شاعري

تاريخ جا پيرا

ڪتاب ”تاريخ جا پيرا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي شاعر ۽ ليکڪ ارڏي اترادي جو لکيل آهي. ارڏي هن ڪتاب ۾ سائين جي.ايم سيد کان وٺي سڀني قومي ۽ ادبي ڪردارن کي شاعريءَ ۾ ڀيٽا ڏني آهي ۽ تعارف پيش ڪيو اٿس.
Title Cover of book تاريخ جا پيرا

کِلي زنجير پائجو، اي نوجوان نِڀائجو...(مهاڳ)

80ع جي ڏهاڪي ۾ ٻارڙن جون سياسي تنظيمون سنڌ جي ٻارڙن لاءِ اهڙو سياسي رُومانس هُيون، جنهن رُومانس، سنڌ جي هڪ پُوري نسل جي ذهن کي نظرياتي سياست سان سلهاڙي ڇڏيو. اڄ به جيڪا ٿوري گهڻي قومي تحريڪ جي مُتحرڪ قيادت نظر اچي رهي آهي، ۽ سياسي ميدان تي پاڻ ملهائي رهي آهي، سا اُنهن ٻارڙن جي تنظيمن جو ئي سياسي ثمر آهي. ذاتي طور تي مان اهڙي دَور کي سنڌ جي قومي تحريڪ جو سُنهري دَور سمجهان ٿو، جنهن دَور ۾ هاءِ اسڪول جا ٻارڙا ڳِچين ۾ اجرڪ جا ڳانا پائي، جڏهن اسٽيج تي ايندا هُئا ته سنڌ جي تقدير جا پاسا بدلجندي محسوس ٿيندا هُئا. تڏهن اِئين محسوس ٿيندو هو ته هي پورهيتن ۽ هارين جا ٻارڙا نئين سنڌ کي پنهنجي نيڻن سان پَسندا ۽ سنڌي قوم جو ريڊ انڊين وانگر ملياميٽ (Decimated) ٿي وڃڻ وارو مُحاورو حقيقت نه لڳندو هو. جيتوڻيڪ اياز 60ع جي ڏهاڪي کي ادب ۾ صليبي جنگين جو زمانو لِکيو آهي، جيڪا حقيقت آهي، پر اُن ادب جو گهڻو اُڀار ۽ اَوسر اسان 80ع جي ڏهاڪي ۾ ڏٺي. اسان ڏٺو ته بيت، لات ۽ منات جي بُتن کي ڪيئن ڊاهيندا آهن؟ وايون ڪنهن آمر سان ڪيئن وِڙهنديون آهن؟ نظمون نيزا ڪيئن بڻجي پونديون آهن؟ گيتن جي گونجار توبن جي آواز کي مات ڪيئن ڏيندي آهي؟ اسان ڏٺو ته سنڌ ۾ آهستي آهستي، مذاحمتي ادب، سنڌ جي قومي تحريڪ جي آواز کي سڄي سنڌ ۾ طوفان بڻائي ڇڏيو. مذاحمتي ادب جي اُن لهر سنڌ جي سياسي آدرشن جا ڳاچ هميشه اُوچا رکيا، اُهو ئي سبب آهي، جو برفيلي چادر تي صبح جي وڻندڙ اُس ۾ سُتل ادب ۾ اهڙي تلخي ۽ شوخي آئي، جو سمورو ادب سرمد جي چپن تي آيل نفيءَ جو نغمو بڻجي پيو ۽ شاعري محبوب جي مُرڪ ۽ وهندڙ ندين جي ٽهڪن وارين تشبيهن مان نڪري، تلوار جي نوڪ تي نچڻ لڳي.
اُها جنوري 1986ع جي ٿڌڙي شام هُئي، جو ڪو دوست ارڏي اُتراديءَ جي شاعري ٻُڌائي رهيو هو.
تون ڇا مون کي ماري سگهندين،
فاتح ٿي ڏيکاري سگهندين،
سي سڀ آهن ويچارن ۾،
ڏاڍ نه رهيو هٿيارن ۾،
جڏهن هي هٿيار نه هُوندئي،
ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار نه هُوندئي،
قومن کي آزادي ملندي.
ظالم کي بربادي ملندي.
