ٻه اکر
ارڏي اتراديءَ سان منهنجي ويجهڙائي، منهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر خالد جي ڪري ٿي، ۽ سائين اڪثر اسان جي ڳوٺ ايندا رهن ٿا ۽ اُن موقعي تي، سائين جي ڪچهريءَ ۾ سندس شاعري ٻُڌڻ جو موقعو ملندو رهي ٿو. ارڏي اترادي جي گهڻي ڀاڱي شاعري مون سندس زباني ٻُڌي آهي، ۽ منهنجي ناقص علم آهر، استاد بخاريءَ کان پوءِ سادن ۽ عوامي لفظن ۾ اگر ڪا سنڌي شاعري ٿي آهي تـ اُها ارڏي اترادي ڪئي آهي، ٿي سگهي ٿو تـ اوهان اُن ڳالهـ سان اتفاق نه به کڻي رکو، ڇو تـ آءٌ ڪو ايڏو پڙهيل لکيل ناهيان ۽ نـ ئي آءٌ ڪو ڀيٽ ڪرڻ جو قائل آهيان، پر استاد بخاري جي شاعري مون پڙهي ۽ ٻُڌي آهي ۽ مون کي اُن کان پوءِ گهڻي ڀاڱي عام لفظن ۾ صرف ارڏي اترادي جي شاعري نظر آئي آهي. مثال طور هڪڙو شعر اٿس ته:
اچو اي دوستو اچو،
اچي مِلو، اچي مِلو،
اڃان پيو سڏيان،
اڃان پيو سڏيان.
اچو اي دوستو اچو،
مهان مرد ساٿ ڏيو،
وقت کي سُڃاڻيو،
زبان پنهنجي پاڙيو.
بُخار ۾ مرڻ ٿئي،
يا ريل تان ڪِرڻ ٿئي،
ائين متان مري وڃو،
مرو تـ مڙس ٿي مرو.
ڪيڏا نـ سادا لفظ استعمال ڪيا اٿس ان شعر ۾، يا وري سندس هڪ ٻيو شعر ياد پيو اچي ته:
انقلابي درس ڏيندڙ سو اسان جو سائين آ،
قوم لاءِ قربان ٿيندڙ سو اسان جو سائين آ،
ٿئي روس جو يا چين جو، هنڌ جو يا سنڌ جو،
فڪرِ سيد کي مڃيندڙ، سو اسان جو سائين آ.
چوڻ جو مطلب تـ ارڏي اترادي تمام سولي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، جنهن کي ڪو به پڙهيل لکيل يا اڻ پڙهيل آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو، ارڏو پاڻ بـ چوندو آهي ته، مُنهنجو محبوب اڻ پڙهيل آهي، اُن ڪري آءٌ اهڙا لفظ استعمال ڪندو آهيان، جيئن هُو آسانيءَ سان سمجهي سگهي، ۽ بقول سائين عبدالواحد آريسر جي ته: ”ارڏي جي شاعريءَ ۾ اڻ ميو بارُود ڀريل آهي، جيڪو ٻين جي شاعري ۾ بنهـ گهٽ آهي.“ ارڏي اترادي ڪڏهن بـ پنهنجي ڳالهـ هيڻي انداز ۾ نـ رکي آهي، هن هميشه پنهنجو موقف چِٽو ۽ ارڏائي انداز ۾ رکيو آهي. هڪڙو شعر اٿس ته:
اسان قيد ڪڙين کي زيور ٿا ڄاڻون،
ڏيکاريو جي ٿاڻو تـ پرواهـ ناهي،
اسان پنهنجي ڌرتيءَ جا وارث بلالي،
گُهرايو جي گهاڻو ته پرواهـ ناهي،
اسان ٿر ۽ بر ۾ رهڻ وارا ’ارڏا‘
نـ ٿيو گهر ٺڪاڻو تـ پرواهـ ناهي.
ارڏي سائين پنهنجي هن ڪتاب ’تاريخ جا پيرا‘ ۾ جيڪا بـ شاعري ڪردارن تي ڪئي آهي، اُها سندن نالن سان ڪئي آهي، ۽ اهو سنڌي شاعريءَ ۾ تمام گهٽ ٿيو آهي. اسان جا ڪافي شاعر ڪردارن تي مبهم ۽ زو معنيٰ ۾ شاعري ڪندا آهن ۽ پوءِ اُها شاعري ڪنهن لاءِ بـ پڙهي سگهجي ٿي، پر جيڪڏهن نالي سان هُوندي تـ اُها صرف اُن شخص لاءِ ئي پڙهي ۽ سمجهي ويندي. بقول ارڏي اترادي جي ته: ”شاعر وٽ ڪا لفظن جي ڪمي تـ ناهي هُوندي، هُو جنهن جي لاءِ شاعري ڪري، اُها صرف اُن لاءِ ئي هُئڻ گهرجي ۽ اهو ئي بهتر خراجِ تحسين هوندو آهي ان ماڻهوءَ لاءِ.“
بهرحال ارڏو اترادي تمام سُٺو ۽ پڙهڻ لائق شاعر آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته، اُهي ماڻهو جيڪي جيڪي سائين جي. ايم سيد جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي شاعري اسٽيج تي پڙهندا هُئا ۽ سيد جهڙا ماڻهو بـ وڏي غور ۽ فڪر سان اُنهن کي ٻُڌندا هُئا، پر اڄ اسان جي قومي تحريڪ جي اسٽيجن تي اُنهن کي نٿو گهرايو وڃي ۽ اُهو مان نٿو ڏنو وڃي، جيڪو ڏيڻ گهرجي يا جيڪو سيد ڏيندو هو، اُن ۾ ڪجهـ ڪردار اسان جي انهن اديبن جو به آهي، جيڪي ساڙ ۽ حسد ۾ ورتل آهن، جن هميشه اهڙن اديبن ۽ شاعرن کي نظرانداز ڪري پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، حالانڪه ارڏي سائين جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب ’جنگ جو اعلان‘، ’ياد توکي ڪريان‘ ۽ ’ڇا تون مون کي ماري سگهندين!‘ ۽ ٻه ڪتاب نثر ۾ ’ڪشمور ضلعي جي تاريخ‘ ۽ ’تاريخ ۽ اسان‘ ڇپجي چُڪا آهن، اُن جي باوجود بـ نظراندازي جو ڪارڻ الائي ڇا آهي؟ شايد هاڻي ارڏي اترادي جهڙن شاعرن جي شاعري، اُنهن کان هضم نٿي ٿئي يا اڃا به ڪا ٻي وجھه آهي. بهرحال اهو تاريخ جو حساب ڪتاب آهي، جيڪا پاڻ وٺندي، پر جيڪڏهن ڪنهن کي اهو ڄاڻڻو هُجي تـ ارڏو اترادي ڪير آهي تـ سندس نثر ۽ شاعري جا ڪتاب پڙهي ڏسي تـ خبر پئجي ويندي.
منصور مزاري
مريد شاخ- ڪشمور