احساسِ محبت
”ساٿي جي تون اهي ڳالهيون ٿو حل ڪري سگهين ته پوءِ مان عورت ذات ڇا ٿي ڪري سگهان، پريم وهه ته پي ورتو اٿم، هاڻ پنهنجي حالت اها آهي جو ڏينهن جو سک، راتين جو چين نهوڙي، بيقرار ۽ اڃايل اميد ڀرين اکين سان لٽائي ويٺي آهيان، گهر ۾ به رڳو وحشت پاڇو بڻجي پٺيان لڳل آهي، گهر ۾ ته ڪنهن سان ڳالهائيندي ائين لڳندو اٿم ڄڻ بيسود ڳالهايان ٿي، سڀ اوپرا، ماحول اوپرو، گهر اوپرو ڄڻ ڀلجي ڪنهن گهر ۾ قدم رکي ويٺي آهيان، امجد اها حالت ڏسي ڪئين ڀيرا پڇيو آهي مگر مون کيس کٿو جواب ڏيئي خاموشي اختيار ڪئي، هن جو ته هر لفظ مونکي زهريلو تير محسوس ٿيندو آهي. مان ته سڌي منهن هن ڏانهن ڳالهايان به ڪو نه، ڌاريو ايئن چوندو ته هي زال مڙس ئي نه آهن. مان ته چاهيندي آهيان ته هن کان دور هن جي پاڇي کان دور، پري اصل پري اهڙي هنڌ نڪري، وڃان جتي اسان ٻئي هجون ۽ وقت زندگي لازم ملزوم بڻجي فرحتن ۽ لذتن جا لاڏ ڪن، بهارن جو رقص هجي.“ مهرو پنهنجون نظرون سنڌوءَ جي هن پار اڇلائيندي چيو ته ڄڻ هن کي منزل اکين آڏو هجي.
”مهرو اهي سپنا، ويچار ۽ اڌما توڙي منزل ۽ ان راهه جو روڳ اسان ٻنهن جو هڪجهڙو ئي نه آهي، مونکي ته هر شئي کان نفرت، هن سماج جي هر نظام هر ٻنڌن، هر جوڙجڪ جي قانون کان نفرت ٿي پئي آهي. پريشانين جا ولر غلام بڻائي سوچڻ جا سهارا کسي وٺندا آهن، تڏهن مان پاڻ کي بلڪل هيڻو ۽ نيستو محسوس ڪندو آهيان، جيتوڻيڪ ننڍو صوبيدار آهيان پر مان ته هن نوڪريءَ کان به باغي ٿي پيو آهيان، پر جڏهن تنهنجو ڀولو ڀالو منهن تصور ئي تصور ۾ آڏو ايندو آهي دل مضبوط ٿي پوندي آهي ۽ مان هڪ خاص تراوت ۽ فخر پاڻ ۾ محسوس ڪندو آهيان. بس انهي انتظار ۾ هوندو آهيان ڪڏهن ته اسان جو ميل ٿيندو، ڪڏهن ته سک جون گهڙيون گهنگهور گهٽائن جيئن ڀرجي اينديون ۽ پوءِ سپنو سپنو نه رهندو، ويچار تڙپي تڙپي ساهه وڃائي ويندا، اسان هونداسين، سانوڻ جي سرهاڻ هوندي، بوندون بس نه ڪنديون، مينگهه ملهار مچي ويندي، هر رات چوڏهين جي چانڊاڻ پر اهي ڳالهيون به ته تدبيرن سان پوريون ٿينديون، لڪير جا فقير ٿي قدرت جي در تي ڪرڻ سان ڪجهه ڪو نه ورندو، تنهنجو ۽ منهنجو جوڙ آهي، سماج ڪيترو نه سنگدل آهي جو بغير تنهنجي رضامندي جي تنهنجو بي جوڙ سان زوري جوڙ ڪيو آهي، تون طلاق جي ڪوشش ڪر، ڇو ته توکي تنهنجون ملندڙ خوشيون به ڪين مليون آهن پوءِ قانون جو سهارو وٺڻ جو ڪهڙو عيب آهي.“ انور سڌو ٿي ويهندي چيو.
