ٻه اکر : علي احمد نائچ
جيئن هڪ سٺي انسان آڏو سچ ۽ حقيقت هر حال ۾ پنهنجو اصل چهرو پڌرو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ هو صحيح وقت ۽ صحيح انداز ۾ وري اها سچائي ۽ ڄاڻ ٻين انسان جي سامهون پيش ڪندو آهي، ائين ئي منهنجي سامهون جڏهن اڪبر اديب (غلام اڪبر منگي) جو اصل روپسامهون آيو ته، آءٌ ڇرڪي ويس ته، هڪ ماڻهو اسان سان گڏ سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي، پر ان جي اندر جي احساسن ۽ ان جي اندر ۾ لڪل هڪ مڪمل انسان، هڪ وڏي شخصيت جي اسان کي ته خبر ئي نه هئي، جيڪو سنڌ جي ڪلچر، ادب لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ادب جي دنيا ۾ هڪ تمام وڏي نالي طور سڃاڻپ رکي ٿو.
ان حوالي سان مون کي شاه سائينءَ جو هي بيت ذهن تي تري اچي ٿو:
ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنا ٿانءُ
آهي تنهنجي ٻانهن سان، ميان منهنجو نانءُ
ڪٿي هجان آءٌ، جي نه هجين تون جوءِ ۾.
هر انسان ڄائي ڄام نه هوندو آهي، شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، آرٽسٽ، سنگتراش، صنم تراش، عاشق، معشوق، عالم، فاضل، مجذوب ۽ نه وري جاهل يا وري ڪاهل هوندو آهي. جيستائين هو وڏو ٿئي ۽ ان جي تربيت ڪرڻ وارو هڪ سٺو انسان هجي ۽ ان لاءِ چڱي ماحول ۽ علم جو سٺو بندوبست پڻ ڪري ۽ جڏهن بالغ ٿئي ته طالب جي تنوار سمجهي ۽ پنهنجي عقل فهم سان سوچڻ ، سمجهڻ شروع ڪري. تڏهن ئي هو پنهنجي عزم ۽ حوصلي کي ڀرپور قوت ۽ صحيح انداز ۽ صحيح گس تي هلائي سگهندو آهي. نه ته جاگيرداري سوچ رکندڙ پراڻي ذهنيت وارا وڏيرا ۽ جاگيردار ان نئين ذهن جي سوچ خريد ڪري ان کي درٻاري اديب ۽ ڪهاڻيڪار بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ پنهنجي شان ۾ پيا ان کان قصيدا ۽ ڪوڙيون تعريفون لکرائيندا رهندا آهن.
ڪانئرن، ڪوڙي تاريخ لکندڙن، سنڌ کي وڏو هاڃو رسايو آهي. سنڌ اسان جي امڙ آهي، اسان جي سنڌ جيڪا ابد کان ازل تائين رهندي.
اڪبر اديب جو هي ڪتاب جيڪو اوهانجن هٿن تائين رسي چڪو آهي ان ڪتاب ۽ هن مهان انسان تي هي شعر ڪيڏو نه ٺهڪي اچي ٿو.
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا
پر مونکي اهڙا مڙس وڻيا
جي سارو جڳ جرڪائي ويا
۽ پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا
اڪبر اديب پنهنجي هڪ دوست انعام عباسيءَ سان ملاقات ڪرائي مون تي هڪ وڏو احسان ڪيو آهي، انعام عباسي ادب لاءِ هڪ ادارو آهي. اڪبر اديب هي ڪتاب لکي، سهيڙي سموهي تيار ڪيو ۽ انعام عباسيءَ ان کي موتين جيئن پروئي هڪ مالها ٺاهي ورتي آهي.
انعام عباسيءَ اڪبر اديب جي اکرن کي هڪ هنڌ ڪَٺو ڪري ڪتاب جوڙي ڄڻ اڪبر اديب جي ڪم کي زندگي بخشي ڇڏي آهي.
پر اسان انعام عباسيءَ کي ڪهڙن لفظن جي ڀيٽا ڏئي سگهون ٿا، ڇو جو ان کي ته زماني اڳ ئي انعام جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي.
آخر ۾ مان هنن ٻنهي شخصيتن اڪبر اديب ۽ انعام عباسيءَ لاءِ شاهه سائينءَ جو هي شعر پيش ڪرڻ چاهيندس:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.
[b]علي احمد نائچ
[/b]