ڀوائتو سفر
هن اهو ڏکيو سفر الجزائر جي هڪ شهر ’بوسعده‘ مان شروع ڪيو. ڪرسٽوفر کي پتو پيو ته صحرا ڏانهن هڪ ٽرڪ وڃڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. هن ڊرائيور سان ڳالهايو ۽ اهو طئي ڪيو ته جيستائين هو وڃي، تيستائين هن کي کڻي وڃي.
حالت ڏاڍي خراب هئي، ٽرڪ جي اڳينءَ سيٽ تي ڊرائيور، ڪلينر ۽ ڪرسٽوفر ويٺل هئا، ٽرڪ جي رفتار ويهه ميل في ڪلاڪ هئي. سج هوريان هوريان اُڀري رهيو هو ۽ ريگستان ۾ تپش وڌندي رهي، ٿوري دير کان پوءِ گرمي ايتري ته وڌي ويئي، جو ڪرسٽوفر کي ٽرڪ ۾ مُنجهه ٿيڻ لڳي. ان وقت ڀرسان هڪ فوجي ٽرڪ اچي لنگهي. ڪرسٽوفر اشارو ڏيئي گاڏي بيهاري ۽ فوجي آفيسر کي التجا ڪندي چوڻ لڳو ته کيس هن مصيبت مان ڇڏائي، جنهن ۾ ويهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي موت جي منهن ۾ وڃي رهيو آهي. آفيسر هن کي چيو ته فوجي قانون موجب هي هڪ عام ماڻهوءَ کي فوجي گاڏيءَ ۾ نٿو ويهاري سگهي. خوشقسمتيءَ سان ڪرسٽوفر وٽ هڪ پراڻي سفارتخاني جو پراڻو سفري اجازت نامو هو. جيڪو هن آفيسر کي ڏيکاريو. ڪارڊ جي پٺيان ”ختم ٿيل“ جي مهر لڳل هئي، پر آفيسر ورائي ڪو نه ڏٺو، ۽ کيس پاڻ سان گڏ ٽرڪ ۾ ويهڻ جي اجازت ڏنائين، ان گاڏيءَ ۾ ڪرسٽوفر ڏاڍي آرام ۽ سڪون سان سفر ڪيو ۽ هڪ ريگستاني شهر ”غار دائيا“ ۾ لهي ويو. ان شهر ۾ ايتريون ته مکيون هيون، جو شايد ئي ٻئي ڪنهن علائقي ۾ هجن، مکيون هر شيءِ تي اهڙي طرح چهٽيل هيون، جو هر شيءِ ڪاري نظر اچي رهي هئي. اتي هي جيترو وقت ترسيو سخت مصيبت ۾ مبتلا هو، ٻئي ڏينهن کيس خبر پئي ته هڪ ٽرڪ ”الگوليٽا“ شهر وڃڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. اها ٽرڪ نئين ۽ مضبوط هئي. ڪرسٽوفر ڊرائيور کي چيو ته کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلي. ڊرائيور اها ڳالهه قبول ڪئي، شهر کان ڏهن ڪلوميٽرن تائين رستو پڪو هو، پوءِ ريگستان شروع ٿي ويو، هن کي رستو چوڻ بدران واريءَ جو سمنڊ چوڻ بهتر آهي. ڊرائيور ڏاڍي هوشياريءَ سان گاڏي هلائي رهيو هو، سفر ڏاڍو ڀوائتو هو، واري ايتري ته نرم هئي، جو گاڏيءَ جا ڦيٿا هر هر ڦاسي ٿي پيا، ڊرائيور وٽ ڏهه ڏهه فوٽ ڊگهيون پٽيون هيون، جن کي واريءَ تي خاص انداز سان رکي رستو ٺاهي گاڏي هلائڻي ٿي پئي. ڪرسٽوفر هن ڏکئي ڪم ۾ ڊرائيور جي ڏاڍي مدد ڪئي ڪرسٽوفر کي ڊرائيور ريگستان جي سفر جا ڪيترائي ڀوائتا قصا ٻڌائي وڌيڪ ڊيڄاري ڇڏيو ته ڪيئن ٽن انگريزن جي ڪار واريءَ ۾ پاسي پئي هئي ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ انهن جا لاش سُڪل ڪاٺين جي حالت ۾ مليا، هو