شاعري

تاريخ جا پيرا

ڪتاب ”تاريخ جا پيرا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ۽ ليکڪ ارڏي اترادي جو لکيل آهي. ارڏي هن ڪتاب ۾ سائين جي.ايم سيد کان وٺي سڀني قومي ۽ ادبي ڪردارن کي شاعريءَ ۾ ڀيٽا ڏني آهي ۽ تعارف پيش ڪيو اٿس.
Title Cover of book تاريخ جا پيرا

پنهنجي پاران

هڪ ڏينهن پياري پرين واحد ڪانڌڙي فون ڪري خيريت پُڇندي چيو ته، اوهان وٽ جيڪا شاعري آهي، اُن مان مھان شخصيتن تي، اوهان وقت بوقت عقيدت جا گُل نِڇاور ڪندا رهيا آهيو، اُها شاعري فوٽو اسٽيٽ ڪري اُماڻيو ته، آءٌ اُن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪريان.
اوهان جي شاعري اُنهن مهان عظيم انسانن، شهيدن، قومي سرواڻن، انقلابي ڪارڪنن ۽ انقلابي اديبن لاءِ ڀيٽا ۽ اعزاز آهي، جيڪي اوهان جي اندر جي اُتساهه مان ٻاهر اچي، قلم وسيلي ڪتابن، اخبارن جي زيب زينت بڻي ڏيهه پرڏيهه پيغام ٿي پهتي آهي.
هر شعر نه صرف منهنجي اندر جو آواز آهي، پر هنن اکرن سان ڀرپور پيار ڪندڙ سنڌ جي هر باشعور انسانن جي دل جي ترجماني آهي.
جيڪي ماڻهو، انسان ذات جي ڀلائي، امن ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، جيل، ڦٽڪا، ٽارچر، سختيون سهندي راهه اجل وٺي موڪلائي روانا ٿيا، ڪي ٿاڻن، گهاڻن کان پيڙجي ٻاهر آيا ۽ شهيد ٿيا. اهو موت ڪنهن اقتدار جي ڪُرسيءَ لاءِ نه ٿيو، اُنهن انسان ذات جي خدمت يعني حقوق العباد سمجهي حقيقي خالق کي خوش ڪرڻ جو ڏس ۽ گس هو. ڪي مرڻ کان اڳ روز مرندا ۽ جيئرا ٿيندا رهيا، جيڪي شهيد ٿيا، سي سڀ جيئرا آهن. هو هتان هلي اتي ويس مٽائي ويٺا آهن، اِها به حقيقت آهي ته رُوح زندهه آهن، ته پوءِ هُو ڏسن ٿا ته، ڪير اسان کي ياد ڪن ٿا؟ ڪير گُل کڻي تُربت تي اچن ٿا؟ پر سڀ کان وڌيڪ اُهي تڏهن خوش ٿين ٿا ته جنهن مقصد لاءِ اسان سِر ڏنو، ڪير اُن کي سجايو ڪن ٿا. ڪهڙا اديب/ شاعر اسان واري ڳالهه اسان جو نالو وٺي، مارو ماڻهن سان اهو اندر جو احوال اورين ٿا.
اِها به حقيقت آهي ته وقت گذرڻ کان پوءِ نالا ياد رهندا آهن. اڄ به ڪيترن کي دُولهه دريا خان جي زمان مڪان، حسب نسب جي خبر ناهي. هڪڙي ڇوڪري پنهنجو نالو هوشو ٻُڌايو. پُڇيوسين ته هُو ڪير هو، ڪڏهن- ڪٿي ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ شهيد ٿيو. هن چيو ته بابا چيو هو ته: ”هُن نعرو هنيو هو ته مرويسون- مرويسون، پر سنڌ نه ڏيسون“ ٻي خبر ناهي. مخدوم بلاول کي ته گهاڻي ۾ پيڙيو ويو هو- پر هُو ڪير هو- ڇا ڪندو هو، هُن کي ڪيئن ۽ ڪنهن پيڙيو هو، اها ڪڏهن جي ڳالهه آهي؟ اها پيرائتي خبر ڪِن ٿورن باشعور ماڻهن کي هوندي.
جنهن سنڌ ۽ پنجاب جي بارڊر وٽ، بشير خان قريشي،
قادر مگسي ۽ ڪِن سياستدانن ڪالا باغ ڊيم جي خلاف ڌرڻو هنيو، اُن مشهور جاءِ جو نالو ڪمون شهيد آهي. ڪمون ڪير هو، ڪڏهن شهيد ٿيو، ڪا تحقيق ڪانهي. ائين ئي سال صدين کان پوءِ هنن انقلابي انسانن، ماءُ پيءُ جي لاڏلن، ليڊرن، رهبرن، قومي ڪارڪنن، سپهه سالارن، شهيدن کي وساريو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو چوندا آهن ته اڪثر غلام قوم جو هاضمو دُرست ۽ حافظو چٽ ختم هوندو آهي- داتا شاهه ولايت جو ڪلام آهي ته:
مشتاق سڀئي ميڙي، هڪ هنڌ ڪيا هڙيئي،
سانگي اوهان جي سهڻا، موجون وٺن مڙيئي.
آءٌ سائين واحد ڪانڌڙي کي هنن سڀني سنڌ جي سائين
جي. ايم. سيد کان وٺي، سنڌ امڙ تي قربان ٿيندڙ، شهيد ٿيندڙ هن راهه ۾ هلندي قربان ٿيندڙ سڄڻن جي تعارف، احوال ۽ واقعن کي سهيڙڻ جو بار کڻڻ تي کيس دل جي گهراين سان مبارڪ ڏيان ٿو. هن اهڙا سنڌ جي سڄڻن جا ڪافي ڪتاب اڳ به سهيڙيا آهن.
هيءَ شاعري، سنڌ ڌرتيءَ جي هن دور جي حقيقي تاريخ ۾ شمار ڪئي ويندي. اُها حقيقي تاريخ لکي ويندي، ڇاڪاڻ ته هنن شهيدن، هنن جو ڌن، جوانن جي تاريخ نه عرب ٿو لکي نه انگريز، جنهن تي قياس آرائي ڪجي يا ڏند ڪٿا لکجي. هنن عظيم انسانن کي خود ڌرتي ڌڻي ئي سنواري سهيڙي ماروئڙن ڏانهن موڪلي ٿو.
آءٌ هڪ ڀيرو وري به سائين واحد ڪانڌڙي ۽ ايلسا پبليڪيشن جي سٿ جو شڪر گذار آهيان.


ارڏو اترادي
ڪنڌڪوٽ- سنڌ