’سن‘ جو نالو سِج اٿئي،
هِتڙي ڳالهيون نِج اٿئي.
اُن شاعريءَ سبب ئي ارڏي سان مُنهنجي پهرين شُناسائي ٿي هُئي، پوءِ هُن جي شاعري’لطيف جي ڏهاڙن‘ ۾ پڙهجندي رهي. ارڏي جي اُها شاعري ئي اسان جي اڄ تائين، اُن سان واقفيت جو سبب بڻي آهي. مون کي ياد نٿو اچي ته مان ڪڏهن ارڏي اُتراديءَ سان مِليو هُجان! ليڪن ڪنهن سان شُناسائيءَ جو معيار مُلاقات ناهي هوندو، پر اُن جي تخليق ۽ ڪم ئي اُن جي اصل سُڃاڻپ هوندي آهي. ارڏي سان به مُنهنجي ائين ئي سُڃاڻپ آهي، جيئن نذار قاباني، نذرالسلام ۽ محمود درويش سان.....! مون لاءِ اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو ته، جنهن شاعر جي شاعري سنڌ جو قومي ڪارونجهر عبدالواحد آريسر اسٽيج تي پنهنجي تقريرن ۾ حوالي طور استعمال ڪندو هُجي، اڄ اُن جي شاعريءَ جي ڪتاب تي مُهاڳ لاءِ پياري ’واحد ڪانڌڙي‘ منهنجو نالو مُنتخب ڪيو آهي. برطانيا جي رُومانوي شاعر وليم ورڊس ورٿ لکيو هو ته: ”شاعري احساسن جي اوچتي آيل ٻوڏ آهي، جيڪا اندر جون دريون ڀڃي اُٿلي پوي ٿي.“ احساسن جي اهڙي ٻوڏ جڏهن ارڏي جي اندر مان اُٿلون کائڻ لڳي ٿي، تڏهن هُو اُهي سٽون سِرجي ٿو...
بيشڪ ’بلاول‘ ۽ ’حيدر‘ جو حامي،
هر هر سڏي ٿو، اچو نينهن لايون،
آهي جنگ جاري، امن لاءِ ارڏا،
هلي هن قدم سان قدم کي مِلايون...
دُنيا سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ به طاقت جي تڪبر ۾ رهي، ۽ ٽين دُنيا جي مُلڪن جا جرنيل آمريڪي آشيرواد سان عوام جي سياسي ۽ جمهوري فيصلن ۾ مُداخلتون ڪندا رهيا ۽ اُهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. اهڙين سنگين سياسي حالتن ۾ ٽين دُنيا جي مُلڪن ۾ نه رُڳو سياسي مذاحمت ٿيندي رهي آهي، پر ادب جي هر صنف پنهنجي مٿي سان احتجاج جون ڪاريون پٽيون ٻڌندي رهي آهي. حبيب جالب کان وٺي، گُل خان نصير تائين، شيخ اياز کان وٺي حليم باغي، جُمن دربدر ۽ ارڏي اُتراديءَ تائين، سڀني پنهنجي نظمن جا نيزا تيار ڪري ادب جي اِتهاس ۾ ويڙهه جا بُنياد رکيا آهن. جيتوڻيڪ غلام مُلڪن جي دُنيا کي چوٿين دُنيا طور مُتعارف ڪرايو ويو. ڇاڪاڻ ته اُهو عوام، جيڪو سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ به پنهنجي قومي آزادي حاصل ڪري نه سگهيو، جن جي بُنيادي قومي آزاديءَ کي ٽين دُنيا جي غلاميءَ هيٺ ڏنو ويو. اُنهن انسانن جي دُنيا کي چوٿين دُنيا سمجهيو ويو ۽ اُن چوٿين دُنيا جي ماڻهن جي آزادي لاءِ ارڏو اُترادي پنهنجي نظمن جا پرچم ڦڙڪائيندو رهي ٿو.
ڪڏهن مير مجلس، ڪڏهن قيد ڪاٽي،
ڪڏهن گيت باغي ۽ ٻيجل جون وايون
ڳُجهارت ۾ ڳالهيون ڪيان ڪيستائين،
اچو چوٿين دُنيا جو مُفڪر ملايون.
