ڪھاڻيون

مٽيءَ هاڻا ماڻهو

اڪبر اديب پنهنجي ڏيک ويک سان ئي ڳالهين جو ڳهير لڳندو پر جنهن سندس هي ڪهاڻيون پڙهيون ته، اهو ان چوڻ کان نه رهي سگهندو ته ڄڻ ته، هي ڪهاڻيون لکيو نه پر ٻڌايون پيو وڃن ۽ ڪير آهي جيڪو هر ڪهاڻيءَ سان گڏ هميشه موجود رهي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جو ڪتاب کلڻ سان ئي ڪهاڻيءَ ۾ لهي پوي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ جي ڇولين ٻولين کي سهنج سريلپ ارپي اڳيان وڌائيندو ٿو وڃي.
  • 4.5/5.0
  • 1789
  • 695
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اڪبر اديب
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مٽيءَ هاڻا ماڻهو

زندگيءَ جي موڙ تي

لڳ ڀڳ ٽن مهينن کان ڪراچيءَ جي روڊن، رستن تي رولاڪ جيئن رُلي رهيو آهيان،نه ڪم نه ڪار ، ائين ئي بيروزگار ، يارن دوستن وٽ هاسٽل ۾ رهيل آهيان.هڪڙو دوست يونيورسٽيءَ ۾ انجنيئرنگ پيو ڪري، ۽ ٻيو دوست ميڊيڪل ڪاليج ۾ پيو پڙهي.
اهي ٻئي دوست مونسان پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا، ۽ پوءِ ڪاليج جي دنيا ۾ هر ڪو الڳ الڳ ٿي ويو، ۽ مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪري ڳوٺ ۾ ئي رهجي ويس. جي مان چاهيان ها ته، انجنيئرنگ ۾ هليو وڃان ها، پر مونکي پنهنجا شوق، ڪهاڻيون لکڻ، شعر و شاعري ڪرڻ، ڊراما لکڻ ۽ پيش ڪرڻ، ڊراما اسٽيج ڪندي ڪندي بس واهه واهه ۾ خوش رهيس. مٿان بابي سائينءَ جي ڪاوڙ مٿان ڪاوڙ.”ڇورا! روزگار سان لڳ، اهي ناٽڪ ڪم ڪونه ايندءِ، ڪائي نوڪري ڪر وڏو ماڻهو ٿيءُ.“
بابي سائينءَ جي نصيحت جو ڪو اثر نه پيو. مان اڳي کان اڳرو. ڊرامي مٿان ڊرامو پيش ڪرڻ لڳس. وقت ائين گذرندو پئي ويو.
مون وٽ ڊرامي بنا ٻي ڪا ڳالهه هئي ئي نه، هڪڙي ڏينهن بابو سائين به اچي تنگ ٿيو. مونکي جهلي ڪاوڙ مان چيائين، ”پنهنجا ٽپڙ کڻ، ۽ هاڻي جو هاڻي گهران نڪر، ٻيهر هن در تي پير نه پائجانءِ، جيستائين تون ڪنهن روزگار سان نه لڳين.“
مان ڪپڙا سهيڙي گهران نڪتس. وڏي سوچ ۾ گم سم. هاڻي وڃان ته ڪيڏانهن وڃان. کيسي ۾ ٽڪو به نه. دوستن ڏانهن نظر ڊوڙايم، ته ڪو به اهڙو دوست نظر نه آيو، جيڪو هن ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏئي. هر ڪو مون جهڙو ئي لڳو. ائين سوچيندي سوچيندي اچي اسٽيشن تي نڪتس. وائڙن جيان هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳس. سمجهه ۾ ڪا ڳالهه نه پئي آئي. ڪيان ته ڇا ڪيان، ڪيڏانهن وڃان!
ڪنڌ جهڪائي بينچ تي ويهي رهيس.
”شاهد، او شاهد.“
مون ڪنڌ کڻي جو ڏٺو ته، منهنجي سامهون انور بيٺو هو.
انور مون سان گڏ پڙهندو هو، سندس والد وڏو زميندار ۽ وڏي اثر وارو ماڻهو آهي، ٽي شاديون ڪيائين پر اولاد هڪڙو ٿيس، انور.
انور کي نوڪر چاڪر، بنگلا گاڏيون ۽ پئسي پائيءَ جي ڪا کوٽ ئي ڪونه، جيئن وڻيس تيئن پيو ڪري.
”ڪهڙين سوچن ۾ آهين؟ ڪيڏانهن پيو وڃين!؟“ انور مون کان پڇيو.
”گهران نڪتو آهيان، سوچيان پيو ته، ڪيڏانهن وڃان، مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي.“
”پوءِ سوچ ڪهڙي، هلي پئه ڪراچي، مون سان گڏ، نه فڪر نه غم، مان جو آهيان.“ هن بي فڪريءَ ۾ چيو.
”مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي.“
”پوءِ ڇا ٿيو، تون ڪا به ڳڻتي نه ڪر.“
مان چپ رهيس. هن نوڪر کي چيو، ”ڪراچيءَ جون ٻه ٽڪيٽون فرسٽ ڪلاس.“ هلي پيس ان سان.مون هڪ ڀيرو، پليٽ فارم تان شهر ڏانهن نهاريو، اسٽيشن جي سائن بورڊن ڏانهن آخري ڀيرو ڏٺم، لکيل هو ”خانڳڙهه جنگشن“.
