ڌرتي ماءُ
گذريل سال جو آڳاٽو پوکيل ڪمند، ڳنڍيري ۽ جُوس لاءِ تيار هو. هِن کان اڳ ۾ به ٽي چار ٽرڪون روانيون ٿي چڪيون هيون۽ اڄ به هي سمورا همراهه ڪمند جي ڪٽائيءَ لاءِ ايندڙ مزدورن جي انتظار ۾ ويٺا هئا. جڏهن ڳچ دير ٿي ويئي، تڏهن آچار چيو:
”غلام يار، فون ڪري خبر وٺ ته ٽرڪ ۽ همراهه اچن ٿا يا پاڻ هروڀرو ويٺا وقت وڃايون، جي اچن ته ها، ڀلا جي نه ته، ڀڄي وڃي ٻئي ڪنهن ڪم ڪار سان لڳون.“
”ها يار، وارو ڪر، الاهي دير ٿي ويئي آهي. جي نه اچڻ ته وڃي گاهه پٺي جو سَٺو ڪريون.“ جانوءَ به آچار جي ڳالهه کي ٽيڪو وٺرايو.
”آءٌ سمجهان ٿو ته اڄ ڪو نه ايندا.“ نظام چيو.
”سو وري ڪو؟ ايندا وري ڇو ڪو نه! سورنهن آنا پڪ ڏني اٿن.“، غلام چيو، ”وري به فون ڪري ٿو ڏسانِ“. ايئن چئي غلام پنهنجي موبائيل تي ڪال ڪرڻ لڳو.
”هلو.... ابا ڪٿي آهيو....؟ اڃا ڪو نه پهتا آهيو....؟ اسين هتي انتظار ۾ ويٺا آهيون“. غلام ڳالهايو ۽ پوءِ ٻئي پاسان ڳالهائيندڙن کي ٻڌڻ لڳو، ٿوري دير بعد وري پاڻ ڳالهايائين:
”چڱو، چڱو، جي اِها ڳالهه هئي ته سوير ئي ٻڌائي ڇڏيو ها. اسين هروڀرو صبح کان وٺي ڪم ڪار کوٽي ڪريو ويٺا آهيون. خير ٺيڪ آهي... پرينهن جي ته پڪ آهي نه؟ يا وري ڪو بهانو ڪريو...“
”نه نه، پرينهن اول خير، ڪو به بهانو ڪو نه ٿيندو. پڪ ئي پڪ آهي“، ٻئي پاسان جواب مليو.
”ڏٺَوَ، مون چيو ڪو نه، ته ڪو نه ايندا“. نظام چيو، ”ڇا ٿا چون؟“
”چون ٿا ته سڀاڻي 13 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال آهي. گاڏيون به بند هونديون ۽ منڊي به بند هوندي. پوءِ اسين ڪمند کڻي ڪيڏانهن ڪنداسين؟ تنهن ڪري پرينهن ايندا“. غلام چيو.
”پر هڙتال ڇاجي آهي؟ هڪڙو ته اِنهن هڙتالن مان لڳي رهيا آهيون.“ جمن پڇيو.
”توکي خبر ڪانهي ڇا؟ تون آهين ڪهڙي جهان ۾؟ ملڪ الاجي ڪٿي وڃي پهتو آهي ۽ تون آهين جو رڳو ڀنگ جو ڪُونڊو چاڙهيو، دنيا جهان کان آجو ٿيو پيو هلين. ڪيڏي مهل ته اکيون کوليندو به ڪر. هُن تو واري پيالي ڀائيءَ يارَ پراڻي، سموري سنڌ ڪراچيءَ جي دهشتگردن کي ڏيئي ڇڏي آهي.“ غلام جمن ڏانهن نهاريندي چيو.
”پر هڙتال وري ڪنهن ڪئي آهي؟“ جمن وري پڇيو.
”اِهي ڪاٽني ڪامريڊ (ڪاٽن جو وڳو پائيندڙ) هوندا ٻيو!“ نظام چيو جيڪو ڪاٽن جو ڪَلَفِ لڳل جوڙو پائي، مختلف بهانا بنائي شهر جي واپارين کان ڀتو اڳاڙيندڙ مقامي ڪامريڊن کان سخت چِڙِيل هو.