”وٺان به ڪيئن وٺان، عورت ذات هميشه گونگي ٻوڙي ٿيندي آهي، ماءُ پيءُ ڳلو گهٽي ماري ڇڏيندا، ايتري وت ۽ قوت هجي ها ته اڄ انتظار بڻجي پاڻ سوچن جي محلن سان سر ڪو نه ٽڪرايون ها، ائين چورن جيان هڪ ٻئي سان دل جو حال ونڊي دک درد ڪو نه ونڊيون ها.“ مهرو جذباتي لهجي ۾ انور کي چيو. ”خير ڪجهه نه ڪجهه سوچڻو ئي پوندو، ائين ويهي ويهي روئڻ مان ڪجهه ڪين ورندو، مان توکي اپنائڻ جو فيصلو دل سان ڪري چڪو آهيان، پٺتي ته مان به ڪين ورندس، افسوس جو مان پڙهيل بزدل آهيان، ڄٽ هجان ها ته اڄ ائين اکٻوٽ پاڻ کي به ڪو نه ڪرڻ کپي ها، خير وقت ۽ نينهن جي ڳانڍاپي سان رستي جا جبل هٽائڻا ئي پوندا، راهون اسانجون آهن، پنڌ اسانجا آهن، ڀڄي هلڻ سان بدناميءَ جا پر لڳندا، ائين پاڻ کان به ڪجهه ڪين ٿيندو، خير ڪا ڳالهه ناهي منزل نيٺ جلد هن جبلن کي جهوري رستو ۽ ماڳ ماڻيندي.“ انور سگريٽ دکائيندي چيو، ”بس انور تون ئي ڪجهه سوچ منهنجو ذهن ايترو قوت ڀريو ڪين آهي.“ مهرو چيو ۽ کن پل بيٺي خاموش رهيا، خاموشيءَ جو سمان تڏهن ٽٽو جڏهن مهرو چيو.
”چڱو انور هينئر ڪافي دير ٿي چڪي آهي، هاڻ مونکي هلڻ گهرجي.“
”مگر ايترو جلد.“ انور واچ ڏانهن ڏسندي چيو.
”ڏاڍو سياڻو آهين، ڪڪرن جي ڪري ڀليو آهين، ڏس سج لهڻ تي آهي.“ ايترو چئي مهرو برقعو پائي اٿي بيٺي.
”هل نه“ مهرو چيو.
”نه مونکي هٿ سان ڇڪي اٿار.“ انور ڪرندي چيو.
”ڏاڍا نخرا سکي پيو آهين.“ چئي مهرو هٿ هٿ ۾ ملائي ڇڪ ڏني ۽ انور کلندو مهرو جي اکين ۾ گهوريندي اٿي بيٺو.
”انور انهن نظرن سان مونکي نه ڏسندو ڪر.“ مهرو چيو.
”ڇو انهن نظرن ۾ جادو سمويل آهي ڇا؟“
مونکي الاءِ جي ڇا ٿي ويندو آهي، هونئن به تنهنجون نظرون ائين هونديون آهن ڄڻ چور ڏانهن ٿو ڏسين.“ مهرو کلندي چيو.
”هونءَ به ته دل چور آهين چري،“ چئي انور کلڻ لڳو، ڇرڪ تي راهون جدا جدا ٿيون ۽ انور سرڪندو گهر پهتو، ڪمري ۾ صبح جو لائٽ سان اوجاڳيل اکين کي ڇنڀي اٿي تيار ٿي آفيس پهتو.
”هلو مسٽر انور، هينئر جو هينئر هڪ جمعدار ۽ ٽي ڪانسٽيبل وٺي جوابدار منير پويان وڃ، عورت جي اغوا جو ڪيس آهي، اڃان شهر کان ڪجهه پنڌ نڪتا هوندا، اڇي ٽويوٽا نمبر ZB 332 اٿيئي.“ ايس-ايڇ-او چيو.
”YES SIR“ چئي انور سليوٽ ڪيو ۽ سپاهي وٺي گاڏي ۾ چڙهيو. انور پاڻ ڊرائيو ڪري رهيو هئو، گاڏي شهر مان ڪڍي هاءِ وي تي آندائين، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارون وڃي رهيون هيون، اڃان ٽرئفڪ هلڪي هئي. انور جون نظرون بدستور هاءِ وي تي هيون. اڳيان اسپاٽ سنئون سڌو روڊ هئو، ايڪسيليٽر تي پير جي زور سان اسپيڊ ميٽر رفتار ۾ واڌ ڏيکاري رهيو هو. پنجاهه ميلن تائين انور ڪنهن گاڏيءَ کي ڪراس ڪرڻ ڪو نه ڏنو ۽ گاڏي اڃان به بدستور تيزيءَ سان وڃي رهي هئي. انور دور نظرن پهچ تائين انهي ڪار کي ويندي ڏٺو.
”رائيفل لوڊ ڪري ويهو“ هن ڪار کي ڏسندي سپاهين کي حڪم ڏنو گاڏي اڳيان ويندڙ گاڏيءَ جي ويجهو پهچندي ويئي.
