مِٺيءَ جي مِٺيِ....!
فتح چوڪ کي ويجهو پهتو ته اڳيان روڊ بلاڪ هو. ٽائر پئي سڙيا، جن جي دونهن ۽ بدبوءَ سڄو ماحول سوڳوار ڪري ڇڏيو هو. اڳيان ماڻهن جي هٿن ۾ لٺيون، ڪهاڙيون ۽ ڌُڪا هئا. ٻڙڌڪ متو پيو هو. اُڀ ڦاڙ نعرن جي وٺ وٺان لڳي پيئي هئي...“ ظالمو! جواب ڏيو، خون جو حساب ڏيو...“ ”وحشي پوليس وارن تي لعنت....“ ”بي حس انتظاميه تي لعنت....“ ”گونگي ٻوڙي حڪومت تي....!“ ”ظالمو قاتلو جواب ڏيو، بي گناهه قتل جو حساب ڏيو....!! ”خبر پئي ته ويجهو ئي ڪنهن ڳوٺ جي هڪ بيگناهه ڳڀرو نوجوان کي ڪنهن جي چُرچَ تي، حد جي پوليس ڌاڙيلن جو ساٿاري ڄاڻائي، رات جو سُتن ماڻهن گهر تي ڇاپو هڻي، چادر ۽ چوديواريءَ جي تقدس کي پائمال ڪري، گهر اندر گهڙي، عورتن ۽ ٻڍڙن جي بي حرمتي ڪري، گرفتار ڪري وٺي ويئي هئي. رات، سڄي رات مٿس تشدد ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هُو مارجي ويو. فجر مهل پوليس سندس لاش کي سندن گهر اڳيان اڇلائي هلي ويئي هئي.
۽ سنڌي ماڻهن لاءِ اِها ڪا نئين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪا نه هئي.!!
هونئن ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هر دور ۾ سنڌي ماڻهن سان ڪربلائون ٿينديون رهيون آهن. پر ”پاڪستان پيپلزپارٽي“ ۽ سندس مفاهمتي دهشتگرد ٽولن جي موجوده ساڍا چار ساله دور حڪومت ۾ جيڪي ڪاريون قيامتون سنڌي ۽ بلوچ ماڻهن مٿان ڪيرايون ويون آهن، تن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ايئن سمجهو ته ظلمن جي انتها ٿي چڪي آهي. دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هاڻي ته اهڙا لفظ ئي ڪو نه ٿا سُجهن، جن سان انهن ظلمن جي شدت جو صحيح اندازو ۽ مقدار ظاهر ڪري سگهجي. بنهه دنگ ٿي چڪو آهي. آخري حد تي پهچي ويا آهن. نه ڪنهن نياڻي سياڻيءَ جو ننگ و ناموس سلامت آهي. نه ڪنهن مرد جي عزتِ نفس محفوظ آهي. نه ڪو ابهم ٻار بچيل آهي ۽ نه ئي ڪو ٻُڍڙو رهيل آهي. ماڻهو جهڙا ڪر الف اگهاڙا ٽياسن تي سرِعام ٽنگيا پيا آهن.
۽ هِنن ماڻهن کي به ڀليءَ ڀت ۽ چڱيءَ ريت خبر آهي ته ”ٿيندو ڪجهه به ڪو نه“! اول ته پوليس ڪيس داخل ئي ڪا نه ڪندي. پر جي ڪيس داخل ٿيو به، ته جوابدار هٿ ڪو نه ايندا ۽ شاهد شاهديون ڪو نه ڏيندا، تنهن ڪري ٿيندو ڪجهه به ڪو نه!! پر پوءِ به ماڻهن سان ٿيندڙ اَنيائن جو احتجاج نوٽ ڪرائڻ لاءِ، ماڻهو لاش روڊ تي رکي، ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهيا هئا. هُنن روڊ ته بلاڪ ڪيو هو، پر کين ڪنهن کنگهيو به ڪو نه. سرڪار کي به خبر آهي ته، ڪجهه دير کان پوءِ نٽهڻ اُس ۽ کَلَ ساڙيندڙ ڪاڙهي جي ڪري، متان نه لاش ڌپ ڪري وڃي، ماڻهو خوبخود ڌرڻو ۽ احتجاج ختم ڪري لاش کڻي وڃي قبر ڀيڙو ڪندا ۽ پوليس، انتظاميه ۽ پ پ جي يعني نالي ۾ سنڌي وڏيرن جي حڪومت جي ڪن تي جُوءُ به ڪا نه سُرندي. ڪجهه سنڌي چينل ۽ ڪجهه سنڌي اخبارون هڪ ٻه ڏينهن اُن خبر کي خبر طور کڻندا ۽ پوءِ ”ڪاڪا ڌُورا، ليکا پُورا...!“ ڳالهه ختم. ڄڻ ته همراهه ڄائو ئي ڪو نه هو! خير!.
