئي، تڏهن، کيس بنهه ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو ملي پوندو هو.
اُن عرصي دوران مون کي ”دنيا جهان“ جي ڪا گهڻي خبر چار ڪا نه هوندي هئي. باقي ڳوٺ ۾ هَٽَ تي ايندڙ ماڻهن جي ڪچهريءَ ۾ لالان لاءِ الاهي ڳالهيون ۽ ڳالهيون به قسمن قسمن جون، عجيب عجيب ڳالهيون، کِلائيندڙ ڳالهيون، خوش ڪندڙ ڳالهيون ۽ اُن وقت به، بدن ۾ سُر سُر پيدا ڪندڙ ڳالهيون ٻڌي لالان کي ڏسڻ جو اشتياق وڌندو هو. ڇو اشتياق وڌندو هو؟ سا خبر ڪا نه ٿي پئي. جيڪي ٻه ٽي ٻيا ڇوڪرا مون سان گڏ پڙهڻ هلندا هئا، تن ۾ وري به سمجهه ڀريو آءٌ ئي هوس ۽ خوشحال گهر جو هئڻ ڪري ڪپڙي گنڌي پهرڻ سنوارڻ ۾ به ٻين کان مڙيئي اڳتي هوس، ته وري مُنهن مهاندي جو به ڀلوڙ هوس. تڏهن اسڪول جي ڊريس ڪارَسِري، رنگ جي مليشا ڪپڙي جي مقرر ٿيل هئي. منهنجو ڳورو رنگ ڪاري ڊريس ۾ گهڻن ماڻهن کي الاهي وڻندو هو. لالان کي به وڻندو هو. لالان ۽ اسان ڳوٺ راڄ جا ماڻهو هئاسين. ڳوٺ گڏيا پيا هئا. مرڻي پرڻي هڪ ٻئي جا ڪانڌي ۽ ڄاڃي ٿيندا هئاسين. هوءَ اسان جي گهرن ۾ ايندي هئي ۽ اسان جي ڳوٺ جون عورتون سندس گهر وينديون هيون. سو اسان جي وچ ۾ عمر کان سواءِ ٻي ڪا گهڻي اوپرائپ ڪا نه هئي. مون ٻه ٽي ڀيرا محسوس ڪيو هو ته هوءَ ٿانوَ ڌوئندي مون ڏانهن ڏاڍي چاهه ۽ حسرت سان پيئي ڏسندي هئي. پر مون کي، اوڏيءَ مهل، سندس انهن نگاهن جي معنيٰ ۽ مفهوم ته سمجهه ۾ ڪو نه ايندو هو، پر ايتري ڳالهه ضرور سمجهندو هوس ته ڪنهن عورت جي عام رواجي نهارڻ ۽ لالان جي نهارڻ ۾ الاهي فرق هوندو هو. ايئن لڳندو هو ڄڻ مون کي ڪير ڪِتِڪِتائي ڪندو هجي ۽ مون کي بي اختيار کِل اچي ويندي هئي.
هڪ ڀيري جڏهن آءٌ سندن تڙ وٽ پهتس ته مون کي سڏ ڪيائين:
”اي ڇوڪرا، ٿورو هيڏانهن اچ.“
۽ آءٌ گس ڇڏي کيس ويجهو وڃي بيٺس، وري به هُن ڳالهايو:
”نالو ڪڄاڙو ائيني؟“ ڏاڍي مٺاس ڀريئي لهجي ۾ پڇيائين.
”حميد“ مون مختصر جواب ڏنو ۽ سندس مُنهن ۾ نهاريندو رهيس.
”جِلُوڙيءَ“ جو پٽ اَهئين نه!؟“ هُن منهنجي ماءُ جو نالو وٺي پڇيو.
”ها“ مون وري به مختصر جواب ڏنو.
”ڪيڏو نه ملوڪڙو اَهئين!“ ڏٺم ته هُن سندس مٿئين چپ تي زبان پئي ڦيري، آءٌ ڦِڪو ڦِڪو ٿي شرمائڻ لڳس ۽ ڪو به جواب ڏيئي ڪو نه سگهيس. وري به هُن ڳالهايو:
”اِشڪول مان ورندي مال (مهل) گهر اچج. آءٌ تونجي لاءِ جيتُونَ (زيتون) ڳولي رکنديس“.
سندن گهر ۾ زيتون جو وڻ بيٺل هو. وري چيائين: ”ايندين نه! ضروڙ اچج. متان نه ڳال (ڳالهه) وسري وڃني“.
