ٽوڙي بند
دل ۾ ڪيئي وسوسا وڌي ويا هئا ۽ دماغ سوچن جي سمنڊ ۾ لهي ويو هو.
سوچيان پيو:ٽوڙي بند ٽٽي ويو ۽ منهنجو ڳوٺ ته، ٽوڙيءَ کان رڳو ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي آهي، پاڻيءَ کي منهنجي ڳوٺ پڄڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو! منهنجي پڄڻ کان اڳ، منهنجي ڳوٺ جو الائي ڪهڙو حال ٿيندو؟ جتي منهنجو پوڙهو پيءُ، ماءُ ۽ منهنجي ننڍي ڀيڻ رهن ٿا، الائي ڪهڙي حال ۾ هوندا. خدا خير ڪري، منهنجي پهچڻ تائين شل سڀ ڪجهه ٺيڪ هجي.
لڳ ڀڳ پنج سال ٿي ويا آهن، ڳوٺ منهن ئي ناهي ڪيو، بس هڪ ننڍپڻ جي دوست وٽان ابي ، امڙ ۽ ڳوٺ جو حال احوال وٺندو رهندو هيس. پاڻ پڻي منجهه سڀ ڪجهه وساري ويٺو هيس.
مينهن جي رفتار گهٽجي وئي ته، مون گاڏيءَ جي رفتار تيز ڪري ڇڏي. مٿي آسمان تي ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ رکي رکي کنوڻ کلي پئي.
منهنجي اڳيان پٺيان گاڏين جون قطارون هيون، هر ڪنهن کي تڪڙ هئي پنهنجي منزل تي رسڻ جي ۽ مونکي به جلدي هئي پنهنجي ڳوٺ پهچڻ جي.
ڳوٺ ۾ منهجون ڪيئي سارون به رهيل هيون ، جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهيس ۽ ڪڏهن انهن مٿان خيما کوڙي ويهي ٿي سگهيس.
سانوڻ ۾ اسڪول کان ڀڄي دوستن سان گڏ سون واهه تي تڙ ڪندا هئاسين، والي بال کيڏندا هئاسين، ڪوڏي ڪوڏي کيڏندا هئاسين ۽ راتيون پهاڪن پرولين سان گذاري ڇڏيندا هئاسين.
صبح سويري امڙ جي هٿن سان تيار ٿيل چانورن جي ماني، مکڻ جو چاڻو ۽ لسيءَ جو وَٽو کائي پي پوءِ اسڪول روانو ٿيڻ . مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ بي.اي پڙهڻ لاءِ جيڪب آباد جي ڊگري ڪاليج ۾ داخلا ......
اوچتو گاڏيءَ کي بريڪ لڳي ته، خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست مراد بلوچ ننڊ مان جاڳي پيو.
”ڇا ٿيو. خير ته آ!“
”جي ها. خير آهي، سامهون گاڏين جون قطارون آهن، پاڻ کي به بيهڻو پيو.“
مراد گهڙي ۾ نهاريو، ڏينهن جا ساڍا ڏهه وڄي رهيا هئا.
”هي درياهه سنڌ آهي، سامهون سکر جو شهر ڏسون پيا.“
”پاڻ ڪهڙي پاسي هلنداسين.“ هن پڇيو.
”اسين درياهه جو ساڄو پاسو وٺي، روهڙي شهر جي ٻاهران ٻاهران، گهوٽڪي، اٻاوڙي کان ٿيندا، ڪشمور هلنداسين.“ مون چيو.
رستو کليو ته، گاڏيون هلڻ لڳيون، اسين به آهستي آهستي اڳتي وڌياسين.
روهڙي شهر ٻاهران پيٽرول پمپ تي گاڏيءَ جو تيل پاڻي چيڪ ڪيوسين، ڀرسان هوٽل تي چانهه پيئڻ ويٺاسين، هوٽل ۾ ٽي ويءَ تي خبرون هلن پيون، ”ٽوڙيءَ جو پاڻي ٺل شهر ڏانهن وڌي رهيو آهي، اوسي پاسي وارا ڳوٺ خالي ٿي ويا آهن ۽ ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن نڪري ويا.
