شاعري

رڻ ۾ رات ٺري

ڪتاب ”رڻ ۾ رات ٺري“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب محترم رحيم داد جوڳيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. سندس خيالن جي خوشبوءِ، اُن گل – ٻاريءَ جي خوشبو ٿي ڀاسي جنهن ۾ قسمين قسمين گل ٽڙيل هوندا آهن!
۽ هي ڪتاب به ته ڪنهن دعا جيئن آهي جنهن جي هر ورق، اکر اکر ۾ سنڌ، سونهن ۽ سچائيءَ جون آسون آهن ۽ نراسائيءَ کان انڪار هر دم جاکوڙ جو جهان ۽ ماڳ تي رسڻ جا سانباها ۽ دل جي دنيا جا گس ۽ گهاڙيٽا...
Title Cover of book رڻ ۾ رات ٺري

دل چيو توکي ڏيان

دل چيو توکي ڏيان

ادب آشنا ذهن ڄاڻن ٿا ته سنڌي شاعري مُنڍ کان ئي پاڻ ۾ نوان لاڙا پيدا ڪرڻ وارو جذبو ۽ رستو ڪڍي به ناهي ڇڏيو، ان سان گڏ هن پنهنجي روايتن، صنفن توڙي ڪلاسڪ وارثي تي به مٽي چڙهڻ ناهي ڏني. سنڌي شاعري جتي نئين ڌارين صنفن کي پاڻ ۾ جاءِ ڏني آهي اتي پنهنجي اصلوڪين صنفن کي رڻ جو مسافر ٿيڻ ناهي ڏنو! وائيءَ جي صنف اسان جي ڌرتي جي پنهنجي صنف آهي، جنهن کي جدت ڀٽائي ڏني هئي، اسان جي دؤر ۾ وائي جديد فڪر ۽ لباس سان گڏ جديد لهجي تائين رسائي حاصل ڪئي آهي. قومي شاعري جو وائي ۾ شامل ٿيڻ وائيءَ جي صنف جو نئون حُسن چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو! پر جديد شاعرن وٽ اچي وائي سان ٻه الميا ٿيا آهن، هڪ اهو ته گهڻو ڪري وائي جي صنف ۾ رڳو روايتي شاعري ٿي آهي، تمام ٿورن شاعرن وائي کي ڪا بلندي ڏني آهي نه ته اڪثريت رڳو رديف قافلا ملايا آهن، ٻيو الميو اهو ٿيو آهي جو وائي کي ڪنهن هڪ موضوع ۾ رڱڻ بجاءِ وائي جي بندن کي غزل جي شعرن وانگي ٽپا ڏياري ان جي روح ۽ مزاج کي ئي نظرانداز ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري وائي کان وڌيڪ ٻيون صنفون توجهه ڇڪائڻ جو سبب بڻيون آهن. ويجهڙ واري عرصي ۾ اسان جي نئين شاعرن جي وائي واري صنف تان گرفت ڪافي ڍري ٿيل محسوس ٿي آهي پر ڪجهه ڪا پڙي ۽ عاشق آهن جيڪي پنهنجي هِن پياري صنف سان نڀائڻ ۾ رُڌل آهن. اسان جي نئين نسل جي شاعرن جي کيپ ۾ رحيم داد جوڳي وائيءَ جو رشتو ڳنڍي اڳتي وڌندڙ اهو سيبتو شاعر آهي، جنهن وائي کي نه رڳو گهڻو وقت پر گهڻو پيار ڏنو آهي، اها هُن جي محبت ۽ زندهه دلي آهي ائين به چئي سگهجي ٿو ته رحيمداد جوڳي پنهنجي سمورا احساس ۽ سموريون صلاحيتون پنهنجي ڌرتي جي هن صنف وائي جي نالي ڪري بلڪل پاڻ ملهايو آهي. رحيمداد جوڳي لکيو آهي:
هٿن تي اکيون، پيرن تي چُميون
دل چيو توکي ڏيان!