سو ڌرڻي سبب مشتاق جي گاڏي به اچي قطار ۾ بيهي رهي. ڊرائيور سائيڊ واري پٺئين سيٽ تي رئيس مشتاق علي خان ويٺل هو. ڪو منٽ اڌ مس گذريو هوندو جو هڪڙي ڪلٽس سوزوڪي ڪار به اچي ٽويوٽا ڪار جي پاسي ۾ بيٺي. اتفاق سان رئيس مشتاق ڊرائيور کان سواءِ اڪيلو گاڏيءَ ۾ هو ته ڪلٽس ڪار ۾ به هُن سان گڏ فقط ڊرائيور ئي هو. هُوءَ خالي سائيڊ واري پٺئين سيٽ تي ويٺل هئي. گاڏيون ٻئي برابر ۾ بيٺل هيون، تنهن ڪري هُنن ٻنهي جي وچ ۾ مشڪل سان ڪو ٻن فوٽن جو فاصلو هو. مردن کي ته هونئن به نوس نوس ڪرڻ جي عادت هوندي آهي ۽ وري جي ڪو اهڙو موقعو ملي ٿو وڃي، جنهن ۾ هو ٻئي هڪ ٻئي جي ويجهو، بنهه ويجهو، مرڳو ويجهو، ايترو ويجهو جو هڪ ٻئي جي بدن جي خوشبوءُ به هڪ ٻئي کي ڇُهندي هُجي، ته پوءِ ڪيئن ٿا ڀانيو!؟ سو هُن جي سراپا کي سرهاڻ بخشيندڙ پئرس اسپري جي ڪنول جي گلن جهڙي خوشبوءُ به رئيس مشتاق علي خان کي پهرئين ڌڪ ۾ مست ڪري ويئي. رئيس پنهنجي نڪ جي ناسن سان هڪ تمام اونهون ۽ گهرو ساهه کنيو ۽ ڏانهس نهارڻ لڳو. ”واهه! سبحان الله! سڀ ساراهون سچي ڌڻيءَ جي نالي، پر ٻيلي، ڳالهه هتي به گهڻي هئي...“ دل ۾ سوچائين.
هُن به مشتاق علي خان جي نگاهن جي تپش کي محسوس ته ڪيو، پر بظاهر اڻ ڄاڻ بڻي ويٺي رهي. سندس نگاهون سامهون ڪنهن نقطي تي ڄميل هيون. واقعي ائين هو يا نه هو، پر مشتاق علي خان محسوس ڪيو ته هوءَ سندس بيقراريءَ ۽ کن پل ۾ ئي لڇڻ ڦٿڪڻ شروع ڪري ڏيڻ مان لطف اندوز ٿي رهي هئي ۽ پنهنجي سانتيڪي رويي ۽ سڪون سان ويهي، رئيس مشتاق سان لاتعلقيءَ جو ڏيکاءُ ڏيئي رهي هئي.
۽ جڏهن رئيس مشتاق جي ضبط پنهنجا پينڌ پٽائي وڌا ۽ انساني اخلاقي پابندي تان پاڻمرادو پهرا هٽي ويا، تڏهن بي اختيار رئيس مشتاق علي خان جي وات مان بنهه ڌيمي آواز ۾ هي لفظ نڪري ويا: ”واهه سائين واهه...!“
رئيس جو آواز ٻڌي سندس ڊرئيوار ڄڻ ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. چيائين،
”جي سائين، اوهان ڪجهه چيو؟“
”ها، مون ٿي چيو ته لهي ٿورو اڳيان وڃي ڏس ته ڪهڙي پوزيشن آهي ۽ رستي کلڻ ۾ اڃا گهڻي دير لڳندي.“ رئيس به ڊرائيور جي بدحواسيءَ مان فاعدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.
مشتاق علي خان ڏٺو ته جيئن ئي سندس ڊرائيور گاڏيءَ مان لٿو، تيئن ڪلٽس ڪار جو ڊرائيور به ازخود گاڏيءَ مان لهي اڳيان وڃڻ لڳو. دل ۾ چيائين: ”واهه موليٰ، تون ڪيڏو نه ڪارساز آهين.“
۽ جڏهن ڊرائيور ٿورڙو ئي پرڀرو ويا، تڏهن مشتاق علي خان ڏانهس ٻيهر نهاريو. هن ڀيري هُن به رئيس ڏانهن نهاريو، هڪ اُڇاتري نگاهه سان، هڪ اڻڄاڻ نگاهه سان ۽ رئيس مشتاق علي خان انهيءَ ئي تاڙ ۾ هو. تنهن همت ڪري چيو: ”واهه رب العالمين، واقعي تنهنجي نعمتن جو ڪو پرو پانڌ ڪونهي. ڇا ته حسين آهي تنهنجي ڪائنات.... ڪيڏو نه خوبصورت جهان آهي تنهنجو.... واقعي رب، تون ۽ تنهنجي ملوڪڙي ڪائنات سجدي لائق آهيو.... پوڄا لائق آهيو..... حق موجود، حسن موجود.... سدا موجود....!