شاعري

رڻ ۾ رات ٺري

ڪتاب ”رڻ ۾ رات ٺري“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترم رحيم داد جوڳيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. سندس خيالن جي خوشبوءِ، اُن گل – ٻاريءَ جي خوشبو ٿي ڀاسي جنهن ۾ قسمين قسمين گل ٽڙيل هوندا آهن!
۽ هي ڪتاب به ته ڪنهن دعا جيئن آهي جنهن جي هر ورق، اکر اکر ۾ سنڌ، سونهن ۽ سچائيءَ جون آسون آهن ۽ نراسائيءَ کان انڪار هر دم جاکوڙ جو جهان ۽ ماڳ تي رسڻ جا سانباها ۽ دل جي دنيا جا گس ۽ گهاڙيٽا...
Title Cover of book رڻ ۾ رات ٺري

مهاڳ _ چنڊ مُرڪي پيو

مهاڳ
.
چنڊ مُرڪي پيو

لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناهي،
باهه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناهي.
(امداد حسيني)

گذريل ڪجهه عرصي کان وٺي رحيمداد جوڳي ”لڙڪ کي لفظ“ ڪري رهيو آهي. ائين لڙڪ کي لفظ ڪندي”باهه جي سمنڊ“ مان گذري رهيو آهي. انهي باهه مان گذرڻ واري عمل مان لنگهندي هن ڪڏهن گهٻرايو ناهي ۽ نه ئي باهه کان پاڻ کي بچايو اٿس. انهي باهه ۾ سڙندي سندس فڪر”رچي ريٽو“ ٿيڻ چاهي پيو جيڪو اڃا ”پچڻ“ واري مرحلي ۾ آهي.انهي ”پچڻ“ واري مرحلي ۾ هن پنهنجي لاءِ بلڪل نئون نڪور لهجو چونڊيوآهي، اهڙو نئون نڪور لهجو جيڪو جڏهن ”رچي ريٽو“ ٿيندو. تڏهن پنهنجي الڳ انفراديت ۽ سُڃاڻپ سان نمايان نظر ايندو. ڇاڪاڻ جو رحيمداد ”پچڻ“ واري مرحلي ۾ پنهنجي الڳ انفراديت قائم رکيون اچي پيو ۽ ”وائي“ جهڙي ڪلاسيڪي صنف سان لنئون لڳايون ويٺو آهي.”وائي“ جي فن کي جيڪي نفيس نزاڪتون آهن، انهن نفيس نزاڪتن کي پرکيندي ”وائي“ جي ذريعي پنهنجا تخليقي جوهر ڏيکارڻ لڳو آهي.
وائي جا ڪيترائي فني طور تي مروج گهاڙيٽا آهن. رحيمداد جوڳي انهن گهاڙيٽن کي ڇڏي روايتن جو باغي ٿي ڪري وائي ۾ پنهنجا نوان گهاڙيٽا کڻي آيو آهي.
رحيمداد جوڳي جا گهڙيل نوان گهاڙيٽا (مروج گهاڙيٽن کان دوري) سنڌي ادب ۾ ڪيتري قدر مقبوليت ماڻيندا ۽ ڪيتري قدر تنقيد جو نشانو بڻجندا، اهو سڄو ”وقت“ تي ۽ اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.
رضا بُخاري وانگر رحيمداد جوڳي به وائي جو نهايت ئي سُريلو ۽ منفرد شاعر آهي. رحيمداد جوڳي ۽ رضا بخاري پنهنجين واين کي روايتن کان هٽي ڪري الڳ انفراديت بخشي آهي.
رحيمداد جوڳي جي واين ۾ فطرت نگاري ۽ ”چنڊ“ نهايت ئي اهم علامتون آهن. جهڙي نموني چنڊ ۽ چانڊوڪي کي پنهنجون لامحدود وسعتون آهن. اهڙي نموني رحيمداد جي واين ۾ به جذبن ۽ احساسن جون وسعتون آهن. رحيمداد وٽ چنڊ جيئرو جاڳندو ساهه کڻندو محسوس ٿيندو آهي چنڊ شاعر وٽ استعاري جو ڪم به ڏيندو آهي ۽ علامت جو به. رحيم داد جي اڪثريتي واين ۾ شاعر يا ته چنڊ سان گفتگو ڪندي نظر ايندو آهي يا وري چنڊ شاعر سان ڳالهائيندو رهندو آهي.
