پنهنجي پاران :يوسف سنڌي
اڄ جڏهن آئون پنهنجي گذريل زندگيءَ تي نظر وجهان ٿو ته هڪ قسم جو سڪون ۽ اطمينان ٿو نصيب ٿيم. هوش سنڀالڻ کان وٺي اڄ سوڌي، مون پنهنجو گهڻو وقت لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاريو آهي. مون هر وقت، هر ڏکي ۽ ڪٺن حالتن ۾ به لکڻ ۽ پڙهڻ جو ساٿ نه ڇڏيو آهي ۽ لکڻ ۽ پڙهڻ سان ان ساٿ نڀائڻ جي عيوض مون ڪافي ڀوڳيو آهي ۽ اهي ڀوڳنائون منهنجي زندگيءَ جو اڻ ميو ثمر رهيون آهن. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ٻاراڻا ڪتاب گهراڻي پاڻ پڙهندو هئس ۽ ڪيترن هڪ جيڏن سنگتين ۽ ساٿين کي پڙهائيندو هئس ۽ منجهن سنڌي ٻولي ۽ ڪتابن سان چاهه پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ۽ ان کي هڪ مشن سمجهي ڪم ڪندو هئس ۽ اڃان به ڪندو آهيان.
منهنجو گهرو ماحول عام رواجي هو، گهر جي سڀني ڀاتين ۾ آئون پهريون فرد هئس جنهن مئٽرڪ پاس ڪئي. اڳ ۾ منهنجون ٻه ڀيڻون ٻه ٽي سنڌي درجا پڙهي گهر ۾ ويهي رهيون هيون. اهڙي ماحول ۾ رهڻ جتي ڪتابن يا علم جي پري جو به ڪو واسطو نه هجي اُتي ادب سان دلچسپي، سا به جنون جي حد تائين ٿيڻ، سچ ته ٻيو ڪو حيران نه به ٿئي پر آئون ضرور آهيان. پنهنجي امان ۽ بابا جو آئون اڪيلو پُٽ هئس، هنن مون کي پڙهائڻ ٿي چاهيو، منهنجي نانيءَ جو مون سان انتها پيار هو ۽ اڃا به آهي. هن جا اسڪول ۽ گهر تائين جا پنڌ مون کي اڃان تائين ياد آهن. هن جا مون کي پيار مان ڀاڪر وجهي ماترائي پرچائي اسڪول نيڻ جا جتن ياد ڪري منهنجو ڪنڌ تعظيم سبب جهڪيو وڃي، پر آئون نٺر، اسڪول وڃڻ جو نالو ئي نه وٺندو هئس. منهنجي مائٽن جو اهو شوق ڏسي منهنجي هڪ مائٽ، جيڪو منهنجو استاد به رهي چڪو آهي، تنهن بابا کي چيو ته ”ڇوڪرو پڙهندو هئين ڪو نه، کيس درزيءَ جي دڪان تي ويهاريو ته ڪم سکي.“ ڪجهه سال پوءِ جڏهن آئون نائين يا ڏهين ڪلاس ۾ هئس ان ساڳئي استاد هڪ سوالن جوابن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ مون کي پهريون نمبر کڻندو ڏسي چيو، ”آئون دل ئي دل ۾ کلي رهيو هئس ته هي به ٿو مقابلو ڪري، پر هي ته ائين فر فر جواب ڏيڻ لڳو جو آئون حيران ٿي ويس.“ آئون اڄ به انهن لفظن مان اُتساهه وٺندو آهيان ۽ هر انهيءَ ڳالهه مان اُتساهه وٺندو آهيان جيڪا مخالف مون کي اڳيان وڌندو ڏسي ڪندا آهن ۽ پوءِ آئون اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳندو آهيان.
ان وقت مون لکڻ جي ڪوشش ڪئي. مون پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ٻاراڻي ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. منهنجون اهي ٻاراڻيون ڪهاڻيون ’گل ڦل‘ ۽ ٻارن جي ٻين رسالن کان علاوه ’هلال پاڪستان‘ جي ٻاراڻي صفحي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ ڇپيون ۽ ان صفحي جي انچارج محترم حسام سومري منهنجي هر لکت بنا ڪنهن ڦيرڦار جي ڇپي مون ۾ لکڻ جي معاملي ۾ خود اعتمادي پيدا ڪئي.
مون لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي ۽ اڃا به ٻارن لاءِ لکندو آهيان. جيتوڻيڪ هاڻ ٻارن لاءِ لکڻ جي معاملي ۾ ايترو تيز نه آهيان، پر ايترو ڏوهي به نه آهيان، جيترو ٻيا دب دوست آهن جيڪي ٻارن لاءِ بلڪل نه ٿا لکن.
هن ڪتاب ۾ منهنجون ٻارن لاءِ لکيل ڪجهه ڪهاڻيون شامل آهن. ڪجهه ڪهاڻيون ٻيون به آهن، جن ۾ منهنجي شروعاتي ڪهاڻي ’ظلم جي ديوار‘ به آهي. اڳتي هلي موقعو مليو ته اُهي به ڪتابي صورت ۾ شايع ڪندس.
يوسف سنڌي