اڻپورو سپنو
چوڏهين جي چنڊ جي چانڊاڻ سڄي ڳوٺ مٿان هڪ کير جهڙو ٿڌو ڍڪ ڏيئي ڇڏيو هو، هرڪو ستل، ڏيڏرن جي ٽان ٽان هڪ سريلي آواز ۾ پئي محسوس ٿي. هر ڪو ڪم ڪار کان واندو ٿي کٽن تي ائين ستل هو ڄڻ مئل آه. ڀلا هيڏي ڪم ڪار جي ٿڪ ڪا لهڻ جي آهي. اسان جي محنت ٿوڙي هڪ ڪارخانيدار مزدور جي محنت جي پگهر جو هڪ هڪ ڦڙو سون رتو آهي. دنيا جو سارو وهنوار اسان هارين جي بدولت آهي. ان هوندي به اسان جي زندگي هڪ وه جو پيالو آهي. اسانجي حياتي ڪنڊن جي سيج آهي، جهولن، ٿڌن ڪوسن ڏينهن، طوفاني ۽ مينهوڳي موسم جي به ڪا پرواهه ڪيون ڪانه. اسانجي زندگي جهڙي آهي تهڙي ئي صدين کان رهي آهي. مطلب ته سڄي ڪائنات جو درد اسانجي دلين ۾ آهي. آءٌ هنڌ مان اٿي وهاڻي هيٺان بانسري ڪڍي ڪوٽ ٽپي ٻاهر آيس. ڪرڙن جي قطار کان ڦريو، ٻنيءَ تي پهتس.
سرنهن جي گلن جي سرهاڻ، هوا جي رخ تي وکرجي چڪي هئي، منهنجو سرير خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳو ۽ انهي سرهاڻ، کي نڪ ذريعي زور زور سان ساهه کڻندي پنهنجي روح کي به سنگهائڻ لڳس، ڪيڏي نه سهڻي ۽ وڻندڙ خوشبوءِ آهي. چئو طرف سرنهن جي سرهاڻ جي هٻڪار متل هئي. آءٌ سرنهن جي سرهاڻ جي وچ ۾ سرنهن جي هيٺان ويهي رهيس. پري کان ڪانگن جي هڪ قطار وڳر ڪيو اچي رهي هئي. ”الا، ڪيڏو نه ايڪو، ڪيڏو نه قرب ۽ پيار آهي انهن پکيئڙن ۾ جي وڳر ڪيو پنهنجي منزل يا سير سپاٽي تي نڪتل آهن. سچ آهي ته جيڪو ايڪو انهن پکين ۾ آهي سو هوند ڳولهيو مشڪل ملي. هن ڌرتيءَ تي رمندڙ انسان هڪ ٻئي جي رت جا پياسا آهن، جن کي خدا اشرف المخلوقات جو لقب ڏيئي هن ڌرتيءَ تي آندو. اهي انسان پنهنجي رت جا پياسا ته ڇا ان ڌرتيءَ جا به ويري آهن، جتي سندن رهڻ لاءِ گهر آهن، ٻنيون آهن، باغ آهن، مطلب ته سندن هر گهرج انهي ڌرتي جي دعا سان ڌرتي جي سيني تي کين ٺهي ٺڪي ملي ٿي تڏهن به انسان انهي ڌرتي جو سودو ٿا ڪن. حيف هجي انسان توکي جو اڃان تون ماءُ جو سودو ...ويري سان ٿو ڪرين. ماءُ کي ڏکن کانسواءِ تو سک ڏنا به ته ڪهڙا ڏنئي.
گدڙ جي اونائي تي منهنجي خيالن جون ڪڙيون ڌار ڌار ٿي ويون. آءٌ هڪ ڀيرو وري به سرنهن جي پويان پاڻ کي ويٺل ڀانيم. مون بنسري ڪڍي چين ئي آندي ۽ ڀٽائي جي ڪافي کي بنسري جي وياڪل سُرن وسيلي پري پري پکيڙڻ شروع ڪيم.