آءٌ بنا ڪو جواب ڏيڻ جي آهستي آهستي ٿي کِسِڪڻ لڳس ۽ رستي تي چڙهي تِکو تکو وڃڻ لڳس. ٿوري دير کان پوءِ اُها ڳالهه منهنجي ذهن مان ئي نڪري ويئي. اسڪول مان 2 وڳي موڪل ملندي هئي. اوڏيءَ مهل هڪڙو ته بک تنگ ڪندي هئي ۽ ٻيو ته ٻه ميل پنڌ به ڪرڻو پوندو هو. پوءِ ڀلي سياري جو سيءُ ڪڙڪا ڪري ڪِرندو هجي يا اونهاري جي چاليهي جا سخت ڪاڙها هجن. برساتن جو اوڙڪون وسنديون هجن يا گپن چِڪِن جي ڪري گس بند هجن. تڏهن سواري جي به سهوليت ڪا نه هئي ته اسڪول مان غير حاضري به برداشت ڪا نه ڪئي ويندي هئي. اڄ وانگر نه ته گهر ويٺي امتحان ڏبا هئا ۽ نه ئي ڪاپي ڪلچر جو ڪو نالو نشان به هو. سو سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي. پنڌ ڪرڻاپوندا هئا. بکون اُڃون ڪاٽڻيون پونديون هيون. تڏهن مون کي صرف ٻه آنا خرچي ملندي هئي. هيءُ 58-1957ع وارو زمانو هو. مون کي انهن ٻن آنن مان رسيس ۽ موڪل مهل به گذارو ڪرڻو پوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ ٽڪو پئسو بچائي به کڻي ايندو هوس ته جيئن ڳوٺ ۾ موجود هٽ تان شام مهل ڀڳڙا يا کَٽَمِٺيِون وٺي سگهان. اِها صورتحال اسان جي خوشحال گهر جي هئي اُن وقت. بهرحال، اُن ڏينهن مون کي مفت ۾ زيتون ملڻ جو آسرو مليو هو. سو ڏاڍو خوش خوش ڳوٺ ڏانهن پنڌ پيس. تڪڙو تڪڙو هلندو جڏهن اچي لالان جي گهر کي ويجهو پهتس، تڏهن مون تي هڪڙي عجيب ڪيفيت طاري ٿيڻ لڳي. سوچڻ لڳس ته سندن گهر وڃان يا نه وڃان. وڃان ٿو، پوءِ ڇاهي؟ زيتون ڏنائين ته ٺيڪ، نه ته ٺهيو ٻيو! هونئن به زيتونن کان سواءِ ڪو نه پيو هلان ڇا؟! وڃي ته ڏسان، ته ڏي ٿي يا نه. اوڏيءَ مهل منهنجي ذهن ۾ رڳو زيتون پئي ڦريا، باقي ٻي ڪنهن ڳالهه جي سوچ ئي دماغ ۾ ڪا نه هئي. سو بهرحال، منهنجا قدم رستو ڇڏي خودبخود سندس گهر ڏانهن مڙيا ۽ عجيب اتفاق به اهڙو جو مون اڃا ٻه قدم ئي مس کنيا ته هوءَ سندن گهر جي گهٽيءَ مان ٻاهر نڪتي. بانٽو سندس هٿ ۾ هو ۽ هُوءَ ڪُتيءَ جي هڪڙي ننڍڙي گُلِرَ کي ڌڙڪا ڏيندي، مٿس بانٺو ٺلهو اُلاريندي کيس گهر کان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ننڍڙي گلر جا ڪونڪاٽ پئي پيا.
جيئن ئي هُن مون کي ڏٺو ته ٽِڙي پئي. گُلر کي اتي ئي ڇڏيائين ۽ مون ڏانهن وڌي آئي. ”هليا هليا حميد هليا، مون تون جي لاءِ وڻ مان پڪل ۽ هاٻوڙل جيتون پٽي رکيا آهن.“ ايئن چئي مرڳو منهنجي هٿ مان جهلي مون کي گهر وٺي ويئي. زيتون جي وڻ هيٺان ٿلهي تي، ڪاٻار جي واڻ سان واڻيل منجو پيل هو. مون کي اتي ويهڻ لاءِ چئي، پاڻ اڀري سڀري ٺهيل ڪوٺيءَ جو ڏاڪائو در کولي اندر گهڙي ويئي. پراڻي ڪپڙي جي هڪڙي ننڍڙي ٽڪر ۾ ٻڌل زيتونن جي ننڍڙي هَڙَ، جنهن ۾ پنج ست زيتون پيل هئا، کڻي اچي منهنجي پاسي ۾ رکيائين. گهر ۾ ٻيو ڪير به اوڏي مهل ڪو نه هو. مون کي سخت اڃ لڳي هئي، سو پئي لونثا ڦيريم ته پاڻيءَ جو گهڙو يا مٽ ڪٿي رکيل آهي. اِها ڳالهه محسوس ڪندي پاڻ ئي پڇيائين.