”پر هينئر رڳو اُهي اڪيلي سر ڪونهي. سڀاڻيءَ واري هڙتال جو سڏ ته ”سنڌ بچايو ڪاميٽيءَ“ ڏنو آهي ۽ انهيءَ هڙتال جي حمايت سنڌ جي سمورين قوم پرست جماعتن سان گڏ، وفاقي جماعتن، پٺاڻن، پنجابين ۽ بلوچن به ڪئي آهي. ايتريقدر جو، جيڪي جماعتون حڪومت سان مفاهمت ۾ گڏ هيون، تن به حڪومت جي اتحاد مان الڳ ٿي، وزارتن تان استعيفائون ڏيئي، سنڌ جي سودي خلاف ٿيندڙ هِن هڙتال جي حمايت ڪئي آهي“ غلام مختصر نموني ۾ وضاحت ڪئي.
”پر اِهو ته ٻڌايو ته منهنجي پيالي ڀائيءَ ڪهڙو سودو ڪيو اهي؟ ڪهڙو زمين جو نمبر ڌارين کي ڏنو اٿس؟ جو مرڳو مٿس وٺ وٺان لاهي ڏني اٿو. اوهان کي هونئن به اسان موالين تي خدا ڪارڻ جي ڪاوڙ هوندي ئي هوندي آهي.“ جمن پنهنجي ڍري ٿي ويل ڪانڀَ کي ڇڪي ٻَڌندي چيو.
”اي رڳو زمين جو هڪڙو نمبر ڇا! هِنن يارن ته يڪي ڀِينگ ڪري ڇڏي آهي. ڪراچيءَ سميت سنڌ جا ٻيا به وڏا شهر حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاهه، لاڙڪاڻو ۽ سکر دهشتگرد تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي پڙهي ۽ قانون ٺاهي انهن جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿن. پ پ پ وارا همراهه ايندڙ ٻيا به پنج سال حڪومت ڪرڻ جي شوق ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن.“ غلام چيو، جنهن جو هڪڙو يار سنڌي هارين جي جماعت سان گڏ ڪم ڪندو آهي.
”ٻيلي غلام، هاڻ ٺهيو. ڇڏ ڦشريءَ کي. توکي ته هونئن ئي پ پ وارا وڻن ئي ڪو نه. هو ڇا به ڪري اچن، پر اوهان جو ڪِين جو ڪُنو چڙهيو ئي پيو هوندو آهي، سو لهندو ئي ڪونه.“ نظام غلام کي ٽوڪيندي چيو. ”سنڌ آهي اڪ جي ماکي، جيڪا سٽ ڏيئي ٽارِي پٽي لاهي وٺبي. هُنن، جو قانون ٺاهيو آهي، تنهن ۾ ڪجهه ته هوندو نه! يا رڳو تنهنجي چوڻ تي سنڌ ڌارين جي حوالي ٿي ويئي. بس ڇُٽي ڳالهه...! هونهن...!“.
“اِهائي ڳالهه ته اسين چئون ٿا ته جيڪو ڪجهه اوهان کي سنڌ جي ڀلي لاءِ ڪرڻو آهي سو، اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪريو، ماڻهن اڳيان رکو، اخبارن ۾ ڏيو، پوءِ سڄي سنڌي قوم گڏجي جيڪو فيصلو ڪري، سو ئي قانون ٺاهيو. هيءُ ڪهڙو طريقو آهي ته رات جو چئين وڳي، لڪ ڇپ ۾ ڌارئين گورنر وٽ وڃي ”قبلو سائين“ مرگهيل بدنام ڍيڪڻ، ”چاغا مرڻاج بحراني، ”6 بازِ ڏوٻرو“، ”رڪيب ڦِنجَر، ”چِيرِ نذرل ڌڪ“ ۽ ”نه سار ڪهڙو“ مٺائي کائي، هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏيئي سنڌ جي ورهائڻ جو قانوني طرح بنياد رکي آيا آهيو ۽ وري جيڪو پڇي ٿو ته ”بابلا هيءُ قهر ڇو ڪيو اٿو؟“ ته چئو ٿا ته اوهين اڻ پڙهيل آهيو. پهريائين وڃي پي ايڇ ڊي ڪريو، پوءِ ڳالهايو. ايئن ڪو ٿيندو آهي ڇا!؟“ غلام وضاحت ڪئي.
