ڪھاڻيون

آزاديءَ جو صبح

سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن اوج تي آهي، ان اوج ۾ ٻين اڻڳڻين ڪهاڻيڪارن سان ٻٽ ٻيٺل اسان جو پرويز پڻ آهي. جنهن لڳاتار ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ بنا ڪنهن ساهيءَ جي، هو ڪهاڻين سان گڏوگڏ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو کاتو ڪنهن نينهن نهوڙيل ڇوڪريءَ جي جهول وانگر رنگ برنگي گلن سان ڀرجندو ٿو وڃي ۽ اڄ جي ڪير سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو ته، ان ۾ کيس هر رنگ جون ڪهاڻيون ساهه کڻندي محسوس ٿينديون ...
هي ڪهاڻي ڪتاب : ”آزاديءَ جو صبح“ پڻ ان لهر جي هڪ لار ئي ته آهي... پرويز هميشه حقيقت پسند لکت جو ساٿاري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو آهي ته، پڙهندڙ کي ڇا ڏجي ۽ ڇو ڏجي... هن جا مڙوئي ڪتاب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وقت جي گُهر آهن ڪوبه ڪتاب يا سندس لکڻي بنا ڪنهن ڪارج جي ناهي
  • 4.5/5.0
  • 2343
  • 789
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • پرويز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آزاديءَ جو صبح

آزاديءَ جي صبحَ جي ويجهو....!

”او ننڍپڻ جا ساٿيئڙا، .... اسين ياد آهيون يا وسري وياسين...! اسين ياد آهيون يا وسري وياسين....!...... (ماٺ)...... اسين...... ياد آهيون..... يا....!“ (سڏڪو) ۽ سڏڪي باقي لفظ ڳيهي ڇڏيا ۽ سهڻي، جيڪا فوزيه سومرو جي ڳايل ڪلام جا ورلاپ دل ئي دل ۾ آلاپي رهي هئي، تنهن کان، سڏڪي نڪرڻ کان اڳ ۾ صرف ”اسين ياد آهيون يا...“ جا لفظ ئي آواز جي صورت اختيار ڪري سگهيا هئا. تيستائين سندس ضبط جواب ڏيئي ويو ۽ هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
سهڻي سندن گهرن کان ٿورڙو پرڀرو ٻنيءَ تي وڃي رهي هئي. وهير جو ريج ڀڳل هو. ٻن ڏينهن کان وهير جاري هئي. فجر جون ٻانگون سوير ڀرو اچي چڪيون هُيون. پر سج نڪرڻ ۾ به اڃا ڪجهه دير هئي. آسمان تي هلڪا هلڪا ڇانيل ڪڪر هوا تي ڏکڻ کان اتر طرف ڊوڙي رهيا هئا. ڏکڻ جي ڇيڳري هوا پنهنجي ٿڌاڻ سان بدن ۾ ڪتڪتايون ڪري رهي هئي. سانوڻ جي اچڻ جا آثار آهستي آهستي چٽا ٿيندا پئي ويا. لاڙ جي علائقي ۾ رونبو شروع ٿي چڪو هو. جون جو پهريون هفتو هلي رهيو هو. هن مهل جا ڏينهن سخت ڪاڙهي ۽ گرميءَ جي ور چڙهيو ٿي ويا. پر هِن موسم جون راتيون هوادار ۽ ٿڌيون اهڙيون، جو جيڪو جِت ڪريو سو تِتِ الله واهي! وڃي ٿيا ست خير! صبح جو پَٽيو پَٽيو اٿارجي، ته به همراهه پير ئي نه جهلي. پڇاڙڪي رات جي ننڍ جي ڳهر به اهڙي، جو ڇٽيون ڳالهيون! اڃا مڇرن جو مارو به شروع ڪو نه ٿيو هو.
سهڻي اڄ معمول کان اڳ ۾، اڪيلي گهران نڪري ٻنيءَ تي وڃي رهي هئي. هُن احتجاجن صبح واري چانهه جو به انتظار ڪو نه ڪيو ۽ اڳي وانگر ٻين سان گڏجي وڃڻ لاءِ به ڪا نه ترسي. رات کان وٺي سندس ڇيهه ڇڄي پيا هئا. هُن سڄي رات روئندي روئندي گذاري هئي. هُوءَ اڄ ڏاڍي اداس هئي. سندس وياڪل من تي مڻن جو بوجهه محسوس ٿي رهيو هو. هُوءَ ٻنهي پاسان ٻارن ۾ موجود پاڻيءَ جي وچان پڪو ٻنو وٺي اڳيان وڌي رهي هئي. هوءَ لاڳيتو ڍِڪون ڏيئي روئندي پئي ويئي. هن جون هينئون اڌ اڌ ٿي رهيو هو. لڙڪ سندس سانورين مِٽِنِ کان لڙي رهيا هئا. هُن کي اڄ، رات کان وٺي، گلاب بيحد ياد اچي رهيو هو. هُن، انهن اوڇنگارن، سڏڪن۽ اُسِڙِڪَن جي وچان، پنهنجي وهلورجي ويندڙ جذبن کي ٻيهر آواز جي صورت ڏني:
”اچ ڙي جانيئڙا، جدا ئي ٿي ماري
ورڙي ساٿيئڙا، وڇوڙو ٿو ماري....“
وڏي ڍِڪَ ۽ پوءِ مسلسل سڏڪا، سندس وهلورجي ويندڙ جذبا وکرڻ لڳا.... لڙڪن جون سَرِيون ٿميون ئي ڪو نه ٿي....
”او ننڍپڻ جا ساٿيئڙا.... اسين ياد آهيون يا.....
وسري .... وياسين...!“
سهڻي ان ٻاري تائين پهچي ويئي هئي، جنهن ۾ اڄ کين وهير ڪرڻي هئي. هُن گوڏن تائين سٿڻ جا وَرَ مٿي کنيا. سندس گول گول، لسيون لسيون، گوڏن کان هيٺ ماسيريون ۽ ملوڪڙيون ٽنگون لياڪا پائڻ لڳيون. هُن پنهنجي پوتيءَ کي ورائي سريکو ڪري چيلهه سان ٻڌو ته جيئن ڪپڙا گِپ چڪ ۾ خراب نه ٿين.
هُوءَ جُتي لاهي ريج ٿيل ۽ گراڙا ڇَٽلَ ٻاري ۾ لهي پيئي ۽ هڪ ڪُنڍ کان بيهي وهير ڪرڻ ۾ جُنبي ويئي، پر..... پر گلاب جي ياد هڪ پل لاءِ به سندس پيڇو ڪو نه پئي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ گهر ۾ راتوڪي ٿيل کانجاڻ به کيس پريشان ڪري رهي هئي.
سهڻي ويهن سالن جي ڀلوڙ زال هئي. رنگ، سو سانورو ضرور هوس، باقي ٻيون ڇٽيون ڳالهيون، حسن بي مثال هوس. ٻن ڀائرن جي اڪيلي ۽ ٻنهي کان ننڍي ڀيڻ هئي. ماءُ پيءُ جي لاڏلي ۽ ڀائرن۽ ڀاڄائين جي دادلي هئي. سڄو گهر کيس ڀائيندو هو. ٺپ ٻهراڙيءَ جو ماحول هو. تعليم ڇوڪرن لاءِ ئي اڻ لڀ هئي ته ڇوڪريون وري ڪٿان پڙهنديون! جن جن ڳوٺن ۾ اسڪول هئا، تن ۾ وري ماستر غير حاضر هئا، جي ماستر هئا ته ٻار ڪو نه ٿي آيا. ڪٿي مائٽن جو توجهه ڪو نه هو ته ڪٿي سرڪار ماسترن کان منٿليون وٺي ڄاڻي واڻي اسڪول بند ڪرايو ويٺي هئي. مختلف جاين تي مختلف سبب هئا، پر نتيجو اِهو نڪتو آهي جو تعليم زيرو پوائنٽ تي ئي ديرو ڄمايو بيٺي آهي. سو سهڻي به پڙهي ڪا نه سگهي هئي. سندس ڀائر ۽ ڀاڄايون به اڻ پڙهيل هئا. سندس ماءُ ۽ پيءُ به اڻ پڙهيل هئا. زميندار جي زمين جي هڪڙي ڪنڊ تي هڪڙو ڪکائون گهر اڏي اچي ويٺا هئا. پر، پر هڪڙي ڳالهه منجهن نرالي هئي، ساهيءَ ته، توڙي جو سڄو گهر اڻ پڙهيل هو، پر تنهن هوندي به اهو گهر فضليت ڀريو هو، ساڃانونڌ هو. سندن ڪو به عمل، ڪا به گفتارَ ڪنهن جي رنج ۽ ڏنج جو سبب ڪا نه ٿي بڻي. کين اهڙي ڪا مائٽاڻي سُتي پيٽ ۾پيل هئي، جو هو ڪڙو ٻولڻ ته سکيا ئي ڪو نه هئا. اصل پرائي کان ڀڳل. نه ڪنهن جي گلا نه غيبت، نه ڪنهن جي هنئيءَ ۾ ۽ نه ڪنهن جي کنئيءَ ۾!. بنهه پنهنجيءَ ۾ پورا، تنهن ڪري کين ڀانئڻ وارا گهڻا هئا.