مينهن هڪ ڀيرو وري شروع ٿي ويو هو. اسين تڪڙا اٿي منزل ڏانهن روانا ٿياسين.
وقت تيزيءَ سان گذرندو ٿي ويو. پنجاب جي سرحدي علائقي کان گُڊوءَ پڳاسين.
درياهه پنهنجي مستي ۽ موج ۾ هو.
درياهه ۾ اها مستي ۽ موج مون پهريون ڀيرو ڏٺي.
اسين جڏهن هت پڪنڪ ملهائڻ ايندا هئاسين، تڏهن درياهه شاهه مسڪين ۽ نماڻو هوندو هو.
هينئر ڏسان پيو، درياهه شاهه ڪرڙيون اکيون ڏيکاري پيو، هن جو رنگ ڳاڙهو ۽ پيلو ٿي لڳو.
مون سمجهي ورتو، درياهه شاهه کي ڪنهن ڇيڙيو آهي.
درياءَ شاهه ناراض آهي.
منهنجي اکين مان ڳوڙها تري آيا.
گاڏي اسٽارٽ ڪيم، ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ روڊ تي روانا ٿياسين، مراد بلوچ لاءِ اهو سڀ ڪجهه نئون هو.
هو چوڻ لڳو، ”يار انور مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو دهشت ڀريو منظر نه ڏٺو آهي.“
مون کيس چيو، ” تون ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو آهين ۽ ٻاهر جي دنيا ڪو نه ڏٺي آهي. انهيءَ ڪري هي سڀ ڪجهه توکي نئون لڳي ٿو، پر منهنجي لاءِ اها نئين ڳالهه ناهي. ڇو ته مان هتان جو ڄائو آهيان.“
”تون سچ ٿو چوين، هر ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار آهي.“ هُن چيو.
برسات اڃان به هلڪي هلڪي وسي رهي هئي. مون گهڙيءَ ۾ نهاريو. شام جا ساڍا چار وڄي رهيا هئا. منهنجي منزل ۾ اڃان ٻه ڪلاڪ باقي هئا.
گاڏيءَ جي رفتار تيز ڪيم. اوندهه ٿيڻ کان اڳ پنهنجي منزل تي پهچڻ جو پهه هو.
روڊ تي افراتفريءَ جو عالم هو. ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا هئا. ماڻهن کي جيڪا سواري ملي ، نڪري پيا...
”هي، ايترا ماڻهو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن“ مراد بلوچ پڇيو.
”انهن جي منزل مٿانهينءَ واري پناهه گاهه آهي.“ مون چيو.
”پر هي ته، پيادل آهن، ڪيترو پنڌ ڪري سگهندا!؟.“ هن پڇيو .
”هنن جا ارادا پختا آهن، همت هنن کي منزل تي پهچائيندي. زنده قومون صرف منزل تي نظر رکنديون آهن.“ مون کيس جواب ڏنو.
مون گاڏيءَ جي رفتار گهٽائي ڇڏي. لڏپلاڻ قافلا هڪ ٻئي پٺيان هلندا پئي آيا.
جيئن جيئن اسين ٺل شهر ڏانهن وڌندا پئي وياسين. تيئن تيئن منهنجي فڪر ۾ واڌارو ٿيندو ٿي ويو. مان ڏسان پيو، ٻوڏ ماڻهن جو سڀ ڪجهه ٻوڙي ڇڏيو. صرف جان بچائي هلندا پيا وڃن.
اسين ڳوٺ جي ويجهو پهتاسين. ٽوڙي بند جو پاڻي روڊ مٿان تيزيءَ سان ڊوڙندو پئي ويو. مون هڪ طرف نظر ڊوڙائي ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏل هئا...
