شاعري

چوڏس مينگهه ملهار

شاعريءَ جي هن گڏيل مجموعي جو مرتب فياض منصور آهي جڏهن ته عزيز سولنگي، فياض منصور، عمران انجم، حافظ عبيد چنه، وفا گل محمد جمالي، ذاڪر سيتائي ۽ سرويچ ناٿن شاهي جي شاعري هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2328
  • 624
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض منصور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چوڏس مينگهه ملهار

عطر اهو آهي (مهاڳ)

فارسي ۾ هڪـ چوڻي آهي ته “ عطر آنست که خود ببويد نه که عطار گويد ” ( عطر اهو آهي جو پاڻ پنهنجي خوشبو ڏئي، عطر وڪڻندڙ ان بابت ڪجهه نه چوي ) اها ساڳي ڳالهه شاعري سان پڻ لاڳو ٿئي ٿي. شاعري اُها هجي جيڪا خود ٻڌائي ته مون ۾ دم آهي. اُها فني ۽ فڪري حوالي سان دل کي ڇُهندڙ ۽ وڻندڙ هجي. اڄ ڪلهه اسان وٽ اهو رجحان زور پڪڙي رهيو آهي ته شاعري ۾ ڀل ڪجهه نه هُجي، پنهنجي ڪنهن دوست يار بلڪـ ڏهن کان ويندي پندرهن دوستن کان مُهاڳ ۽ نوٽ لکرائي لفظي خيرات وٺجي ۽ وڃي وڏي شاعر ۾ پاڻ کي فِٽِ ڪجي.ادب ۾ جڏهن اهڙيون ياريون باشيون، دوستيون ۽ دوست نوازيون جنم وٺنديون آهن تڏهن معياري ادب جي رستا روڪـ ٿي ويندي آهي ۽ عاميانه ادب جنم وٺندو آهي. “ من تُرا حاجي بگويم، تُو مرا قاضي بگو ” وارو دستور عام ٿي ويندو آهي.اها هڪـ اهڙي روايت آهي جنهن ۾ معياري ۽ غير معياري ادبي وٿن جي تميز ختم ٿي ويندي آهي. ٻولي جي موثر واڌ ويجهه ، اوسر کي هڪـ پاسي ڌڪـ لڳندو آهي، ٻئي پاسي فن ۽ فڪر موڪلائي ويندو آهي. اها هڪـ اهڙي ڳالهه آهي جيڪا هر هڏ ڏوکي اديب ۽ شاعر جي ذهن ۾ سواليه نشاني بڻيل آهي.
شاعري هُونءَ به هڪـ ڊگهي رياض، مسلسل مشق آزمائي، تجربي، مشاهدي، فن ۽ فڪر جو نانءُ آهي مگر هتي سهل پسندي، سکڻ ۽ پرائڻ کان ڪن لاٽار خود پسندي ۽ پذيرائي جو مرض وڌي رهيو آهي. هر اُسرندڙ شاعر پنهنجي سَستي شهرت وٺڻ جي پويان آهي ۽ جلدي ۾ “ صاحب ڪتاب ” ٿيڻ جو جُنون سندس سِرَ تي سوار آهي. هر شئي لاءِ وقت ضروري هوندو آهي. هر ميوو پچڻ ۾ وقت کائيندو آهي ۽ جڏهن اُهو پچي راس ٿيندو آهي تڏهن ئي لذيذ ۽ مزيدار ٿيندو آهي. بقول سعدي شيرازي
“ انگور نو آورده ترش طعم بُوَد،
روزي دوسه صبر کن که شيرين گردد ”
( انگور نئون نئون کائڻ ۾ کٽو هوندو آهي، ٻه ٽي ڏينهن صبر ڪر ته جيئن شيرين ٿئي ) ان ئي ڳالهه جي تائيد ۾ فارسي جو هڪـ ٻيو شعر آهي ته ؛
“ سالها بايد که تايک سنگ اصلي ز آفتاب
لعل گردد در بدخشان يا عقيق اندر يمن.