گلاب به سندن مِٽيءَ مان هو. پر هُو وٽانئن ڏهه ٻارهن ڪلوميٽر پري هڪڙي ننڍي شهر جهڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو ۽ سندن وچ ۾ اچڻ وڃڻ چنڊاڻي جمعاڻي، ڪنهن شادي مراديءَ تي يا ڪنهن جي موتي فوتيءَ تي ٿيندو هو. انهيءَ اچ وڃ دوران گلاب جي خوشبوءَ سان سهڻيءَ جو سراپا واسبو رهيو. آهستي آهستي، بنهه ٻليءَ پير ٻليءَ پير، گلاب جون نگاهون پنڌ ڪري سهڻيءَ جي سانوري چهري جي چوڌاريءَ پيون چڪر ڏينديون هيون۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل، جيڏي مهل سهڻيءَ جي جوانيءَ جي مخمور نگاهن سان ٽڪراءُ ٿيندو هو، تيڏي مهل ماٺاري پاڻيءَ ۾ ڪريل ڪنڪر جيان مانڌاڻ مچي ويندو هو. موٽ ۾ سهڻيءَ جي اکين ۾ وِڄ وراڪا ڏيڻ لڳندي هئي ته سانورن چپڙن تي اڻ لکي مرڪ مهڪي پوندي هئي.
هڪ ڀيري گلاب سهڻيءَ جن جي ڳوٺ ڀرسان موجود هڪڙي درگاهه تي لڳندڙ سالياني ميلي جي موقعي تي اچي وٽن مزمان ٿي ٽڪيو هو. سائي سومر (چنڊ واري مهيني جو پهريون سومر) جي رات ميلو لڳندو هو. سج لٿي کان وٺي سو مهڻيءَ تائين زيارتين لاءِ عام خيرات جي ماني جو بندوبست هوندو هو. پوءِ عالم سڳورا وعذ فرمائيندا هئا ۽ ان بعد مولودن جي محفل شروع ٿيندي هئي، جيڪا فجر جي اذان تائين جاري رهندي هئي. گلاب سج لٿي ڌاري هنن وٽ پهتو هو. پوءِ هُو سهڻيءَ جي ڀائرن سان گڏجي درگاهه تي ويو. لنگر پاڻي به اُتي ڪيائين. رات سڄي مولودن جي محفل ٻڌائين. صبح جو سوير اچي هنن جي گهر سهڙيو. واپس ڳوٺ ورڻ جي ڪيائين پر موڪل ڪا نه مليس. چيائونس: ”سڄي رات جو اوجاڳو آهي، سو هينئر سمهي ڪر ننڍ. ٻپهري کائي پوءِ شام جو شهر مان چڪر چاڙي ڏيئي اچجو گهر. رات جو ڪنداسين ڪچهري. صبح جو اول خير، جي وڃڻ جي اجائي تڪڙ هجي ته هليو وڃجانءِ. هونئن به پويان تنهنجا ڪهڙا سنها ٻچا آهن جيڪي توکي ساريندا. توکي آهي ڊهڻو، سوجهڙو هُتي، تهڙو هِتي!“.
اهڙي طرح گلاب اُتي ٻي رات به رهي پيو. دل ۾ ته اڳي ئي راضي هو، پر جيڪا ٻاهرئين ٻني نه نه پئي ڪيائين، تنهن تان به هٿ کڻي ويو ۽ ٽِڪي پيو. وچئين ٽاڻي، هڪ موقعي تي گلاب ۽ سهڻي بنهه نويڪلائيءَ ۾ آمهون سامهون اچي ويا هئا. گهر جي گهٽيءَ کان ٿورڙو ٻاهر لڳل پاڻيءَ جي نلڪي مان سهڻيءَ پاڻي پئي ڀريو ۽ گلاب سهڻيءَ جي ڀاءُ سان گڏ ٻنيءَ تان چڪر هڻي، پيرَ ڌوڙ مٽيءَ ۾ ڀري اچي پهتو هو. سو کيس پير ڌوئڻا هئا. سهڻي هَٿَ، نلڪو هلائي گهڙو ڀري رهي هئي. ڀاڻس ته سٽ ڏيئي گهر اندر هليو ويو. پر گلاب اتي بيهي نلڪو وانڌو ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ائين بيٺي بيٺي پاڻيءَ جو گهڙو ڀرجي ويو ۽ هارجڻ به لڳو. پر پوءِ به نلڪو لاڳيتو هليو پئي. گلاب هارجندڙ گهڙي کي ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ وري سهڻيءَڏانهن نهاريائين. هن جا هٿ بي اختيار هلي رهيا هئا ۽ اکيون هڪ ٽِڪَ گلاب کي گهوري رهيون هيون. گلاب هن ڏانهن نهاريو ته نگاهون ٽڪرائجي ويون. نه رڳو ٽڪرائجي ويون، پر ٻکجي ويون. رڳو نلڪي جي ڇَڪِڙِ ڇَڪِڙِ جي آواز مان خبر پئي پئي ته نلڪو هلي رهيو آهي. پر ٻيو ڪنهن کي ڪو هوش ڪو نه هو. هوڏانهن نلڪي جو پاڻي گهڙي مان پلٽي هارجي رهيو هو ته هيڏانهن وري نينهن اُڇلون ڏيئي، اوهيرا ڪري وسي رهيو هو. هو ٻئي هڪ ٻئي جي اکين ۾ وڃائجي ويا هئا. الاجي ڪيتري دير تائين.... نيٺ گلاب چيو:
”پاڻي هارجي پيو...“
”سا ته اکين ڏٺي ڳالهه آهي، گهڙو ڀربو ته پلٽندو ته ضرور!“ سهڻي مُرڪي پيئي ته ٻئي مرڪي پيا. آس پاس مرڪي پيئي. سڄي ڪائنات مرڪي پئي. ڪرينا ڪپور جي (هندوستاني فلمي اداڪاره) مرڪ مانڌ پئجي ويئي، آها، آها... ڇا ته مرڪ هئي سهڻيءَ جي. هُن جي سانورن چپن تي حيا ۽ حجاب ڀري مُرڪ! هُن جي اکين ۾ پيار جا ڀريل سمونڍ!! هُن جي انگ انگ مان ڦٽي نڪرندڙ، ٽڙيل ڏاڙهون جا گل!!! ۽ گلاب سندس اکين جي مئي جي مستيءَ ۾ گم ٿي ويو.
”مون کي پير ڌوئڻا آهن“. گلاب مرڪندي چيو.
”ڪي ڪي ماڻهو ته ساري ڄمار ڪنهن جا پير ڌوئي پيئڻ لاءِ سڪندا رهجي ويندا آهن. پر تون هليا، نلڪو هلي پيو.“
”مون سمجهيو ڪو نه!“ گلاب نلڪي کي ويجهو ٿيندي چيو.
”انگريچي ته مون په ڪو نه ڳالهائي آهي، جو نٿو سمجهين!“
”سهڻي!“
”جي چُئانءِ“.
