شاعري

رڻ ۾ رات ٺري

ڪتاب ”رڻ ۾ رات ٺري“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترم رحيم داد جوڳيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. سندس خيالن جي خوشبوءِ، اُن گل – ٻاريءَ جي خوشبو ٿي ڀاسي جنهن ۾ قسمين قسمين گل ٽڙيل هوندا آهن!
۽ هي ڪتاب به ته ڪنهن دعا جيئن آهي جنهن جي هر ورق، اکر اکر ۾ سنڌ، سونهن ۽ سچائيءَ جون آسون آهن ۽ نراسائيءَ کان انڪار هر دم جاکوڙ جو جهان ۽ ماڳ تي رسڻ جا سانباها ۽ دل جي دنيا جا گس ۽ گهاڙيٽا...
Title Cover of book رڻ ۾ رات ٺري

رحميداد جوڳي، صدين جي صدا.

رحميداد جوڳي، صدين جي صدا.
ضلعي خيرپور ميرس کي عام طور کجين جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر هن ضلعي جا اهي پَٽَ جتان ڪنهن زماني ۾ درياءُ بادشاهه جو گذر هو، ڪمد ۽ ڦٽيءَ جا فصل اپائن ٿا ۽ ڪڻڪن جي سونن سنگن کي جهومائين ٿا.
درياهي لٽ ۾ اڄ به آباد گارن جي قسمت بدلائڻ جي سگم ۽ شڪتي آهي، پر هتان جي مٽي تخليقڪارن کي به وڏي سخاوت سان جنم ڏ يندي رهي ٿي. مثال پيش ڪبا ته ڪيترائي ڪاڳر ڪارا ٿي ويندا پر هتي رحميداد جوڳي جي مثال کي آڏو رکڻو آهي.
سکر کان نواب شاهه (بينظير آباد) ڏانهن ويندڙ سڙڪ تان سفر ڪندڙ مسافرن کي خيرپورميرس جي کجين کان پوءِ جڏهن ڦٽيءَ جي فصلن ۾ چونڊو ڪندڙ مرد ۽ زائفون نظر اچن ته سمجهڻ کپي اُهي رحميداد جوڳيءَ جي علائقي منجهان پيا لنگهن. ائين پڻ ڄاڻڻ کپي ته جڏهن سنڌوءَ جو لنگهه ان علائي مان هو ۽ درياءَ ۾ دُنگيون ۽ ٻيڙا ترندا هئا، تڏهن سهڻي به اُتي ئي ٻُڌي هئي.
اُتي هاڻي درياءُ بادشاهه ته موجود ڪونهي، پر رحميداد جوڳيءَ پارن جي محبت ٻوڙي ٿي ڇڏي! هيءُ سرپا محبت شخص هونئن ته ننڍو آبادگار آهي ۽ زرعي سماج ۾ رهندي الڪن ۽ اوسيئڙن جي سير ۾ ٻڏو ۽ تريو آهي، پر الائي ڇو ۽ ڪيئن شاعريءَ سان لَنءُ لڳائي اَٿس!؟
شاعريءَ جي صنفن منجهان وري وائي چونڊي اٿائين. جوڳيءَ جون وايون ائين آهن، جيئن ڳچ عرصو اڳ جهمپير جي سرزمين مان چشما اٻڙڪا ڏئي نڪرندا هئا! سندس واين جي رس چَسَ ۽ تاثر ۾ جهمپير جي کجين منجهان نڪرندڙ تاڙيءَ وارا خمار آهن! جيئن تاڙي ڪساري تيئن پُٽُ نشو! ظرف ظرف جي ڳالهه آهي، جيڪو پياڪ هوندو، تنهن وٽ ئي تاڙيءَ جو قدر هوندو!
رحيمداد جوڳيءَ جي واين ۾ سنڌي تهذيب جي صد ين جون صدائون، اُٺن جي قافلن مان ايندڙ چڙن جا آواز، وڇوڙن جا ورلاپ، آهون، دانهون، سڏ ۽ پڙاڏا موجود آهن. بظاهر کلڻو ۽ رلڻو ملڻو شخص پنهنجي من اندر جي پاتالَ ۾ الائي ڪهڙا درد دٻايو ويٺو آهي!؟ مختلف واين جا تُڪَ ۽ وراڻيون ته ڏسو!
رات لڙي ٿي رڃ ۾، آءُ پرين آءُ، موٽي رت ملهار، چنڊ جي راههَ ۾ گيت گونجن پيار جا، سڏڪن ۽ سار ۾ گذري وقت ويو، اک ڦري پئي ڄڻ درد ڀري پئي، واهيري جي ويل آءٌ اڃا پنڌ ۾، ڪونه مسافر موٽي ايندا. هو ته ويا ورهين کي، ڇاتي ڇاتي ۾ درد هن ڪيڏا، چوڏهين چنڊ ڪڏي ڪاڏي وڃين پيو!؟ سپنا اڏاري ڪونه سگهندس مان! پير سسئيءَ جا عشق چمي ٿو، خاموشي ويڙهي اڀ تي ستارا ڪنهن کي ڳولن ٿا؟ جيجل جي جهولي خالي روڄ ۽ رڙيون، سُرمَئي شام جو نظارن آ رکي چنڊ سان دوستي....
اهي تُڪَ ۽ وراڻيو شاهد آهن ته جوڳيءَ ماضي ۽ مستقبل جي وچ واري ساعت کي جهٽيون آهي ۽ انهيءَ اسم اعظم وسيلي ڪڏهن وهاميل وقت جي غفائن ۽ الوپ ٿي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن مستقبل جي اڀ تي چنڊ ٿي اڀري ٿو!

ضياءُ شاهه
22 سيپٽمبر 2011ع