مٽيءَ هاڻا ماڻهو
خانڳڙهه جون پراڻيون يادون هينئر هڪ ڀيرو ٻيهر اُڀري رهيون هيون.
سوچيان پيو ته ڪڏهن ڪڏهن انسان انهن يادگيرين سهاري زندهه رهي ٿو ته وري ڪڏهن انسان جي زندگيءَ کي اُڏوهي جيئن کوکلو ڪري ڇڏن ٿيون. اهڙيءَ حالت ۾ انسان لاچار ۽ بيوس ٿي پوي ٿو.
مان به ائين هيس. لاچار ۽ بيوس. وقت گهڻو گذري ويو، پر يادگيريون زندهه ۽ تازا آهن، ائين سمجهان ٿو جيئن ڪالهه جي ڳالهه هجي.
ساڳي آفيس، ساڳيو ڪمرو، ساڳي ڪرسي، بدليو آهي صرف ماحول، مون جيڪو آفيس لان ۾ انب جو ٻوٽو لڳايو هو، اهو وڌي وڻ ٿي ويوآهي، گلن جي پنيري لڳائي هئي، هينئر گلڪاري ۽ ٻوٽن جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي وقت سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيو.
مون گهڙيءَ ۾ ڏٺو ته شام جا چار ٿي رهيا هئا، آفيس جو وقت ختم ٿي چڪو هو. مان آفيس جي ڪمري مان ٻاهر نڪتس، سامهون چوڪيدار کي بيٺل ڏٺم، چيومانس
”مان بازار وڃي رهيو آهيان، يارن، دوستن سان ملڻ، گهڻن سالن کان پوءِ آيو آهيان، انهيءَ ڪري تون ائين ڪجانءِ، منهنجو بسترو اتي آفيس جي لان ۾ لڳائجان، جيستائين آءٌ پنهنجي جڳهه جو بندوست ڪيان في الحال آءٌآفيس ۾ رهندس، ٺيڪ آهي.“
”جي حاضر سائين، جيئن اوهان جو حڪم.“هن چيو.
مان آفيس کان ٻاهر نڪتس ۽ پيرين پنڌ شاهي بازار جو رستو ورتم. آفيس کان چند قدمن تي بيهي رهيس. انهيءَ گهر ڏانهن نهارڻ لڳس، جنهن جو وڏو گيٽ بند هو ۽ منهنجون يادون بند گيٽ جي هُن ڀر هيون. آئون ڪجهه دير حسرت ڀري نگاهن سان ڏسندو رهيس ۽ پوءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي شاهي بازار ڏانهن روانو ٿيس. منهنجي نظر سامهون وچ شهر ۾ بيٺل وڪٽوريه ٽاور تي پئي، صدين کان گُهلندڙ هوائن ۽ طوفانن ميرانجهڙو ڪري ڇڏيو اٿس، ويتر چؤطرف ريڙهين ۽ پاٿاري وارن سونهن ئي کسي ڇڏي اٿس. ائين ڀانيم ته شايد هر ڪو انهيءَ کي بي مقصد محسوس ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي لاءِ توجهه جو مرڪز بس جوڙڻ وارا پنهنجو نشان ڇڏي ويا.
گهنٽي گهڙيال کان فقيرن واري گهٽي وٺي شاهي بازار ۾ اچي پهتس. رونق ڏسي وڏي خوشي ٿي. ساڳيا ماڻهو ساڳيا دڪان، فرق صرف اهو هو جوماڻهو، ماڻهو مٿان پير پائڻ لاءِ جڳهه ڪونه هئي، حيراني به ٿي ته هي ايترا سارا ماڻهو ڪٿان ڪَهي آيا آهن .ڄڻ ميلو متو پيو هجي. مان ٿورو اڳيان وڌيس ۽ پنهنجي پراڻي دوست ديوان پلهه رام سوناري جي دڪان اڳيان اچي بيٺس. هن مون کي ڏسي ورتو. ٽپو کائي اٿي بيٺو ۽ مون ڏانهن ڊوڙندو آيو.