چنڊ پُڇي ٿو،
مان ڪير آهيان!
پير سسئي جا،
عشق چُمي ٿو
چنڊ پُڇي ٿو،
مان ڪير آهيان!
واين جي گهاڙيٽن وانگر رحيمداد جوڳي جي واين جا موضوع ۽ انهن ۾ سمايل فڪر موجود دؤر جي سنڌي شاعريءَ جي برعڪس نهايت ئي منفرد حيثيت رکندڙ آهي. اهي وايون اظهار جي نئين لهجي ۽ نئين فڪر سان ڀرپور آهن. چنڊ۽ تارن جو ذڪر ته هر شاعر ڪيو هوندو، پروائي ۾ ههڙو خوبصورت فڪر ڪو هڪ اڌ شاعر ئي سمائي سگهيو هوندو. جنهن ۾ ٻنهي پريمين جا خواب گڏجي ڪري چنڊ ۽ تارن سان گيت ونڊڻ جا خواهشمند هُجن.
چنڊ ۽ تارن سان،
گڏجي گيت ونڊيندا،
تنهنجا منهنجا خواب.
”اکين جي شهر ۾“ شاعر روز نوان امن، انسانيت ۽ خوشحالي جا خواب ڏسندو آهي.
مان خواب ٿو ڏسان، روز نوان،
اکين جي شهر ۾.
”سسئيءَ“ کي عشق ڏونگر ڏيکاريا ۽ اڙانگو پنڌ ڪرايو. سسئيءَ کي ”واهيري جي ويل“ ۾ به ويهڻ نٿو اچي. واهيري جي ويل جڏهن ماڻهو، مرون پکي پکڻ سڀ آرام ڪندا آهن يا پنهنجن گهرن ڏي واپس ورندا آهن. اهڙي ويل ۾ به ”سسئيءَ“ کي ويهڻ نٿو اچي، ۽ ڀٽائي، سسئيءَ جي انهيءَ ڪيفيت کي هيئن بيان ڪيو آهي.
”واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين.“
رحيمداد به واهيري جي ويل ويهي آرام نٿو ڪري پر مسلسل سفر ۾ آهي. اهڙي سفر تي آهي، جنهن جي ڪابه پُڄاڻي ناهي. اهڙو سفر جيڪو رات کُٽڻ تي به پورو نٿو ٿئي. ڇو ته عشق جو سفر ڪڏهن کُٽڻو ئي ناهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي انت آهي.
واهيري جي ويل،
آءٌ اڃان پنڌ ۾!
اِجهو سج اُڀريو،
ڪري تيل ڦُليل.
آءٌ اڃان پنڌ ۾!
”سج تيل ڦليل ڪري اُڀرندو ڪيڏو تخليقي رنگ ۾ رچيل هڪ نئون خيال آهي”سج جو اُڀرڻ“ عام ڳالهه آهي. پر ”تيل ڦليل ڪري اُڀرندو“ انهي کي جدت ۽ نواڻ چونداسين.
آيو چيت وري،
چنڊ جي راهه ۾،
آءٌ اڃان پنڌ ۾!
رحيمداد، وائي ۾ پنهنجا تخليقي جوهر ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪتب آڻي رهيو آهي. سندس هر وائي فڪري حوالي سان خوبصورت آهي، هر وائي جو ڪو نه ڪو شعر اعليٰ شعر جو ڏيک ڏيندو آهي.
رحيمداد جون وايون هڪ اهڙي ”دريءَ“ مثل آهن، جنهن مان اسين سنڌي وائي جي خوبصورتين کان واقف ٿيون ٿا ۽ پاڻ کي آسماني وسعتن ۾ اُڏامندي محسوس ڪيون ٿا، جتي ڏسون ٿا ته شاعر چنڊ سان گفتگو ڪندي حيرت جو اظهار ڪري رهيو آهي.