”تون ڪيڏي ملوڪ اَهيئين، اِها ڪا کبر اَهيني؟“
”هٿ هٿن کان ڀلا پيا آهينِ. آئون ڪيڙي باگ (باغ) جي موري آهيان؟ مون کي ڪير ٿو پڇي؟!“
”بروبر، اِڃَ ته آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيءِ جو دنگ به ٿيو وڃي. مون جي نظر ۾ ته حُسن په تو وٽ پهچي دنگ جو ليڪو ڪڍي ڇڏيو آهي.“
”اِهو تون جي نظر جو دوکو آهي. نه ته ٻيو ڪير ته مون ڏانهن اک کڻي په ڪو نه نهاريندو آهي.“ سهڻي پهريائين مُرڪي ۽ پوءِ اهڙي ته ملوڪڙي کِل کليائين، جنهن گلاب جا وڻ وڄائي ڇڏيا. هُو رڳو سندس منهن ۾ نهاريندو رهيو.
”اِها ڳالهه تون جي په سچي. پر سچ پڇين ته آئون تون جي اجائي واکاڻ جان (يا) ڪوڙي خوشامند ڪو نه پيو ڪريان. اِها تون ئي اَهيئين، جنهن مون جي دل جي در کي ڏنل ڪڙو لاهي، نه رڳو اندر جهاتي پاتي آهي، پر مرڳو ديرو ڄمائي ويهي رهي آهين.“
”ڏسج!“
”نورَ ڀٽاري جو سُونهن، چئين ته اڃا مسيت ۾ په گهڙان!“
”بنهه اڃ!“
”تون ڇاتي سمجهين! آئون ته دل جون سموريون سچايون پيو ساڻين سليان، اڃا په جي توکي ڪو شڪ گمان هجي ته جيئن وسهين، تيئن توکي وسهايان.“
”ائي الا! ويچارا ماڙهو!“
”تون ڀلي ٽوڪون ڪر، پر هن گريب جي دل جي مڙيوئي پارت هجنين“ مُرڪون مُرڪي پيون. سهڻيءَ گهڙو ڪڇ تي کنيو ۽ گلاب پير ڌوئي چمپل پاتي ۽ پوءِ ٻئي هڪ ٻئي پٺيان گهر اندر داخل ٿيا.
اها رات اُتي رهي، گلاب ٻئي ڏينهن روانو ٿي ويو.
ٻيءَ رات جڏهن سهڻيءَ جو وڏو ڀاءُ ۽ ڀاڄائينس اچي هنڌ ڀيڙا ٿيا، تڏهن جوڻس مڙسهينس جا ڪن کڻايا ته گلاب، جيڪو چنڊاڻي جمعاني پيو لاماراڏي، سو ڪو اِڃَ ئي ڪونهي. تو الاجي اِن ڳال جي ڊوکا ڪئي آهي ڪه نه، پر آئون سمجهان تي ته گهر جي ٻئي ڪنهن په ڀاتيءَ کي ڪا سڻس ئي ڪانهي. پر مون جي پهرئين ڏينهن کان وٺي مٿس نگاهه آهي. هُو سهڻيءَ لاءِ مانڌو آهي ۽ پانجي ڇوري په منجهس راضي آهي. پر الله جو ڏينهن رکيو آهي، مون کي مري جباب ڏيڻو آهي ته گلاب ڪڏهن په ڪا ٽرڙپائي ڪا نه ڪئي آهي. ڇوڪرو فضيلت ڀريو آهي. اخلاق وارو آهي. باقي جو ڪير، ڪا شيءِ پسند ڪري تو، ته اُن ۾ ڪو ڏوهه ڪونهي. ڏسڻو رڳو اِهو آهي ته هُو نمونو ڪيڙو تو هلي. پانجي سهڻيءَ ۾ په پان سڀني جو ڀروسو آهي ته ايڙي ڇيڳري ڪانهي، پر آءُ ڏسان پئي ته هوءَ په راضي آهي. سوجي تون جي مرضي هجي ته پوءِ ڪا ٽِويڙهه ڪجي. وڌيڪ آنجي خوشي.“
”جي اِڃَ آهي ته پوءِ امان کان پوءِ گهر جي وڏي تون آهيئين. سو جي تون مناسب سمجهن تي ته ڀلي ابا ۽ امان جي اڳيان سُر کڻ، وري په گهر جا وڏا ته اُهي آهن نه!“.
”ها اِڃَ ته آهي. پر مون جي دل تي چوئي ته ماسي په جباب ڪا نه ڏيندي. سڀاڙي ڳالهائي ڏسانس.“
اڃا هي پانجيءَ ٻڌڇوڙ ۾ هئا ته ٽئين چوٿين ڏينهن گلاب جي ماءُ ۽ پيءُ ٺڪاءُ اچي ڪيو. ايندي ساڻ لِڪ ته اها ڪيائون ته درگاهه تي سلام ڀرڻ آيا آهيون. پر پوءِ جڏهن رات جي ماني ٽِڪيءَ کان وانڌا ٿي ڪچهريءَ ۾ کُليا ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پيا. چي: ”اسين سهڻيءَ جو سڱ گهرڻ آيا آهيون پانجي گلاب لاءِ. پان پانجا پاڻ ۾ آهيون. ڄاڻو سڃاڻو تا، بدو اسان وٽ ڪونهي. بدي جي کَپَ آنکي په ڪونهي. اسان جي آهي گنڌي ڳچيءَ ۾. اسان تي وڙ ڪريو. يا ڄمار آنجو اهو ٿورو پيا ڳائينداسين. پانجا حال هڪ ٻئي کي ساريا پيا آهن. وڏيون ڍاڙون هڻي ماڙهو پاڻ وڏو ڪو نه ٿيندو آهي. اسين آنجا اڀرا ڀائر آهيون. پر جهيڙو حال آهي، حال ساروُ ڪنڌ ڪڀي په ڪو نه ڪڍائينداسين. مڙس ڀاڙيئي جي مال (مهل) تي کبر پوندي آهي. کُدا ڪيندو ته اسين پاڻ تي ويڻ ڪو نه سهنداسين.“ گلاب جي پيءُ يڪساهيءَ ۾ سمورو حال احوال ڪري کڻي دنگ ڪيو. سڀني گهر وارن خبرون ٻڌيون. پوءِ نويڪلائيءَ ۾ صلاح صولي ٿي ۽ پوءِ کير وهي وڃي ڀت ۾ پيو.
”ابا مبارکيون،“
”بابا آنکي په مبارکيون“.
***

اِن ڳالهه کي پنج مهينا گذري ويا.
تازو 22 مئي 2012ع تي ڪراچيءَ ۾، هڪڙي سياسي پارٽيءَ طرفان، لياريءَ جي بلوچن ۽ سنڌين خلاف ٿيندڙ خونخوار سرڪاري آپريشن ۾ بي حساب شهيد ٿيندڙ بيگناهن سان يڪجهتيءَ جي اظهار طور، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش ۽ ٺٽي ۾ ذوالفقار آباد ٺاهي ڌارين کي ورسائي سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ جي سازش خلاف ۽ سنڌ جي ٻين ٻرندڙ مسئلن متعلق لياريءَ کان پريس ڪلب تائين هڪ پرامن جلوس ”محبت سنڌ ريلي“ ڪڍي ويئي هئي. ان ريليءَ ۾ ڪراچيءَ جي سنڌين ۽ بلوچن سان گڏ ٺٽي ضلعي جا ڪارڪن به شريڪ ٿيا هئا. لکين ماڻهن جي اُن ”محبت سنڌ ريليءَ“ ۾ تمام وڏي تعداد ۾ سنڌياڻيون به شريڪ ٿيون هُيون. لکين ماڻهن سان گڏ، گلاب به اُن امن جي ڪاروان ۾ پنهنجي وطن سان حُب جي اظهار طور، سنڌ جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن جي خلاف احتجاج طور ۽ سنڌ جي حڪومتي وڏيرن طرفان سموري سنڌ جا وسيلا دهشتگردن جي حوالي ڪرڻ جي خلاف آواز بلند ڪرڻ خاطر، دهشتگردن خلاف نفرت جي اظهار طور شريڪ ٿيو هو. هُو نه صرف شريڪ ٿيو هو، پر وڌي چڙهي حصو ورتو هئائين، پارٽيءَ جو جهنڊو هٿ ۾ هوس ۽ هُن کي سنڌياڻين جي حفاظت ڪرڻ تي مامور جٿي ۾ شامل ڪيو ويو هو.