”اچو سائين، اچو، ڀلي ڪري آيا، ڀلي ڪري آيا ڪيو هن آڌرڀاءُ ڪيو.
مون وڌي هن کي ڳلي لڳايو.
”مون کي خوشي ٿي، توسان ملڻ جي.“ مون چيو.
”مون کي پڻ خوشي ٿي، هيترن سالن کان پوءِ ملڻ جي.“ هن چيو
اسين ٻئي ڄڻا دڪان ۾ داخل ٿياسين ۽ هيٺ وڇايل فراس تي ويهي رهياسين. هن آڌرڀاءُ ڪندي هڪ گول وهاڻو ٽيڪ لڳائڻ لاءِ ڏنو. مون وهاڻي تي ٽيڪ لڳايو ۽ ويٺاسين حال احوال ڪرڻ.
”ٻڌايو ايترا سال ڪٿي هُيؤ اوهان، نه خط نه پَٽَ؟“ هن چيو.
”ڇا ڪيون پَلُو رام ڪمن ۾ ايترا مصروف ٿي وياسين جو ڪا واندڪائي نه ملي.“ مون جواب ۾ چيو.
”نه، نه اهڙي ڳالهه نه آهي، ڪا ٻي ڳالهه هوندي، شايد اسان خانڳڙهه وارن کان اوهان گهڻو ناراض هوندؤ، ائين آهي نه؟“ هن چيو.
”نه نه اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. بس وقت نه مليو.“ مون چيو.
”چڱو چڱو، ٻڌايو ايترا سال اوهان ڪيئن گذاريا؟“ هن پڇيو.
“”بس يار پَلُو رام وقت جهڙو به هو، گذري ويو ۽ گذرندو ويندو.“ مون چيو.
هُن چانهه جو آرڊر ڏنو ۽ پوءِ فون تي ڪنهن سان ڳالهائڻ ويٺو.
آئون سامهون ديوار تي لڳل سندس تصوير ڏسي رهيو هئس. گهنگهرو گهنگرو وار، سندس ننڍڙو چهرو ۽ ڪنن ۾ ننڍڙيون سون جون واليون پيل، جيئن ڳوٺن ۾ عام رواج آهي. عورتن جيئن مرد به ڪنن ۾ واليون پائيندا آهن.
منهنجي هن سان پهرين ملاقات سِبي ۾ ٿي هئي.
اتي منهنجي دوست جي شاديءَ ۾ آيل هو. هُن سان ڪچهري ڪندي منهنجي دوستي ٿي هئي. سدائين مُسڪراهٽ هُن جي چهري تي لڳل هئي، جي ڳالهائيندو ته منهن مان موتي ڇڻندو هو. وڏي ڄاڻ رکڻ وارو ماڻهو، ڪچهريءَ جو ته مور، هڪ ڀيرو ملڻ وارو ماڻهو، ٻيهر ملڻ جي خواهش ظاهر ڪندو.
”اچي سائين چانهه وٺو.“ هن آواز ڏنو.
منهنجي خيالن جو تسلسل ٽٽي پيو. مون چانهه ورتي ۽ اڳيان ڪري رکي. پَلُو رام ڪنهن ماڻهوءَ سان دڪانداريءَ تي ڳالهائڻ ويهجي ويو.
مون چانهه جو ڍُڪ ڀريو ۽ هُن ڏانهن ڏسڻ لڳس. تقريبن ڏهه سال گذري ويا هوندا، اسان جي پهرين ملاقات کي پر هو جهڙو تهڙو پئي لڳو، ڪابه تبديلي ڪونه آئي هيس.
هُن مون ڏانهن ڏٺو، مسڪرائيندي چيو،. ”ڪافي تبديلي آئي آهي تو ۾.“
مون صرف مُسڪرايو.
”جهڙو اڳ مون ڏٺو اوهان کي،اهڙا ڪونه ٿا لڳو، ڪهڙو روڳ دل ۾ رکيون ٿا اچو.“ هن منهنجي دل جي ڳالهه پڙهي ورتي هئي.
”اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. زندگيءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، وقت جي ڦيٿي جيان انسان به ڦرندو رهي ٿو، پوءِ هڪ جهڙو ڪيئن ٿو رهي.“ مون چيو.