“ ڏٺائين ته مُرڪ سندس محبوب چپڙن تي ڊيل جيان ٽِلي رهي هئي ۽ هُن انتهائي دلربائيءَ ۽ ڪُهي وجهندڙ ادا سان رئيس ڏانهن نهاريو ۽ پل اڌ پل نهاري، پنهنجي نيڻن کي وري پلڪن جي جهالرن ۾ لڪائي ڇڏيائين. ۽ انهيءَ ادا رئيس جي بدن ۾ باهه جا مچ مچائي ڇڏيا. بي اختيار سندس وات مان نڪري ويو ”شڪريه.... وڏي مهرباني.... انهيءَ نظرِ عنايت لاءِ....!“ جڏهن ڏٺائين ته ٻئي طرف ڪو ردِ عمل ظاهر ڪو نه ٿيو ته هڪڙو ڀيرو وري دل جهلي چيائين:
”معاف ڪجو، هر هر بي اختيار نگاهه توهان ڏي کڄي ٿي وڃي.... پر اکين جو به ڪهڙو ڏوهه.... توهان ته شيءِ ئي اهڙي آهيو جو هي ويچاريون اکيون بيوس ٿيون وڃن...!“
”ساراهه به جي، حد اندر هوندي آهي ته وڻندي آهي ۽ جڏهن حد ٽپي خوشامد ۽ مسڪا پاليسي ٿيندي آهي، تڏهن پاڻ تان جهان کلائيندي آهي.“ هُن ڏاڍي نرم لهجي، وڻندڙ آواز ۽ اهڙي مضبوط انداز ۾ چيو جو مشتاق علي خان جا تاڪ لڳي ويا ۽ هُو پاڻ کي سڳ سُودو پڪڙيل چور جيان هلڪڙو ۽ خسيس محسوس ڪرڻ لڳو. ڌڪ پچائڻ ۾ کيس ڪجهه ساعتون لڳي ويون. پوءِ وري سموري سگهه سميٽي چيائين:
”شايد توهان کي پنهنجي خوبصورتي ۽ نزاڪت جو اندازو ڪونهي. يا توهان ڪڏهن اِن پاسي غور ئي ڪو نه ڪيو آهي. نه ته جيڪر منهنجي دل مان نڪتل سچ کي توهان ڪوڙي خوشامد ڪو نه چئو ها....!“
”هروڀرو ايئن به ڪونهي. دنيا ڏاڍي وسيع آهي.“ لاغرضيءَ جو مظاهرو ڪندي چيائين.
”خير، توهان مڃو يا نه، پر توهان ته ”توهان“ آهيو. ٻيو ڪو به ”توهان“ ڪو نه ٿو ٿي سگهي...“ رئيس مشتاق علي خان واکاڻ جو هٿيار استعمال ڪندو ئي رهيو.
”هر ڪنهن ماڻهوءَ جي نگاهه جي حد پنهنجي پنهنجي هوندي آهي. جنهن جي جيتري Vision هوندي، اُن کي دنيا اوتري ڏسڻ ۾ ايندي. پر اُن نگاهه کان اڳتي به هڪڙو وڏو جهان موجود آهي، جيڪو هر ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو آهي. اسان کي سڄي جهان تي نظر رکڻ کپي،“ هُن سنجيدگيءَ سان وراڻيو.
”بي شڪ توهان درست ٿيون چئو. مڃيوسين ته اسان جي ويزن محدود آهي. پر اُن جي باوجود به، قدرت جي ڪنهن انمول شاهڪار کي ڏسي، اُن جا ۽ اُن جي خلقڻهار جاڳڻ ته ڳائي سگهجن ٿا.“
”مون ڪڏهن چيو ته توهان پنهنجي خلقڻڪار جاڳڻ نه ڳايو. مون ته رڳو اِهو چيو پئي ته ڪنهن شيءِ جي اجائي واکاڻ، جيڪا واکاڻ نه رهي، سا ساراهه ڪندڙ کي تِڇ ظاهر ڪري مٿانهس جڳ کلائيندي آهي ۽ اِها ڳالهه هاڻ به چوان پئي.“ ۽ هُن جڏهن اِهي لفظ چئي هڪ ڀرپور نگاهه رئيس مشتاق علي خان تي وڌي ته ڄڻ رئيس جي پيرن هيٺان زمين کِسڪڻ لڳي هئي. پر رئيس به آڙي ڪاپ هو. ڌڪ پچائي چيائين: ”خير، اِن بحث کي اِتي ئي ٿا ڇڏيون. توهان ٻڌايو، توهان جا ڪهڙا حال آهن؟“
”جهڙا بهتر هجڻ گهرجن، تهڙا آهن.“
”ڪٿي رهندا آهيو؟“
”مِٺيءَ ۾.“
”هيڏانهن ڪيڏانهن پيا وڃو؟“
”حيدرآباد.“
”ڪهڙي سلسلي ۾؟“
”ما سمگلنگ ڪندي ٻڌجي ٿاڻي تي ڪا نه آئي آهيان، جو صوبيدار اڳيان سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ جي پابند هجان.“ طنزيه مرڪ سندس لبن تي کينچل ڪرڻ لڳي.