محبت سنڌ ريلي جيڏي مهل لي مارڪيٽ جي پان منڊي ۽ ڊينسوهال وٽان گهٽين مان اڳتي وڌڻ لڳي، اوڏي مهل دنيا جي بدنام زمانا دهشتگرد تنظيم، جنهن جي لاءِ ”تڪبير ميگزين ڪراچي“ پنهنجي هڪ مضمون ”ڪراچي بچايو، ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳايو“ ۾ لکيو آهي ته ”ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد ٽيررسٽ جماعت آهي. جنهن ضياءَالحق جي دور ۾ پروش پائڻ کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين 6374 پٺاڻ، 6753 سنڌي، 2713 بلوچ، 3763 اردو ڳالهائيندڙ، 1908 پنجابي، ڪُل ملائي 21457 ماڻهن کي شهيد ڪري چڪي آهي. پاڪستان جي سڀني جماعتن جي اڳواڻن، NGOs، مذهبي پيشواهن، اقليتي اڳواڻن، صحافي برادريءَ جي بيباڪ اڳواڻن ۽ ٻين مشهور شخصيتن کي ڳولي ڳولي مارڻ ۾ ملوث رهي آهي. لينڊ گريبنگ، ايڪسٽوريشن، فريڪُئينٽ رائوٽس ۽ سنڌ ۾ جناح پور صوبو ٺاهڻ جي سازش ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي رهي آهي...” جي دهشتگردن بند جاين جي مختلف ماڙن تان، ڇتين تان، اڳواٽ ٺهيل مورچن مان ۽ مسجدن مان هٿين خالي سنڌين ۽ سنڌياڻين تي پنهنجي جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا ۽ وطن جي محبت جي جذبي سان سرشار سنڌي ۽ سنڌياڻيون بيدرديءَ سان روڊن تي ڪرندا رهيا ۽ ڪراچي پوليس، جيڪا به دهشتگردن جي مرضيءَ سان ڀرتي ٿيل هئي، سا خاموش تماشائي بني ڏسندي رهي. اوڏي مهل هڪ بهادر سنڌياڻي چوڌاريءَ گولين جي وسندڙ مينهن جي پرواهه نه ڪندي وڌي وڃي هڪ پوليس آفيسر کي چيو ته ”توهان اسان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيو. اسان هٿين خالي ۽ پرامن ماڻهن تي گولين جي برسات پئي وسي ۽ توهان خاموش بيهي تماشو پيا ڏسو. گوليون هلائيندڙ دهشتگردن خلاف جوابي ڪارروائي ڇو نٿا ڪريو؟“ موٽ ۾ اُن انسانيت کان ڪريل ذهنيت رکندڙ پوليس اهلڪار وراڻيو ته ”اسان کي گولي هلائڻ جو آرڊر ناهي.“ تڏهن ان بهادر نياڻيءَ بُجو ڏيئي اُن بي شرم پوليس اهلڪار کان سٽ ڏيئي رائيفل کسي ورتي ۽ بلڊنگ جي دريءَ مان گوليون هلائيندڙ دهشتگرد جو نشانو وٺڻ لڳي، تيستائين ٻي بلدنگ جي ڇت تي مورچو ٺاهي ويٺل دهشتگرد، سنڌ جي نئين تاريخ لکندڙ بختاور، سنڌ امڙ تان سرگهور ڪندڙ سدا حيات نياڻي ڀيڻ غزاله بتول صديقيءَ تي گولين جو مينهن وسائي ڇڏيو ۽ شهيد ڀيڻ غزاله بتول صديقي موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري امر ٿي ويئي. اوڏيءَ مهل ستار انڙ ۽ گلاب، جيڪي شهيد غزاله صديقيءَ کان ٿورڙو ئي پريان هئا ۽ امن قافلي جي ڀينرن جي نگراني ڪري رهيا هئا، تن جو ڏٺو ته ڀيڻ غزاله گولين جي وسڪاري ۾ ٽپي پئي آهي، سي ڇلانگ ڏيئي، روڊ تي گيلاٽيون ۽ قلابازيون کائيندا وڃي ڀيڻ غزاله مٿان ڍال بڻيا. پر تيستائين دشمن وار ڪري چڪو هو ۽ شهيد ڀيڻ جو ريٽو رت ڏامر جي ڪاري رستي تي ريلا ڪري وهي رهيو هو. دهشتگردن جي گولين ستار انڙ ۽ گلاب کي به پرڻ بنائي ڇڏيو هو. پارٽيءَ جي ساٿين ٻنهي سخت زخمي ساٿين کي اسپتال پهچائڻ جو بندوبست ڪيو. پر دير ٿي چڪي هئي. ستار انڙ به ڀيڻ غزاله جيان سنڌ تان سرگهور ڪري سرخرو ٿيو. سيني تي کاڌل سڌين گولين مان وهندڙ ڀيڻ غزاله ۽ ستار انڙ سميت 12 ٻين شهيدن ۽ 50 کان وڌيڪ زخمين جي سرخ رت پنهنجي ڌرتي بچائڻ جي پراڻي روايت قائم رکندي دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي اڄ به سنڌ ڏانهن کڄندڙ ميري اک جو مقابلو ڪري سگهن ٿا. گلاب سخت زخمي هو. پر دهشتگردن جي قبضي ۾ ڪراچيءَ جي اسپتالن محبت سنڌ ريليءَ جي زخمين جو علاج ڪو نه پئي ڪيو. تنهن ڪري کيس حيدرآباد شفٽ ڪيو ويو هو. جتي هو زير علاج هو ۽ چيو پئي ويو ته گولين سان چچريل سندس ٽنگ کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ چار پنج مهينا لڳي سگهن ٿا.
۽ گهر ۾ متل راتوڪي کانجاڻ جو سبب به گلاب ئي هو.
گلاب جي مڪمل علاج لاءِ ڏوڪڙن جي ضرورت هئي ۽ اهڙو نياپو سهڻيءَ جي مائٽن کي پهتو هو ته: ”جي پنج پئسا هڪيا هڙ ۾ هجن، ته حال هڪيو اسان جي ٽيڪ ڪريو. الله خير ڪري، ڪَتيءَ ۾ آن سان پائي پائيءَ جو وهنوار چڪتو ڪينداسين. اسپتال ۽ دوائن جو خرچ ته پارٽيءَ وارا پيا ڀرين، پر جيڪي ٻه ماڙهو ساڻس گڏ رهيا پيا آهين، تن کي په ته چانهه پاڻي ۽ ماني ٽڪيءَ لاءِ پنج پئسه کپن. اهو په الله جو شڪر جو ساهه جي تند بچي پيئي. سو هاڻ جيئن ساهه بتو آهي، تيئن ماهه په ٿي پوندو. ڊاڪٽر چون ٿا ته خطري جي ڳالهه ڪانهي.“
جيئن ئي ڪالهه شام جو اِهو نياپو پهتو هو، تيئن مرڳو گهر ۾ ٻڙدڪ مچي ويو هو. سهڻيءَ جو پيءُ، سندس ننڍو ڀاءُ ۽ ماڻس اِن ڳالهه تان ڪروڌ ۾ اچي ويا هئا ته گلاب اهڙن ڦڏن ۾ پيو ڇو آهي؟ جي هن جا اِهي اڦال (افعال) رهيا ته پوءِ سُڀاڙي اسان جي سهڻيءَ کي ڪير سنڀاليندو؟ مرڳو....!
”اي آئون ته چُئان (چوان) تي ته پُٺ جي ڀُونڊي کان مُنهن جو ڀُونڊو ڀلو، شاديءَ کان پوءِ ويهي گُونههَ ڦَلورجن، تنهن کان اِن کاساري مان هڃر ئي جند ڇڏائي ڍاريو. صڦا کُتو جباب ڏيئي ڇڏيون، ته اسان جو اڄ په آسرو نه ڪن، نڪوئي سڀاڙي ڪن. اسان کان گلتي (غلطي) ٿي جو ها ڪري ويٺاسين. اسان کي مور اِها کبر ڪا نه هئي ته ڇورو ههڙن کنامن ۾ هٿ وجهندو ڀُوڻي.“ سهڻيءَ جي ماءُ اڄ پهريون ڀيرو ڪروڌ ۾ اچي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي هئي.