اڄ ٽي مهينا گذري ويا آهن هت ڪراچي ايندي ۽ خانڳڙهه کي ڇڏيندي. نوڪري ڪونه اٿم. ائين دوستن سان هاسٽل ۾ رهان پيو. سوچيان پيو، هي دوست به پنهنجا پنهنجا امتحان پاس ڪري پنهنجن ڳوٺن ڏانهن هليا ويندا، مان ڇا ڪندس، ڪيترو عرصو هنن جي سهاري گذاريندس، نيٺ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو.اهو سوچيندي سوچيندي بندر روڊ تي نڪري آيس. مٿي آسمان ۾ ڪارا ڪڪر هوا جي زور تي اوڀر طرف وڃي رهيا هئا. هلڪي هلڪي ڪڻ ڪڻ ٿي رهي هئي.
ٽن ٽن ڪندي ٽرام صدر واري علائقي مان نڪري ڊنسو هال طرف وڃي رهي هئي، مان به انهيءَ طرف وڃي رهيو هوس، پر پيدل، پنهنجون سوچون، پاڻ سان گڏ هيون. سوچيان پيو ته بابو سائين سچ چوندو هو ته، ”ڊراما ڇڏ، نوڪري ڪر، روزگار سان لڳ.“ پر مون ان جي هڪ نه ٻُڌي، جيئن آيو، تيئن ڪيم. هاڻي ڪيڏو نه، منجهي پيو آهيان، دل ٿي چويم ته، جيڪراهي ڪهاڻيون، اهي ڊراما، اهي شعر اهو سڀ ڪجهه جيڪو مون لکيو آهي، کڻي نيٽي جيٽي واري پل تان هيٺ سمنڊ ۾ اڇلايان. انهن منهنجو وقت برباد ڪيو.
مان هلندو رهان ٿو، سوچون مون سان گڏ آهن. هڪ ڀيرو ٻيهر هتان ٽرام گذري، جيڪا صدر وڃي رهي هئي. هلڪي هلڪي ڪڻ ڪڻ ٿئي پئي، آهستي آهستي موسم ٿڌڪار جهڙي ٿيندي پئي وڃي. چانهه جي طلب ٿي، پر کيسي ۾ ڪجهه به ڪو نه هو، پنهنجي ڀاڳ تي ٻرڙاٽ ڪري روئڻ پئي چاهيم. لائيٽ هائوس جي سينيما جي سامهون فوٽ پاٿ تي اچي بيٺس. موسم وڻندڙ هئي، پر ڀاڳ ڦٽل.
ائين ئي اوچتو وڪٽوريا گهوڙا گاڏي اچي ويجهو بيٺي، مون ڏٺو، وڪٽوريا ۾ ٻه خوبصورت ڇوڪريون ويٺيون هيون. مان ٿورو پوئتي ٿي بيٺس، پر هنن مون کي سڃاتو هو. انهن مان هڪڙي مونکي سڏيو پئي.
”شاهد...شاهد!“
مون هيڏانهن، هوڏانهن ڏٺو، پر اُهي مونکي ئي نالو وٺي سڏي رهيون هيون.
”شاهد...هيڏانهن اچ، آءٌ توکي پئي سڏيان!“
مان اڳتي وڌيس، اڃان ويجهو ويس. هن مسڪرائيندي پڇيو، ”ڪو نه ٿو سڃاڻين.“
”ها،“ مون سڃاتو.
”حِنا!“
”ها، حِنا.“
”هت ڇا پيو ڪرين؟“ هن مرڪي چيو
”ڪجهه به نه، ڪڻ ڪڻ جو مزو پيو وٺان.“
”اچ...اچ ويهه مون سان گڏ.“
مان بنا سوچڻ جي هن سان گڏ ويهي رهيس.
وڪٽوريا هلڻ لڳي. مون هن ڏانهن ڏٺو. هُن مون ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪندي سوالن جي ڀرمار ڪري ڇڏي.
مون مختصر جواب ڏنو، ”بيروزگار آهيان، نوڪري نه ٿي ملي. زندگي سُورن ۾ گذري پئي. بدنصيب آهيان.“ هن ورنديءَ ۾ چيو، ”تو جهڙو نوجوان ۽ خوبصورت، جنهن وٽ علم جو وڏو ذخيرو ۽ فن جي کاڻ هجي، اهو ڪيئن ٿو بيڪار رهي سگهي. علم ۽ فن وڏي ڏات آهي، جيڪا قدرت ڪنهن کي سونپي ٿي، تون خوشنصيب آهين، قدرت تنهنجي مٿان مهربان آهي.“
”اهي سڀ بيڪار شيون آهن.“ مون چيو.
پهريائين هن مرڪيو، پوءِ چوڻ لڳي، ”تنهنجو مستقبل تمام سٺو آهي. ڏسجانءِ! آءٌ توکي ڪٿي ٿي پهچايان.“
مون کلندي چيو، ”تون ڪڏهن کان علم نجوم پرايو آهي.“
”پوءِ تون ئي ٻڌاءِ، تنهنجي هيءَ فنڪار هينئر ڪٿي آهي، سڄي دنيا ۾ منهنجي سڃاڻپ آهي، ڪير نٿو سڃاڻي مونکي، مون وٽ سڀ ڪجهه آهي، دولت جي کوٽ ڪونهي، اڃان اچي پئي، گاڏيون ، بنگلا، عزت شهرت، مونکي سڀ ڪجهه مليو آهي، پر مون وٽ وقت ڪونهي، ماڻهو وقت گهرن ٿا ۽ مون وٽ وقت ڪونهي، وقت جيڪو مون وٽ آهي. اهو ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيان، جيڪو وقت گهرندو آهي آءٌ ان جي قيمت گهُرندي آهيان.“
”تون ائين ڇو ڪندي آهين.“ مون هن کان پڇيو.