”ناراض ٿي ويون.“
”ناراض نه پر اجاين سوالن مان بيزار.“
”ٺيڪ آهي. وڌيڪ ڪو سوال نه ڪبو. ڀلا توهان پنهنجو موبائيل نمبر ڏيئي سگهو ٿيون؟“
”ڇو؟“
”ته جيئن رابطو ڪري سگهجي.“
”ضرورت ڪهڙي؟“
”ڀلي توهان کي ضرورت محسوس نه به ٿئي، پر مان سمجهان ٿو ته جنهن تصوير جي تصور ۾ مون ڪيترا سال رهي اوسيئڙو پئي ڪيو آهي، سا اڄ منهنجي سامهون آهي ۽ مان اُن تصوير جي حقيقي روپ کي وڃائڻ نٿو چاهيان...!“ رئيس هڪ ڀيرو وري مسڪو هنيو.
”اڄڪلهه جي نوجوانن کي ڪنهن تصوراتي دنيا ۾ رهي پنهنجو وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي. نوجوانن کي زندگي گذارڻ لاءِ اڄڪلهه وڏا چيلينج سامهون آهن، انهن کي فيس ڪرڻ گهرجي. ملڪ، قوم۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي نوجوانن ۾ وڏيون اميدون آهن. تنهن ڪري انهن کي فضوليات کي رد ڪري صحيح ڌڳ ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“
”هر ڪنهن جون پنهنجون پنهنجون ترجيحات آهن. ڪنهن کي زبردستي ته ڪنهن خاص مقصد جو پابند نٿو بڻائي سگهجي نه!“ رئيس ڏنڌ ٽيڙيندي چيو.
”بلڪل درست، ساڳي طرح جيڪڏهن مان به توهان جي ڪيل مطالبي جي جواب ۾ توهان جو ئي بيان ڪيل موقف اختيار ڪريان ته ڇا چوندو؟“
”ٻيو ته ڪجهه به نه، پر ايترو ضرور چوندس ته اڳي مان رڳو تصوراتي تصوير جي لاءِ ويراڳي بنيل هوس ۽ هاڻي توهان جي حقيقي روپ کي ڳولي لهڻ ئي منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان اول ۽ آخر مقصد هوندو.“ رئيس مشتاق علي خان پڻ سنڌ جي روايتي وڏيرن وانگر قومي مفادن واري ڳالهه کي رد ڪري پنهنجي ذاتي عياشيءَ جي حصول جو مقصد بيان ڪيو.
”پر اِهو ضروري ته ڪونهي ته جيڪا شيءِ، جيڪو چاهي، تنهن کي ملي وڃي.“
”مليو ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان.... هونئن به آسرن ۽ اميدن تي دنيا قائم آهي. جڏهن ڪنهن خيالي تصوير جي تصور ۾ ڪي ئي سال گذاري سگهجن ٿا، ته پوءِ روبرو ڏٺل هستيءَ جي حسين ياد ۾ باقي زندگي گذاري ڇڏڻ ڪو مهانگو سوڌو ناهي.“
”اڻ ڄاتل ماڻهن ۾ وڏيون وڏيون توقعائون رکڻ جي عمل کي ڪنهن به عقلمندي ڪو نه ڪوٺيو آهي.“
”چاهڻ وارا وري ڪڏهن کان عقلمند ٿيا! چريائي ته هوندا آهن.“
”پر پوءِ به اڳياڙي ۽ پڇاڙيءَ جي ڪجهه ته خبر هئڻ گهرجي نه!“
”تڏهن ته توهان کان پڇيو هوم ته هيڏانهن ڪيڏانهن پيا وڃو. هونئن مان رئيس مشتاق علي خان آهيان. شاهه ڪريم بلڙي جي پاسي ۾ زمينداري اٿم ۽ توهان...؟“
”مٺي.“
”جي؟!“
”جي ها، مٺي.“
”توهان ته مٺي شهر جو نالو ٻڌايو هو.“
”ها. پر ڪي ڪي مائٽ پيار مان پنهنجي ڌيءَ تي به ”مِٺي“ نالو رکندا آهن.“
”اڇا....!“
اِها ڪا حيران ڪندڙ ڳالهه ته ڪانهي جو حيران پيا ٿيو.“
”توهان جي مائٽن کي نالي جي چونڊ ڪرڻ تي جس ڏيڻو پوندو. واقعي، توهان جو نالو اهو ئي هجڻ گهرجي. ”مٺي“.