”جوابدار جي ويجهو پهتا آهيون اها ئي گاڏي آهي توهان تيار ٿيو.“ انور چيو هڪ چيڪاٽ ڪري گاڏي ڪراس ڪندي اچي ٽويوٽا جو اڳ وٺي بيهي رهي، انور پوئتي ڏٺو گاڏي پويان ڪچو رستو وٺي چڪي هئي. هن گاڏيءَ کي بيڪ ڪري تيزي سان ٽويوٽا جو اڳ ورتو ۽ هڪدم گاڏيءَ مان لهي پسٽل هٿ ۾ ڪري گاڏي وٽ پهتو.
”هڪدم مسٽر منير گاڏيءَ مان هيٺ لهي اچو.“ انور حڪمانه انداز ۾ چيو تيستائين سمورا سپاهي گاڏي کي گهيري ۾ آڻي چڪا هئا.
”پاڻ کي گرفتار سمجهو، جلد نڪرو ٻاهر.“ انور چيو ۽ ان جي بجا آوري ۾ مسٽر منير ۽ هڪ برقعي سان ڍڪيل عورت اندران نڪري آيا.
”صوبيدار صاحب خدا جي واسطي اسانکي ڇڏي ڏيو، مان ثميره کي اغوا ڪو نه ڪيو آهي، اسين رضامنديءَ سان نڪتا آهيون، اهڙي تصديق ثميره پاڻ به ڪري سگهندي.“ نوجوان چيو.
۽ ان جي ايتري چوڻ سان ثميره برقعي جو پلئه مٿي ڪيو ۽ انور ڏانهن ڏٺائين. انور ائين محسوس ڪيو ڄڻ سڄي طاقت هن کان ڪنهن هڪدم کسي ورتي هجي، ڄڻ بادلن مان چنڊ نڪتو آهي، اونهيون اونهيون اکڙيون، ٻرندڙ پيشاني ڏسي انور ڳچ وقت اکين جي اونهائي ۾ ٻڏي ويو!! اف ايڏي سونهن، اهو دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو.
”صوبيدار صاحب مان مرضي موجب منير سان وڃي رهي آهيان، اسانکي ڇڏي ڏيو جيئن اسين پنهنجي منزل تي پهچون، اسانجي اميدن جو دڳ نه جهليو، اسانجا سپنا سڙي خاڪ ٿي پوندا، شادي ڪرڻ ڪو ڏوهه نه ڪين آهي، سماج جي ستايلن جي مدد ڪريو.“ منير چيو. ”مان فرض جا ڳهه ڳڻا پهري هڪ فرياد تي آيو آهيان، اهڙي ڪوتاهي آءٌ ڪونه ڪندس،“ انور پستول مضبوطيءَ سان تاڻيندي چيو.
”اسانجو وقت ايترو قيمتي آهي جيترو انسان جي زندگي، هر پل اڻ ملهه آهي، وقت نه ته اسان جي سماج جيئن ويري ٿي پوندو، خوابن جي تڪميل لاءِ تعميل ڪو گناه ڪو ڏوهه ڪونهي، ٻن دلين جي آڏو جبل ٿي نه بيهو صوبيدار صاحب، اسان کي ڇڏي ڏيو.“ منير ليلائيندي چيو.
”فرض به قيمتي آهي، فرياد به قيمتي آهي، مونکي پنهنجي فرض جي تعميل ڪرڻي آهي، مسٽر منير.“ انور چيو.
”فرض، فرض، فرض- آءٌ چوان ٿو ٻن زندگين جي حياتي کان وڌيڪ فرض ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ مسٽر خدارا اسانکي وڃڻ ڏيو، منزل اسان جي انتظار ۾ گهڙيون ڳڻي رهي آهي، سوچن کي سچ ثابت ڪرڻ ڏيو نه ته اسانجو من اسانجي آتما صدين تائين رڙندي رهندي، مان ان جو معاوضو به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان جي احسان ڪيو.“ ايترو چئي منير ٻه نوٽن جون ٿهيون کيسي مان ڪڍي انور ڏانهن وڌائيندي چيو.
”مسٽر منير مان فرض کان مجبور آهيان، آءٌ ڪجهه به ڪو نه وٺندس. فرض جي تڪميل ڪرڻ مان ضروري سمجهندس.“ انور چيو.