سامهون منهنجو ڳوٺ نظر اچي رهيو هو . مان گاڏي بيهاري. ٻاهر نڪتس، گاڏيءَ مٿان ٽيڪ لڳائي ڳوٺ ڏانهن نظر ڊوڙائي، صرف مسجد جا مينار نظر اچي رهيا هئا.
گهر لڙهي ويا، اسڪول لڙهي ويو، سڀ ڪجهه لڙهي ويو. منهنجي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا.
سڏڪا ڏيڻ لڳس. آسمان ڏانهن ڏٺم.
اي الله، سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.
ڪُجهه به باقي نه بچيو.
مراد مونکي حوصلو ڏيڻ لڳو، موبائيل فون جي گهنٽي وڳي.
مراد، گاڏيءَ مان موبائيل کنيو ۽ ڳالهائڻ لڳو.
هُن مونکي آواز ڏنو، ”ڪراچي مان فون آهي، صنم ڀاڀي ڳالهائي پئي.
مان گاڏيءَ ۾ ويٺس، موبائيل ڪن تي رکيو،
“Hello, Hello”
”جي“
”تون فڪر نه ڪر، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“ صنم فون تي تسلي ڏيندي ڳالهايو.
”تمام دير ٿي وئي، مون پهچڻ ۾ دير ڪئي، هت سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي.“ مون چيو.
”حوصلو رک، ڪجهه به ختم نه ٿيو آهي، پاڻ کي سنڀال.“ صنم ڳالهايو.
”ابي، امڙ جي خبر نه پئي ته هو ڪٿي آهن، ڪهڙي حال ۾ هوندا.“ مون چيو.
”خبر پئجي ويندي، جتي جتي ڪئمپون لڳيون آهن، اتان جانچ ڪري وٺنداسين. هينئر رات ٿيڻ واري آهي، واپسيءَ لاءِ روانو ٿي“ صنم چيو.
مان ڊرائيور سيٽ جي ڀرسان ويهي رهيس، مراد بلوچ گاڏي ڊرائيو ڪرڻ لڳو.
”ساڳئي رستي سان واپسي.“ مون چيو.
هن گاڏي واپس موڙي ۽ ڪنڌڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو.
رات پر پکيڙڻ لڳي هئي ۽ انڌيرو وڌندو ٿي ويو.
مراد گاڏيءَ جي هيڊ لائيٽ کولي ڇڏي.
فرلانگ پنڌ تي، ڪوئي هٿ جي اشاري سان گاڏي روڪڻ لاءِ چئي رهيو هو. ويجهو پهچڻ تي مون ڏٺو، هڪ پوڙهو، پوڙهي پنهنجي ٻن ٻارن سان گڏ روڊ جي پاسي بيٺل هئا. مٿان برسات تيز وسي رهي هئي.
مون مراد کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيو، گاڏي بيٺي. هو اڳتي وڌي آيا.
سائين اسان کي اڳتي ڪنهن هنڌ تي لاهي ڇڏيو، ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه لڙهي ويو.
مون دروازو کوليو، اهي گاڏيءَ ۾ ويهي رهيا.
گاڏي هلڻ لڳي.
”ابا، الله سائين سدائين خوش رکندوَ.“
”چاچا ڪيتري دير کان بيٺا آهيو، ڪهڙي ڳوٺ جا آهيو؟“ مون پڇيو.
”ابا، ڪافي دير کان بيٺا آهيون، برسات تيز ٿي وئي، هلڻ کان لاچار ٿياسين.“ پوڙهي چيو.
مون ٻيهر پڇيو، ”ڪهڙي ڳوٺ جا آهيو؟“
”ابا محمد سومرو جا آهيون. سڀ ڪجهه لڙهي ويو، ڪا شئي نه بچي.“
”محمد سومرو جا آهيو“ مون خوشيءَ ۽ حيرانيءَ مان پڇيو.
”ها، ابا محمد سومرو“ هن چيو.
”مان به محمد سومرو ڳوٺ جو آهيان. ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو ڪيڏانهن ويا، مان ماستر خدا بخش جو پٽ آهيان، ڪيڏانهن ويا منهنجو ابو امڙ .“
مون هن کان ڪيترائي سوال ڪري ڇڏيا.