هُن مسڪرايو.
دل ۾ سوچيم ته پَلُو رام ڳالهه سچ ٿو ڪري، دل جي ڳالهه دل سان پڙهي ورتي اٿائين.
اها دل ئي آهي، جيڪا پنهنجي اندر ڪنهن لاءِ روڳ سمايو ويٺي آهي، جنهن کي دل چاهيو تنهن سان جوڙ ئي نه ٿيو، پوءِ انسان دل هٿان مجبور آهي
”اوهان ڪهڙن خيالن ۾ گُم ٿي وَيَو، چانهه ٿڌي ٿي وئي هن مسڪرائيندي چيو.
مون چانهه پيئڻ شروع ڪئي.
فون جي گهنٽي وڳي، پَلُو رام رسيور کنيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”هيلو، هيلو جي ڳالهايان پيو....!“
مون هن جي ديوار تي لڳل تصوير ڏانهن ڏٺو ۽ خيالن ۾ هليو ويس....
جڏهين پهريون ڀيرو هِن سان سِبيءَ ۾ مليو هوس تڏهن خبر پئي هئي ته پلو رام هڪ سماج سيوڪ ماڻهو آهي،. هن جا ڪيئي سماج سڌار ادارا هلي رهيا آهن، هن جو هڪڙو ادارو بيواه عورتن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ٻيو پوڙهن ماڻهن جي سيوا ڪري رهيو آهي، ٽيون غريب ٻارن لاءِ خيراتي اسڪول هلائي رهيو آهي ۽ چوٿين هڪ خيراتي اسپتال، جنهن ۾ غريبن جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجهه پاڻ اڪيلي سر ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ هلندي وارا ماڻهو مدد ڪري رهيا آهن. مون جيڪي ٻُڌو هو سو مون هن جي دوستيءَ کان پوءِ ويجهي کان ڏٺو. مون هُن کي ڪڏهين به وڏائپ ۾ نه ڏٺو. هو هميشه چوندو رهندو هو هن کان وڌيڪ ٻي ڪا وڏي عبادت نه آهي، اسين مِٽيءَ جهڙا ماڻهو مٽيءَ ۾ هليا وينداسين پر ان کان اڳ پنهنجي سڃاڻپ ڇڏي وينداسين.
هُن رسيور رکيو ۽ مون ڏانهن ڏسڻ لڳو.
”چانهه جو هڪ دور ٻيو هلندو؟“ هن پڇيو.
”جي هلندوَ“ مون چيو.
هن مسڪرائيندي چانهه جو آرڊر ڏنو ۽ پوءِ مون کي چوڻ لڳو، ”اوهان سان کلي ڪچهري ٿيندي، هتان اٿنداسين ته پوءِ.“
”ٺيڪ،“ مون چيو ۽ سوچڻ لڳس، پَلُو رام هڪ شخصيت نه پر هڪ ادارو آهي، جيڪو سماج سڌار لاءِ وقف آهي.
پر منهنجي دل ۾ بار بار اهو خيال اڀري ٿو ته هن جي دل جي ڪنهن هڪڙي خاني ۾ محبت جي ڪا چڻنگ ٻري ٿي. مون جڏهن به هن جي اندر جي ڳالهه ڳولڻ جي جي ڪوشش ڪئي، هن مسڪرائيندي خاموشي اختيار ڪئي.
ليڪن اڄ کُلي ڪچهري ٿيندي. هن جي دل جو لِڪل راز ڳولي وٺندس.
هن جي دڪان ۾ ويٺي ويٺي رات جا اچي اَٺَ ٿيا، اسين اٿياسين.
پهريائين اسين بيواه ۽ پوڙهي عورتن جي منڊلي وياسين، پوءِ پوڙهن ماڻهن جي منڊلي وياسين ۽ پوءِ خيراتي اسپتال وياسين. هر هنڌ معلومات ۽ ڄاڻ وٺي، پلو رام فارغ ٿيو، اتي رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا. ٻئي ڏينهن ملڻ جو واعدو ڪيوسين ۽ پوءِ موڪلاڻي ٿي.