ارڏي جو مٿيون نظم سنڌ جي قومپرست دانشور عبدالواحد آريسر تي لکيل آهي. ارڏي جو هي ڪتاب ’تاريخ جا پيرا‘ سنڌ جي اهم سياسي ۽ ادبي شخصيتن ۽ وطن جي آزاديءَ ۾ شهيد ٿيندڙن کي ڏنل اهڙي ڀيٽا آهي، جيڪا موجوده سنڌ ۾ ڪيڏاري طور ياد رکي ويندي. سنڌ ۾ شاعري ته تمام گهڻي لکجي ۽ ڇپجي رهي آهي، پر شاعريءَ ۾ مذاحمت واري انفراديت جو عنصر گهٽ شاعرن ۾ مِلي ٿو. اياز جڏهن اهي سِٽون لکيون هُيون ته:
ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي،
ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي، ٿا زُلف ڇِڪن زنجيرن جا.
تڏهن اياز شاعريءَ وسيلي قومي غلاميءَ خلاف ويڙهه جا نوان لاڙا ۽ رُجحان وِڌا هُئا، پر ڪي اهڙا ماڻهو به هُئا، جيڪي اياز جي اهڙي عالمي معيار جي شاعريءَ مٿان نعريبازيءَ جو تُهمتون مڙهي رهيا هُئا. اُها شاعري ئي ڪهڙي ڪم جي، جنهن شاعريءَ ۾ قومن جا سُڏڪا ۽ اذيتن جون آنڌيون نظر نه اينديون هُجن. جنهن ۾ بُکايل ٻارڙن جو درد سمايل نه هُجي. جنهن ۾ سڙيل کيتن ۽ لُوساٽيل لِڱن جو تذڪرو نه هُجي. ارڏي جي هن نظم مان بلوچ شاعر گُل خان نصير جي باغي گيتن جي جهلڪ محسوس ٿئي ٿي.
ڪِن ڪِن ٻچڙن توکي ڳايو،
ڪِن ڪِن ٻچڙن ڪنڌ ڪپايو،
ڪي ڪي تو لاءِ قيدي بڻيا،
هر ڪنهن هر هنڌ پاڻ ملهايو،
تن جي ڳڻبي پائي پائي،
تن کي ڀيٽا ڏيڻ ڀلائي.
جيتوڻيڪ سنڌ جي سياست نظرياتي دَور مان نڪري انفرادي مُفادن جي دَور ۾ داخل ٿي آهي، پر اُن جو اِهو قطعي مطلب ناهي ته قومي غلامي ۽ وطن جي آزاديءَ جا خُواب اڌورا رهجي ويندا، ڇاڪاڻ ته وطن جي آزادي ڪنهن مخصوص نظريي يا فلسفي جي مُحتاج ناهي ٿيندي. قومي غلامي حقيقت آهي، جنهن لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪرڻ ۽ پاڻ پتوڙڻ اهم آهي. جيڪي ماڻهو عارضي ۽ وقتي حاصلاتن ۽ آسائشن خاطر وطن جي آزاديءَ تان هٿ کڻي ويندا آهن، سي ڪڏهن به قومي غلاميءَ جي گند کان پاڻ کي آجو ڪري ناهن سگهندا. ارڏو اُترادي سنڌ جو اهڙو مذاحمتي شاعر آهي، جيڪو ديس جي دُشمنن لاءِ للڪار آهي. اهڙي للڪار، جهڙي بلوچي شاعر گُل خان نصير ۾ هُئي، جيڪو ايوب جي آمريت کي اسٽيج تان للڪاريندي چوندو هو ته: ”ايوب خان! گدڙ پٿر چٻاڙي ناهن سگهندا.“ ۽ ارڏو پنهنجي شاعريءَ ۾ دُشمن کي هن طرح للڪاري ٿو:
ون يونٽ ۽ ٻوليءَ واريون، توکي گوليون ياد ڏياريان،
خون سنديون هي ٽوڙهي ڦاٽڪ واريون ڇوليون توکي ياد ڏياريان،
لاکاٽ تي بمباري ٿي، سنڌوءَ سارو رت وهايو،
پاپي ٿيا پنجابي هردم، سنڌين پنهنجو پاڻ ملهايو،
ٽربيونل جا جج ٻُڌي ڇڏ، آئون اصل ڏوهاري ناهيان،
ڪين بيانن کي ڦيرايان، ڪين بيانن کي ڦيرايان.