”ڀيڻيان ڪا ڳالهه هجي ته کڻي مڃجي په، ڀلا پان گريبن جو ڇاتو وڃي سياست ۾؟! اسين آهيون، جو هتي اٽي ۾ جهليا پيا آهيون هيءُ مڙس آهي سو نارا (نعرا) هڻندو ڀُوڻي، گولين جي وسڪاري ۾ ٽِپَ ڏيندو ڀُوڻي، گولي ڪنهن جو منهن ٿورو ئي ڪو رکندي آهي. هروڀرو ماڙهو اچي وڃي ڪنهن ڏچي ۾، تنهن مان ڦاعدو ڪيڙو؟! وڏي ڳالهه ته اڳيان هجي ڪو مڙس ماڙهو، جيڪو سامهون نڪري اچي سندرو ڏي،ته اُن سان جنگ ٺهي په ٿي. پوءِ مڙس مڙس جو مٽ آهي، جيڪو کٽي. هي ته بي ننگا، بي وڙا ۽ بي گيريتا دهشتگرد آهين، جيڪي گهرن مان لڪي تا گوليون هلائين. تن سان ڪيڙو مقابلو ڪبو!؟ هي پانجا همراهه ته بنهه ڪي چريا آهن، جيڪي خالي هٿن سان انهن منافقن ڏانهن ويا هئا. انهن کدڙن سان اِڃَ ٿورو ئي ڪو وڙهبو آهي! اُهي ڪي مڙس چئبا، جيڪي هٿين خالي ست قرآنين نياڻين تي گولين جا برسٽ تا هلائين. انهن کدڙن ۽ ڀڙون جو ايلاج (علاج) ئي ٿورو آهي. بس رڳو ڪراچي جي چوڌاريءَ گهيرو ڪري ويهي رهجي. هر قسم جي رسد بند ڪري ڇڏجي ۽ بس پوءِ پاڻيهي مڙس ۽ ڀاڙيئي جي کبر پُوندي. جي مڙس هوندا ته گهرن مان نڪري اچي ميدان ڪندا. ڀلا جي کدڙا هوندا ته تاڙ وڄائي وڄائي ڀلي مري وڃن. کدڙن تي هٿ کڻڻ مڙسن جو شان ناهي...!“ ساڳي طرح سهڻيءَ جي پيءُ به اڳوڻو لحاظ ڇڏي، اڄ، دهشتگردن طرفان سنڌ جي نياڻين تي لڪي لڪي گوليون هلائڻ واريءَ ڪانئرتا تي ڇوهه ڇنڊيندي بنهه اگهاڙي وات ڳالهايو.
”ها ٻيو، ابا ٺيڪ ته چوئي تو. هِڃرَ پيپلن پان کي ڪيڙيون موڙون ٻڌايون آهن، جو سڀاڙي ٻيا اچي اسان کي هار وجهندا. پان هڃر په وهِينيرَ ۾ آهيون ۽ سڀاڙي په ڪمائينداسين، تڏهن کينداسين، اسان کي اٽي جي ٻوري نڪو هِنن هڃر پڄائي آهي ۽ نه ڪو وري سڀاڙي ٻياڪي پڄائيندا. تنهن ڪري پاڻ مسڪين ماڙهو وٺون پانجيءَ ڪرت کي. هيءُ ته کڻي رب ڪو رحم ڪيو جو همراهه بچي ويو. پر آئون سمجهان تو ته هي رهندو ڪو نه. مون کي اِن پارٽيءَ وارن جي کبر آهي. جيڪا ڳالهه ڪيندا، تنهن تان هٽندا مور ڪو نه، پوءِ ڀلي دنيا اٿلي پوئي. سو اسين گريب ماڙهو سڀاڙي هن جي ڏچن ۾ ڦاسي وڃون ۽ ڪنهن آزار ۾ اچي وڃون، تنهن مان ڪيڙو ڦاعدو! تنهن ڪري صلاح ايڙي ڪريو، جو مرڳو جند ئي ڇُٽي پوئي.“ سهڻيءَ جي ننڍي ڀاءُ پنهنجي سمجهه آهر ڳالهايو.
”پر چاچا، آئين (اوهين) گهر جا وڏا آهيو، هيڏانهن چاچي په گهر جي وڏي آهي. پانجي گهر جي هڪڙي ساک آهي. اِها ڳال پانجا دشمن په قبول ڪن ٿا. هاڻ جي اسين پانجي رضا خوشيءَ سان ڪيل سڱاوتي ٽوڙي کين جباب تا ڏيون ته پوءِ اسان جو ڀرم ۽ اسان جي ساک ته ڌوڙ ۾ ملي ويندي. پوءِ سڀاڙي پان تي ٻيو ڪير اتبار ڪيندو. اِڃَ ته پاڻ ڳوٺن راڄن ۾ بڇڙا ٿي رهنداسين. وڏي ڳالهه ته گلاب ڪنهن سان ڪا بڇڙي ڪا نه ڪئي آهي، ڪنهن جي ڪا چوري ڪا نه ڪئي آهي. ڪنهن جو لوڙهو ڪو نه لتاڙيو آهي. ڪنهن ننڍي وڏي سان ڪڙو ڪو نه ٻوليو آهي. ڪنهن سان ٺڳي جان (يا) دوکو ڪو نه ڪيو آهي، جو هُو اسان لاءِ کلاساريءَ جو سبب بنيو هجي. هُن ته پاڻ مڙسي ڪري بهادريءَ جو ڪم ڪيو آهي. هُن ته پاڻ نياڻين کي بچائيندي پانجو پاڻ تي گوليون سٺيون آهن. هن ته پاڻ اسان جو ڪنڌ مٿي ڪيو آهي. سو آئون سمجهان ٿي ته هن ايڙو ڪو وڏو ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي. جو کيس ڏنل سڱ ڦري وٺجي. اسان کي پاڻ پانجي پڄت سارُو سندس ٽيڪ ڪرڻ کپي. وري په آئين وڏا آهيو، جيڙو په فيصلو ڪريو. پر هڪڙي ڳال زاد رکجا ته فيصلو ايڙو ڪجا، جو اسان جي گهر جي ساک ۽ ڀرم ساڳيا رهن.“ سهڻيءَ جي وڏي ڀاڄائيءَ پانجي راءِ ڏني. جنهن سڀني جا ڄُٻا (وات) بند ڪري ڇڏيا.
”ماما، آئون عمر ۾ ننڍي آهيان ۽ وڏن جي وچ ۾ ننڍن کي ڳالهائڻ ته نه کپي، پر هيءُ معاملو ئي ايڙو آهي، جنهن تي سڀني کي ڳالائڻ کپي، پانجي گهر ۾ ڪڏهن په ايڙيون ڳاليون ڪو نه ٿيون آهن، سو مون کي ٻي ته کبر ڪانهي ته ملڪ ۾ ڇا پيو وهي واپري، پر هڃر ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڙهن۽ ماين جو جيڪو جلسو نِکَتو (نڪتو) هو، تنهن جي جيڪو تيڪو ڳال پيو ڪري. چون ٿا ته ڪي پناهه گير وِلات مان ڏتڙجي هتي آيا هئا. سي هاڻ چُون ٿا ته ملڪ اسان جو آهي. مائي، هيڙو ڪو ناحق ٻيو ٿيندو! ايڙن گُنِ نه مڃيندڙ ماڙهن کي جباب ڏيڻ لاءِ هتان جيڪي پانجا سنڌي وڃي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا هئا، تن کي ته پاڻ شابس ڏيڻ کپي. انهن جي پٺي ٺپرڻ کپي ۽ اسين جو هتي ويٺا داٻا ڏيون ته گلاب هِڃَ ڪو ڪيو، هُڃَ ڪو ڪو نه ڪيو. سو ڪٿي اسين گلط ته ڪو نه پيا ڪريون. آئون چُئان تي ته اِهو صحيح ڪونهي. وري په آنجي کُوشي!“.