”تڪميل آرزوئن جي تڪميل، سهانن سپنن جي تڪميل، ٻن دلين جي ميلاپ کان وڏو فرض ڪهڙو فرض ٿي سگهي ٿو صوبيدار صاحب، ارمان لٽجڻ جو ارمان وساري، صدين تائين واڪا ڪرڻ لاءِ اسانکي ڇڏي ڏيڻ ڪو فرض ناهي، نه ته ٻن دلين جو موت ٿي ويندو، هي فرض اتم فرض آهي، اسان مجبور دلين کي ڇڏي ڏيو ته وڃي پنهنجي مڪان ۽ ماڳ رسون، اهو توهانجو احسان مان سڄي حياتي ڪو نه وساري سگهنديس.“ ثميره- مرجهايل منهن سان چيو، ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ سج لهڻ تي آهي ۽ چانڊوڪي چورائجي ويئي آهي.
”مڃان ٿو پر مان اٽل انصاف جي اٽل قانون اڳيان مجبور آهيان، مونکي افسوس آهي، مان ڪجهه ڪو نه ڪري سگهندس.“ انور چيو.
”شايد تون چاهت ۽ پيار جي جذبن کان تمام پري آهين نه ته پريمين جو احساس توکي ٿئي ها ۽ مذهب جي آسيس وٺڻ چاهين ٿو ته اسانکي ڪنڌيءَ تي پهچاءِ، ڇڏي ڏي اسانکي الله نانءِ ڇڏي ڏي.“ ثميره ليلائيندي چيو.
”مان انسان آهيان، ثميره، هڪ حساس دل ڌاريندڙ انسان، پريم ماءُ جي هنج ۾ لولي جي روپ ۾ ڏٺم ۽ هينئر به پريت رت بڻجي منهنجي پيڙا ۾ رت بڻجي جسم ۾ گردش ڪري رهي آهي، مذهب جي آسيس ۽ انصاف جدا شيون آهن، مان واعدو ٿو ڪريان ته پوليس ڪارروائي ۾ توهانجي هر مدد ڪندس، ساٿ ڏيندس مون تي ڀروسو رکو.“ ايترو چئي هن ثميره ڏانهن نهاريو، جيڪا بت بنجي هن کي گهوري رهي هئي . هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ زهريلا تير هن جي اندر ۾ کپجي ويا هجن.
”ڇا پيا سوچيو معاوضو گهٽ آهي ته آءٌ وڌيڪ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر خدا واسطي اسانکي ڇڏي ڏيو، اسان هڪ ٻئي کان ايترو ته دور ٿي وينداسين جيترو زمين ۽ آسمان جي وچ جي وڇوٽي آهي.“ منير چيو.
” سنگدل انسان ۽ پريت کان عاري انسان چوڻ به اف، اسانجي دنيا ويران، سپنا، ڪنڌيون ويران ٿي وينديون، اسانجو هر منٽ اسان کي موت ۽ تباهي جي ڇيڙي تي پهچائي رهيو آهي، صوبيدار صاحب، احساس ڪيو ڪجهه“ ”ثميره اکين کي ڳوڙهن سان ڀلائيندي چيو.
انور اکين ڏانهن ڏٺو جن ۾ هن کي مهرو جا لفظ ۽ پنهنجا سپنا، سوچن جا محل لڙهندي نظر آيا. هو سوچڻ لڳو ”اف پنهنجا جذبا، سوچون به هنن جيئن سڳنڌ لاءِ سرگردان آهن، فرق صرف اهو آهي ته مهرو شادي شده آهي.“
صوبيدار صاحب ان پيار ڀري لولي ۽ ماتا جي هنج ۽ هيج جو قسم اسانجي زندگي جو ڳلو گهٽي سهڪي سهڪي نه مارايو، سپنا وکري ويا ته وري ملڻ محال، اسان جو من اڳي ئي روڳي آهي. تڙپي تڙپي ساهه نڪري ويندو.“ ايترو چئي ثميره سندس پيرن ۾ اچي ڪري.
انور لڙڪ ڀريل اکين کي ڏٺو، مک مرجهايل کي ڏٺو، ڄڻ ڦاٽل ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ڪاغذ هوائن ۾ وکري رهيو هجي، هڪ تڙپ، هڪ ارمان، افسوس جا پاڇا ۽ ڪک پن جئن تري هڪ ٻئي کان دور ٿي رهيا هجن. هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ ”مهرو چئي رهي آهي“ ڏٺم، ڏٺم پيار جو مانُ ۽ تون ته وڏو سنگدل آهين، آئنده توسان ملڻ محال آهي.“ هن پسٽل ور ۾ وڌو ۽ ثميره کي ڪلهن کان وٺي کنيو.
”مسٽر منير وڃي منزل تي پهچو، مان ڄاڻان منهنجو قانون، پر هتان دور منزل تي پهچڻ جي ڪيو، اهي پئسا کيسي ۾ رکو، ايترو چئي انور گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽ ٻه گاڏيون پنهنجن پنهنجن رستن تي هلڻ لڳيون.
***