گهوريو وڇوڙو ٿو ماري
آءٌ ٻاروچل اچ
سر پکڙڻ لڳو، سر سڏڪا ڏيئي سڏ ڪرڻ لڳو، وياڪا ڪرڻ لڳو. ڪنهن کي اچڻ جي نينڍ ٿي ڏنم، اهوئي جنهن لاءِ وياڪل من کي پرچائڻ لاءِ هت آيم. مان بنسري جي سوراخن تي آڱريون رکي سر کي هيٺ مٿي ڪندي ڦوڪ سان وڇوڙي جا ورلاپ آلاپي رهيو هوس . هڪ هٿ کي پنهنجي ڪلهن تي رکيل سمجهيم، مون بانسري چپن کان پري ڪئي ۽ هڪ هٿ ۾ جهليندي ٻئي هٿ کي پنهنجي ڪلهي تائين کڻي ويس. هڪ نرم هٿ جنهن ۾ ڪنگڻ پهريل هئي ان ۾ منهنجو هٿ لڳو. مون ان هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ سوگهو جهلي ڇڪي، ڦيرائي پنهنجي آڏو اندو.
”خانل! اچي وئينءَ“ مون کيس هٿ کان ڇڪي ويهاريندي چيو.
”ها راڻل! مان اچي ويم، سڻي تنهنجو سڏ ڪلهي پاتم ڪينرو“ پر تون ۽ ڇو چپ ٿي وئين. تنهنجي ويڻا ڇو خاموش ٿي ويئي. خانل ڀر ۾ ايندي چيو.
”هون، خانل هي ويڻا ڇڙو تولاءِ سر الاپيندي آهي، توکي سڏي پئي، تون آئينءَ ۽ ويڻا خاموش ٿي ويئي. خانل! چپ ڇو ٿي وئينءَ، ڪجهه ڳالهاءِ ڪجهه ٻول اسين چپ رهڻ لاءِ ته نه آيا آهيون.“ مون کيس ڀاڪر ۾ آڻيندي چيو.
”ڇا ٻوليان، ڇا چوان، تون نه هوندو آهين ته بس ائين پيئي چوندي آهيان لوچيان لوچيان شال ملان هوت سان...مان سڄو ڏينهن هڪ ڍڳي جيئن وهان پيئي. گهر جي ڪم ڪار ۾ سارو ڏينهن گذريو وڃي ته به پروڙ ڪانه پوي. ڏينهن سارو وقت تنهنجي شڪل مون آڏو ڦرندي رهي. بس ڇڙو اهائي دعا پئي مڱندي آهيان ته پاڇا لڙن، رات ٿئي ۽ ويڻا مان راڳ نڪري ۽...۽......مان بي اختيار تو وٽ ڇڪجي اچان. آخر توساڻ پيار جو اٿم.“ خانل پنهنجو ڪنڌ منهنجي سيني ۾ لڪائيندي چيو.
”پيار، ڀلا ٻڌاءِ خانل پيار ڇا آهي. توکي مون سان پيار آ نه.“ مون چيو.
”ها“ هن وراڻيو.
”ته پوءِ ٻڌاءِ پيار ڇا آهي؟“
”پيار....پيار....بس اهوئي آهي نه جو تون ۽ مان ملياسين، ڳالهيون ڪيون سين. اهوئي ته پيار آهي نه “ هن معصوم ٿيندي چيو.
” نه چري، پيار هڪ پاڪ پوتر جذبو آهي، پيار جو ٻيو نالو چاهنا آهي. ڏس مان توکي چاهيان ٿو، تون مونکي چاهين ٿي، اسانکي هڪ ٻئي لاءِ دل ۾ اڪير آهي، اسانجا جذبا پاڪ آهن، اسانجو ارادو به ته هڪ آهي، هڪ ٻئي کي چاهڻ ئي پيار آهي.“ مون چيو.
”ڀلا پيار ڪيئن ٿو ٿئي،“ هن ڪنڌ مٿي کڻي چئي ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
”پيار، بس ٿي ٿو وڃي، هر سهڻي شئي کي چاهڻ ئي پيار آهي، اسانجي بي قراري، انتظاري اهو سڀ ڪجهه پيار ئي ته آهي. اهو پيار ٻوٽو انسان جي دل ۾ ڄائي ڄم وقت ٿئي ٿو ۽ انسان جي واڌ سان گڏوگڏ اهو پيار به وڌي ٿو ۽ پيار جون پاڙون اسان جي دلين ۾ پڪي طرح سان مضبوط ٿينديون وڃن ٿيون. پيار محسوس ٿو ٿئي.“ مون هن کي زور سان سيني ۾ کپائيندي چيو.
”راڻا پوءِ. پوءِ ته پيار ڪرڻ سٺو آهي، پر پوءِ هي سنسار ٻن چاهيندڙن کي هڪ ٻئي کان ڇو ٿو ڌار ڪري، جڏهن اسانجي محبت پاڪ جذبي ۽ چاهنا سان ٽمٽار آهي.“ ”هن ڪنڌ منهنجي سيني کان ڪڍندي ٿورو سڌو ٿي وري منهن منهنجي سيني ۾ لڪائيندي چيو.
