بي وفائيءَ جو نوحو
هوءَ ڇوڪري
برسات کان پوءِ
نيري آسمان تي
جهرمر جهرمر ستارن
جي شهر جهڙي ڇوڪري!
جنهن وٽ منهنجو پيار هو.
جنهن جي دل،
صرف مون لئه ڌڙڪندي هئي!
جنهن جون اکيون،
سپنن کان خوبصورت هيون!
جنهن مان وفائن جا
ٽهڪ ڇڻندا هئا!
هوائن جي جهوٽن تي،
جنهن جي وارن مان،
رابيلي گلن جي خوشبوءِ ساهه کڻندي هئي!
جنهن جي گفتگوءَ مان،
گلاب جا گل،
تنوير جا ٽيڙو جهونگاريندا هئا!
ٿوري ٿوري ڳالهه تان رسڻ ويل
سنڌ جي خاموش ڌرتيءَ جيان،
جنهن جي چهري مان،
گلزار جا نظم پڙهڻ لاءِ ملندا هئا!
ڳوٺ جي کجين مٿان،
گذر ڪندڙ چنڊ
ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو ته،
سنڌ سان،
وفا جهڙي ڇوڪري
اسان جي زندگيءَ کي
بي وفائيءَ جو نوحو ارپي ويندي!
بهار اچڻ جي مند ۾!
تنوير:سنڌي ٻوليءَ جو اربيلو شاعر
گلزار: اردو جو انوکو شاعر
*