”پاڻي پيئندين؟“
”ها“ مون هن ڀيري به مختصر جواب ڏنو.
پاڻ اُٿي ۽ جست جو گلاس کڻي ورانڊي جي ڪُنڍ ۾ رکيل مَٽَ مان ڀري آڻي مون کي ڏنائين. مون پاڻي پيتو ۽ پوءِ هُوءَ اچي منهنجي پاسي ۾ ويٺي. اِن وچ ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه ڪا نه پئي ٿي. منهنجي ذهن ۾ رڳو اِهو هو ته جيترو جلد ٿي سگهي، آءٌ زيتون کڻي هليو وڃان ۽ بس، باقي ٻئي پاسي ته ڪيڏانهن منهنجو ڌيان ئي ڪو نه هو. سو مون اڃا اٿڻ جو بهانو پئي ڳوليو، تيستائين هُن بي ساخته مون کي کڻي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙيو ۽ منهنجي ڪاڙهي ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويل چهري کي بي اختيار چمڻ لڳي. آءٌ هُن جي هِن اوچتي ڪارروائيءَ جي ڪري حيران به ٿيس ته پريشان به. پر جيڪا مزاحمت ڪرڻ کپي يا پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ جيڪا ڇڪتاڻ ڪرڻ کپي، سا مون ڪا نه ڪئي، اُن ڪري جو، يا ته هُن جي هِن اوچتي ڪارروائيءَ تي منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا هئا ۽ مون کي سمجهه ۾ ڪجهه ڪو نه پئي آيو ته ڇا ڪريان! ۽ يا ته وري هُن جي ماسيرن چپن جي لذت ڀريئي ڇهاءَ مون کي هڪڙي عجيب قسم جي تسڪين پئي پهچائي، بهرحال، هُن دل ڀري مون کي چميو ۽ چَٽِيو ۽ جڏهن ڍو ڪيائين، تڏهن پاڻ ئي ڀاڪر ڍرا ڪري مون کي ڇڏي ڏنائين. آءٌ لڄ کان پاڻي پاڻي پئي ٿيس ۽ اکيون کڻي منجهس نهاري به ڪو نه پئي سگهيس. هُن کي منهنجو اِهو شرمائڻ اڃا به وڌيڪ وڻڻ لڳو ۽ هُن اٿي بيهي، پنهنجي ٻنهي هٿن سان منهنجو چهرو مٿي کڻي، هڪڙو ڀيرو وري به جُهڪي منهنجي چپن تي چميو ۽ ڪنهن انتهائي آسودگيءَ واري سرشاريءَ ۾ غرق ٿيندي، خماريل اکيون زوريءَ پٽيندي چيائين:
”حميد، سڀاڻي وري اچج. آئون تونجي لاءِ جيتون پٽي رکنديس.“
۽ آءٌ زيتونن جي ننڍڙي هَڙَ کڻي گهر ڏانهن روانو ٿي ويس.
اُن مڊل اسڪول ۾ منهنجو اُهو آخري سال هو. امتحان تائين واري باقي عرصي دوران آءٌ فقط ٻه ٽي ڀيرا ئي ”زيتون کڻڻ“ وڃي سگهيو هوس، جنهن دوران هُوءَ پنهنجي تسڪين ماڻي سگهي هئي. باقي ڪيترائي ڀيرا چاهيندي به، ڪنهن نه ڪنهن جي موجودگيءَ سبب مون کي ”زيتون“ نه ملي سگهيا هئا.