مون سڌو آفيس جو رستو ورتو. آفيس پهچڻ تي ڏٺم ته ڪجهه ماڻهو منهنجي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا، چهرا سڃاتل ٿي لڳا، سڀ جو آڌرڀاءُ ڪيم.
آفيس کان سڏ پنڌ تي چؤديواري اندر ڪنڀرن جا گهر هئا. مِٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهيندا هئا. غريب ۽ شريف خاندان.
مان جڏهين پهريون ڀيرو هت آيو هيس، تڏهين منهنجي هنن سان ڏيٺ ٿي هئي. مون وٽ رهڻ جي جڳهه ڪونه هئي. هنن مون کي ڪرائي تي ٻاهرين پاسي کان جڳهه ڏني هئي. گهڻو اليڪ سليڪ سبب پرديداري ڪونه رهي هئي. مان هنن جي ڏک سُک جو ساٿي رهيو هيس. ڪڏهين ڪڏهين شهر کان ٻاهر ويندي دير ٿي ويندي هئي ته هي پريشان ٿي ويندا هئا. هنن جون پاڻ ۾ رشتيداريون هيون، ڏي وٺ ۾ شاديون ٿيل هيون، جنهن ڪري جهيڙا جهٽا به ٿيند ارهندا هئا، آءٌ هنن جا فيصلا ڪري کيرکنڊ ڪري ڇڏيندو هيس.
پر هڪڙو فيصلو منهنجو هو، جيڪو هو نڀائي نه سگهيا. منهنجو فيصلو سهڻيءَ سان شاديءَ جو هو. سُهڻي منهنجو پيار هو. جڏهن کان مون سُهڻيءَ کي ڏٺو، تڏهين کان دل هارائص ويٺس. جهڙو نالو تهڙي سُهڻي. سنها چپ، ڊگهو نڪ، هرڻي جهڙيون اکيون، سُائيدار ڳچيءَ، ڊگها وارا، چيلهه تائين ۽ هلڻ هن جو ڊيل جيان. سدائين چهري تي مسڪراهٽ، قدرت هن کي صورت سان گڏوگڏ سيرت به ڏئي ڇڏي هئي.
جوان دلين جو پيار، پهاڙ جيئن مضبوط ٿيندو ٿي ويو. مرڻ جيئڻ جا قسم کنيا ٿي ويا. سِرن جو سودو ٿي چڪو هو.
هڪ ڏينهن مون سُهڻي کان پڇيو.
”سُهڻي، جيڪڏهن تنهنجي پيار ۽ منهنجي پيار تي پهرو لڳي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو.؟“
”انور، ائين ڪجهه به نه ٿيندو، ٿيندو اهو جيڪو اسان جون دليون چاهن ٿيون.“ هن چيو.
”ليڪن سُهڻي، مون کي اڄاڻ خوف ڪمزور ڪري وڌو آهي.“ مون چيو.
”تون ڪمزور نه ٿيءُ، مان توسان گڏ آهيان.“ هن چيو.
”پوءِ به....!“
”بس بس دل ۾ ڪوبه خوف پيدا نه ڪر.“ هن چيو.
مان هُن جي پيار ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويس جو هن کي ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ کانسواءِ رهي ڪونه ٿي سگهيس. جيڪڏهن مان بيمار ٿي پوان ته هُوءَ بنا ڪنهن جي اجازت جي منهنجي ڪمري ۾ هلي ايندي ۽ مٿي تي هٿ رکي چوندي ”توکي تيز بخار آهي، تنهنجي مٿي تي ٿڌيون پٽيون رکان ٿي.“
۽ پوءِ ٿڌيون پٽيون رکندي رهندي.
۽جيڪڏهن هُوءَ بيمار رهندي ته آءٌ وپريشان ٿي ويندس. ڊاڪٽر وٺي ايندس، جيستائين هوءَ ٺيڪ نه ٿي وڃي.