” ڇو ته وقت جو قدر ڪندي آهيان، وقت کي ائين اجايو وڃڻ نه ڏيندي آهيان. وقت مون وٽ قيد آهي.“ هن مرڪندي چيو.
ڪجهه گهڙيون خاموش رهياسين، پوءِ چوڻ لڳي، ”وقت کي جنهن نه سڃاتو، وقت جو جنهن قدر نه ڪيو، اهو ٺوڪرن ۾ رهندو.“
مان حيران رهيس، ۽ سوچڻ لڳس ته جڏهن هوءَ مون وٽ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هئي، تڏهن خاموش خاموش رهندي هئي، ۽ هينئر! هينئر گهڻو ڪجهه سکي وئي آهي.منهنجو سوچڻ به اجايو هو، ڇو ته جنهن مقام تي هوءَ هئي، اتي سڀ ڪجهه اچي ويندو آهي.
وڪٽوريا آهستي آهستي اڳتي وڌي رهي هئي، ڊنسو هال کان ميري ويدر تائين ۽ ٽاور کان نيٽيءَ جيٽي جي پل تي چڙهي پياسين. وڪٽوريا شايد ڪياماڙيءَ ڏانهن وڃي رهي هئي. برسات جو ساڳيو حال ٽم ٽم. ٻن ٽن ڪلاڪن جي انهيءَ برسات ماحول کي وڻندڙ بڻائي ڇڏيو هو. مون آسمان ڏانهن نهاريو، صرف ڪاراڻ نظر پئي اچي ۽ لڳي ائين پيو ته برسات بيهڻ واري نه آهي.
دل ۾ سوچيم ته، هينئر ڏکيا ڏينهن گذري ويندا، ۽ وقت منهنجو ساٿ ضرور ڏيندو.
”ڇا پيو سوچين!؟ “هن مسڪرائيندي پڇيو.
”سوچيان پيو، ڪيڏانهن هلون پيا، ڪهڙي منزل آهي.“مون به مرڪندي چيو.
”نه، تون ائين نه پيو سوچين، مان يقين سان چوان ٿي، تون ڪجهه ٻيو پيو سوچين.“ هن چيو.
مون جواب ۾ مسڪرايو.”ٻڌاءِ! ٻڌاءِ! حقيقت کي نه لڪاءِ.“ هوءَ وڏو ڪنڌ نهڪر ۾ لوڏيندي پڇڻ لڳي.
مون به وڏي نهڪار ڪئي ۽ جواب ۾ خاموش رهيس. پوءِ ڳالهه کي بدلائيندي پڇيم، ”هيءَ ڪير آهي؟“
”تو سڃاتو، هيءَ منهنجي ننڍي ڀيڻ آهي، ”زليخان“ اڄڪلهه ڪاليج ۾ پڙهي پئي.
”نه، مون ڪو نه سڃاتو. ڇو ته مون هن کي ڪونه ڏٺو آهي“
وڪٽوريا گاڏي ڪياماڙيءَ واري مزار جي سامهون اچي بيٺي. ٻنهي ڀينرن پنهنجن چادرن سان چهرو لڪايو ۽ گهڙي پيون مزار جي اندر.
مان به گاڏي مان هيٺ لٿس. منهنجي سامهون ”غيبن شاهه بابا“ جي مزار هئي. چوندا آهن ته هت انسان جي هر دعا قبول ٿي ويندي آهي، پر نيت ۾ سچائي هجي.
مان به گهڙي پيس مزار جي اندر ۽ انهن جي پٺيان اچي پلٿي ماري ويهي رهيس. هنن دعائن لاءِ ٻئي هٿ مٿي ڪيا ۽ دعا گهرڻ لڳيون.حنا ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺو ۽ مونکي به ائين ڪرڻ لاءِ اشارو ڪيو. مان به ائين ڪرڻ لڳس. جيئن انهن پئي ڪيو. دعا گهرڻ کانپوءِ، اهي ٻئي ڄڻيون ويجهو ٿي منهنجي ڀر ۾ ويهي رهيون.”تون بابا کان دعا ۾ ڪجهه گهريو.“ حنا مون کان پڇيو.
”نه“
”ڇو“
”ڇا گهُران.“ مون جواب ۾ چيو.
”جيڪي تنهنجي دل ۾ آهي، گُهر.“ هن چيو.
”منهنجي دل ۾ سارو سمنڊ آهي،“ مون هنجي اکين ۾ گهوريندي چيو. هن ڪجهه دير اکڙيون، اکڙين سان ملايون ۽ پوءِ جهڪائي ڇڏيون. ڪجهه گهڙيون خاموش رهي، ۽ پوءِ مون ڏانهن ڏٺو. مون ٻئي هٿ دعا لاءِ مٿي کنيا ۽ اکيون بند ڪيم.
