ماضي حال ۽ مستقبل گوتم کي اڄ هڪ ضروري ڪانفرنس ۾ وڃڻو هو، ڇاڪاڻ ته کيس ان جي صدارت ڪرڻي هئي، پر اڄ هو ماضيءَ جي يادن ۾ گم هو ۽ کيس ورَ ورَ ڏيو اهي خيال پي آيا ته هو هيڏو وڏو ماڻهو ڪيئن ٿيو؟ جڏهن ته ننڍي هوندي کيس هڪ ويلي جي ماني به مشڪل سان نصيب ٿيندي هئي، هن جو پيءُ ننڍي هوندي هڪ روڊ حادثي ۾ مري ويو هو ۽ سندس ماءُ کيس پورهيو ڪري پڙهائيءَ جو خرچ پکو ڏيندي هئي. پهريون درجو پاس ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن استاد صاحب سڀني شاگردن کان پڇيو ته اوهين وڏا ٿي ڇا ٿيندا؟ ڪنهن وراڻيو انجنيئر ته ڪنهن چيو ڊاڪٽر، ڪنهن وري چيو پائلٽ مطلب ته هر ڪنهن پنهنجي خواهش ٻڌائي، جڏهن هن جو وارو آيو ته استاد هن کان پڇيو ”ڇورا تون وڏو ٿي ڇا ٿيندين؟“ گوتم اُٿي بيهي ورندي ڏني ”سائين، ڊي سي!“ اهو ٻڌي هن جا سڀ ڪلاسي هن تي کلڻ ۽ چٿرون ڪرڻ لڳا، اڙي ٻوٿ ته ڏسوس هي به ٿو ڊي سي ٿئي. اهي ڳالهيون اڄ به کيس ياد هيون، آخر سخت محنت کانپوءِ ۽ هن مئٽرڪ پاس ڪئي، پوءِ وٽس ايترو پئسو ڪو نه هو جو وڌيڪ پڙهي سگهي، مجبور ٿي ماڻس وڏيري وٽ ويئي ۽ کانئس پئسا اڌارا گهريا، پر هن پئسن ڏيڻ بدران هن کي ڌڪا ڏيئي گهر مان ڪڍيو. گوتم مجبور ٿي نوڪريءَ جي ڳولا ۾ نڪتو، ٻه ٽي مهينا درَ درَ جا ڌڪا ٿاٻا کائڻ کان پوءِ مس مس هڪ مل ۾ هن کي ٽي سو ماهوار پگهار تي نوڪري ملي پر سا به هن پنهنجي ايمانداري ڪري وڃائي جو هن مل مالڪ کي ملاوت کان منع ڪئي، اهڙي طرح هن پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري ڪيتريون ئي نوڪريون وڃايون. آخرڪار هڪ رحمدل شخص هن جي پڙهائيءَ جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ هن ڪاليج ۾ داخلا ورتي، هاڻ هي وڌيڪ سخت محنت ڪري پڙهڻ لڳو. هن جا امتحان ٿيا ۽ هي ڏاڍي سٺي گريڊ ۾ پاس ٿيو ۽ ان سان گڏ هن جي اسڪالرشپ به منظور ٿي. نيٺ هڪ ڏينهن هن جو سپنو ساڀيان ٿيو ۽ هي پڙهي ڊي سي ٿيو سڄو ڳوٺ اوڙو پاڙو هن کي مبارڪون ڏيڻ آيو، هرڪو خوشي مان جهومي رهيو هو، گوتم به ان ڏينهن ڏاڍو خوش هو پر ان ڏينهن سڀ کان گهڻي خوشي گوتم جي ماءُ کي هئي جيڪا ڪپڙن ۾ نه پي ماپي. ”سائين اوهين هت ويٺا آهيو هوڏانهن سڀ اوهان جي اوسيئڙي ۾ ويٺا آهن.“ پٽيوالي چيو. گوتم جي سوچ جو سلسلو ٽٽي پيو ۽ هو اٿي ڪانفرنس روم ڏانهن روانو ٿي ويو.