اهڙي مذاحمت ۽ شوخي فقط ارڏي اُتراديءَ جي شاعريءَ ۾ ئي مِلي ٿي. اهڙي شوخي ۽ ارڏائپ جو سبب سنڌ سان بيحد مُحبت ۽ آزاديءَ تي مُڪمل يقين هُجڻ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن آکيرا ڪچين ٽارين تي ٺهندا ته جٽاءُ ڪري نه سگهندا. اسان کي يقين آهي ته، جيڪي مُلڪ پنهنجي بُنيادن ۾ ئي ڪمزور نظرين تي ٺهندا آهن، سي ڪڏهن به جٽاءُ ڪري ناهن سگهندا. مذهب جي نالي تي ڪنهن رياست جو قيام ڪنهن به طرح گهڻي عرصي تائين جٽاءُ ڪري نه سگهندو. سولزي نٽسن چيو هو ته: ”طبقاتي استحصال رُڳو اهو ناهي، جيڪو سرمائيدار ڪنهن مزدور جو ڪندو آهي، پر استحصال ڪنهن به بدليل شڪل ۽ صورت ۾ قابل قبول نه هُجڻ گُهرجي.“ جڏهن سنڌ جا سمورا وسيلا وفاق وٽ موجود هُجن ۽ وفاق اُنهن جي ورهاست آباديءَ جي بُنياد تي ڪندو هُجي، اهڙي حالت ۾ وطن جي وارثي ۽ مالڪي خود وڏو سوال بڻيل آهي. جيڪڏهن پنهنجي وطن مٿان پنهنجي وارثي ۽ مالڪي نه هوندي ته وسيلن جي ڦُرلُٽ جو سلسلو هميشه برقرار رهندو. اُهو ئي سبب آهي، جو ارڏي جي سموري شاعري، وطن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي عظيم جذبي سان سرشار نظر اچي ٿي. ارڏو پنهنجي نوجوانن کي سڏيندي چوي ٿو، وسيلن مٿان ڦُرلٽ جو هلندڙ سلسلو رهيو ته اوهان وٽ ڪُجهه به نه رهندو، اُن لاءِ لڳاتار جدوجهد جاري رکو.
اِجهو ٿيو داڻو پاڻي بند،
اوهان جو راڻو راڻي بند،
کرڙي، ٿرڙي، مياڻي بند،
ڪندا هُو ڄاڻي واڻي بند،
کِلي زنجير پائجو،
اي! نوجوان نِڀائجو....
هي مُلڪ، جيڪو عوام کي مذهبي آفيم آڇي هلايو پيو وڃي، جڏهن قومن اهڙي آفيم کي ٺُڪرائي ڇڏيو، تڏهن ارڏي اُتراديءَ جي شاعري سنڌ جي سُگهڙن جي سُونهن بڻجي ويندي. مون کي يقين آهي ته شاعريءَ جي رستي مُئل رُوح به زنده ٿي سگهن ٿا ۽ ارڏي جي شاعري سنڌ جي ساڻي وجود ۾ اهڙي سگهه پئدا ڪندي، جو اُها سنڌ جي سياسي سنگهرن مان آجپي جو سبب بڻبي. ارڏي اُتراديءَ جي شاعري پڙهندي مون کي پشتو ٽپو ياد آيو، جنهن جون سِٽون آهن ته:
اي آزاديءَ جا موت! مان توتي خوش آهيان،
غلاميءَ جي زندگي وڏي هُجي، تڏهن به اُن تي لعنت آهي.
مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن ارڏي اُتراديءَ جا خيال، ساڀيائن جا گُلابي ويس ڍڪيندا ۽ وري کرڙيءَ جا کيت سونا سنگ اُپائيندا ۽ امن ۽ آزاديءَ جا اوٿر اُٿندا ۽ سنڌ جا سمورا شهر ۽ ڳوٺ ٻهه ٻهه ٻهڪي پوندا.
ڪا روشنيءَ جي لاٽ ٿئي، ختم اي ’ارڏا‘ ٻاٽ ٿئي،
ظلم زوري ڪاٽ ٿئي، کُليل آزادي واٽ ٿئي.

تاريخ لطيف جمال
2016-12-12 حيدرآباد