چوڏهين جا چنڊ!
اڃان جاڳين پيو،
رات موٽي پئي.
اهڙي حيرت پنهنجي اوجاڳي تي نٿي ٿئيس، اصل ۾ چوڏهين جي چنڊ جي اوجاڳي تي حيرت جو اظهار ڪري شاعر پنهنجي عشق ۽ مقصد سان سچائي جو اعليٰ نمونو پيش ڪري ٿو.
جِتي دنيا ظالم ۽ سفاڪ هُجي ۽ وقت ڪنهنجو به يار نه هُجي، اُتي پنهنجي اکين جو رنج ڪنهن کي ڏجي!؟
تون ڏي لهندڙ سج کي،
اکين جو رنج،
وقت نه ڪنهنجو يار
لهندڙ سج کي ”اکين جو رنج ڏيڻ وارو خيال بنهه نئون ۽ منفرد آهي.
رحيمداد جوڳي جي اِهائي ڪاريگري آهي، جو هُو هر خيال کي نئون رنگ ڏئي ٿو. نئون آهنگ ۽ نئون لهجو ڏئي ٿو. نئون فڪر ڏئي ٿو. فني حوالي سان کڻي سندس واين ۾ اوڻايون ضرور آهن، ائين ته هر شاعر جي شاعريءَ اوڻاين کان آجي ٿي نٿي سگهي، ڪميون پيشيون رهجي ئي وينديو آهن. شيام انهي حوالي سان چيو آهي ته :
”هُجي جا کاڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي،
نه پنهنجي شاعري اهڙي نه پنهنجي زندگي اهڙي.“
فڪري حوالي سان رحيمداد جوڳي جديد فڪر جو هڪ سگهارو شاعر آهي. جنهن جون سوچون پنهنجون آهن، ٻئي ڪنهن کان متاثر ٿيل يا اُڌار ورتل ناهن.
چنڊ به ٽپالي آهي،
خطڙو ئي مُنج.
وتت نه ڪنهنجو يار
”چنڊ کي ٽپالي سڏڻ ۽ ان جي ذريعي خط اُماڻڻ“ جهڙا سُندر خيال، رحيمدداد جي فڪري پُختگي جي گواهي ڏين ٿا.
سڀني واين ۾ ٻوليءَ جي مٺاس آهي. ٻوليءَ جي رس چس، مٺاڻ پڻي ۽ فڪري نرالپ پڻي يا فڪري وسعت جي ڪري سڀئي وايون سُٺي شاعريءَ جو اعليٰ نمونو آهن.
شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجي لاءِ الڳ رستو ٺاهڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي! ڪيترن سالن جي رياضت، تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي کانپوءِ وڃي شاعر پنهنجي الڳ سُڃاڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن. پر نئين ٽهيءَ جو هي نوجوان شاعر اُٿندي ئي وائي جي ميدان ۾ پنهنجي الڳ سُڃاڻپ سان ظاهر ٿيو آهي.
اڄڪلهه پڙهڻ لاءِ سُٺي وائي يا سٺو شعر جو ملڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. پر رحيمداد جوڳي جي واين ۾ پڙهندڙن کي نه رُڳو پڙهڻ لا ءِسُٺيون وايون ملنديون، پر انهن واين ۾ سُٺا شعر به ملندا.
انتظاريءَ ۾ جُدائيءَ ۾ يا وري يادگيري ۾ جيڪا رات گُذري آهي. اُها رات صدين تي ڀاري، لڳندي آهي. انهي انتظاريءَ، جُدائيءَ ۽ يادگيريءَ جي رات جي اک ڇنڀ ۾ گذري وڃڻ واري ڳالهه رحيمداد ڪندي چوي ٿو ته:
”ساريندي سُپرين، اک ڇنڀ سان،
رات گُذري ٿي وڃي
چنڊ تنهنجي ڪنهن کي، دانهن ڏيان!
رات گذري ٿي وڃي.