”ها! الاءِ جو ڇو؟ پر شايد ان ڪري جو هنن ڪڏهن پيار ڪين ڪيو آهي ۽ نه ڪي کين پيارجي پرک ٿئي ۽ نه ئي سندن دلين ۾ پيار جو جذبو ٿئي.“ مون هن جي ٻنهي ڳٽن کي پنهنجي هٿن تي ويڙهيندي چيو.
”پر تون خانل تون مونکي پيارکان جدا ڪين ڪندينءَ نه ۽ مونکي هن ويڪري دنيا جي ويڪري وجود جي حوالي ته نه ڪري ويندينءَ نه؟ ته آءٌ ساري ڄمار تو لاءِ تڙپندس، تو لاءِ هنجون هاريندس ۽ تنهنجي اڻ چٽي تصوير هميشه مون آڏو پئي ڦرندي. مونکي وري ساڳي طوفان جي لهر ۾ اڇلائي ڇڏيندي جتي هڪ تختي جيئن لڙهندو رهندس، لڙهندو ويندس. اوه ! تو ۾ مون ۾ مفاصلو تمام وڌي ويندو ايتري قدر جو اسانجي آه به اسان تائين ڪين پهچندي.“ مون خيالن ئي خيالن ۾ خانل کان پاڻ کي جدا محسوس ڪندي چيو.
”نه نه، راڻل اهي اوپرا خيال دل ۾ ڪين ڌارج، انهن ڌارين ڳالهين کي پنهنجي سانتيڪي من جي ڪنڊن ۾ ڪين لاهيندو وڃ. مان، مان تنهنجي آهيان ڇڙي تنهنجي، اسان کي ڪابه وير، ڪوبه طوفان هڪ ٻئي کان جدا ڪين ڪندو. اسين ته ڄايائي هڪ ٻئي لاءِ آهيون....“
....۽ ماضي جي ويڪري کوهه ۾ ڪنهن پٿر اڇلايو ۽ اهي لهرون ختم ٿيون ۽ نين لهرن وچ کوهه ۾ اڀرندي مونکي منهن ٻاهر ڪرڻ تي مجبورڪيو.
ماضيءَ جون ويرون منهنجون يادون آهن، پيار جي سٽيل جيو انمول خزانو آهن، اباڻا ڪک ياد ايندا اٿم ته وڍ پوندا آهن، خانل ياد ايندي اٿم ته زندگي ڊانوان ڊول ٿيندي محسوس ٿيندي اٿم، وساري ويهڻ چاهيان ٿو ته به کيس وساري نه ٿو سگهان، زندگي به هڪ عجيب چڪر آهي، داستان سو به دردن جو داستان، منهنجي لاءِ هڪ وڏو خزانو آهي، خانل ، جيڪا، جيڪا منهنجي هئي صرف منهنجي، منهنجي جذبن جي سونهن، منهنجي سونهن، منهنجي زندگيءَ جي سونهن، سا هُئي ته مان ائين سمجهندو هئس ڄڻ منهنجي زندگي مون سان آهي، منهنجا خيال ۽ خمار مون سان آهن. مونکي چڱي طرح چٽي طرح خانل جي ...آخري ملاقات ياد آهي جنهن کان پوءِ اسان جي زندگي تقسيم ٿي، زندگي جو بوتو ٻه حصا ٿي ويو، پيار جا پيچ ۽ قرب جا ڪيچ نظرن کان دور دونهن ڪارنهن ۾ مٽجي ويا.