”مون پهرين به گذارش ڪئي هئي ته اجائي واکاڻ....“ هُن جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
”ساري، ويري ساري...! ڀلا توهان پنهنجو نمبر...“ هِن ڀيري وري هُن رئيس جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيو:
”توهان پنهنجو نمبر ڏيو. مان توهان کي پنهنجو نمبر ميسيج ڪنديس.“
”ٿينڪس.... مهرباني.... ڀلا اِهو ممڪن آهي ته اڄ ڪٿي ويهي چانهه....!“ رئيس جي ڳالهه وري به اڌ ۾ رهجي ويئي، ڇو جو ٻئي ڊرائيور تڪڙا تڪڙا اچي گاڏين ۾ ويٺا. روڊ کلي چڪو هو. گاڏيون اڳيان پويان ٿينديون رهيون. رئيس ڊرائيور کي چيو ته ڪلٽس ڪار جي پٺيان پٺيان هلي. پر ڪافي ڀيڙ هئي، جنهن مان نڪرندي نڪرندي ڪلٽس ڪار وٽانئن گم ٿي ويئي. جنهن جو رئيس کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هُو پنهنجي مُنهن ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ لڳو: ”هي عورتون به نه، وڏيون بلائون آهن. مردن کي چوتيو بنائڻ جون وڏيون ماهر هونديون آهن. ڀلا جي سڌي طرح کڻي پنهنجو نمبر ڏي ها، ته ڇا ٿي پوي ها. هاڻي.... هاڻي ميسيج ڪري به يا نه! مقصد ته حال هڪيو ته جهڙا ملياسين، تهڙا ڪو نه ملياسين.... خير، ڀلا هونئن لڳي ڪيئن ٿي؟! رَنَ ته ڀلوڙ آهي. لڳي به ڪا ميڙامار ٿي... جي بنهه ڪا ڳوڀ خدا جي هجي ها ته ڪَر ايئن ڌارئين مرد سان گس هلندي ڪٿي ڳالهائي سگهي ها... ڄاڻ به الاهي اٿس.... لڳي ڪا وڏي آڙيڪاپ ٿي.... ڀانيان ٿو ته ڪنهن نوڪريءَ ۾ آهي.... ٽيچر ٻيچر هجي، يا ڪنهن اين جي او ۾ هجي... تڏهن ته ڌارئين مرد سان ڳالهائڻ ۾ ڪو به حجاب ڪو نه ڪيائين.... نه ته گهريلو عورتون، سي به مٺيءَ جي پاسي جون، يعني ٿر جون، ايتريون فارورڊ ڪٿي هونديون آهن...! ها يار، جيڪا اڪيلي سر ڊرائيور سان هيڏي ساري پنڌ تي نڪري پئي آهي، سو سمجهان ٿو ته ضرور ڪنهن جاب سان آهي. تڏهن ته منجهس ايتري خود اعتمادي هئي..... هئو ٻيلي؟! پر ٻيلي ڙي ٻيلي، هاڻي ٺلها پيو ٺڪاءَ ڪڍين، تن مان ڇا ورندو...! هوءَ ته الاجي ڪير هئي ۽ الاجي ڪيڏانهن ويئي هلي....! نوڪريءَ واري هئي يا ڇا به هئي، پر تنهنجي ڪهڙي ڪم جي...! حال هڪيو ته خوب چوتيو بنائي ويئي اٿئي، باقي مڃين توڙي نه مڃين، سا تنهنجي آهي مرضي....! ها ٻيو... ڪري ته واهه جي ملهه ويئي آهي... هاڻ رڳو پيو ”مٺيءَ جي مٺي..... مٺيءَ جي مٺي....“ چئي پيو تسبيح سور. باقي ٻيو مڙيئي ٿيو خير.....!“
۽ مٺيءَ جڏهن ڏٺو ته رئيس جي گاڏي سندس پيڇو ڪندي اچي، تڏهن ڊرائيور کي چيائين ته هُو اُن ٽويوٽا کي ڊاج ڏيئي منجهانئس جان ڇڏائي، ٿوري دير کان پوءِ جڏهن ڏٺائين ته سندس پٺيان ڪير ڪونهي، تڏهن هڪ ٿڌو ڊگهو ساهه کڻي پاڻ کي آسودو محسوس ڪرڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳي: ”هي مرد به نه، شل نه ڪا عورت کين رڳو بُل ڏي....! اصل چنڀڙيو پون. نه ڄاڻ نه سڃاڻ، پر هڪدم صدين جو تعلق جوڙڻ ۾ دير ئي ڪو نه ڪندا....! چوي پيو ته منهنجي تصور ۾ جيڪا تصوير چٽيل هئي، تنهن جو حقيقي روپ تون آهين.... هونهه....! چريو ڪٿي جو....! هوڏانهن پيو چوي ته مان رئيس آهيان ۽ زمينداري اٿم ۽ هيڏانهن وري مجنوءَ جي عشق واريون پيو ڳالهيون ڪري....! هُن جي خيال ۾ مان ايتري ڪا ٻالي ڀولي آهيان جو هُو جيڪو چوندو، تنهن کي سچ سمجهي، اعتبار ڪري مٿس ويهي ڪلما پڙهڻ شروع ڪري ڏينديس...! ڇا مون کي رئيسن جي ڪرتوتن جي خبر ڪانهي ته هو عورتن کي ڪهڙي حيثيت ڏيندا آهن....؟! هُن پئي سمجهيو ته مان سندس ڪوڙي ۽ سکڻي واکاڻ تي ڦونڊجي سندس جهوليءَ ۾ وڃي ڪرنديس. پر هُو ايئن سوچي به ڇو نه، رئيس جو ٿيو...! هُن جي نظر ۾ هر عورت سندس هارياڻي آهي، جيڪا سندس داٻي هيٺ هوندي آهي، ۽ جيڪا ڪجهه داٻي جي ڊپ کان ۽ ڪجهه واکاڻ جي ڪري پَلٽي پوندي آهي. ڇو ته ڪي ڪي هارياڻيون وري به زميندارن جي زبردستي لڄالٽ کان انهن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهنديون آهن. بهرحال، ڪيئن به هجي، پر في الحال ته منجهانئس جان ڇٽي پئي. پوءِ جون ڳاليهون پوءِ سان... چوي پيو ته نمبر ڏي.... هونهه.... جي نمبر ڏيانس ها ته مرڳو منجهانئس ڦاسجي وڃان ها... هاڻ، هاڻ ڀلي پيو ميسيج جو انتطار ڪري.... ۽ مٺيءَ جي مٺي... مٺيءَ جي مٺي....“ ورجائي تسبيح پيو سوري.... هونهه.... ويچارو....!“