پوءِ آءٌ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي شهر هليو ويس. جتي مون کي ڳچ سال لڳي ويا. تعليم دوران ڳوٺ ته ڪڏهن ڪڏهن ايندو هوس، پر منهنجي مصروفيتن، مشغولين ۽ شوقن ۾ ترجيحات ٻين مامرن کي هوندي هئي ۽ لالان جو فقط ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ذڪر ٻڌي سگهندو هوس. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد، جيستائين ڪا ڍنگ جي نوڪري ملي، تيستائين ڪجهه وقت گهر ويهي گذاريم. تڏهن مون کي خبر پئي ته لالان جي ڌيءَ بانان، جيڪا تڏهن اڃا پنجن ڇهن سالن جي مس هئي، جڏهن آءٌ ”زيتون کڻڻ“ سندن گهر ويندو هوس، جي هاڪَ پئي ٻُري ۽ جڏهن هڪڙو ڀيرو هڪ ٻئي کي بنهه ويجهڙائيءَ کان ڏٺوسين، تڏهن مون کي منجهانئس ماڻس لالان لياڪا پائيندي نظر آئي هئي. بانان تڏهن پنڌرهن سورهن سالن جي هئي.
خير پوءِ مون کي نوڪري ملي ويئي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي. شادي ٿي، ٻار ٿيا، ٻار پڙهيا، جوان ٿيا، پرڻيا، مون نوڪريءَ مان خوب پئسو ڪمايو. ڳوٺ ۾ ڀلوڙ جاءِ ٺهرايم. وڏن شهرن ۾ بنگلا ٺهرايم، گاڏيون ورتم. زمينون ورتم، پلاٽ ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه، رٽائر ٿيس. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڳچ عرصو شهر ۾ رهيس. هاڻي طبيعت ۾ ٿوري گهڻي گڙٻڙ محسوس ڪيم ته ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪيم ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري تحت ئي ڳوٺ اچي رهڻ لڳو آهيان ۽ انهن جي هدايتن تي ئي روزانو واڪ ڪرڻ ويندو آهيان.
اُن ڏينهن جڏهن، لالان واري ساڳئي گهر مان ڪنهن نوجوان ڇوڪريءَ مون کي سڏ ڪيو ته مون کي هڪدم لالان ياد اچي ويئي. اُها لالان، جنهن مون کي جڏهن پهريون ڀيرو زيتون ڏنا هئا، تڏهن سندس عمر چوويهه پنجويهه سال هئي ۽ سندس جوانيءَ جو جوڀن ڀرپور ۽ ڇلڪندڙ جام جهڙو هو ۽ آءٌ تڏهن فقط ٻارهن سالن جو ٻار هوس، جنهن جي واڇن مان اڃا کير پئي ڳڙيو ۽ هِن ڀيري جڏهن، مون کي ڪنهن 15-16 سالن جي بنهه نوجوانڙي ڇوڪري سڏ ڪيو آهي، تڏهن منهنجي عمر 67 سال آهي. آءٌ اُن وقت به لالان جي ڪنهن به ”ڪم“ جو ڪو نه هوس. ۽ آءٌ اڄ به، هِن ڇوڪريءَ جي ڪنهن به ”ڪم“ جو ڪو نه آهيان، جيڪا شايد منهنجي ننڍي قدَ، ڦڙتيلي جسمَ، ڪلر ٿيل ڪارن اسٽائلش وارن ۽ ڪلين شيو هجڻ ڪري نظر نه ايندڙ اڇي ڏاڙهيءَ جي ڪري ڀلجي مون کي نوجوان ڇوڪرو سمجهي، پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بهرحال، مرد ڪيترو به پوڙهو ڇو نه هجي، پر هُو پاڻ کي پوڙهو ڪو نه سمجهندو آهي. سو اُن ڏينهن ته خير مون کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو هو. پر رکي رکي هوءَ وَرَ ڦِرَ ڏيو وريو ياد اچيو ٿي ويئي ۽ اُن ڏينهن کان پويان ايندڙ رات منهنجي ڏاڍي عجيب طرح جي خيالن جي اچ وڃ ۾ گذري.