مونکي ياد آهي ته اهڙي ئي هڪ ڪاري ڏائڻ رات، جنهن ۾ کنوڻ کلي رهي هئي، وڏ ڦڙو وسي رهيو هيو، هر ڪو پنهنجي گهرن۾ هٿيڪو هيو، ڄڻ زندگي آرامي هئي، خاموشيءَ جي ماحول کي بادلن جي گجگوڙ چيري رهي هئي، اونده ۾ بجلي جا تجلا آسمان کان زمين تي اچي رهيا هئا. اهو ڏينهن، اهو وقت اسان ٻنهي کي ميلاپ ۽ ملاقات تي هرکائي رهيو هيو ، مان کٽ تي ستل هوندي به سرنهن جي هيٺان وڃي ۽ بنسريءَ وڄائڻ تي بي چين ٿي ويس، مون بانسري کنئي ۽ مٽن مائٽن کي چوڻ بجاءِ سرنهن ڏانهن هلڻ لڳس، ٿڌي هوا بهار جي ۽ سياٽي جي هلڪي لهر، جسم کي ٿڌ بخشي رهي هئي، وڏ ڦڙي سبب منهنجا ڪپڙا آلا ٿيندا ويا، پر ان هوندي به مان هر ڳالهه کان بي نياز چڪ ۽ گپ، ڪنڊن ڪرڙن کان پاڻ بچائيندو سرنهن وٽ پهتس، جت سرنهن جي گلن جي خوشبوءِ وکري ساري ڳوٺ کي مست ڪري چڪي هئي، سچ پچ ايڏي هٻڪار مون ڪڏهن به ڪونه واسي هئي. خوشبوءِ جي خمارن ۾ ويڙهجي مست ٿي، بالم بڻجي آءٌ سرنهن سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس. ڪجهه وقت ماحول ۽ آسمان کي ڏسندو رهيس، وري ٻه ٽي ڊگها ساهه کڻي خوشبوءِ کي پنهنجي اندر ۾ آندم ۽ پنهنجي وجود کي به ان خوشبو ۾ ويڙهي مون کيسي مان بنسري ڪڍي ۽ وڄائڻ شروع ڪيم. ساه جي لهه چڙهه سان سرنهن جي خوشبو، بنسري جي سوراخن مان نڪري وکرڻ لڳي، وڇوڙي جي اڻانگي راه ميلاپ ۾ تبديل ٿيڻ لڳي.
راڻل، مان اچي ويئي آهيان.“
”خانل“ مون بنسري جي سوز ۽ نينڍ جو انت آڻيندي چيو.
”خانل هن ڀري برسات ۽ اونده جي وڳڙي ۾ تون ۽ هتي، ڪٿي برادريءَ کي خبر پيئي ته راڄ ۾ رولڙا پوندا ۽ پوءِ تون سمجهي سگهين ٿي ته تنهنجو منهنجو حشر ڪهڙو ٿيندو؟“ مون هن کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي وجود سان ويڙهيندي چيو.
”برادري اسان کي ڏنو ڇاهي راڻل، تون ۽ مان هڪ جند ۽ جان آهيون، توکي مون کي هڪ ٻئي کان جدا ڪندا ته اسانجون پيار ڀريون ڳالهيون ڳوٺ وارن جي چپن کان چري داستان بڻبيون ۽ پوءِ اسان نه هونداسين ته هرڪو اسان کي ياد ڪندو.“ خانل منهنجي هٿن کي چمندي چيو.
”خانل جي تو ۾ ۽ مون ۾ وڇوڙي جا جبل ڪوئي اڏي ته پوءِ.“ مون چيو.
”اسين انهن جبلن کي هٽائي ڇڏينداسين، اسين ڪابه روڪ ٽوڪ برداشت ڪونه ڪنداسين، تون مرد آهين ۽ مان عورت، اسان ٻنهي جي دليري ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندي.“ هن چيو.
”چري تولاءِ ته مان سڄي جڳ سان به دشمني ڪري سگهان ٿو، منهنجي حياتي به ته تون ئي آهين، توکانسواءِ مان به اڻ پورو آهيان، اسين ٻئي هڪ ٻئي لاءِ پيدا ٿيا آهيون ۽ هڪ ٻئي جا نيٺ ٿي رهنداسين.“
”مگر اهو به ڪڏهن ٿيندو، ڇا انهي چوري جي ملاقاتن جو سلسلو ائين پيو هلندو، نيٺ تون به ته ڪجهه ڪر، تنهنجون همتون ڏسي ته مان به جيئري آهيان.“
”اهو ته صحيح آهي پر تون سئوٽ جي مڱ آهين، مان ڳالهه چوريان به ته ڪنهن سان چوريان.“
”بهرحال ڪجهه نه ڪجهه توکي ڪرڻو پوندو، منهنجي وريل سان هونئن به نه پوي، نشئي ماڻهو آهي منهنجي سنڀال ته ڇڏ، هو ته پاڻ کي به پالي نٿو سگهي.“ خانل ٻک وجهندي چيو.
”ٺيڪ آ پاڻ ئي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، مان سڀاڻي ئي امڙ سان ڳالهه چوريان ٿو“
”پڪ ڳالهه ڪندين.“ خانل چيو.
”ها منهنجي راڻي“ مون کيس چيو.
”چڱو هينئر مونکي هلڻ کپي، ڪوئي اٿي پيو ته ٻنهي جو خير ناهي، تون به هل، ڪجهه رستو گڏ هلون ٿا، پوءِ مان اڳ ۾ ويندم ۽ پٺيان کڻي تون اچجانءِ.“ خانل اٿندي چيو.