۽ مٺيءَ جي مٺيءَ سندس هروڀرو بنيل مشتاق کي وساري ڇڏيو. ايئن، جيئن لسيءَ مان مک ڪڍي ڦٽي ڪري ڇڏبي آهي. هونئن به هوءَ ڪنهن کي ڪنهن کي ياد رکي. سندس جاب ئي اهڙي هئي جو روزانو سندس واسطو الاجي ڪيترن مردن سان پيو پوندو هو ۽ هر ٻيو ٽيون مرد سندس حسن، جواني ۽ بي حد جسماني ڪشش رکندڙ بدني بناوت تي موهت ٿي پيو گِگوُن ڳاڙيندو هو. پوءِ ڀلا هُوءَ ڪيترن جون گِگوُنُ اگهي. سو هوءَ هر گگون ڳاڙيندڙ شخص کي فقط اوستائين ياد رکندي هئي، جيستائين سندس ڊيوٽيءَ جي تقاضا هوندي هئي ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي گهر. باقي هڪڙي ڳالهه هئي ته هُوءَ ڪا فلرٽ يا ٽرڙي ڇوري ڪا نه هئي. هوءَ بنهه بااخلاق، سنجيده، باشعور ۽ فضيلت واري ڇوڪري هئي. تنهن ڪري اُن فرق کان قطع نظر ته ڪنهن جو رويو کيس پسند آهي ۽ ڪنهن جو برتائو هلڪڙائپ وارو آهي، هوءَ سڀني سان پنهنجائپ وارو ۽ ڀانئڻ وارو سلوڪ ڪندي هئي ۽ اِها سندس ڊيوٽيءَ جي تقاضا به هئي. اِهوئي سبب هو جو هر عاشق جيوڙو اُن مِٺيءَ جي مٺيءَ کي رڳو پنهنجي ۽ صرف پنهنجي مٺي سمجهي سندس ياد ۾ پيو اُسڙڪندو هو ۽ مشتاق علي خان رئيس سان سندس ملاقات ته محض روڊ بلاڪ هئڻ دوران اتفاق سان ٿي هئي. تنهن ڪري کيس ياد رکڻ جو ته ڪو جواز به ڪو نه هو.
پر رئيس مشتاق علي خان جي حواسن تي مٺيءَ جي مٺي مرڳو ديرو ڄمائي ويهي رهي هئي. پهريائين ته هُن سندس گاڏيءَ جو پيڇو ڪيو، پر گاڏي کانئس ڀيڙ ۾ گم ٿي ويئي. تنهن کان اڳ هُن فون نمبر گهريو، جيڪو به کيس ڪو نه مليو. تنهن کان پوءِ تڪڙ تڪڙ ۾ هُو کانئس سندس مڪمل ڏس پتو به پڇي ڪو نه سگهيو هو. هاڻ هُو ڇا ڪري....!؟ ۽ وري مٺي شهر ۾ يا آس پاس ۾ سندس ڪو واسطو به ڪو نه هو، جنهن جي معرفت پڇاڳاڇا ڪري سگهجي. يا اتي مهمان ٿي وڃي رهي ڪري پاڻ واءُ سواءُ وٺجي. حال هڪيو ته ايئن پئي لڳو ته ڄڻ ڪا سانوڻيءَ جي البيلي موسم جي ڇڙواڳ ڇيڳري ڪڪري اوچتي ڀرجي آئي هجي ۽ من ۾ مستي پيدا ڪندڙ ٿڌڙي ٿڌڙي سنهڙي بونڌار وسائي، سج جي تيز تِڙِڪي سبب گم ٿي ويئي هجي ۽ اُهي ئي موج ۽ مستي پيدا ڪندڙ مينهن ڪڻيون، رئيس مشتاق علي خان جي جسم کي باهه جون ڄڀيون ٿي لُوساٽي رهيون هيون. هُن جيئن جيئن ٿي مٺيءَ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن تيئن تانگهه جي آگ اُلا بڻجي ڀڙڪيو پئي ڀنڀٽ ڪيا. رئيس جو سک ۽ آرام ڦٽي پيو. شراب ۽ شباب جون محفلون ته هونئن به وٽس سَجَديون هيون. پر پوءِ به مٺيءَ جي کوٽ هن کي شدت سان ڏنڀي رهي هئي. هن جيئن ٿي گهڻو پيتو، تيئن سندس تن جي تئونس وڌندي ٿي ويئي. نيٺ جڏهن رئيس اوسيئڙي جو عذاب وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيو، تڏهن پنهنجي هڪڙي دوست کي ساڻ کڻي مٺيءَ ڏانهن نڪري پيو. سندس دوست جو مٺيءَ جي ڀرپاسي ۾ هڪڙو لاڳاپو هو، جتي هو ٿر گهمڻ جو بهانو ڪري وڃي ترسيا. ٽي چار ڏينهن رهي اُنهن مٺيءَ شهر جي سمورن سرڪاري، غير سرڪاري ادارن، نجي توڙي سماجي ثقافتي ادارن، سياسي توڙي ادبي تنظيمن جي ويجهڙائيءَ کان خبر چار ورتي. پر ڪٿي به مٺيءَ جي مٺيءَ جي ڪا به ڄاڻ ملي ڪا نه سگهي. آخرڪار رئيس مشتاق علي خان پنهنجي طرفان ڪيل تلاش ۽ تحقيقات کان پوءَ هن نتيجي تي پهتو ته مٺيءَ کيس پنهنجو ۽ پنهنجي شهر جو غلط نالو ٻڌايو هو. اهڙي طرح هُو ٺلهو رُلي پني واپس موٽي آيو. ڏينهن گذريا ويا.
۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن رئيس مشتاق علي خان کي هڪڙو دعوت نامو اچي مليو. ٺٽو، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ سن فلاور (سورج مکي) جي پيداوار ۾ واڌ ويجهه لاءِ نئين ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ۽ ناڪاميءَ جي صورت ۾ سببن جي ڇنڊڇاڻ متعلق هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ حيدرآباد جي هڪ شاندار هوٽل ۾ ڪرايو پئي ويو. جنهن ۾ ٽنهي ضلعن جي مکيه مکيه زميندارن ۽ ناليوارن آبادگارن کي مدعو ڪيو ويو هو. ان ورڪشاپ جي ميزبان هڪ برجستي اين جي او جي ضلعي ۽ ڊويزنل مينيجمينٽ هئي ۽ ان سان سهڪار سنڌ سرڪار جو هو.
رئيس مشتاق علي خان مقرر وقت تي هوٽل ۾ پهچي پنهنجو دعوت نامو ۽ شناختي ڪارڊ ڏيکاري اندر هال ۾ پهچي ويو. اندر داخل ٿي هُن ويٺلن تي هڪ اڇاتري نظر وڌي. کيس هڪ جاءِ تي سندس سڃاڻو ٻه زميندار ويٺل نظر آيا ۽ هُو وڌي اوڏانهن ويو. ساڻن دعا و سلام ڪري حال احوال معلوم ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ڪجهه ئي دير ۾ لڳ ڀڳ سمورا مهمان پهچي ويا هئا، پر اڃا اچڻ وارن جو سلسلو جاري هو. ايتري ۾ سرڪاري نمائندا، ميزبان مينيجمينٽ ۽ ايگريڪلچر کاتي جا عملدار هڪ يڪي ولر جي صورت ۾ هال ۾ داخل ٿيا، جن ۾ ڪجهه عورتون به شامل هيون. مکيه مهمانن جو هال ۾ داخل ٿيڻ کان ستت ئي پوءِ پروگرام شروع ڪيو ويو. ڪجهه خاص شخصيتن کي اسٽيج تي ويهاريو ويو. هڪ خوبرو نوجوان ڪمپيئرنگ ڪري رهيو هو. جنهن سڀ کان پهريائين هڪ اين جي او طرفان ضلعي بدين لاءِ مقرر ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر صاحبه مس ندا شمساڻيءَ کي اسٽيج تي اچڻ لاءِ چيو ته جيئن هوءَ اچي اڄوڪي ورڪشاپ جي مقصد بابت بريفنگ ڏي.
۽ جيئن ئي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر مِس ندا شمساڻي هال جي پهرين رو (قطار) مان اٿي هڪ فائيل هٿ ۾ کڻي ڊائس تي پهتي ته ٻين ڏسندڙن سان گڏ رئيس مشتاق علي خان جا ته مرڳو وائسر ئي ڍرا ٿي ويا. حال هڪيو ته هُو حيران ۽ پريشان ٿي ويو. سندس تصور ۾ به ڪو نه هو ته ايئن به ڪو ٿي سگهي ٿو... هُو سوچڻ لڳو ته هيءَ، جيڪا هڪ اين جي او جي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسرياڻي مس ندا شمساڻي طور سامهون آئي آهي، سا ته ”مِٺيءَ جي مٺي“ آهي.....! جيڪا مون کي فتح چوڪ وٽ روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ايئن اوچتو گڏجي ويئي هئي.... ۽ جنهن مون جون ننڍرون حرام ڪري ڇڏيون هيون ۽ جنهن لاءِ مان مٺيءَ تائين خوار خراب ٿيو هوس...! معنيٰ ته منهنجو اندازو سورنهن آنا صحيح نڪتو ته هُن مون کي پنهنجو نالو ۽ پتو غلط ٻڌايو هو..... هونهه...! ته چئبو ته اِها ڳالهه آهي....!