خيالن جي هڪڙي وِيرَ چڙهي ٿي، ته ٻي لٿي ٿي، خيالن جون ڌارائون واچوڙن وانگر ونگ وجهي رهيون هيون. ڪنهن خيالَ ڪٿان ڪَرَ ٿي کنئي ته ”ڀاڳ ڀليرو اٿئي جُهونا، جو هِن عمر ۾ به نوجوان ڇوڪري پئي سڏ ڪري.“ وري ٻئي پاسان سُرٻاٽ ٿيو: ”ٻيلي حميد، ڳالهه ٻڌ! اجايو وهلورنه وڃ. هُوءَ ڇوڪري ڀُلي آهي. پري کان ڌنڌ ۽ اڻ چٽي روشنيءَ جي ڪري، تنهنجو ننڍو قد ڏسي توکي ڪو ننڍو نيٽو نوجوان ڇورو سمجهي ويٺي آهي...“ وري ٻي ڪنڊپاسي کان آواز آيو: ”اي نه نه، ايئن ڪونهي. مڙس ڪي پوڙها ٿيندا آهن ڇا!؟ وري به آءٌ ته اڃا ڀُورَلِ لڳو پيو آهيان. ڪير ٿو چوي ته آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان....“ پر هِن ڀيري انهن لفظن ۾ جهڙوڪر پهروڪي واري برجستگي ڪا نه هئي. ايئن، جيئن چور چوري ڪندي پڪڙجي پوي، پر پوءِ به اجائي مُنهن جي پڪائي ڪندو هجي. تيستائين وري آواز اُڀريو: ”ڀلي مڙس....! اهڙيون ڍاڙون ٻين سان هڻ، جن کي ڪا خبر نه هجي، تنهن جي حالن جي سڀ خبر آهي. اُٺ اُٿي ئي ڪو نه، چي: ”سيٺ ڀاڙو ڏي، ....“ اهڙن فضول خيالن جي لهرن ۾ لڙهندو آءٌ هڪ ڀيرو وري پنهنجي ماضيءَ ۾ وڃي نڪتس.
خوشحال گهر جو ته آءٌ هئس ئي. وڏي شهر جي هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران پئسي ڏوڪڙ جي فراواني. شڪل ۽ صورت ڏسڻ پسڻ جهڙي. پڙهائيءَ ۾ نمايان حيثيت ۽ دل کولي خرچ ڪرڻ جي ڪري هاسٽل، ڪلاس، ڪئنٽين توڙي تفريح دوران منهنجي پويان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جو چڱو خاصو ميڙاڪو هر وقت موجود هوندو هو. اهڙي ماحول ۾ رهندي ڪنهن جو به پٽڙيءَ تان لهي وڃڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪا نه هوندي آهي. سو آءٌ به پنهنجي خوشحالي ۽ ملنساريءَ کي خوب ڪيش ڪرائڻ لڳس ۽ رڳو زبان خرچيءَ سان آس پاس موجود هر ميوي جو ذائقو چکڻ جو بنا رنڊڪ جو موقعو ملڻ ڪري الاجي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتس. ۽ پوءِ نيٺ، سول انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪري، مائٽن جي پيسي جي زور تي روڊس کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪري ورتم ۽ هِن پاسي جو ته وري جهان ئي نرالو هو. شراب، شباب، رَمي ۽ رچ فوڊس. کائڻ جي شوق ۽ شهري زندگيءَ جي رنگينين، پئسي ڪمائڻ جي حَوس ۽ تعلقات وڌائڻ جي حِرصَ ۾ ايترو ته غرق ٿي ويس جو بنهه پنهنجن اباڻن، مائٽاڻن ماڻهن ۽ اوڙي پاڙي کي به وساري ويهي رهيس. بس جي ڳوٺ اچڻ ٿيو ٿي ته به ڪنهن ويجهي عزيز جو ڪانڌي ٿيڻ يا ڪنهن سئوٽ ماسات جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بنهه مختصر عرصي لاءِ. نه ته سال گذريو ٿي ويا پر ٻيو مڙيو ئي ٿيو خير! سو اوسي پاسي ۽ تر جي راڄن کان بنهه ڪٽجي اڪيلو ٿي ويو هوس. جنريشن گيپ جي پوئين ڇات مان نه مون ڪنهن کي ٿي سڃاتو ۽ نه ئي مون کي ڪنهن ٿي سڃاتو. اهڙي طرح تر جي سواءِ ڪن چند بچيل پوڙهن جي، باقي ٻين ماڻهن لاءِ آءٌ اوپرو ۽ ڌاريون ٿي پيو هوس. تنهن ڪري ممڪن آهي ته واقعي ئي ڇوڪريءَ مون کي نه سڃاتو هجي. پر بهرحال، انهن اُبتن ۽ سبتن خيالن ۽ سوچن جي ڪيڏي مهل تيز طوفاني وهڪرن ۾ وهندي، ته ڪيڏي مهل ماٺارين لهرن تي لُڏندي مون رات گذاري، مَسَ مَسَ ڪري، جيئن تيئن ڪري.... اڌ ننڍ ۽ اڌ جاڳ ۾.... ڪيڏي مهل ملڻ جي آسَ جي لذت جا چسڪا ۽ ڍُڪ ڀريندي ته ڪيڏي مهل اوسيئڙي جي عذابن جا ڏنگ سهندي.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، حسب معمول آءٌ اُٿي، مُنهن کي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي واڪ لاءِ نڪري پيس. اڳي ۽ اڄ جي وچ ۾ ٻي ته ڪا خاص ڳالهه ڪا نه هئي، پر اڄ مون کي ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻڪ ڪير پريان منهنجو انتظار ڪري رهيو هجي. يا مون کي ڪنهن کي ڏسڻ جو انتظار هجي. بس اِن قسم جي انتظار يا اشتياق جهڙي ڪيفيت هئي منهنجي.