ايتريقدر اُڃايل هئا، جو گهٻرائجي هر شيءِ کي پيئڻ جي ڪوشش ڪيائون، ايتريقدر جو ڪار جي ريڊي ايٽر مان به پاڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون، منجهائن هڪ ته پئٽرول پيئڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي ڏينهن صبح جو ڪرسٽوفر کي اها حقيقت درست نظر اچڻ لڳي، ڇو ته ڊرائيور کيس ٻڌايو ته سخت گرميءَ سبب پاڻيءَ جي هڪ مشڪ ڦاٽي چڪي آهي. جيڪڏهن ڪا تڪليف پيش نه به آئي، تڏهن به سفر خطري کان خالي ڪونهي. ڪرسٽوفر نقشي جي مدد سان معلوم ڪيو ته پاڻي ڪٿي ملي سگهي ٿو، پوءِ هي پنهنجو اصل مقصد ڇڏي اوڏانهن وڃڻ لڳا، اهو مفاصلو به تمام گهڻو هو، هڪ دفعي ڪرسٽوفر اُڃ کان بيحال ٿي پاڻ کي کڻي تتل واريءَ تي ڦٽو ڪيو، ان مهل کيس اها ڳالهه ذهن ۾ به ڪا نه هئي، ته واري ايتري گرم به ٿي سگهي ٿي. سو هي واريءَ تي ڪرندي شرط رڙ ڪري اُٿيو، هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ گرم ڪوئلن جي ڍڳ تي ڪريو هجي، ۽ هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ تپيل لوهه جي سيخ هن جو جگر ڦاڙي ڇڏيو هجي. هن جي مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳا ۽ هي غش ٿي سيٽ تي ڪري پيو. آخر هي پاڻيءَ واري هنڌ پهتا، اُتي کوهه جو ٿڌو پاڻي ڏسي ڪرسٽوفر خوشيءَ منجهان ٻهڪي اُٿيو ۽ ڍؤ ڪري پاڻي پيتو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو. درجو حرارت پنهنجي نقطي عروج تي هو. هڪ سئو ميلن جي سخت مشڪل مسافريءَ کان پوءِ هي ”الگوليٽا“ پهتا، جتي هنن سک جو ساهه کنيو. ٻئي ڏينهن هي هڪ ٽرڪ ذريعي ’ان ملاح‘ ڏانهن روانو ٿيو. اهو به هڪ ڏکيو سفر هو، ايتريقدر جو ڪرسٽوفر پاڻ کي مئل سمجهي ريگستان جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو، پر قسمت ڪا چڱي هيس جنهن کيس صحيح سلامت پهچايو، باقي سفر هن اُٺن جي قافلي سان گڏ ڪيو. هڪ ڏينهن اوچتو اوندهه ڇانئجي ويئي ۽ اهڙو ته زوردار طوفان شروع ٿي ويو جو خدا جي پناهه. ماڻهن اُٺن کي گول دائري ۾ بيهاري پناهه ورتي، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏهن طوفان ڍرو ٿيو ته هنن جو اڌ ڌڙ واريءَ ۾ ڦاسي چڪو هو، هاڻي هن کي پتو پيو ته ڪيئن قافلن جا قافلا صحرائن ۾ دٻجي وڃن ٿا، هڪ ڏينهن ڪرسٽوفر کي چانهه ٺاهڻي هئي، سو هن جيئن ئي هڪ پٿر کنيو ته ان جي هيٺان چار فوٽ ڊگهو نانگ نڪري آيو، هن ڦڙتيءَ سان ڀڄي جان بچائي، آخر هي ڏکيو سفر طئي ڪري ٽمبڪٽو پهتو. هاڻي هن کي خبر پئي ته ماڻهس کيس جيڪو ڊپ ڏياريندي هئي، اهو صحيح هو، ڇاڪاڻ ته اها هڪ خطرناڪ جاءِ هئي. (ترجمو)