”ابا، تنهنجي خاندان وارا، چون پيا اسين حيدرآباد يا ڪراچي وينداسين، سي ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ مان ٻين سان گڏ جي هتان هليا ويا.“ هن ٻڌايو.
اها ڳالهه ٻڌي منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي.
منرل واٽر جون ٻه بوتلون ۽ بسڪوٽ پاڪيٽ ڪڍيا.
”اچي هي وٺو، پاڻي پيو ۽ بسڪوٽ کائو.“ مون چيو.
”چاچا، توهان ته پنهنجي ڳوٺ جا نڪتا آهيو، ڳڻتي نه ڪيو جتي چوندا اتي اوهانکي پڄائبو.“ مون انهن کي تسلي ڏيندي چيو.
”ابا الله اوهان کي خوش رکندو آباد رکندو، بس ڪنڌڪوٽ لاهي ڇڏيو، پوءِ به ڳوٺ جي ويجهو ته هونداسين، پاڻي لهي ويندو ته، واپس ڳوٺ ورنداسين.“ پوڙهي چيو.
ٽوڙي بند موت جو پروانو کنيون وڏي رفتار سان ٺل کان جيڪب آباد طرف وڃي رهيو هو، ۽ اسين ڪشمور طرف وڃي رهيا هئاسين. مونکي پنهنجو فڪر، ابو امڙ ڪٿي هوندا، ڪهڙي حال ۾ هوندا، انهيءَ فڪر ۾ ٽيهن ڪلاڪن کان مٿي سفر ڪري چڪا هئاسين.
ڪنڌ ڪوٽ شهر ۾ مون مسافرن کي لاٿو ۽ انهن کي ڪجهه ڏوڪڙ ڏئي اڳتي ڪشمور کان سکر روانا ٿياسين.
صبح جو چار لڳي سکر پهچي وياسين، ڪجهه گهڙيون آرام ڪيوسين.
ماڻهن جي شور ۽ گوڙ ۾ اک کلي، مون ڏٺو رستا روڪ تي ماڻهو هڪ ٻئي سان اٽڪيا پيا هئا.
گاڏين ۽ ماڻهن جون وڏيون قطارون هيون. ڪنهن پٺيان گاڏيءَ کي ڌڪ هڻڻ لڳا. هلو اڳتي، هلو اڳتي.
مون مراد کي اشارو ڪيو، گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ ڪراچيءَ واري روڊ تي روانا ٿياسين.
موبائيل جي گهنٽي وڳي،
”هيلو، هيلو، انور، انور.“
”هيلو، ڳالهايان پيو. صنم.“
”خيريت سان آهيو، هينئر ڪٿي آهيو.“
”سکر مان روانا ٿيا آهيون ۽ اها خبر ملي آهي ته ابو امڙ حيدرآباد جي ڪنهن ڪئمپ ۾ آهن يا ڪراچيءَ ۾، هينئر اتي انهن کي ڳولڻو پوندو.“
”ٺيڪ آ، ٺيڪ، فڪر جي ڪهڙي ڳالهه آهي، اتي ڳولهي وٺنداسين، توهان پنهنجو خيال ڪيو، وڌيڪ پريشان نه ٿيو.“
”ٺيڪ آ، ٺيڪ.“
”چڱو الله حافظ“
”الله حافظ“
”يار مراد، تنهنجي ڀاڄائي ڪيڏي نه فڪر مند آهي منهنجي لاءِ. فون مٿان فون ڪري ڄاڻ پئي رکي.“ مون چيو.
”تون خوشنصيب آهين جو اهڙي پيار ڪرڻ واري گهر واري ملي اٿيئي. نه ته اڄ جي دور ۾ مرد مصيبت ۾ آهي.“ هن چيو.
”مان هنن جي اڳيان ڪجهه به ته نه آهيان، هوءَ هڪ امير پيءُ جي ڌيءَ ۽ مان هٿين خالي.“ مون چيو.