جيتوڻيڪ رحيمداد جوڳي جي شاعراڻي عمر تمام ٿوري آهي. پر ان ٿوري عمر ۾ هن جيڪي تخليقي رياضتون ڪيون آهن. انهن تخليقي رياضتن جي بدولت ئي رحيمداد ههڙيون سُٺيون وايون لکي سگهيو آهي.
”سرتي چنڊ کي، مينديءَ لايون،
شاعر لکي ٿو.“
”سرتي چنڊ کي مينديءَ لايون“ هڪ غير روايتي انداز ۽ موضوعاتي انفراديت کي سِٽ آهي. سندس هر وائي ۾ پڙهندڙن کي اهڙو غير روايتي انداز ۽ موضوعاتي انفراديت رکندڙ بهترين سِٽون ملنديون.
پهرين پيار ۾ جيڪو لُطف، سُرور ۽ لذت آهي، اهڙي لذت جو مزو ئي پنهنجو آهي. اهڙي لذت ۾ ڪيف ۽ سرور جي ڪيفيت ۾ ٻُڏل رهندي شاعر پنهنجي محبوب جون ڳالهيون چنڊ سان ڪندو آهي ۽ رات گذري وڃڻ جو به احساس نٿو رهي. يا وري پهرين پيار جي پهرين خط کي کولڻ ۽ پڙهڻ ۾ ئي رات گذري وڃي، توهان سمجهي سگهو ٿا ته عاشق تي ڪهڙي نه سرشاري واري ڪيفيت طاري هوندي! رحيمداد اهڙين ڪيفيتن جو اظهار هن نموني ڪري ٿو:
”چنڊ سان ٻوليندي،
گذري ويئي رات!.
پهرين پيار جي پهرين،
خط کي کوليندي.
گذري ويئي رات!
”چنڊ، رحيمداد جي شاعريءَ جو اهم موضوع به آهي ته طاقتور اُهڃاڻ به آهي. جنهن کي هن پنهنجي واين ۾ ڪيترين ئي معنائن ۾ استعمال ڪيو آهي. ”چنڊ“ بابت شاعر جا جذبات ۽ محسوسات سڀ جدت ۽ نواڻ سان ڀريل آهن. انهن جذبات ۽ محسوسات جي ذريعي رحيمداد نئين تخيل جو ”چنڊ“ اُڀاريو آهي.
رحيم داد جون وايون نرم خيالي، نزاڪ مزاجي، حسين تصورن ۽ نئين سوچ سان ڀريون پيون آهن.
رحيمداد سنڌي وائيءَ کي نون خيالن، نين سوچن، نون موضوعن ۽ نئين فڪر سان شناسائي ڪرائي آهي.
وڌي وڏا ٿي ويا،
آسمان جيڏا،
پاڇا جُدائيءَ جا.
چانڊوڪي رات جو،
ڀريل ٻيڙي ۾،
چنڊ مُرڪي پيو.
هوءَ نم جي ڇانوَ ۾،
ڀت ڀري پئي،
ڄڻ درد ڀري پئي
شاعر جي سوچن ۾،
سمنڊ ٿو اُڀري،
گونگي پيار ڳالهايو.
واين جا اهي ۽ اهڙا ڪيئي شعر رحيمداد جوڳي جي تخليقي ڪائنات جي ساک ڀرن ٿا. هن جون وايون روايت کان بغاوت ۽ نئين روايت جي ابتدا آهن ۽ جڏهن نين روايتن جي ابتدا ٿيندي آهي، تڏهن ڪجهه ”برداشت“ به ڪرڻو پوندو آهي. فني خامين جي ڪري رحيمداد کي به گهڻو ڪجهه برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار رهڻو پوندو. هونءَ سندس شاعراڻو رنگ نج آهي.
سندس شاعريءَ سٽ ۾ ساهه وجهڻ جهڙو تخليقي انداز رکندي آهي. سندس سڀئي وايون محسوسات ۽ جذبي جي اظهار جي نواڻ ڏانهن پيش رفت لڳن ٿيون. هڪ اڌ وائي مروج اسٽائيل جي به آهي.
”منهنجي سپنن ۾،
مونسان هوندو آ پرين!
