سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن اوج تي آهي، ان اوج ۾ ٻين اڻڳڻين ڪهاڻيڪارن سان ٻٽ ٻيٺل اسان جو پرويز پڻ آهي. جنهن لڳاتار ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ بنا ڪنهن ساهيءَ جي، هو ڪهاڻين سان گڏوگڏ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو کاتو ڪنهن نينهن نهوڙيل ڇوڪريءَ جي جهول وانگر رنگ برنگي گلن سان ڀرجندو ٿو وڃي ۽ اڄ جي ڪير سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو ته، ان ۾ کيس هر رنگ جون ڪهاڻيون ساهه کڻندي محسوس ٿينديون ...
هي ڪهاڻي ڪتاب : ”آزاديءَ جو صبح“ پڻ ان لهر جي هڪ لار ئي ته آهي... پرويز هميشه حقيقت پسند لکت جو ساٿاري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو آهي ته، پڙهندڙ کي ڇا ڏجي ۽ ڇو ڏجي... هن جا مڙوئي ڪتاب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وقت جي گُهر آهن ڪوبه ڪتاب يا سندس لکڻي بنا ڪنهن ڪارج جي ناهي
ڪھاڻيون
آزاديءَ جو صبح
- 0/5.0
- 2329
- 784
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آزاديءَ جو صبح“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار پرويز جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. انعام عباسي لکي ٿو:”سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن اوج تي آهي، ان اوج ۾ ٻين اڻڳڻين ڪهاڻيڪارن سان ٻٽ ٻيٺل اسان جو پرويز پڻ آهي. جنهن لڳاتار ڪهاڻيون لکيون آهن ۽ بنا ڪنهن ساهيءَ جي، هو ڪهاڻين سان گڏوگڏ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو کاتو ڪنهن نينهن نهوڙيل ڇوڪريءَ جي جهول وانگر رنگ برنگي گلن سان ڀرجندو ٿو وڃي ۽ اڄ جي ڪير سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو ته، ان ۾ کيس هر رنگ جون ڪهاڻيون ساهه کڻندي محسوس ٿينديون ...
هي ڪهاڻي ڪتاب : ”آزاديءَ جو صبح“ پڻ ان لهر جي هڪ لار ئي ته آهي... پرويز هميشه حقيقت پسند لکت جو ساٿاري رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو آهي ته، پڙهندڙ کي ڇا ڏجي ۽ ڇو ڏجي... هن جا مڙوئي ڪتاب پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وقت جي گُهر آهن ڪوبه ڪتاب يا سندس لکڻي بنا ڪنهن ڪارج جي ناهي“.
هي ڪتاب 2015ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ پرويز
- ڇپيو ويو 2015
- ڇپائيندڙ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 784 ڀيرا