”پر يار، اهو ته ٻڌاءِ ته اها شادي ٿي ڪيئن، ڪهڙو جادو هو، جو هن توکي پسند ڪيو؟“
”اهو قصو ڪنهن ٻئي مهل تي ٻڌائيندس.هينئر مان پريشان آهيان.“
”ٺيڪ آ، ٺيڪ آ، ۽ پريشان نه ٿي، والدين ضرور ملي ويندا.“ هن چيو.
گاڏي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي، شام چار وڳي حيدرآباد پهتاسين. ڪئمپن جي ڄاڻ وٺي اوڏانهن روانا ٿياسين. ڪئمپن ۾ ماڻهو بي حال هئا. هر طرف پريشانيءَ جو عالم هو. نه ڪو پڇڻ وارو نه ڪوئي مدد ڪرڻ وارو.
ٻار روئن پيا، ماڻهو آسمان ڏانهن نهارين پيا. اهو حال ڏسي، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
سوچيان پيو، هنن جو ڇا ٿيندو؟
سوچيان پيو، ايترو پري کان تڪليف سان منزلون ڪاٽي هت ڪنهن جي آسري تي آيا آهن؟
حيدرآباد مان خالي هٿين، ڪراچي روانو ٿيس.
ڪراچي منهنجي آخري اميد هئي.
رکي رکي مينهن ڪڻيون پئجي رهيون هيون . کليل آسمان هيٺان ماڻهن لاءِ وڌيڪ پريشاني ٿيڻ لڳي، اهڙي حالت ۾ انسان بيوس ۽ لاچار آهي، ڇا ٿو ڪري سگهي. صرف آسمان ڏانهن نهاري سگهي ٿو.
رات جا ڏهه وڄي رهيا هئا. پري کان ڪراچيءَ جون بتيون نظر اچي رهيون هيون.
جيئن ويجهو ٿيندا ٿي وياسين، تيئن تيئن منهنجي اندر ۾ اڻتڻ ۽ بيقراري وڌندي ٿي وئي.
سوچيان پيو جيڪڏهن والدين ڪراچيءَ جي ڪئمپن ۾ نه مليا ته پوءِ ڇا ٿيندو!؟؟
اسين ڪراچي ۾ داخل ٿي وياسين. مون سڀ کان پهريون پنهنجي پياري دوست کي فون ڪيو، هو نجي چينل تي نمائندي جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. هن کان ڪراچي ڪيمپن جي معلومات ورتي. پوءِ هر هنڌ گاڏي ڊوڙائي سين. رات جو هڪ وڳي تائين هيڏانهن هوڏانهن ڦرندا رهياسين، بي مقصد، بي حال، واپس گهر موٽياسين.
ٻئي ڏينهن وري ڳولا ۽ اسين ڪراچيءَ جي ٻوڏ ڪئمپن ڏانهن روانا ٿياسين. جتي جتي خبر پئي اتي اتي وياسين. صبح کان شام ٿي وئي ۽ شام کان رات، ڪٿي به ابي امڙ جو ڏس نه پيو. ويا ته ڪيڏانهن ويا، مان مٿي کي هٿ ڏئي زمين تي ويهي رهيس. اميد جا ڪرڻا به آهستي آهستي گم ٿيڻ لڳا.
دوست چوڻ لڳو، ”اميد رک، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، هڪ ڏينهن تنهنجا ابو امڙ ضرور ملي ويندا.“
مون چيو“ اهو ڪهڙو ڏينهن هوندو، اها ڪهڙي گهڙي هوندي.“
خوف مونکي اندر اندر کائيندو ٿي ويو. سوچيان پيو، اهي ڪهڙي حال ۾ هوندا، ڪير انهن جي سار لهندو، هنن وٽ ته ڪجهه به نه هوندو، جيڪو ڪجهه هين سي سڀ ڪجهه ٻوڏ ۾ لڙهي ويو.