سڀ غم ۽ درد وساري، دنيا کان بي خبر ۽ بي نياز سڪون سان دل جو آواز پهچائي رهيو هيس، مان خدا جي اڳيان دعا گهري رهيو هيس. مون کي جيڪي ڪجهه گهرڻو هو گهري ڇڏيو.
جڏهن اکيون کوليم. تڏهن هوءَ منهنجي ڀر ۾ بلڪل ويجهو، ايترو ويجهو جو هن جي ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ پئي آيو. مون هن ڏانهن ڏٺو، هوءَ مرڪي رهي هئي.
”هلئون!“ هن پڇيو.
”هلو“ مون چيو،
مزار کان ٻاهر نڪتاسين، مون هوٽل ڏانهن ڏٺو گرم چانهه جي ڪٽلي دونهان پئي ڇڏي. چانهه جي طلب وڌندي پئي وڃي.
وڪٽوريا ٽانگي تي ويٺاسين، ۽ واپسيءَ لاءِ روانه ٿياسين. برسات بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي.
”توکي اهڙي برسات ۾ مزار تي اچڻ نه کپي ها.“ مون هن کي نصيحت ڪندي چيو.
”منهنجو اهو معمول آهي، جيڪڏهن مان هت هونديس ته هر خميس جي رات حاضري ڀريندي آهيان... پرڇڏ انهن ڳالهين کي تنهنجو سامان ڪٿي آهي؟“ هن پڇيو.
”هاسٽل ۾.“
”ڪٿي ؟“
”بندر روڊ هاسٽل ۾ “
”پهريائين اتان سامان کڻنداسين ۽ پوءِ گهر هلنداسين.“
وڪٽوريا گهوڙا گاڏي آهستي آهستي هلندي اچي هاسٽل وٽ پهتي. مون پنهنجن دوستن کان موڪلايو ۽ سامان کڻي اچي ٽانگي تي ويٺس. سامان ڇا هو، هڪ ٽين جي پيتي، جنهن ۾ ڪپڙن جا جوڙا پيل هئا. گاڏيءَ ۾ اچي ويٺس ۽ گاڏي هلڻ لڳي، جامع ڪلاٿ، تبت سينٽر کان ٿيندا، قائداعظم جي مزار کان سولجر بازار پهتاسين، هڪڙي بنگلي اڳيان گهوڙا گاڏي بيٺي. اسين لهي پياسين. برسات به آهستي آهستي تيز ٿيندي وئي.
تڪڙا تڪڙا بنگلي ۾ گهڙي پياسين. مون سامان هڪڙي پاسي رکيو، ويهي رهيس صوفي تي. ٿڪاوٽ به محسوس ڪيم ۽ چانهه جي طلب به ڏاڍي لڳي. اهي ٻئي پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليون ويون.
واپس آيون ته منهنجي حيرانيءَ جي ڪا حد نه رهي جو هو ٻئي هڪ جهڙيون. روپ ۽ رنگ هڪ جهڙو. ويس ۽ وڳو ۽ سينگار به هڪ جهڙو. هنن جي مسڪراهٽ به هڪ جهڙي. فرق صرف حنا جي چهري تي چپن هيٺان تِرِ جو نشان هو، جيڪو ان جي خوبصورتيءَ کي اثرائتو بڻايو بيٺو هو. مان حيرانيءَ ۾ ڏسندو رهيس.اهي صوفي تي اچي ويٺيون. انهن جي پٺيان انهن جي ماءُ به هئي.
هوءَ به مسڪرائيندي اچي منهنجي ڀرسان ويٺي. وڏي آڌرڀاءُ سان ملي، حال احوال ڪرڻ لڳي. گهڻن سالن کان پوءِ هن سان ملي رهيو هيس.جڏهن ”حنا“ ڊرامن ۾ ڪم ڪندي هئي، تڏهن هوءَ ساڻس گڏ هوندي هئي.
چوڻ لڳي، ”هي ٻئي جاڙيون آهن. انهن ۾ رتي به، فرق ناهي، قدرت جو شان آهي. هڪڙيءَ جو درد ٻي محسوس ڪري وٺي ٿي.“
”امان.“ مون چيو. ”اهو قدرت جو ڪيڏو نه شان ۽ ڪاريگري آهي، جو هڪ جهڙا ماڻهو پيدا ڪري، انسانن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو اٿس. هيءَ ڪائنات به ايتري حسين آهي جو انسان پنهنجي مالڪ جي تعريف ۽ حمد و ثنا ۾ لڳي وڃي ٿو، اتي ڀٽائي سائين فرمائي ٿو، ”پاڻهين جل جلالھ، پاڻهين جان جمال، پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حسن ڪمال.“
”واهه! واهه!!ڀٽائي سائين سچ فرمايو آهي.“ هن جي ماءُ چيو.
ايتري ۾ نوڪرياڻيءَ چانهه آندي، گرم چانهه سان گڏوگڏ محفل به گرم ٿيندي وئي. زمانن جون يادون رنگين تاڪين جيان کلي پيون. سوچيم، اڄ قسمت جي ديوي مون تي مهربان آهي، دريءَ مان ٿڌي ٿڌي هير اچڻ لڳي.
”تون منهنجي قسمت بدلائي ڇڏي، ڏس! آءٌ ڀاڳ جي بلندين تي آهيان.“ حنا چيو.