مروج اسٽائيل کان هٽي ڪري هڪ ٻي وائي ڏسو:
مون سان گڏ آهين،
منهنجو ننڍڙو گهر،
ڪيڏو پيارو ٿو لڳي.
هِن وائي جي پهرين ۽ ٻي سٽ ۾ 10 ماترائون آهن ۽ وراڻي ۾ 13 ماترائون آهن. ائين بغير ڪنهن شعوري ڪوشش جي اظهار جي بي ساختگي سبب مروج گهاڙيٽن کان هٽي ڪري هڪ نئون گهاڙيٽو گهڙجي پيو آهي. انهي ساڳي گهاڙيٽي يا فني سٽاءَ تي هڪ ٻي وائي پڙهو:
ڳالهين ڳالهين ۾،
دردن جون تاج.
تحفي ۾ ڏيئي وئي.
اڪثر واين ۾ فطرت جا لاتعداد رنگ سمايل آهن ۽ اڪثر وايون فطرت ۽ رومانيت (Tomanticism) سان ڀريل آهن. فطرت ۽ رومانيت سان گڏوگڏ فرد جي اڪيلائي جو درد به بيان ٿيل آهي.
هر روز شام جو،
پکين، قطار،
روئاري ٿي وڃي.
فرد جي اڪيلائي ڪيڏي نه دردناڪ ۽ چُڀندڙ هوندي آهي. انهي احساس کي توهان وائي جي هنن سٽن ۾ محسوس ڪري سگهو ٿا.
ڏاڍي رات اُداس،
چنڊ ڏي نهاري،
ڪونه سگهندس مان
اڪيلائي جڏهن پنهنجي انتها تي پهچندي آهي. تڏهن اُداس رات ۾ چنڊ ڏانهن نهارڻ جي همت به نٿي ٿئي.
ڪو وقت هو جڏهن سنڌو شينهن درياءُ سڏبو هو. هاڻي ساڳي شينهن درياءُ ۾ پاڻي ناهي بلڪه اسان جون حسرتون ”واريءَ “ جي صورت ۾ اُڏامي رهيون آهن. جڏهن سنڌوءَ درياءُ جو پاڻي ڌرتيءَ جي بدن کي چُمي تخليق لائق بڻائيندو هو ۽ ڌرتي گل گلزار جو ڏيک ڏيڻ لڳندي هئي. هاڻي هر پاسي رُڃ، سُڃ ۽ اُڃ آهي. سنڌوءَ درياءُ جي تار وهڻ وارو نقشو رحيمداد هيئن ڪڍي ٿو:
ڌرتيءَ جو بدن چُمي،
سنڌوءَ جو پاڻي،
چنڊ کان ڪهاڻي،
ستارا ٿا ٻُڌن.
رحيمداد، سنڌوءَ جي جواني وارن ڏينهن جي تاريخ لکي آهي. ورڊس ورٿ به چيو آهي ته :”شاعريءَ احساسن جي تاريخ ۽ سائنس آهي.“
رحيمداد جي واين جي موضوع جي حوالي سان رومانس جو پلڙو مڙيئي ڳرو آهي رومانس جون ڪيتريون ئي ادائون سندس واين مان بکن ٿيون.
ڪڏهن ڪڏهن ٻه پريمي هڪٻئي جي اڳيان ڳالهائي ناهن سگهندا. چَپ چوڻ چاهيندي به ڪجهه چئي ناهن سگهندا، اکيون اکين ڏي نهاريون ئي رهجي وينديون آهن ۽ وقت گُذري ويندو آهي.
شرميلا ٻئي آهيون،
خالي نهار ۾،
گذري وقت ويو.
ساڀيائين جي آسري،
اڄ به انتظار ۾،
گذري وقت ويو.
محبوب جو حسن ته چنڊ کي مات ڪندڙ هوندو آهي. پر ان جي نڪ جي ڦُلي به چنڊ جيان شاعر جي خوابن ۾ مرُڪڻ لڳي ٿي. نڪ ڦُلي کي چنڊ جيان مُرڪائڻ جهڙا سُهڻا احساس اوهين به پڙهو:
چنڊ جيان مُرڪي پئي،
هن جي نڪ، ڦُلي،
جيئن ئي اک کُلي،
خواب ويا اُڏري.