سياري جي راتين ۾ باهه جو وڏو مچ ٻاري ويهندا هئاسين، ننڍا وڏا مچ جي چؤ طرف ويٺل، پوءِ قصا ۽ ڪهاڻيون هلنديون، ڪڏهن سسئي پنهون ته ڪڏهين هير رانجهي جون، ته ڪڏهن عمر مارئي ته ڪڏهين سُهڻي ميهار جون.
سُهڻي چوڻ لڳي، ”آئون به ائين سُهڻي جيئن ڪچو گهڙي کڻي لهي پونديس پاڻي ۾.“
هن جي انهن ڳالهين ۽ پيار جي روش کي ابي امڙ ۽ ٻين سمجهي ورتو ته ڪهڙي کچڻي پچي رهي آهي. ڪهڙو طوفان اچڻ وارو آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهيءَ طوفان سان سارو خاندان لڙهي نه وڃي. ڇو ته سُهڻيءَ جو پنهنجي سؤٽ سان مڱڻو ٿيل آهي.
جيڪڏهن سُهڻيءَ پنهنجي سؤٽ سان شادي نه ڪئي ته خاندان ٽٽي ويندو ۽ گهر برباد ٿي ويندو. انهيءَ کان اڳ جو طوفان اٿلي پئي دلين جي دروازن تي تالا لڳائڻا پوندا ۽ پيار تي پهرو لڳائڻو پوندو، انهيءَ لاءِ سختيءَ کان به ڪم وٺڻو پوندو.
ايئن ئي ٿيو، جيئن سُهڻي جي وڏڙن فيصلو ڪيو هو، ڪجهه ڏينهن ۾ مون کي نياپو موڪليو ويو ته اوهان ڪٿي ٻئي هنڌ رهڻ جو بندوبست ڪيو.
اوچتو اهو ٻُڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. منهنجو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو.
مان آسمان کان هيٺ اڇلايو ويس. مون کي هوش نه رهيو ته ڪهڙي واٽ وٺان، منهنجي سوچ ۽ سمجهه سُن ٿي وئي. آفيس جو ڪم ڪار ڪرڻ به ڇڏي ڏنو. ڏينهن ۽ راتيون بيچينيءَ سان گذرڻ لڳيون. دل جي بيقراري وڌندي ٿي وئي. ڪوبه فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي لڳو.
هڪ ڏينهن پلو رام شام جي وقت منهنجي معلومات وٺڻ آفيس آيو، مون کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. پڇڻ لڳو،
”ڇو ايترا ڏينهن ملڻ نه آئين.“
مون پوري حقيقت هن کي ٻڌائي.
پهريان هن محبت جو داستان پوري غورسان ٻڌو، پوءِ چوڻ لڳو هن ۾ گهٻرائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، سُهڻيءَ جي پيءُ ۽ ماءُ سان ڳالهائبو، اصولي طريقي سان سُهڻي جو سڱ گهربو، پوءِ ڏسبو ته هو ڪهڙو ٿا جواب ڏين، پوءِ ڏسبو ته ڪهڙي واٽ وٺجي.
مون پلو رام جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو، نيڪ ڪم ۾ دير نه ڪبي، پلو رام ائين چئي سُهڻي جي ماءُ پيءُ سان ملڻ ويو. رات جا اچي يارنهن ٿيا. انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. پلو رام واپس موٽيو. مون هُن کان سوال ڪرڻ شروع ڪيا. هُن ويهڻ جو اشارو ڪيو.
پوءِ احوال شروع ڪيو.
چوڻ لڳو، سُهڻيءَ جي ماءُ ۽ ڀيڻ تنهنجي حق ۾ آهن، هن جو پيءُ پنهنجي برادريءَ کان فيصلو وٺڻ جي حق ۾ آهي، هن جو پيءُ چوي ٿو ته جيڪڏهن ايئن نه ڪندس ته زمانو ڇا چوندو، برادريءَ وارا ڇا چوندا.
چوندا برادري ڇڏي ڌارين ۾ ڌيءُ ڏنائين، مان پنهنجي برادري کان ٻاهر نه آهيان.