”وقت جي وير ڪڏهن انسان کي بلنديءَ تي پهچائي، ۽ ڪڏهين پاتال ۾ اڇلائي.“ مون جواب ۾ چيو.
”اهڙي وقت کي آءٌ ٺوڪر هڻي ڇڏيندس، وقت منهنجو ويري نه ٿيندو، وقت منهنجو غلام هوندو، غلام.“ هن پوري ڀروسي ۽ غرور سان ورجايو.
مون جواب ۾ مسڪرايو.
”۽ تنهنجي قسمت کي آءٌ بدلائينديس، تون ڏسندين، زمانو ڏسندو، تنهنجو نالو هوندو، عزت، دولت ۽ شهرت هوندي. تو وٽ اهو سڀ ڪجهه هوندو، جيڪو تون چاهيندين.“ هوءَ هڪ ساهي ۾ چئي وئي.
مون موضوع کي بدلائيندي، پڇيو ”ڇا زليخان کي به اداڪاريءَ جو شوق آهي؟“
”جي نه، هن کي صرف پڙهائيءَ سان شوق آهي، ڪاليج جي آخري سال ۾ آهي، اڳتي ڊاڪٽر ٿيڻ چاهي ٿي، هونءَ به آءٌ نه ٿي چاهيان ته هوءَ اهڙو شوق رکي ۽ مون جهڙي ٿئي.“
”ڇو تو جهڙو ٿيڻ ۾ ڪو عيب آهي!؟“ مون پڇيو.
”نه عيب نه آهي، پر قدم قدم تي وڇون ويٺل آهن، اهي ڏنگي، پوري جسم ۾ زهر ڀري ٿا ڇڏن ۽ پوءِ اهي ڏنگ ماڻهوءَ کي نه جيئڻ جهڙو ٿا ڇڏن ۽ نه مرڻ جهڙو.“ هن زهر ۾ ٻڏل تيز ۽ تِکي ڳالهه ڪئي.
هن کي وقت، ماحول ۽ تجربي سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيو هو. مون زليخان ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو. ان مرڪندي چيو، ”مون کي صرف پڙهائيءَ سان شوق آهي، منهنجي باري ۾ منهنجي ڀيڻ سوچي ٿي ۽ منهنجي سوچ پڻ ساڳئي آهي.“
”انسان کي سوچ هجي ته مشڪل کان مشڪل مرحلن کان به اک ڇنڀ ۾ گذري ويندو آهي ۽ مستقبل به روشن رهي ٿو.“ مون هن جي سوچ جي تائيد ڪندي چيو.ڪچهريءَ ۾ اڃا گرما گرمي هلي پئي ته ڪجهه مهمان اچي ويا.
”شهزادي“ حنا پنهنجي نوڪرياڻي کي سڏي ورتو.
”جي سانئڻ“ شهزاديءَ ورنديءَ ۾ پڇيو.
”صاحب کي باٿ روم ڏيکار.“هن مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو. مان هليو ويس هن سان گڏ ۽ خوب تڙ ڪيم ۽ ڪپڙا تبديل ڪري ٻاهر نڪتس. سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ختم ٿي ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيم.
چانهه جو هڪ ڀيرو ٻيهر دور هليو. حنا مهمانن سان تعارف ڪرايو.
” هن سان ملو، هي آهي ميان گل بيگ، فلم انڊسٽريءَ جو مشهور هدايتڪار، فلم ساز، تو هن جو نالو ٻڌو هوندو.“ حنا مون کان پڇيو.
”جي ها، هنن جي نالي کان ڪير واقف نه هوندو، هنن جون گهڻيون فلمون مشهور ٿيون آهن، انهن مان ڪجهه فلمون اوهان جون به آهن، هن جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي.“ مون ميان صاحب سان هٿ ملائيندي چيو. هن مسڪرايو. حنا هڪ ٻي شخصيت سان ملايو.”هي منهنجو محسن آهي، هن جي مدد سان مان اڄ هن مقام تي پهتي آهيان، جو هن جو ساٿ نه هجي ها ته شايد مان ڪنهن ڪوٺي تي ناچ گانو پئي ڪيان ها.“ ان وڏي پيار ۽ قرب مان مون سان هٿ ملايو.هُو ٻئي مرڪي رهيا هئا. هنن جي مرڪ ۾ ڪيئي راز ڇپيل هئا.
ان مرڪ مان مون محسوس ڪيو ته دولت ۾ وڏي طاقت آهي. دولت جي زور تي انسان جي وجود کي ته خريد ڪري سگهجي ٿو، پر انسان جا ارادا به بدلائي سگهجن ٿا. ”اي! ڇا پيو سوچين؟ واپس اچ.“ حنا هٿ لوڏي مرڪندي چيو.
مون مسڪرايو، ”تعارف اڻپوروآهي.“ چئي ڏنم.
”ها، هي آهن جناب چوڌري شهباز خان.“ هُن ٻڌايو.
”چوڌري به ته، خان به .“ مون مذاقن چئي ڏنو.
”ائين ئي سمجهو.“ هن مرڪندي چيو.
مون چوڌري سان هٿ ملايو.چوڌري هٿ ملايو ۽ پوءِ مُڇن کي مروٽڻ لڳو. مون چوڌري ڏانهن ڏٺو ۽ هن مون ڏانهن ڏٺو. مُڇن جي مروٽ سروٽ اڃا جاري هيس.