مون ڳولها جاري رکي، ٻوڏ ڪئمپن جا حال ڏسي آءٌ بي حال پئي ٿيس. بُک ۽ بيمارين ماڻهن کي هيڻون ڪري وڌو هو.
شام جو مٿي کي هٿ ڏئي ويٺاسين سوچڻ ،ته ٻين شهرن جون ڪئمپون به ڏسڻيون پونديون، سکر جون ڪئمپون، بلوچستان جون ڪئمپون.
مون تياري شروع ڪئي، گاڏيءَ ۾ ضروري سامان ۽ صبح جو نيرن کان پوءِ ڪراچيءَ کان روانو ٿيڻ جو پروگرام طئي ٿيو.
پر مان هڪ وار وري پروگرام تي سوچڻ لڳس. جيڪڏهن سکر کان شڪارپور، جيڪب آباد ۽ پوءِ بلوچستان نصير آباد ڊويزن جا شهر ٽنڊوالهيار ۽ ڊيرا مراد جماليءَ جا علائقا ڏسان، پر شڪارپور کان جيڪب آباد زميني رستو ڪٽجي چڪو هو ۽ ٻيو جيڪب آباد کان ڊيرا مراد جمالي زميني رستو ڪٽجي چڪو هو.
رات سوچن ۽ نراسائيءَ ۾ گذري وئي.
صبح جو چانهه جي وقت، مون T.V کولي ۽ خبرون ٻڌڻ لڳس.
T.V ۾ هڪ پروگرام هلي پيو، نمائندو پڇي پيو، ”چاچا ٻڌايو. اوهان کي هت آئي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن؟ هيءَ اوهان جي گهر واري آهي ۽ هيءَ ٻارڙا آهن؟“
”ابا هت ڏهه ڏينهن ٿيندا، هي منهنجا ٻارڙا آهن ۽ هيءَ انهن جي ماءُ آهي.“
”چاچا ڪٿان آهيو؟“
”ابا ٺل جي ويجهو ڳوٺ آهي، جيڪب آباد کان آيا آهيون.“
مون هڪدم چانهه جو ڪپ ميز تي رکيو ۽ T.Vڏسڻ لڳس.
حيران ٿيس، جن کي ڳوليان پيو سي هت آهن. مون پنهنجي گهر واري کي سڏيو.
T.V نمائندو پڇي پيو، ”چاچا ڪجهه امداد وغيره ملي آهي.“
”نه نه بابا فاڪا ڪاٽيون پيا، ڪوئي به هت ناهي آيو.“
”اوهانکي گهر جي ڇاڇا.“ نمائندو.
”صرف کائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه، به نه.“
”هت ڪٿي رهيا پيا آهيو،“
”او هُت، وڻن جي هيٺان. پوءِ کائڻ هت روڊ تي ايندا آهيون، جي ڪجهه مليو ته ٺيڪ نه ته الله جو شڪر.“
مون T.V بند ڪئي ۽ سمجهي ورتو ڪئمپ ڪٿي آهي. صنم کي کنيو ۽ روانو ٿيس ڪئمپ ڏانهن.
ٿوري دير ۾ مان ۽ صنم هنن جي سامهون هئاسين.
هنن مونکي ڏٺو ۽ روئي ويٺا.
صنم تسلي ڏيندي چيو، ”گهٻرايو نه، اسين اچي ويا آهيون، اوهان کي وٺڻ لاءِ.“
”ها بابا، اسين وٺڻ آيا آهيون.“
مون امڙ کي چڪاس ڪيو.
هوءَ بيمار لڳي پئي.
مان هٿ ٻڌي بيهي رهيس، ڳوڙها اکين ۾ لار ڪري وهي رهيا هئا.
مون چيو، ”مان قصور وار آهيان، اوهان جو خيال نه رکيم، مونکي معاف ڪيو، مونکي معاف ڪيو.“
۽ پوءِ انهن جي پيرن تي ڪري پيس ۽ ابي امڙ جي پيرن کي چمڻ لڳس....