يڪسان رفتار سان قدم کڄندا رهيا. گنج بحر نالي ويجهي ٿيندي پئي ويئي. هلڪي ڌنڌ ۾ گهر ۽ انهن ۾ بيٺل ڄارين جا ٻوٽا چٽا ۽ ظاهر ٿيندا پئي ويا. ٿورو پري کان ئي مون ڏٺو ته ڪا عورت گهر جي اڱڻ تي هيڏانهن هوڏانهن هلي ڦري رهي هئي ۽ مون کي ايندو ڏٺائين ته ڪوٺيءَ جي ڀت ڀرسان رکيل پاڻيءَ جو گهڙو کڻي ڪڇ تي رکيائين ۽ گهر جي گهٽيءَ ڏانهن وڃڻ لڳي ۽ جڏهن آءٌ کيس ويجهو پهتس، تيستائين هُن هڪڙو گهڙو ناليءَ مان ڀري، سينهون رکي مٿي تي رکيو هو ۽ ٻي ننڍي گهڙي اڃا هيٺ رکي هئي. منهنجي ويجهو پهچندي ئي، پاڻ بي حجاب ٿي سڏ ڪيائين: ”اي ....، هيءَ گهڙي ته مون کي کڻائي.....!“
آءٌ، جنهن جو سمورو توجهه پهرئين کان ئي اوڏانهن هو، سو دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس. پر پاڻ کي ضبط ۾ رکندي، چپن تي بنهه هلڪي مسڪراهٽ آڻي ڏانهس وڌيس. ويجهو وڃي گهڙي هٿن ۾ کڻي مٿي جهلي، پر کيس ڏيڻ کان اڳ ۾ هڪ لاڳيتي ۽ ڀرپور نگاهه سان سندس گهري ڪاري رنگ واري چهري کي گهورڻ لڳس. ايئن لڳوم ته ڪر لالان کي پيو ڏسان جيڪا 25 سالن جي جوان زال هئي. يا بانان کي پيو ڏسان، جيڪا سندس 15-16 سالن جي نوجوان ڇوڪري هئي. پر هيءَ نه ته لالان هئي ۽ نه ئي سندس ڌيءَ بانان هئي. پر هيءَ ته سندس پوٽي ڄامان هئي، جا پڻ 15-16 سورهن سالن جي ٽِڙندڙ ڪلي هئي ۽ لالان ۽ بانان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي. ڏٺم ته سندس ملوڪڙو پر گهري ڪاري رنگ وارو چهرو، وڌيڪ دونهانٽجي بي رونق ٿي ويو هو. سندس ڪيفيت اُن ٻارڙي جهڙي پئي لڳي، جنهن جي هٿ مان سندس پيارو رانديڪو ڪِري ڀَڄي پيو هجي! ۽ هُو پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙيل هجي. جڏهن گهڙي ڏيڻ ۽ وٺڻ جي وچ ۾ ڪجهه پل وڌيڪ لڳي ويا، تڏهن هُن بيزاريءَ مان چيو:
”ڪڄاڙو پيو ڏسين پوڙها....!؟ مت ڇڏي ويو اَهئين ڪَ....!؟“
۽ مون بنا ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ جي، گهڙي ڏانهس وڌائي. هُن گهڙي وٺي ڪڇ تي رکي ۽ گهر ڏانهن وڃڻ لڳي، پر ويندي ويندي به پنهنجي مُنهن ڳالهائيندي پئي ويئي. جن مان آءٌ فقط هي ٻه ٽي لفظ ئي ٻڌي سگهيو هوس: ”هيءُ ته مئو ڪو پوڙهو کَکِ آهي... مون ته هن کي ڪو جوان ڇورو سمجهيو هو....!“
۽ واپسيءَ مهل گِرِ جي گِرِ جي کڄندڙ منهنجي قدمن مان مون سمجهيو ته آءٌ واقعي پوڙهو ٿي چڪو هوس.
16 جولاءِ 2012ع