سوچ ۾ پئجي ويس ته، چوڌري اشارن ۾ ڪجهه چئي رهيو آهي يا اها هن جي عادت آهي. خير جيڪي هوندو تنهن کي ڏٺو ويندو.
مون حنا ڏانهن ڏٺو، هوءَ هدايتڪار سان ڳالهائي رهي هئي. مون کي اشاري سان سڏيائين. ويجهو ويس.چيائين، ”ميان صاحب توکي پنهنجو اسسٽنٽ ڪري رکيو آهي، هن سان گڏجي ڪم ڪندين؟ هن جي تجربن مان فائدو وٺندين ته، اها تنهنجي منزل جي شروعات هوندي .“
”ٺيڪ آهي.مان ڪوشش ڪندس ته هنن کي ڪا شڪايت نه رهي.“مون خوش ٿيندي چيو.
ميان گل بيگ، پنهنجي کيسي مان ڏهه هزار ائڊوانس طور خرچ لاءِ ڏنا ۽ ٻئي ڏينهن تي فلم اسٽوڊيو ۾ اچڻ لاءِ چيو.
حنا پنهنجي پرس مان چاٻين جو ڇلو ڪڍيو ۽ مونکي ڏيندي چيائين.منهنجي بنگلي جي ڀر وارو بنگلو في الحال تون استعمال ڪر، اهو بنگلو به منهنجو آهي.مون حنا ڏانهن نماڻين اکين سان ڏٺو. هوءَ مرڪي پئي.
رات جي ماني سڀني گڏجي کاڌي ۽ پوءِ مان پنهنجين نئين گهر ڏانهن روانو ٿيس.
صبح جو دير سان اُٿيم، رات جي ٿڪاوٽ کان مون پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيو. اڄ مننهجي لاءِ فلم اسٽوڊيو وڃڻ جو پهريون ڏينهن هو، ترت تياري ڪيم ۽ روانو ٿيس.
زندگيءَ جي نئين موڙ تي پهچي ويس. گلستان فلم اسٽوڊيو.، فلمي دنيا سان واسطو رکندڙن لاءِ ... گيٽ مان گهرڻ سان کاٻي لائين سان ڪمرا ٺهيل هئا، جن جي درن تي فلمسازن ۽ هدايتڪارن جا نالا لکيل هئا.
انهن جي اڳيان رستو ۽ پوءِ خوبصورت باغيچو، جنهن جي وچ ۾ هڪ وڏو ۽ خوبصورت ڦوهارو ۽ چئني پاسن کان رنگدار گل، ٻوٽا ۽ ڪيتريون وليون هيون.
ٿوري ٿوري فاصلي تي ميويدار وڻ پڻ خوبصورت لڳي رهيا هئا. باغيچي کانپوءِ اسٽوڊيو شيڊ ٺهيل هئا، جن ۾ مختلف فلمن جا سيٽ لڳل هئا. سرچ لائيٽون ٻرڻ سان اهي سيٽ خوبصورت لڳي رهياهيا.
گيٽ جي ساڄي پاسي اسٽوڊيو مالڪ جي آفيس ۽ انهيءَ ڀرسان فلم ٽيڪنيشن جا روم ٺهيل هئا. انهن جي اڳيان به هڪ خوبصورت ۽ ويڪرو باغيچو هيو. ٿورو اڳڀرو هلبو ته فلم اسٽوڊيو جي مالڪ جو بنگلو ۽ ڀرسان پرائيويٽ رومس ٺهيل هئا، جيڪي هدايتڪارن ۽ اداڪارن جا هئا. اهي رومس نه هئا ڄڻ ننڍا ننڍا بنگلا هجن، جيڪي ڪاروبار ۽ آرام ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا.
ويهن ايڪڙن تي ٻڌل گلستان فلم اسٽوڊيو هڪ ننڍڙو شهر هو، جنهن ۾ ٻارهو ئي ميلو متو پيو هو. رات ۽ ڏينهن هڪ جهڙو پئي لڳو. هتي اچڻ کانپوءِ ٻاهر جي دنيا وسريو وڃي. هيءَ هڪ الڳ دنيا آهي، مطلبي دنيا، جنهن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون ۽ مري وڃن ٿيون.
ڪنهن کي به ڪنهن سان همدردي ناهي، هر ڪو پنهنجي عقل ۽ محنت جا گهوڙا ڊوڙائي، جيڪو سوار ڪريو، ان کي کڻي ٻاهر اڇلايو ويندوآهي.مون سوچي ڇڏيو هو ته، مونکي ڇا ڪرڻو پوندو. شيڊ نمبر پهرئين ۾ هليو ويس، اتي منهنجو انتظار ميان صاحب ڪري رهيو هو. ٻين ٽيڪنيشن سان تعارف ڪرايو ويو ۽ پهرين ڏينهن کان منهنجي ڪم جي شروعات ٿي.
وڏي ۽ ويڪري هال ۾ هير جي حويلي نما گهر جو سيٽ لڳل هو. انڊور هير جي شوٽنگ ٿيڻي هئي ۽ هت سڀني کي حِنا جو انتظار هو. حنا انهيءَ فلم ۾ هير جو ڪردار ادا ڪري رهي هئي. هدايتڪار ميان صاحب، بيچينيءَ سان هيڏانهن کان هوڏانهن ڦيرا پائي رهيو هو ۽ رکي رکي پنهنجي گهڙيءَ ۾ ٽائيم پئي ڏٺائين. ٺيڪ ٻارهين وڳي حنا پنهنجي نوڪرياڻيءَ ۽ چوڌري صاحب سان گڏ سيٽ تي پهتي.