”ابا.....! ابا آئين گهر جا وڏا آهيو. الله ڪري ته آنجي ڇان سدائين مٿانهيون (اسان مٿان) هجي. هن کان اڳ په جيڪو آن مناسب سمجهيو ۽ ڪيو آهي، ڪنهن په آنکي ورندي ڪا نه ڏني آهي ۽ هاڻ په الله ڪيندو ته اِڃ ئي ٿيندو. پر ابا، تِرَ جي گٿي سئو چوٽون کائي. جي تڪڙ ۾، جان ڪاوڙ ۾، جان اوٻلائيءَ ۾ (بي خبري) اسان کان ڪا گلط ڳالهه ٿيو تي وڃي ته اسين ماڙهن جي اکيا پئجي وينداسين. هڪڙو ڀرڪو اکيا پيل ماڙهو سدائين لاءِ ڏاميچ (داغدار) ٿيو پوئي. سڀاڙي ٻيو ڪو اسان تي اتبار ڪيئن ڪندو؟ هر ڪو اڃ چوندو ته هي همراهه ڳالهه جا ڪچا آهين. ڳالهه تان ڦريو وڃن. اڃ اسان جي کواري ٿيندي. ٻي ڳال ته، جيئن سويل منهنجي گهرواريءَ ڳال ڪئي، ته آکر گلاب بڇڙي ڪيڙي ڪئي آهي؟ سو جي ايمانداريءَ سان ڏسجي تو ته واقعي گلاب ايڙي ته ڪا په بڇڙي ڪا نه ڪئي آهي، جنهن جي ڪري کائنس مرڳو سندس مڱ کسي وٺجي! هُڃَ په گلاب ايڙو بي اڦالو ڪونهي، پر هِن ڀيري ته مرڳو هُن اسان کي سونو ڀُولو پارايو آهي. هُڃ په پانجا وڏڙا پانجن دنگن، ننگن۽ سامِنِ تان سر گهوريندا رهيا آهن. سو گلاب په پانجي وڏڙن جي ريت نڀاهي آهي. هُن ڪا ڪچي ڪا نه ڪئي آهي. هُو جنگ جي ميدان مان پٺ ڏيئي ڀڳو ڪونهي. هن کي ڀاڄ ۾ پٺيان ڌڪ لڳل ڪونهي. هن پانجي سيني تي ۽ بدن تي گوليون سٺيون آهن. هُن ته پاڻ ايڙو ڪم ڪيو آهي، جيڪو اسان سڀني کي اڳ ۾ ئي ڪرڻ کپندو هو. پر خير، هاڻ په اسان کي ايڙو قدم کڻي کپي، جنهن سان اسين پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ واري جنگ ۾ شامل ٿي سگهون، ته اهڙي سٺي ٻي ڳالهه ٿي نٿي سگهي. پر جي اسين اِڃَ نٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ اسين ٻين کي شاباش ته ڏيون، جيڪي پانجي جان جوکي ۾ وجهي جنگ ۾ ڪاهي پيا آهن. پر جي اِڃَ په نٿا ڪري سگهون ته پوءِ په ٻين جا گس ته بند نه ڪريون. جيڪي ماڙهو سر جو سانگهو لاهي پانجي دنگن جي بچاءُ لاءِ وڙهن پيا، تن لاءِ ڏچا ته پيدا نه ڪريون. تنهن ڪري آئون ته چُئان تو ته اسان کي ايڙو ڪو په ڪم نه ڪرڻ کپي، جنهن سان ماڙهن ۾ اسان لاءِ ڌڪار پيدا ٿئي. سهڻي اسان کي ڪال په ڏيڻي هئي ۽ سڀاڙي په ڏيڻي آهي. ٻي په ڪيڙي کبر ته گلاب کان ڇڏائي وري جي ٻئي ڪنهن کي ڏنيسين، سو اڄ کڻي ڪيڙو په ڌوتو پوتو هجي، پر جي سڀاڙي لنب لوڦر ٿي تو پوي، جان ڦورُو ڌاڙيل تو ٿئي، ته پوءِ پان ڪڄاڙو ڪينداسين؟ سو آئون ته چُئان تو ته سُڀا، پرينهن جيڪي ڍڳيءَ جا پئسا ملڻا آهن، تن مان پنج ڏهه هزار کڻي هڃر ڏکيءَ مال ۾ گلاب جي ٽيڪ ڪريو. پوءِ په پئسو، پئسو ٿيندو، ماڙهو ماڙهو ٿيندو. وڏي ڳالهه ته گلاب هاڻي ڪو ڌاريون ڪاريندو رهيو ڪونهي. هُو اسان جو نياڻو آهي. اسان جو ٻچو آهي. هڃر اسين سندس واهر نه ڪينداسين ته ٻيا ڪير اچي مٿانهس نوٽ گهوريندا ڪيئن؟! کدا پنا (پناهه) ڏي، پر جي هِڃَرَ مون کي ڪا تڪليف تي ٿئي، ته په آئين دل مٺي ڪيندا ته اسان جو ڪڄاڙو وڃي؟! اِڃَ ڪو نه ٿيندو. سڀاڙي ڪڄاڙو ٿيندو؟ سا ڪيڙي کَبَرَ؟! ٿي سگهي ٿو ته اسين پانجي ننگن۽ دنگن جي ويڙهه ۾ ٻارين ٻچين گلاب کان په اڳيان هجون!“ سهڻيءَ جي وڏي ڀاءُ ڏاڍي، ٿڌي، برجستي ۽ جذباتي انداز ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪيو ۽ جنهن ۾ هُن گلاب جي ۽ محبتِ سنڌ ريليءَ جي مقصد جي کُلئي طرح سان حمايت ڪئي. جنهن کان پوءِ ڪنهن کي به مخالفت ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪا نه ٿي.
۽ سهڻيءَ اِهي سموريون ڳالهيون ماٺ مٺيءَ ۾پئي ٻڌيون.
هُوءَ مختلف ڳالهيون ٻڌي مختلف ڪيفيتن مان گذري رهي هئي، جيڏي مهل ڪنهن جي گلاب جي خلاف ٿي ڳالهايو ته سندس هِينئون جُهريو ٿي پيو، پر جيڏي مهل ڪنهن گلاب جي حمايت ۾ ٿي ڳالهايو ته جهڙوڪر منجهس ساهه پئجيو ٿي ويو.
۽ جڏهن ڀاڻس وڏي ڳالهائي دنگ ڪيو ۽ ٿوري دير لاءِ سانت واسو ڪري ويئي، تڏهن سندس دل سَٽون کائڻ لڳي ته هوءَ به ڪجهه ڳالهائي. پر دل جهليو ڪا نه پئي سگهي. ٻن ڪکائين ڪوٺين جي مهندان خلاصي اڱڻ تي کٽون پيل هيون. يارهين تاريخ جي چنڊ جي سُهائي ماحول تي سحر جهڙي ڳهر جي ورکا ڪري رهي هئي. ڏکڻ جي ٿڌي هوا ٻڪريءَ جي ڇيڳرن ڇيلن جيان ٽاپي پائي رهي هئي. ڏکڻ جي هوا جي ٿڌاڻ ۽ چنڊ جي چانڊاڻ، واهه! پر سهڻيءَ جي دل ۾ سِرِنِ جو کُورو جلي رهيو هو. نيٺ ڳِيتون ڏيندي ڏيندي، همت ڪري دل جهليندي چيائين: ”امان لئي...!“ ڳالهائڻ جو ربط ٽٽي ويو. ٿوري دير لاءِ وري سانت ڇانئجي ويئي ۽ پوءِ همت ڪندي چيائين: ”امان لئي، چڱا ماڙهو چئي ويا آهن ته ڌيءَ کي هڪڙو ڀرڪو گار ڏبي آهي. سو مون کي په آن جيڪا پهريون دڦو (دفعو) گار ڏني آهي، سا ڏئي چڪا. هاڻ مون جو مرڻ جيئڻ گلاب سين آهي. گلاب کي ڏسي وائسي په آن پاڻ قبول ڪيو هو. آئون ڪا ساڻس نِکتي (نڪتي) ڪا نه پئي ويس. پر هاڻ، هاڻ گلاب ڪيڙو په آهي! جيڙو په آهي، مون جو ور آهي ۽ اِها په ڳال آنکي ٻڌائي ڇڏيان ته سڀاڙي ٿيندڙ ننگن ۽ دنگن جي جنگ ۾، جي گلاب جي مرضي هوندي ته آئون په ساڻس گڏ هونديس.“ سهڻي چوڻ کي ته چئي ويئي، پر مرڳو ساهه مان اُڦِجي پئي. سو ڳالهه پوري ڪري پنهنجن ساهن کي سانتيڪو ڪرڻ لڳي.