ورڪشاپ جو پهريون اجلاس ٺيڪ ڏهين وڳي شروع ٿي ٻارهين وڳي ختم ٿيو. پوءِ 15 منٽن چانهه جو وقفو ڪري سوا ٻارهين وڳي کان سوا ٻه وڳي تي ٻيو اجلاس پچاڻيءَ تي پهتو ۽ پوءِ لنچ لاءِ شرڪت ڪندڙن کي ڊائيننگ هال ۾ آنڌو ويو. ماني کائيندي کائيندي رئيس مشتاق علي خان سُري سُري اچي مس ندا شمساڻيءَ جو پاسو ورتو ۽ جنهن مهل هنن ٻنهي جون نظرون ٽڪرايون، تڏهن رئيس مشتاق علي خان مُرڪندڙ اکين سان کيس گهوري ڏٺو ۽ هلڪي آواز ۾ چيو: ”هلو.....“
”هلو....!“ مس ندا پنهنجي چهري تي بنا ڪو تاثر ظاهر ڪندي چيو.
”توهان.... مون کي سڃاتو....!؟“
”معاف ڪجو..... مون کي ذهن ۾ ڪو نه پيو اچي.... دراصل اسان جي جاب ئي اهڙي آهي جو، نه ڄاڻ ڪيترا ماڻهو اسان سان روزانو ملن ٿا ۽ هر ڪنهن کي ياد رکڻ....!“ هُن ڄاڻي واڻي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ مانيءَ جو گراهه وات ۾ وجهندي وري چيائين: ”باءِ دي وي، توهان جو ڪو پرابلم....؟“
”نه. منهنجو ٻيو ته ڪو مسئلو ناهي... البت مان ”مِٺيءَ جي مٺيءَ“ کي اڃا وساري نه سگهيو آهيان... جيڪا مون کي ڪجهه مهينا اڳ فتح چوڪ وٽ روڊ بلاڪ هجڻ مهل ملي وهئي....!“ ”اوهه....!“ مس ندا اوهه لفظ کي اجائي ڊگهار ڏيندي چيو. وات ۾ پيل گراهه کي نڙيءَ مان هيٺ لاهيندي چيائين: ”منهنجي خيال ۾ توهان کي اهڙي فضوليات بدران پنهنجي زمينداريءَ تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٿوري ايراضي ۽ ٿوري سيڙپ مان بمپر ڪراپس حاصل ڪري سگهو. پنهنجي زمين جي زرخيزي بحال رکڻ، ڪراپ روٽيشن تي توجهه ڏيڻ ۽ هر فصل، ڀلي فصل طور کڻڻ لاءِ سوچيندو رهڻ گهرجي. اِها اسان سنڌي ماڻهن جي ضرورت آهي.... جيستائين اسان هتي موجود آهيون، توهان سان ڀرپور تعاون ڪندا رهنداسين. اسان جون ضلعي ۽ ڊويزنل آفيسون، توڙي فيلد اسٽاف توهان سان مڪمل سهڪار ڪندو. ڪيئن، ٺيڪ آهي نه!؟“
”خير اِهي مسئلا ته حل ٿين به پيا ۽ اڳتي به ٿيندا رهندا..... پر.....!“
”پر ڇا؟“ مس ندا رئيس جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ۽ هڪ ڀرپور آفيسراڻي نگاهه رئيس مشتاق علي خان جي چهري تي ڄمائي رکي.
”پر.... توهان پنهنجو ....... نمبر...... ميسيج ڪرڻ لاءِ چيو هو...!“ هِن ڀيري رئيس جي رئيس پائي دم ٽوڙي رهي هئي ۽ هُن عاجزانه انداز اختيار ڪيو هو.
”پليز، پليز، پليز...! مائينڊ يوئر اون بزنيس. اسان وٽ ايترو فضول وقت ڪو نه هوندو آهي، جو اهڙين بي مقصد ڳالهين ۾ ويهي ضايع ڪريون....! توهان جو زمين، فصل ۽ ان سان لاڳاپيل ضرورتن جي باري ۾ ڪو مسئلو هجي ته اسان جي فيلڊ اسٽاف سان لهه وچڙ ۾ ايندا. اسان جي ڪوشش هوندي ته توهان جو مسئلو حل ٿئي.... اوڪي....“ ايئن چئي مس ندا شمساڻي، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر صاحبه پنهنجي پليٽ ۾ وڌيڪ چڪن برياني کڻڻ لاءِ ڊائيننگ ٽيبل ڏانهن هلي ويئي.
۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ جي پاسي وارو زميندار رئيس مشتاق علي خان، هوائي توائي ٿي بيوسيءَ ۽ ويچارگيءَ سان کيس پٺيرو ويندو ڏسي رهيو هو. سندس هٿ ۾ جهليل پليٽ ۾ پيل چڪن پيس کيس ٻاٻرو ٽانڊو ٿي لڳي رهيو هو....!
5 آگسٽ 2012ع