پلو رام ٻڌائڻ لڳو، ليڪن مون هن کي چيو ته ڌيءَ جو فيصلو به توکي وٺڻو آهي. جيڪڏهن تنهنجي ڌيءَ ان هنڌ تي شادي کان انڪاري ٿئي، جتي اوهان چاهيو ٿا ته پوءِ ڇا ٿيندو.
سُهڻي جو پيءُ چوڻ لڳو ته اسان جي خاندان ۾ ڌيءَ کان ڪونه پڇبو آهي، ائين ڪرڻ سان ڌيئريون ڌارين ۾ هليون وينديون، ڌيءَ کي پنهنجي پيءُ ماءُ جو مڃڻو پوندو.
”پوءِ مان ڇا ڳالهايان.“ پلو رام چوڻ لڳو.
ڪجهه دير خاموشي کانپوءِ پلو رام چوڻ لڳو ته منهنجو وڃڻ ۽ ڳالهائڻ هنن کي چڱو نه لڳو. هنن جو چوڻ هو ته انور جا وڏا اچن ها ته چڱو هو.
خير سڀاڻي ٻيهر ڳالهائڻ لاءِ چيو اٿن.
پلو رام موڪلائي گهر هليو ويو.
مون کي طرح طرح جا خيال ۽ وسوسا پيدا ٿيڻ لڳا، سوچن وڪوڙي وڌو، مون کي هڪڙي ڳالهه جو يقين ٿي ويو هو ته هُو جلد ڪوبه فيصلو نه ڪندا، هُو پنهنجي ريت، رسم ۽ رواج جا پڪا هئا. پراڻن خيالن ۽ اصولن تي هلڻ وارا.
مون هنن کي وڌيڪ امتحان ۾ نه وجهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ راتون رات ڪنهن کي به نه ٻڌائي خانڳڙهه کان ڪراچي روانو ٿي ويس.
ٻئي ڏينهن صبح جو سج منهنجو ڪراچي ۾ آڌرڀاءُ ڪيو. مان پنهنجي هيڊ آفيس هليو ويس ۽ هڪ سال جي ڊگهي موڪل منظور ڪرائي. انهيءَ عرصي ۾ مون سڀ ڪجهه وسارڻ جو فيصلو ڪيو هو.
فيصلو ڪيو هو ته ڪجهه عرصو پنجاب ۽ پوءِ ٿڌن پهاڙن ۾ گذاربو.
سفر جي شروعات مون ڀٽ شاهه کان ڪئي، جتي سنڌ ۽ هند جي وڏي ۾ وڏي شاعر ۽ اولياءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار آهي، پوءِ درازن ۾ سچل سرمست جي مزار ۽ پوءِ ملتان هليو ويس، جتي شمس تبريز جي مزار آهي. اهڙيءَ طرح لاهور ۾ داتا جي دربار تي حاضري ڀري پوءِ پنڊيءَ کان اسلام آباد ۾ شاهه لطيف بري امام جي مزار تي حاضري ڀري. اُتي ڪيئي ڏينهن گذاريا ۽ پوءِ ڪوه مريءَ جي پهاڙن ۾ رهڻ لڳس. مريءَ گليون، نٿيا گلي، گهوڙا گلي، شانگله گلي، باڙيان، لوئر باڙيان ڏسڻ لاءِ مليون. هن کان اڳ به هنن تفريحي هنڌن تي ايندو رهيو آهيان، ليڪن هن ڀيري تقريبن ڇهه مهينا لڳائي ڇڏيا. آهستي آهستي منهنجي زندگي نارمل ٿيندي وئي. مون اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو، جنهن لاءِ مون سفر شروع ڪيو هو. انهيءَ بهاني پراڻن دوستن سان ملڻ جو موقعو مليو.
مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته واپسيءَ ۾ پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪندس.
سفر تان واپسيءَ تي مان پنهنجي وڏي ڀيڻ سان ملڻ ميرپورخاص هليو ويس، اتي ڪجهه عرصو گذاريو. هن کان سواءِ منهنجو هن دنيا ۾ ڪوبه ڪونه هو، هن سان جڏهن به مليس ته چوندي ”ادا تون شادي ڪر، اڪيلو آهين، گهر ٺهي پوندئي، اڪيلو ڪيترو گذاريندين.“
ورندي ۾ چوندس. ”ادي تون جو آهين، مان اڪيلو ڪٿي آهيان.“
”بس بس ڳالهه کي گهماءِ نه، بس تون ها ڪر ته ڪا ڇوڪري ڏسي وٺان.“ هوءَ چوندي هئي.