ڏسجي ته اهي چُميون رڳو محبوبا کي ڏيڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي پر ان سان گڏ اُهي چميون پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي هن صنف کي به ڄڻ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. رحيمداد جوڳي جون لکيل وايون توڙي جو وڏي تبديلي، وڏي فڪر ۽ فلسفي سان ٽٻيل ناهن پر اهو سچ ضرور آهي ته هن جي واين ۾ سادگي جو سٺو رنگ ضرور شامل آهي، چڱو نقطو هنن واين ۾ اهو به آهي ته واين ۾ ڪتب آيل ٻولي پنهنجي ڌرتي جي ٻولي آهي هن جي شاعري ۾ ڪي اوڻايونه هئڻ جي باوجود ڪابه هروڀرو اوپرائي جي بوءِ موجود ناهي. رحيم داد جوڳي جي واين ۽ جديد موضوع آهن ته پراڻن موضوعن کي به جاءِ مليل آهي. هُن جو وائي لکڻ جو پنهنجو مخصوص انداز آهي، جيڪو جيترو سادو آهي اوترو چڱو به آهي. هُن جون اڪثر وايون وسيع مطالعي جي نه پر احساساتي وهڪري جي پيداوار آهن، سندس ڪيئي خيال توجهه ڇڪائيندڙ آهن، جنهن جو مثال هتي پيش ڪجي ٿو.
پير سسئي جا
عشق چمي ٿو
چنڊ پڇي ٿو
مان ڪير آهيان؟
دل سان رحيمداد جوڳي جي شاعري ۾ جهاتي پائڻ سان هِن قسم جا نرالا خيال به اسان جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا ته:
سَرتِي چند کي ميندي لايون
شاعر لکي ٿو!
*
اجهو اُڀريو سج
ڪري تليل ڦليل
آئون اڃا پنڌ ۾!
”آئون اڃا پنڌ ۾“ جو فلسفو هُن جي اُن شاعري جو به عڪاس آهي جيڪا اڳتي وڌڻ ۽ منزل ماڻن جي جُستجو ۾ رڌل آهي، وڌيڪ محبت ۽ وڌيڪ جستجو سان گهڻو ڪجهه ممڪن آهي.
جوڳي بڻجي ٿو رُلان
منهنجي گيتن ۾
مون سان هوندو آ پرين!
پرين جو هجڻ ئي اها توانائيءَ جي علامت آهي، جيڪا ماڻهو کي ڪڏهن به سمهڻ ۽ ٿڪجڻ ناهي ڏيندي. رحيمداد جوڳي به اسان کي اڻ ٿڪل مسافر محسوس ٿئي ٿو.
سچ اهو آهي ته رحيمداد پنهنجي شاعري کي اجاين فلسفن ۽ ڳرن خيالن ۾ ناهي ڍڪيو، اها هڪ ڀلي علامت آهي. سٺي ڳالهه اها به آهي ته هُن اجائي لفاظي کان پنهنجي شاعريءَ کي بچائڻ سان دل سان ڪوشش ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هُن جا احساس ڪٿي ٽڙندڙ گلن جهڙا آهن ته ڪٿي روئندڙ اکين جهڙا هوندا آهن. هُن جا جذبا ڪٿي ڀريل بادلن جهڙا هوندا آهن ته ڪٿي ڪارين راتين جي مسافرن جهڙا آهن. رحيمداد جوڳي پنهنجي واين کي سٺي ردم ۾ لکيو آهي ورلي هن ڪو رڌم نظرانداز ڪيو آهي، جنهن مان هن جي ڪميٽيڊ هئڻ جو ثبوت ملي ٿو. هُن جو پنهنجي قومي صنف ۾ پنهنجي نج ٻولي ۾ ڪيل پورهيو معنيٰ رکي ٿو. جنهن کي نظرانداز ڪري ئي نٿو سگهجي، پوري اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ رحيمداد جوڳي پنهنجي واين ۾ اڃا به ڪيئي نوان مشاهدا، نوان احساس ۽ لاڙا ڀريندو. اڃا به وڌيڪ خوبصورت وايون هُن جي قلم مان نروار ٿينديون.
سڀئي سُمهي پيا، بتي ٻري پئي،
ڄڻ درد ڀري پئي!
سچ اهو آهي ته شاعري بتي بڻجي سمهي پيل ماڻهن وٽ ٻرندي رهڻي آهي. رحيمداد جوڳي جي شاعر به بتي وانگي ٻرڻ جي صلاحيت ضرور رکي اڳتي هلندي ۽ صبح ٿيڻ جي خبر ضرور ٻڌائيندي، اهو سڀ هُن جي محبت تي ڇڏيل آهي.

ايوب کوسو
جهڏو