”پر توکي يا مون کي ڪهڙي قانون ۽ آئين جي خبر؟ ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته ڪُڪڙ ڪٿان ٿي مُٽي(پيشاب ڪري). سنڌ جا سڀئي ماڻهو قانون جا ڄاڻو وڪيل آهن ڇا؟ ظاهر آهي ته جيڪي حڪومت ويٺا ڪن، جيڪي صدر ۽ وزيراعظم آهن، جيڪي وڏا وزير ۽ قانون جا وزير آهن ۽ جيڪي مريو جيئو ويٺا آهن، تن کي ئي خبر هوندي ته ڪهڙي ڳالهه سنڌ جي فاعدي ۾ آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه نقصان ۾ آهي. اوهين ڇو اچي بتال ٿيا آهيو؟! ٻيلي غلام، ڳالهه ڪبي سچي، پوءِ ڀلي ڪنهن کي ڏکي ڇو نه لڳي. جيئن ڪانگ کي لُڙَ ۾ مزو ايندو آهي نه، تيئن اوهان کي به مڙيئي ڦشري کپي. ميمبر ته چوندجي سگهو ڪو نه ٿا. باقي روز ٻئي ڏينهن ڪا نه ڪا ڳالهه کڻيو، شهر بند ڪرايو، گاڏيون بند ڪرايو پيا رستن تي ۽ بزارن ۾ هنبوڇيون هڻو. ٻڌايو ته سهي، اِن مان اوهان کي ملي ڇا ٿو!؟“ نظام دل کولي پنهنجي ڳالهه سڀني اڳيان رکي.
”ها ٻيو، مس مس پنهنجو سنڌي صدر ٿيو آهي ته اوهان کي مرڳو اکين ۾ ڪارَ ٿي پيئي آهي. اوهين خوش ئي فوجين جي حڪومت ۾ آهيو. ميان، هينئر ٻيو جي نه ته، گهٽ ۾ گهٽ بينظير جا پئسا ته جام پيا ملن. اوهين ڀانيو ته اِهي پنَ جا پئسا به سنڌين کي نه ملن، ڀلي ٻيا کڻي وڃن.“ جمن کي تازو ٻه هزار رپيا مليا هئا، (جن مان به ٻه سئو پوسٽ وارن ۽ ٻه سئو مقامي جيالي ڪاٽي، باقي 16 سئو رپيه کيس ڏنا هئا) تنهن به نظام جو پاسو ورتو.
”ها ادا، سچ ٿو چوين.... ٻين قومن جا اڳواڻ حڪومت ۾ اچي پنهنجي قوم جي ماڻهن کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائڻ ۾ رات ڏينهن هڪ ڪريو ڇڏين. پر اسان جي سنڌي وڏيرن اسان تي احسان اِهو ڪيو آهي، جو اسان سڀني کي پِنَ جي بِکيا تي فقير بنائي ڇڏيو آهي...! ڏس ڪو شرم ٿيس ٿو، ڪيڏي نه فخر سان پيو چئي ته ”پِن“ جا پئسا ته سنڌين کي ملن پيا. اي ٻڏي ڪو نه ٿو مرين جمن جاني...!“ آچار کي جو بُل لڳو، تنهن جمن کي اچي کنيو.
”ڀاءُ منهنجا، جي رڳو ايتري ڳالهه هجي ته به کڻي ماٺ ڪجي. هاڻ نطام ٿو چئي ته اسين وڪيل ڪو نه آهيون، اسان کي قانون جي خبر ڪانهي. برابر صحيح ٿو چوي، پر پاءُ اٽي جو ته سڀ ڪو کائي ٿو. ٿوري گهڻي ڳالهه ته هر ڪنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿي. هاڻ مون کي رڳو هڪڙو جواب ڏيو. ٻه سال اڳ ۾هيءَ زمين، جنهن ۾ پاڻ هينئر موجود آهيون، ڪنهن جي هئي؟“ غلام پڇيو.
”خاصخيلين جي هئي.“ ستار ورندي ڏني.
”هاڻ ڪنهن جي آهي؟“ غلام وري پڇيو.
”هاڻ نظام جي آهي.“ ستار چيو.
”گذريل ٻن سالن ۾ وري ڪڏهن خاصخيلي ٻنيءَ تي آيا آهن؟“ غلام پڇيو.