مان بهانو ڪري چوندس ”چڱو هن ڀيري نه ٻئي ڀيري فيصلو ٻڌائيندس.“
هر ڀيري فيصلو ٻڌائڻ کان قاصر رهيس. ڀيڻ سان ملڻ کان پوءِ پنهنجي هيڊ آفيس اچي پنهنجي ڊيوٽي جوائن ڪئي. منهنجي نئين ڊيوٽي حيدرآباد لڳي، پوءِ نوابشاهه، پوءِ سکر ۽ پوءِ عمرڪوٽ هليو ويس.
تقريبن ڇهن سالن کان پوءِ ترقيءَ ڏئي مون کي خانڳڙهه موڪليو ويو.
ڇهن سالن کان پوءِ هت خانڳڙهه پهتو آهيان. انهن ڇهن سالن ۾ ڪافي تبديلي اچي وئي آهي. سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي. پراڻا، پراڻيون ڪهاڻيون ختم ٿي ويون آهن. اها خبر به نه اٿم ته هت ڇهن سالن ۾ ڇا ٿي گذريو. سڀ يادون مٽجي ويون آهن. بس ياد اٿم ته هن شهر ۾ منهنجو هڪڙو دوست پلو رام رهي ٿو، منهنجو همدرد، منهنجي ڏک سک جو ساٿي، بس ٻيو ڪجهه به نه.
جڏهن پلو رام کان موڪلائي آفيس پهتس تڏهن رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا. آفيس پهچڻ تي ڏٺم ته ڪجهه ماڻهو منهنجي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. چهرا سڃاتل ٿي لڳا. سڀ جو آڌرڀاءُ ڪيم، منهنجي خيالن جو تسلسل ٽٽي پيو.
چوڪيدار کان پڇيم هنن کي چانهه پاڻي پياريو اٿئي.
هن ٻڌايو ته هي ڪجهه به نه پيئڻ چاهين ٿا، صرف اوهان سان ملڻ آيا آهن.
تون مهمانن لاءِ چانهه جو بندوبست ڪر، جيستائين آءٌ هنن کان حال احوال وٺان، مون چوڪيدار کي چيو.
مون هنن کي سڃاتو، انهن مان هڪڙو سُهڻيءَ جو مامو هو، ٻيو سندس والد ۽ ٻه ٻيا ويجها عزيز هئا. مون هنن کان احوال وٺڻ شروع ڪيو.
”اسان کي اڄ ئي خبر پئي ته اوهان اڄ ئي هت آيا آهيو، سوچيوسين ته اوهان سان ملون، پراڻي ناراضگي ختم ڪجي، اسان به اصولن هٿان مجبور هئاسين، خاندان کي ناراض نه ٿي ڪري سگهياسين“ سُهڻي جي مامي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
”ليڪن مون سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي.“ مون چيو.
”ڪوبه ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه به وساري ڪونه ٿو سگهي.“ هن چيو.
ايتري ۾ چوڪيدار چانهه کڻي آيو، سڀ جي اڳيان رکيائين.
”اسين چاهيون ٿا ته اوهان پنهنجن وڏن کي موڪليو، انهن سان ڳالهايون.“ هن ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”ليڪن منهنجو هن دنيا ۾ ڪوبه ڪونه آهي، مان اڪيلو آهيان، منهنجي صرف وڏي ڀيڻ آهي، مان اڪيلو آهيان.“ مون عاجزيءَ سان ٻڌايو.
پهريائين ته هنن هڪٻئي ڏانهن حيرانيءَ ۾ نهاريو ۽ سُهڻي جي پيءُ ڳالهايو،.
”پوءِ اسان کي پنهنجو سمجهه، اوهان اڪيلا نه آهيو.“
مون خاموشي اختيار ڪئي. هو مون کان موڪلائي هليا ويا.