خوابن کي به پکين وانگي ڄڻ پر لڳل هوندا آهن، جيڪي اک کُلڻ سان ئي اُڏامي هليا ويندا آهن.
اظهار جي ساختگي، شعري نفاست ۽ منفرد خيالن کي ملائي رحيمداد جوڳي نيون اڇوتيون وايون سرجيون آهن.
ڪينجهر جهڙي جواني ۽،
بوسڪي بدن جون
ڳالهيون ٿيون چنڊ سان.
پيار جي پار ڏي ويندڙ،
سڀني رستن جون
ڳالهيون ٿيون چنڊ سان
وائي پڙهندي ئي ڪينجهر ڍنڍ جو عڪس اکين جي اڳيان اچي ويندو آهي. اها ڪينجهر جيڪا پاڻي سان ڀريل آهي، جيڪا سونهن سان ٽمٽار آهي. جنهن جي لهرين جي لوڏ ڪنهن الهڙ ڇوڪري جي لکن جهڙي لوڏ کان گهٽ ناهي ۽ ڀٽائي چواڻي ته:
”لڳي اُتر واءُ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي“
۽ بدن کي ”بوسڪي“ ڪپڙي سان ڀيٽڻ تخليقي ڪاريگري آهي.
شاعر وٽ جڏهن ٻيو ڪو ساٿ ۾ ناهي، تڏهن”ڪينجهر جهڙي جواني“ ۽ ”بوسڪي بدن“ ۽ ”پيار جي پار ڏي ويندڙ رستن جون ڳالهيون“ چنڊ سان نه ٿينديون ته ٻي ڪنهن سان ٿينديون ڀلا!؟
چنڊ سان اهي ڳالهيون ڪندي ڪندي وري جڏهن شاعر جي اک ڪا نئين شيءِ ڏسي ٿي ته شاعر انهي احساس کي سٽن جي سانچي ۾ لاهي ٿو ۽ وائي جو سُندر روپ ڏئي ٿو.
ڳاڙهي جوڙي ۾،
چنڊ مُرڪي پيو.
شاعر پنهنجي دؤر جا داعي هوندا آهن، جيڪي اذيت ناڪ گهڙين ۾ به مايوس ناهن ٿيندا. ڪا آس، ڪا اُميد سندس دامن سان ضرور ٻکيل هوندي آهي. توڙي جو وقت پنهنجا پاڇا ڪڇي ٿو:
وقت پنهنجا پاڇا،
ڪڇي ٿو ڪڇي،
اچي ٿو اچي،
تنهنجا سڏڙا ٻُڌي.
انهي آس اُميد هوندي به جڏهن محبوب نٿو اچي ته بجاءِ مايوس ٿي ويهي رهڻ جي شاعر اڳتي وڌڻ ۽ پنڌ پوڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
توڏي ايندي،
مور نه ٿڪجان ڪڏهن،
ڪوتا راڻي سان،
سور سليندي،
مور نه ٿڪجان ڪڏهن.
ڪيڏو به وڏو يا اؤکو سفر هُجي ٿڪجي ڪري ويهڻو، رُڪڻو يا بيهڻو ته آهي ڪونه. ڇو ته ڪوتا رچڻ هڪ نه کٽندڙ مسافري آهي. جنهن جو انت، جنهن جي پڄاڻي آهي ئي ڪونه.
رحيمداد جوڳي جي شاعراڻي سفر جي ابتدا آهي. اهڙي ابتدا جنهن جي انتها، انت يا پُڄاڻي ٿيڻي ناهي ۽ شاعر کي مسلسل پنهنجي سڀني فني ۽ فڪري خامين کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌڻو آهي، ايترو اڳتي وڌڻو آهي، جو هرڪو سندس وڌڻ کي ڏسي حيرت ۾ وٺجي وڃي.


مشتاق گبول

Cell # 0301-3829447
E-mail: mushtaqgabole@yahoo.com