عمرها بايد کي تايک کودکي ازدوئي طبع،
عالمي گردد نکو يا شاعر شيرين سُخن. ”
( ان کي سال کپن ته هڪـ پٿر سج جي تَپش ۾ بدخشان ۾ لعل بڻجي يا يمن ۾ عقيق بڻجي اهڙي ريت هڪـ عمر کپي ٿي ته ڪو ڇوڪر پنهنجي طبيعت جي حساب سان عالم بڻجي يا شيرين سُخن شاعر بڻجي )
هڪـ ڀيري هڪـ نوجوان دوست پنهنجي ڪچي ڦِڪي شاعري جو مسودو کڻي مون وٽ پهتو چوڻ لڳو “ سائين هن تي ڀرپور مهاڳ لکي ڏيو ” مون هن کي عزت سان ويهاريو، خاطر تواضع ڪئي، ايتري ۾ مون هُن جي شاعري تي به هڪـ طائرانه نظر ڦيرائي ورتي. هُن جي شاعري هڪـ خام مواد وانگر لڳي جنهن ۾ نه ڪو وزن بحر هيو نه ئي فڪر !! مون هُن کي چيوته ادا اوهان جي شاعري وزن بحر کان وانجهيل آهي، هيءَ اڃا رياض ۽ پختگي گُهري ٿي. اوهان عروض ۽ ڇند وديا جي پوري ڄاڻ حاصل ڪيو ڪنهن قابل سينئر شاعر وٽ وڃو يا عروض تي لکيل ڪتاب غور سان پڙهو. پاڻ ۾ فن سان گڏ فڪري سگهه پيدا ڪيو. ههڙي ڪچي ڦڪي شاعري تي آئون ڪهڙو مهاڳ لکان جنهن ۾ نه وزن آهي نه بحر ، نه قافي ۽ رديف جو درست استعمال، نه سليق نه سباق !! آخر ته شاعري جون ڪي فني ۽ فڪري ضرورتون به آهن ههڙي ڪچي ڦِڪي شاعري جو ڪتاب ڇپائڻ سان اوهان جو ڪو به قد ڪاٺ نه اُڀرندو.هُو منهنجي مُنهن ۾ چِتائي نهارڻ لڳو ته مون وري به نهايت شفقت ۽ پيار سان هُن کي چيو ته “ آئون اوهان جي دلشڪني ڪرڻ نه ٿو چاهيان. اوهان کي شاعر بڻجڻ جو اشتياق آهي، جا سُٺي ڳالهه آهي. منهنجون به اوهان لاءِ اهي ئي نيڪـ خواهشون آهن ته اوهان هڪـ سُٺا شاعر ٿيو پر شرط آهي ته شاعري جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪيو ۽ مسلسل رياض جاري رکو ” . نوجوان کي اِها ڳالهه نه آئڙي پنهنجو مسودو کڻي روانو ٿي ويو بلڪـ ان ڏينهن کان وٺي دوستن ۾ مون بابت چوندو رهيو ته بشير مغرور آهي پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجهي وغيره وغيره !! افسوس جو اُن نوجوان کي منهنجو سَچُ گِران گُذريو. ڳالهه جي تَههَ تائين وڃڻ ۽ منهنجي ان نيڪـ مشوري کي هِنئين سان هنڊائڻ بجاءِ پنهنجي ضد ۽ انا تي قائم رهيو ۽ قائم آهي. اوهان ٻڌايو ته ان ۾ نقصان ڪنهن جو ٿيو ؟
اڄ ڪلهه جي ڪن نوجوانن ۾ سهپ ۽ سنجيدگي گهٽ آهي. ڪنهن جو ڪو مشورو ، ڪا صلاح ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. هُو جا به شاعري ڪن ٿا اُها حرفِ آخر سمجهن ٿا ٻيو ته اسان وٽ اهڙن رسالن جي گهڻائي آهي جيڪي ادبي گهٽ ۽ ڪمرشل زياده آهن ۽ غير معياري شاعري شايع ڪن ٿا. ڪنهن نوجوان جو هڪـ اڌ شعر شايع ٿئي ٿو ته ڄڻ کيس شاعر هجڻ جي سَندَ حاصل ٿي وڃي ٿي. ۽ هُو پڙهڻ پِرائڻ جي ويجهو نه ٿو وڃي. مٿي ذڪر ڪيل نوجوان جي ڳالهه تان اچانڪـ هڪـ ڳالهه ياد اچي وئي آهي جيڪا مون هڪـ فارسي ڪتاب “ هزارويک حکايات تاريخي ” جلد 1 ۾ پڙهي، دل چاهي ٿي ته اوهان کي به ٻڌائي ڇڏيان.