هُن مرڪي سڀني کي سلام ڪيو ۽ ميان صاحب کي چوڻ لڳي، ”ميان صاحب! گهڙيال ٻارهن پيو ٻڌائي. آءٌ وقت تي پهچي وئي آهيان، فڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ۽ هاڻي تنهنجي حوالي آهيان.“
”مهرباني، مهرباني، اها تنهنجي خوبي آهي، جو وقت تي پهچي ويندي آهين، انتظار نه ڪرڻو پوندو آهي.“ ميان صاحب مرڪي پيو.
حنا ڊريسنگ روم ۾ هلي وئي. ڪجهه دير ۾ هير جي گيٽ اپ سان اچي سامهون بيٺي.
لائيٽون آن ٿيون، آواز خاموش ٿي ويا ۽ هير پنهنجي سيٽ تي ڪردار نڀائي رهي هئي.
ڪيمرا جي اک پوري ماحول جو جائزو وٺي رهي رهئي، ۽ عڪس بندي شروع ٿي وئي.
مان پورو تماشو مزي مزي سان ڏسي رهيو هيس. وقفي وقفي سان اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ اچي رات جا ٽي ٿيڻ لڳا، اڄوڪو سلسلو اتي ختم ٿيو. اهڙيءَ طرح اهو سلسلو ڪيئي راتيون ۽ ڪيئي ڏينهن، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي، فلم جي شوٽنگ هلندي رهي ۽ فلم مڪمل ٿي. فلم جو آخري مرحلو، ايڊيٽنگ شروع ٿي وئي. هدايت ڪار سان گڏجي ايڊيٽنگ روم ۾ ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون گذاري ، فلم مڪمل ڪري پوءِ فلم ساز جي حوالي ڪئي سين.
اهڙيءَ طرح حنا جون ٻيون فلمون به آهستي آهستي مڪمل ٿينديون ويون ۽ هن نيون فلمون کڻڻ کان لاچاري ڏيکاري ڇڏي.
آءٌ هن جي انهيءَ فيصلي کي سمجهي نه سگهيس، ۽ سوچ ۾ پئجي ويس. مون انهيءَ جو ذڪر ميان صاحب سان به ڪيو،.
هن انديشو ظاهر ڪندي پوري ڳالهه مون سان ڪري ورتي. مونکي هُن جي انهيءَ انديشي فڪر ۾ وجهي ڇڏيو.
وقت آهستي آهستي گذرندو ويو. مون گهڻيون ڪامياب فلمون باڪس آفيس ۾ پهچايون. فلمي دنيا ۾ صرف منهنجي نالي جو سڪو هلي رهيو هو. ميان صاحب گهڻو ڪجهه منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ مان هن جو هر طرح جو خيال رکندو رهيس.
هڪ ڏينهن اوچتو حنا هتان هلي وئي، ۽ سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ ڇڏي وئي.
گهر، ماءُ، ڀيڻ ۽ فلمي دنيا.سڀ کي ويران ڪري وئي.منهنجي دل جي دنيا به خالي ٿي وئي.
مون پاڻ کي ٿر جي رڃ ۾ اڃايل هرڻ جيان محسوس ڪيو، جيڪو اُڃ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو وتندو آهي..
پنهنجي دل جي آئيني ۾ گذريل وقت جون يادون فلم جيان ڏسڻ ۾ پئي آيون. هن سان جيڪي گهڙيون گذاريم سي ياد پئي آيون. مونکي خبر پئي ته، ”مونکي ته هن سان محبت ٿي وئي آهي“ جيڪا مون هن جي وڃڻ کان پوءِ محسوس ڪئي. گهر ۾، جيڪا هن جي ڪري رونق هئي سا به ختم وئي هئي، بس خاموشي خاموشي ۽ اداسي، هوءَ هلي وئي خوشيون پاڻ سان گڏ کڻي.
وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو. چار سال گذري ويا. زليخان ڊاڪٽري پاس ڪري ورتي هئي. هينئر هوءَ ڊاڪٽر هئي. انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪ دعوت جو اهتمام ڪيو ويو، شهر جي وڏن ماڻهن کي ڪوٺايو ويو. مونکي سڀ کان وڌيڪ خوشي ٿي جو آءٌ وڏي ذميداريءَ کان آزا ٿي رهيو هيس. مون انهيءَ دعوت ۾ حنا کان مليل سڀ ڪجهه ڊاڪٽر زليخان جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ هوءَ بلڪل راضي نه هئي، پر مون ائين ڪيو، جيئن مون سوچيو هو ۽ وقت جو انتظار ٿي ڪيو.انهيءَ سان گڏوگڏ مون فلمي دنيا ڇڏڻ جو به اعلان ڪيو. جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا. مون ڪجهه چهرن تي نظر وڌي، جيڪي اُداس هئا. ميان صاحب مون ڏانهن وڌي آيو ۽ چوڻ لڳو، ”تون ائين ڇو پيو ڪرين؟“
آءٌ خاموش رهيس. هن سوال ٻيهر ورجايو. مون چيو، ”مون وٽ انهيءَ لاءِ ڪو جواب ڪونهي“
ڊاڪٽر زليخان جي ماءُ منهنجي ويجهو هلي آئي ۽ پڇڻ لڳي، ”تون ڇو سڀ ڪجهه ڇڏي رهيو آهين.“
مون هن ڏانهن ڏٺو ۽ چوڻ لڳس، ”مان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهيان.“
منهنجي انهيءَ جواب ڏيڻ تي هوءَ سمجهي وئي ته منهنجي دل ۾ ڪنهن لاءِ محبت هئي. ڪنهن بنا اڪيلو محسوس ٿي ويو آهيان.