هنن جي وڃڻ کان پوءِ مان سوچن ۾ پئجي ويس، سوچان پيو، جڏهن مون هنن سان رشتو ڳنڍڻ ٿي چاهيو ته هنن ڪوبه جواب نه ڏنو هو ۽ هينئر... رات جيئن تيئن گذري وئي. ٻئي ڏينهن تي آءٌ آفيس جي ٽوئر تي ٽن ڏينهن لاءِ ٻاهر هليو ويس.
واپسيءَ تي خبر پئي ته سُهڻي جا مائٽ مون سان ملڻ لاءِ ٿي آيا. مان اڃان ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو هيس. رات جو ٻيهر مون سان ملڻ آيا. ساڳيون ڳالهيون هلنديون رهيون. نيٺ مون پنهنجي ڀيڻ کي گهرائي ورتو، ڳالهين جا دور هليا، ڳالهيون پڪيون ٿي ويون، چنڊ جي تاريخ ڏسي شادي مقرر ڪئي وئي.
شاديءَ جا ڪارڊ ڇپرايا ويا، يارن، دوستن، عزيزن، رشتيدارن، اوڙي پاڙي وارن کي دعوت ڏني وئي. ٻنهي خاندانن ۾ خوشيءَ جا گيت ڳايا ٿي ويا. جيئن جيئن تاريخ ويجهو ٿيندي ٿي وئي تيئن تيئن منهنجي خوشيءَ جي انتها نه هئي. گهڻن سالن کان پوءِ ٻن دلين جو ميلاپ هو، پيار جو سنگم هو.
مون ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو ته فيصلو ائين ٿيندو، سُهڻي مون کي ملي ويندي.
جيئن جيئن تاريخ ويجهو ٿيندي وئي تيئن ئي برساتن اچي ڪڙڪو ڪيو. برسات بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي. شاديءَ جي تاريخ مقررٿي چڪي هئي، برسات ۾ به ٿيندي، اهو فيصلو ڪيو ويو.
ڪنواريتا چون، گهوٽ ضرور ڪُنيون چٽيون آهن. برسات بيهڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي. مان شرمندو به ڏاڍو ٿيس. اها گهڙي اچي وئي، جنهن جو مون کي انتظار هو.
اڄ رات منهنجي شاديءَ جي رات آهي، اڄ رات کان پوءِ منهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات هوندي. مان پاڻ کي ڪڏهن اڪيلي محسوس ڪونه ڪندس.
مون کي جيون ساٿي ملي ويندو. منهنجي پيار جي سوڀ ٿيندي ۽ هميشه هميشه لاءِ خانڳڙهه جو ٿي ويندس.
اڄ صبح کان طوفاني برسات شروع ٿي وئي آهي، شهر جا نالا ۽ روڊ رستا پاڻي سان ڀريا پيا آهن، اهڙي تيز برسات ۾ ماڻهو ڪيڏانهن نڪرڻ جهڙو ناهي، پوءِ به منهنجا يار دوست شادي تي پهچي ويا.
رات جو اٺ وڳي نڪاح ٿي گذريو، مبارڪون مبارڪون چؤطرف آواز ئي آواز. شهنائيءَ ۽ دهل جو وڄٽ، عورتون شادي جا سهرا ڳائڻ لڳيون. انهيءَ خوشيءَ جي ميلي ۾ عورتن پنهنجون رسمون ادا ڪيون.
آخر رات جو ٻارهين وڳي گهوٽ ڪنوار کي نويڪلو ڪيو ويو.
آسمان ۾ گجگوڙ هو، برسات تيز ٿيندي ٿي وئي، گهرن جون بتيون گل ٿي ويون، چؤطرف انڌيرو ڇانئجي ويو.
اوچتو وڏو ڌماڪو ٿيو، ڪمري جي ڇت ديوار سميت ڪري پئي، جنهن ۾ اسين ٻئي گهوٽ ڪنوار هئاسين.
منهنجي اکين اڳيان انڌيرو ڇانيل هو. ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.
ٻڌان پيو عورتون پار ڪڍي روئي رهيون آهن.
***