”ائي امان، ائي امان هاجون کاشيون (خاصيون) ٿيون! ڏسو پيا نينگريءَ جا ڪم! هاڻ هيءَ جوءِ په تي ڪراچيءَ وڃي ”لَڇِ لَڇِ“ ڪرڻ! ائي ٻڙي، اسين پيا گلاب تي ڪاوڙجون ته ڪو وڃي هاڃي ۾ پيو آهي. سو ته پري رهيو، پر مرڳو ئي هيءَ ڇوري په تي هٿن مان پئي وڃي. ابا هيڙو ڪو سانگ ڏٺان!؟ اي، تون ڪو چپ سُبيو ماٺڪو ويٺو آهين! پانجي ٻارن کي سنڀال، متان سڀاڙي سڀ پانجي ناڙي بيهي رهن،“ سهڻيءَ جي ماءُ پهريائين سهڻيءَ تي ڇُوهه ڇنڊيا ۽ پوءِ سندس مڙس تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويئي۽ مڙسهينس ڏنڌ ڪڍيو پئي کليو، اِتي سهڻيءَ جي وڏي ڀاڄائي وري ڳالهايو.
”امان، تون اسان جي وڏي اَهيئين، تون هاڻ اسان کي رڳو دعائون پئي ڪر، باقي هڪڙي ڳال چِٽي پئي آهي ته جڏهن اسان جا مڙسالا پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي جنگ تي ويندا ته پوءِ پويان اسين ڪنهن جي آسري تي ويهنديون سين. پر آئون ته چئان تي ته تون۽ بابا په اسان سان گڏ هلجو، پر گڏ په ڪو، آئين ماڳهي اسان جي مانڌان هلجو، اسان جي اڳواڻي ڪندا هلجو. جي اسان جي ڌرتي اسان جي هٿ ۾ هوندي ته اسان جو مرڪڻ په سونهي ٿو. پر پانجي ڌرتيءَ تي ٻين جو غلام ٿي رهجي، ان کان وڌيڪ ٻي ذلت ڪيڙي ٿيندي! اِن ذلت جي جيئڻ کان عزت وارو موت سئو ڀيرا ڀلو!“
”ها امان، ڏيراڻي سچ ته چوئي پيئي. جي سُڀاڙي ڪو بي ننگو ۽ بي وڙو اسان جي هن اڀري، سڀري، ڀُونگيءَ تي حملو تو ڪري ته ڇا اسين ماٺ ڪري ويهي ڏسنداسين ته پرديسي آهي، ڀلي اچي اسان جي اَجهي ۾ ويهي. اسين نڪريو تا ٻاهر نٽهڻ ڪاڙهي ۾ کلي آسمان هيٺان بيهو رهون! نه، هرگز نه، حال هڪيو ته اسين حملي ڪندڙ جا داڻا ڪڍي ڇڏينداسين، پوءِ په ڏٺو وڃبو. ساڳئي طرح هيءَ ڌرتي، هيءُ سنڌ ملڪ په پانجو اسان جو آهي. اُن تي جيڪي قبضي ڪرڻ جي ڳالهه تا ڪن، تن جي زبان تارونءَ کان ڇڪي ڪڍي وٺڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي وڙهڻو پُوندو.“ سهڻيءَ جي ننڍي ڀاڄائيءَ چيو.
”اباڙي، آءُ ڏسان پيو ته آئين سڀ هڪڙي پاسي ٿيندا وڃو ۽ ايڙو ڀاڙيو ته آئون په ڪو نه آهيان جو هرو ڀرو اُٺ جو پير ٺاهي ”پينئي“ ڪري ويهي رهان ۽ نڪي ماڻهين په ليڪو ڪڍي ويهڻ جيڙي جوءَ آهي. جي آن سڀني جي مرضي آهي ته پوءِ يا بسم الله! سڀ کان اڳ ۾ آئون هوندس.“ سهڻيءَ جي پيءُ چيو.
”ته پوءِ چڱو، ڏينهن ٻن ۾ ڪجهه ڏوڪڙ هٿ ڪري، ابا، تون ئي وڃي اسپتال ۾ کيس ڏسي په اچ، ته ڏوڪڙ په ڏيئي اچ“ وڏي پٽ چيو.
”پرابا..... ”سهڻي جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويئي. ”پر ابا، مون کي په گلاب ڏانهن وٺي هلو. اسپتال ۾ مون کي په هڪڙو ڀرڪو وٺي هلو...“ ڪجهه ساعتون سهي، وري سهڻيءَ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ائي امان، سو ڪو؟ ڪنواري نينگري ڪا پانجي منڱيندي جي مُنهن لڳندي ڪه؟ ماڙهو ڪڄاڙو چُوندا؟“ ماڻس پراڻين ريتن جي پوئيواري ڪندي چيو.
”امان لئي، اُهي پراڻا زمانا ويا هليا. هاڻ نئون دور آهي، هاڻ اِڃَ ٿئي پيو.“ ننڍي ڀاڄائيءَ ڳالهايو.
”هاڻ ڇڏيو انهن ڳالهين، پهرين ڏوڪڙن جو بِلو ڪريو. پوءِ اِها ڳالهه په پري ڪانهي. هاڻ اُٿو، وڃي هنڌ ڀيڙا ٿيو. سڀاڙي سوير ڀرو وهير تي وڃڻو آهي، اول کئر!“ سهڻيءَ جي وڏي ڀاءُ ڪچهريءَ کي کُٽائيندي چيو ۽ پوءِ سڀ ڪو وڃي پانجي پاٿاريءَ تي ڊهي پيو.
سهڻيءَ جي سوال جو نبيرو ٿي ڪو نه سگهيو هو. تنهن ڪري هوءَ سڄي رات رني هئي. هُن جي دل چاهيو پئي ته پکيءَ وانگر پَرَ ڪري هڪدم اڏامي وڃي گلاب وٽ پهچي. پر هوءَ بيوس هئي. ٻهراڙيءَ جي ريتن رسمن ۾ جڪڙيل سماج ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي نسبت طئي ٿيڻ کان پوءِ شاديءَ کان اڳ تائين مڱ ۽ مڱيندو پاڻ ۾ ملي ڪو نه سگهندا آهن. سو سهڻيءَ جي دل لک ڀيرا چاهيندي به گلاب سان ملڻ کان لاچار هئي. کيس وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ ۾ وڏي اُميد هئي ته من ڪو بِلو ڪري وٺن. جو هُنن مڙسي ڪري ڦٽندڙ معاملي کي ٺاري ڇڏيو هو. پر گلاب سان ملڻ وارو مامرو اڌ ۾ رهجي ويو هو. تنهن ڪري هوءَ وياڪل هئي.
سهڻيءَ جو صبحَ سويرَ گهر کان نڪري وڃڻ، چانهه نه پيئڻ ۽ ٻين سان گڏجي وڃڻ جو انتظار به نه ڪرڻ، به، احتجاج جي انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هئي ته جيئن هوءَ وڏي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ تي بار وجهي سگهي. ڇو ته هوءَ ٻئي کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ موٽ ۾ هوءَ به مٿانهن قربان قربان پئي ٿيندي هئي.
”سهڻي ڪا نه تي ڏسجي؟ ڪيڏانهن ويئي آهي؟“ وڏي ڀاڻس پنهنجي گهرواريءَ کان پڇيو، جيڪا چانهه جو پيالو کڻي اچي سندس اڳيان بيٺي هئي.