مون چوڻ شروع ڪيو، ”مونکي ڪنهن کان به شڪايت ناهي، شڪايت آهي ته پنهنجي دل کان، جنهن پنهنجي اندر روڳ پيدا ڪيو، شڪايت آهي ته پنهنجي قسمت کان، جنهن ساٿ نه ڏنو، شڪايت آهي ته مونکي پنهنجو پاڻ سان جنهن پاڻ کي نه سڃاتو. چار سال مون خوشي ۽ غم جي گڏيل واچوڙي ۾ گذاري ڇڏيا. ائين ئي مان تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو گهران نڪري آيس ۽ اچي سمنڊ ڪناري پهتس. منهنجي پٺيان ڊاڪٽر زليخان اچي پهتي. شام جو وقت هو.دل اُداس هئي.
زليخان منهنجي ڀرسان بيٺل هئي.
سمنڊ ۾ اڄ جا مستي هئي سا مون اڳ ڪو نه ڏٺي هئي. هن جون ويرون ۽ لهرون وڏي بلنديءَ تائين اڀري رهيون هيون. شام جو پهر هو. مينهوڳيءَ جي مند هئي. ڪڏهن ڪڏهن آواره بادل سج جي چهري کي ڍڪيو ٿي ڇڏيو. مون پري سمنڊ کان مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو، سج ۾ ڳاڙهاڻ هئي ۽ هن جا ڪرڻا سمنڊ ۾ ڪري پاڻيءَ ۾ جذب ٿي رهيا هئا. مان وري زندگيءَ جي ان موڙ تي اچي بيٺو هيس، جتان مون شروعات ڪئي هئي. آهستي آهستي ڪڻ ڪڻ به شروع ٿي وئي، ۽ سج پنهنجي روشني سان گڏ گم ٿي ويو. آخري ڀيرو ٻيهر.
مون آسمان ڏانهن نهاريو. منهنجي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا. الائي ڇو! ايترن سالن کانپوءِ حنا جي ياد جذباتي ڪري ڇڏيو هو. مان هن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هيس، پر هوءَ ڇڏي هلي وئي. ايترن سالن ۾ هن هڪ ڀيرو به ياد نه ڪيو نه ئي ڪنهن سان رابطو رکيو. هن جي انهيءَ رويي مونکي وڌيڪ جذباتي ڪري ڇڏيو هو. مون سوچي ڇڏيو هو ته منهنجي زندگي هُن بنا اڻپوري ئي رهندي. وسڪارو شروع ٿي ويو، ۽ لڙڪ منهنجي اکين مان وهڻ لڳا، سڏڪن ۾ پئجي ويس.
زليخان وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان آٿت ڏيندي رهي. هُن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.
چوڻ لڳي، ”جي چاهين ته تون پنهنجي زندگي نئين سر شروع ڪري سگهين ٿو آءٌ تنهنجو ساٿ ڏينديس.“
مون انڪار ڪيو: ”آءٌ واپس ويندس، واپس خانڳڙهه.“
مون سمنڊ ڏانهن آخري ڀيرو ڏٺو، وڏي مستي ۾ هو، ڇوليون ئي ڇوليون هيون، اکين منجهه ۽ دل ۾ به. اتان اسين عبدالله شاهه غازيءَ جي مزار تي آياسين ۽ پوءِ ڪياماڙي سيد غبن شاهه جي مزار تي حاضري ڀري گهر پهتاسين.
زليخان پنهنجي گهر هلي وئي ۽ آءٌ پنهنجي گهر.مان تڙ تڪڙ ۾ تيارٿي ڪينٽ اسٽيشن تي اچي پڳس. رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا، اڃا ٽرين وڃڻ ۾ ڪلاڪ باقي هو. وسڪارو تيز ٿيندو ٿي ويو. منهنجي بيچيني ۽ بيقراري ۾ به اضافو ٿيندو ٿي ويو.مان ٽڪيٽ گهر ڏانهن وڌيس.کڙڪيءَ ۾ هٿ وڌائي چيم ”هڪ ٽڪيٽ ”خانڳڙهه“ اوچتو ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، چيائين،“ هڪ نه ٻه ٽڪيٽون خانڳڙهه.“
مون ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو. حيران ٿيس.
حنا هئي.
حنا، جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڪاغذ هو، جيڪو مونکي ڏيکاري رهي هئي، مون ڏٺو ڪاغذ تي لکيل هو ، ”طلاق نامو“ ۽ پوءِ پليٽ فارم تي نظر ڦيريم ته، سامهون زليخان منهنجو سامان کنيون مرڪي رهي هئي. ساڻس گڏ سندن امڙ ۽ ميان صاحب به موجود هئا. مون ڏٺو حنا جي مک تي ساڳي اجري ساروڻين واري مرڪ هئي ۽ مون پڻ مرڪندي هٿ دريءَ مان واپس ڪيو.
***