”هاڻ وري ڇاجي لاءِ ايندا! زمين جو کاتو ڪري ڏنو اٿن. هاڻ انهن جو ٻنيءَ ۾ ڇا....؟“
”پوءِ جي اسان جي اسيمبيليءَ جا ميمبر پنهنجا شهر قانوني طرح لکي ڌارين کي ڏيو ٿا ڇڏين ۽ سمورا اختيار انهن جي حوالي ڪريو ٿا ڇڏين، ته پوءِ پنهنجي ڪهڙي حجت باقي رهندي! اِها ڳالهه ته اسان کي سمجهه ۾ اچي ٿي. کڻي آئين ۽ قانون اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي. اِن ڳالهه لاءِ به اسان کي ميهڻا ٿا ڏين سنڌي وڏيرا ته اسين اڻ پڙهيل آهيون. پهرين پي ايڇ ڊي ڪري اچون پوءِ ڳالهايون. ڇا پاڻ پنهنجي تر جي پيپلي اميدوار کي (جيڪو اليڪشن هارائي ويو هو) ڪو نه سڃاڻون ته گهڻا پي ايڇ ڊيءَ جا امتحان ڏيئي پاس ڪريو ويٺو آهي؟“ غلام چيو.
”ٻيلي، مڃو يا نه مڃو پر غلام چئي سچ ٿو.“ جانوءَ چيو، جيڪو هيستائين ماٺ ۾ هو.
”سو ته مون چيو نه، ته غلام کي پيپلا بنهه وڻن ئي ڪو نه، تنهن ڪري اهو ته ايئن چوندو.“ نظام کلندي، شرم کي پرچائيندي چيو.
”ٺهيو ڀلا، پيپلا پري رهيا. تون، جيڪو انهن تي ڪک نٿو سَهين، تون کڻي اسان کي سمجهائي ته ڪراچيءَ جي ميئر وٽ سمورا پاور آهن: روينيو، پوليس، فشريز وغيره وغيره. ايتريقدر جو ميئر جي ڪيل آرڊر کي سنڌ جو وزيراعليٰ به رد نٿو ڪري سگهي ۽ ٻئي پاسي رڳو فشريز کاتو ٺٽي ضلعي جي ناظم کي مليل آهي؟ جنهن جا پنج تعلقا سامونڊي پٽيءَ سان لڳن ٿا. ڇا اِهو ٻٽو نظام ڪونهي؟ ڇا اِها سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪانهي؟ اِن کان وڌيڪ ٻيو ڪراچيءَ جي مالڪي ڌارين کي ڪيئن لکي ڏبي؟ جواب ڏي نه اسان کي. ٺلهي ڳالهه ويٺو ڪريئين.“ غلام پنهنجي ڳالهه برجستي نموني ۾ رکي ته نظام کي کِکو وِکو ٿيڻ لڳو.
”ٻيلي ڇڏيو اجائي لُڙ کي اڃا اِهو بل اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيندو. اُتي پاس ٿيندو. پوءِ وري گورنر صحيح ڪندو، تڏهن وڃي قانون ٿيندو. هينئر ئي هٽ تاڙون۽ روڊ رستا بند پيا ٿين. سو سنڌ جا ماڻهو ماٺ ڪري ٿورو ئي ويهندا. اسين ماڻهو ٻاري جي هڪڙي اوڙ تان ئي هڪ ٻئي جون سسيون لاهيو ڇڏيون، سو ايئن ماٺ مٺيءَ ۾ سنڌ سڄي ڌارين جي حوالي ڪري ويهي رهنداسين! سنڌ ڪنهن جي بابي جي ذاتي ملڪيت ڪانهي، جيڪو خسيس مفادن خاطر اُن جو سودو ڪندو ته کيس ڦٻي ويندو. سنڌ اسان جو وطن آهي، سنڌ اسان جي ڌرتي آهي، ۽ ڌرتي ماءُ مثل هوندي آهي. پنهنجي ماءُ جو سودو ڪنهن کي به ڪرڻ ڪو نه ڏينداسين. پوءِ چاهي اڳيان ڪير به هجي!! حال هڪيو اٿيو ته هلي گاهه پٺي جو سٺو ڪريون. گهڻائي ڪوڙ ڪٽياسين ۽ الاهي ڪم جون ڳالهيون به ٻڌيونسين. هاڻ هلو ته هلون..“ ائين چئي آچار ڪانڀ کولي سٽ ڏيئي اٿيو ته ٻيا به سڀ همراهه اٿي بيٺا.
1 آڪٽوبر 2012ع