”چڱو هل ڀلا“ چئي مان به اٿيس.
اسين ٻيئي گڏجي، پير پير ۾ پائي هلڻ لڳاسين. واه اڪري پرين ڀر پهتاسين.
”چڱو خانل اڳ تون هل، ته پوءِ مان اچان ٿو.“
”چڱو“ خانل چيو ۽ وري پوئتي بيهي مونکي ڏسڻ لڳي.
”اباڙي، راڻل مونکي ڪنهن جيت چڪ پاتوآهي، ڏس ته.“
هن جي رڙ تي مون هيٺ ڏٺو ته هڪ ڪاريهر شوڪارو ڪري کبڙن ۾ هليو ويو.
منهنجي پيرن هيٺان زمين ڇڏائجي ويئي. خانل سور کان رڙيون ڪري هيٺ ڪري پيئي ۽ پير کي وٺي ”راڻل ، راڻل“ ڪرڻ لڳي.
منهنجا ڇيهه ڇڄي پيا، رڳن مان رت سڪي ويو، زندگي جون سموريون خوشيون فنا ٿيڻ لڳيون.
”راڻل مونکي کڻي هل، مان گهمڻ جهڙي ناهيان، مونکي الاءِ جي ڇا ٿيندو ٿو وڃي.“
مون هن کي کنيو ۽ ڳورن قدمن سان، هن جي بوجهه سان پاڻ کي چوريو ۽ گهرن ڏانهن وڃڻ لڳس، مون بجليءَ جي چمڪ ۾ ڏٺو ته خانل جون اکيون بند ٿي رهيون هيون.
راڻل آخري ڀيرو مونکي پنهنجي وجود ۾ ڍڪي ڇڏ، پوءِ الاءِ جي ستيون سلامت هجن يا نه، ساه هجي يا نه“ هن چيو.
”نه خانل همت ڪر، ائين ڪيئن ٿيندو، توکي مونکي پنهنجي دنيا وسائڻي آهي، خوابن کي سچو ڪرڻو آهي، ڪهاڻي کي ڪهاڻي ڪرڻو آهي.“ ڪجهه دير همت ڪر، ڏس سامهون پنهنجا گهر آهن، مون هن کي ٻانهن ۾ سوگهو ڪندي چيو.
”راڻل“ آخري سڏ ڪندي خانل هميشه لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون، مونکي منهنجي سوال جو جواب به ڪونه مليو.
مون هن کي ويڙهي ۾ آندو، منهنجي اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي، خانل هميشه لاءِ مونکي وڇوڙو ڏيئي ويئي، مون قوتون ميڙي سڀن کي اطلاع ڏنو ته خانل کي نانگ ڏنگي وڌو آهي ، هرڪو ڀڄ ڊڪ ۾ هئو پر مان گوڙ کان دور، گهمسان کان دور ڪجهه دير اڳ جي ملاقات ۽ پنهنجي جان، زندگي، روح ۽ پيار جو سوچي رهيو هئس، هوءَ هلي ويئي، منهنجو جيون اڌورو، مان وياڪل، منهنجا سپنا وياڪل، منهنجي دل وياڪل، ماحول وياڪل، زندگي جو سپنو اڻ پورو رهجي ويو، منهنجي دنيا اجڙي ويئي. منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي هليا، جڏهن دنيا ئي ناهي ته پوءِ هت رهڻ ڇا معنيٰ ٿو رکي.
مون بانسري کي چپن تي آندو ۽ هميشه هميشه جي لاءِ، وڇوڙي، دوري، درد ۽ پيڙا جي گيتن کي گونجاريندو اهو ديس، اها زمين، اهو ڳوٺ، اهو ويڙهو ڇڏي آيس. هوءَ اڄ به مون کي ياد ايندي آهي، مان اڄ به کيس ياد ڪيان ٿو، مان اڄ به هن لاءِ گيت ڳايان ٿو، ڪڏهن ته هوءَ ايندي، منهنجا خواب سچا ٿيندا، منهنجي زندگي مڪمل ٿيندي.
مان آڪاش ۽ تارن کي ڏسان ٿو، خاموش ماحول کي ڏسان ٿو ۽ ان ۾ خيالي تصوير خانل جي ڏسان ٿو، هوءَ مون وٽ ايندي آهي، منهنجو درد دور ڪرڻ ۽ مونکي ڏسڻ، مان زنده آهيان ته هوءَ ايندي رهندي ڪنهن لاءِ صرف مون لاءِ مون لاءِ.