”هوءَ سويل ئي ٻنيءَ تي وئي هلي آهي،“
”سو وري ڪو؟“
”راتوڪي ڳال تان ڪاوڙيل آهي، چئي تي ته مون کي په گلاب ڏانهن وٺي هلو،“
”چري آهي ڪَه؟ ماڙهو ڇا چُوندا؟“
”اي ماڙهن کي جيڪي چوڻو هو، سوچئي چُڪا! اڃا ٻيو ڪڄاڙو چُوندا. پر اسين ماڙهن جي ڳالين تي ڪو ته لڳون؟ ماڙهو ڪپڙا لاهي اگهاڙا هلندا ته پان په اڃ ڪينداسين ڪيئن؟ پان کي پانجي زندگي پانجي نموني سان جيئڻي آهي. تون په ٿورو ٿڌيءَ دل سان سوچ، رڳو پانجيءَ دل تان اچ. آءٌ جي اسپتال ۾ پيل هجان ۽ مرڻ ۾ هجان، ته ڪَرَ توکي هتي سک اچي؟ اهي وري ڪيڙيون ريتون رسمون، جيڪي، ڪومري ته ڀلي مري وڃي، پر جيئري رڳو منهن په ڏسڻ کان روڪينديون هجن. وڏي ڳال ته هوءَ پان سان گڏجي هلندي. اسپتال ۾ انُ مان ڪير ٽڪر ڪوري ڪو نه وٺندو. آئين په هروڀرو ليڪو نه ڪڍو. موڪل ڏيوس ته ڪنهن سان گڏجي وڃي ملاقات ڪري اچيس. ايڙي په سنڌ گدڙن ڪا نه کاڌي آهي، جو انهيءَ ڀيل مان ڇُٽي نه سگهون. تون رڳو پير جهل!“
”تون جي ڳالهه ته سهي آهي پر امان، ابا کي ڪير گس تي آڻي؟“
”اي امان ابا ته اِن ڳالهه تي په ڪو نه ٿي بيٺا ته ڪو گلاب سان ناتو جوڙيو رکيو وڃي. پر پوءِ جڏهن رات پان مڙسي ڪئي ۽ ڳالهيون نِکَتيون تڏهن ماملو هڪڙي پاسي ٿيو نه! تون رڳوهاڪر، باقي امان۽ ابا کي آئون پاڻيهي ٺمريون هڻيو تي راضي ڪيان.“
”هئو ٻيلي، اَهيئين ته تون په وڏي شئي! مون کي ئي ماٺ ڪرايو. ڇڏئين، سو امان ابا تو مانڌان ڪٿي تا بيهو سگهن. ٻيلي، وارو ڪر، ڳالائي ڏس ٻنهي سان. سهڻيءَ کي په ته رنج ڪونهي ڪرڻو نه!“
”چڱو، اِهو ڪم مون جو.“
***

”اچ ڙي جانيئڙا، جدائي ٿي ماري،
وري ڙي ساٿيئڙا، وڇوڙو ٿو ماري....“
سهڻي اڪيلي هئي. ٻاري جو چڱو خاصو مُهاڙو ٻني تي پهچائي، وري اچي ٻئي مهاڙي ۾ بيٺي هئي. اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي دل کي پرڀائڻ لاءِ پنهنجي بنهه سُريلي ۽ جيءَ ۾ جهيرَ وجهندڙ وڏي آواز ۾ هوءَ مٿيان ٻول آلاپي رهي هئي. بادلن سان آسمان ڇانيل هو. ڏکڻ جي ٿڌڙي هوا هلي رهي هئي. سج اڀري چڪو هو. سهڻيءَ جو مُنهن، گهرن کان ٻنيءَ ڏانهن ايندڙ گس کي پٺيرو هو، ٻيو ته وهير ڪندي سندس ڪنڌ هيٺ جُهڪيل هو، تنهن ڪري سندس گهرڀاتي، جيڪي ٻني تان قطار ڪريو اچي رهيا هئا، سي کيس ڏسڻ ۾ ڪو نه آيا. هوءَ پنهنجي ئي ڌُن ۾، گلاب جي خيالن جي گهيري ۾ بلند آواز ۾ بي ربط جملا، ڪا سِٽَ ڪنهن ڪلام جي ته، ڪا سِٽ ٻئي ڪلام جي، جيڪو کيس ياد ٿي آيو، يا ائين کڻي چئجي ته جنهن سندس دل جي ترجماني ٿي ڪئي، سا جهونگاري ۽ آلاپي رهي هئي.... ”او ننڍپڻ جا ساٿيئڙا، اسين ياد آهيون يا وسري وياسين...! اسين ياد آهيون يا.....“
”ياد آهيئين، ياد آهيئين، ڪا نه تي وسرين، مانڌي نه ٿي، هليا، چانهه جو ڍُڪ پيءُ ....!“ سندس وڏي ڀاڄائيءَ ويجهو پهچي کيس وڏي آواز ۾ ٽوڪيو ته سڀني ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
سهڻيءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هُوءَ هڪدم سڌي ٿي بيهي هنن ڏانهن نهارڻ لڳي. هوءَ ڏاڍي ڦِڪي ڦِڪي ٿي رهي هئي. جهڙوڪر سندس چوري پڪڙجي پيئي هئي.
”هليا، ڀيڻ مٺي ڪا نه آهيئين، هليا چانهه پيءُ، پوءِ توکي هڪڙي ڳال په تي ٻڌايان،“ وڏي ڀاڄائينهس چيو.
پوءِ هوءَ آڌياڙيءَ مان بچيل مرانهون هڻي ٻاهر نڪتي. وهندڙ اَڏَ مان هَٿَ مُنهن ڌوئي، گنڌيءَ جي پلانڌ سان اُگهي ڀاڄائينس ڏانهن اچڻ لڳي. اِن دوران ٻيا سڀئي آيل ور کڻي، پوتيءَ سان ڀينڊي ٻڌي، باقي پوتيءَ کي چيلهه وٽ ٻڌي وهير ڪرڻ ۾ جُنبي ويا. ڀاڄائيهنس سهڻيءَ وٽ ويهي رهي. ٿرماس مان چانهه جو پيالو اوتي ڏنائينس ۽ پڻ ٻه پاپا به گنڌيءَ جي پلانڌ مان ڇوڙي ڏنائينس.
سهڻي ڪنڌ هيٺ ڪريو، پاپو چانهه مان ٻوڙيو آهستي آهستي کائڻ لڳي. پر لڳو پئي ته جهڙوڪر پاپو سندس نڙيءَ کان هيٺ لٿو ئي ڪو نه پئي، ڀاڄائي رڙهي کيس ويجهي ٿي ويٺي.
”سهڻي، تو جڏهن کان وٺي گلاب جي زخمي ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌي آهي، تنهن کان وٺي تون ملول آهيئين. ڀلا تون جي اِڃَ پريشان ٿيڻ سان مسئلو حل ته ڪو نه ٿي ويندو.“
ڀاڄائينهس جي رڳو ڳالهه ڪرڻ جي دير هئي، سهڻيءَ جون اکيون ڀرجي آيون ۽ لڙڪ سَرَيُون ڪري ڳڙڻ لڳا. چانهه ۾ ٻڏل پاپو ڳري هيٺ ڪري پيو ۽.....۽...... سهڻي پاڻ تان ضبط وڃائي ويٺي. زوريءَ ۽ زبردستيءَ وٽائنس هڪ زورائتي اوڇنگاري نڪري ويئي ۽ پوءِ هُوءَ ڍِڪون ڏيئي روئڻ لڳي.
”نه رُوءُ مون جي مِٺي، آئون آهيان نه ويٺي تون جي جيڏل، نه رُوءُ مون جي ڀيڻ، نه رُوءُ“.
”ڀاڄائي، ڀاڄائي مون کي گلاب وٽ وٺي هل، نه ته مون جو هينئون ڦاٽي پُوندو. آئون مري پُونديس.“ ۽ هُوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”مرن تون جا دشمن، تون الاجي ڪوٿي مرين مون جي هوندي! توکي چئيم نه ته آئون جا ويٺي آهيان تون جي جيڏل، تون ڪو الڪو نه ڪر. مون ڀاڻهين سان ڳالايو آهي. باقي ابا ۽ امان سان په اڄ ڳالايان تي. تون رڳو دم جهل، مانڌي نه ٿي، جيسين توڻي پيسين جو ڪو بلو ٿئي، تيسين توکي موڪل آئون وٺي ڏيندس. پوءِ ته بس، شابس، مون جي ڏاهي ڀيڻ هاڻ روئڻ ڇڏي، خوشي ٿي ۽ چانهه پيءُ، مرڳو جوءِ هٿن مان پئي وڃي. ڏس، هيڏانهن نهار.“
سهڻيءَ ڏانهس نهاريو ته مُرڪ سندس ماسيرن چپن تي پکڙڻ لڳي.
”او اِڃَ..... شاباش..... هاڻ لڙڪ اگهه، ٿورڙو کِلِ....!“
سهڻيءَ پنهنجي هٿ جي تِريءَ سان لڙڪ اگهيا ۽ خوشيءَ وچان وهلور جي کلڻ لاءِ پنهنجا سانورا چپ کوليا ته جهڙوڪر صبح جي اڀرندڙ سج تان هلڪا گهاٽيرڙا ڪڪر هٽي ويا ۽ سندس سهڻا اڇا ڏند سج جيان جرڪي پيا.

20 جون 2012ع