فتح علي شاهه قاچار جيڪو 1797ع کان 1834ع تائين ايران جو بادشاهه رهيو، سو شاعري به ڪندو هو سندس شاعرانه تخلص “ خاقان ” هيو. هڪـ ڀيري شعر لکي پنهنجي دور جي مشهور معروف شاعر صباڪاشاني جيڪو “ ملڪـ الشعرا ” جي خطاب سان نوازيل هو، جي اڳيان پڙهيائين ۽ اُن کان پُڇيائين ته هي شعر ڪيئن آهي ؟ ملڪـ الشعرا ، بادشاهه جو شعر ٻُڌي چوڻ لڳو ته “ اهو شعر مضمون کان خالي، بيڪار ۽ بي اثر آهي ” بادشاهه کي ان ڳالهه تي ڏاڍو غصو آيو ، سو ويچاري ملڪـ الشعرا لاءِ حڪم ڏنائين ته هن کي گهوڙن جي تنبيلي ۾ وٺي وڃو، سندس ڳِچيءَ ۾ رَسو وِجهي هڪـ آهوري جي اڳيان ٻڌي ڇڏيو ۽ ڪجهه گاهه اڳيان رکي ڇڏيوس.
ڪجهه وقت کان پوءِ وري جڏهن بادشاهه ٻيو شعر ٺاهيو ته حُڪم ڏنائين ته ملڪـ الشعرا کي وٺي اچو. جڏهن هُو ملڪـ الشعرا کي وٺي آيا ته بادشاهه هن کي ويهاري پنهنجو اهو نئون تازو ٺهيل شعر هُن اڳيان پڙهي ۽ راءِ طلب ڪئي. مَلڪـ الشعرا بنا ڪجهه چوڻ جي اُٿي ۽ وڃڻ لڳو. بادشاهه پُڇيس “ ملڪـ الشعرا ڪيڏانهن ٿو وڃين ” چوڻ لڳو حُضور! گهوڙن جي تنبيلي ڏانهن !! بادشاهه کِلي ڏنو ۽ وري ڪڏهن پنهنجو شعر مَلڪـ الشعرا جي اڳيان نه پڙهيائين.
تنقيد سهڻ، نه سهڻ جا ڪيئي تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهن. مون کي نوجوانن لاءِ عزت آهي آئون انهن لاءِ نرم گوشو.( Soft (soft corner )
رکندو آهيان. انهن جا احساس ۽ جذبات ڏاڍا نازڪـ ۽ ٽاڪئان ٿيندا آهن. آئون انهن جي دل ٽوڙڻ نه چاهيندو آهيان، ڇو ته آئون انهن نوجوانن کي ئي پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو آئنده جو وارث سمجهندو آهيان. انهن مان ئي اڳتي هلي سُٺا اديب ۽ شاعر ٿيڻا آهن. انهن جون ننڍيون هلڪيون ادبي غلطيون نظر انداز به ڪرڻ کپن ۽ ڪجهه ادبي رعايتون به کين ڏيڻ گهرجن. اُنهن تي سخت ادبي لوازما ۽ قاعدا به اٿندي ئي نافذ نه ڪجن جو هو شاعريءَ تان ئي دِل کڻي وڃن. شاعري پوري عمر جو رياض آهي ۽ اهو علم آهي جو سڄي ڄمار مانهو سِکندو رهي ٿو ۽ پنهنجي غلطين جي وقت سان گڏوگڏ اصلاح به ڪندو رهي ٿو. هڪـ مولوي صاحب هڪـ ڀريل مجلس ۾ واعظ ڪري دين جا سخت احڪامات ٻڌائيندو رهيو، قبر منڪر ، نڪير، حشر، نشر جا خوف طاري ڪندڙ عذاب بيان ڪندو رهيو ته اُن ڀريءَ مجلس مان هڪـ همراهه اٿي بيهي چيو ته “ سائين قبلا اوهان جي مسالين ۽ اسان جي افعالين ته بهشت ۾ پو رڳو ڪنگ ئي رڙندا ” يعني سولي زبان ۾ ته دين جا گهرا مسئلا ايڏا وڏا ۽ دشوار آهن ۽ اسان جا افعال به اهي ساڳيا آهن ته پوءِ بهشت خالي پيو هوندو، اسان مان ڪير اتي وڃي ڪو نه سگهندو. سو ادب ۾ ايتري سخت گير پاليسي کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. غلطيون لاشعوري به ٿينديون آهن جي قابل تلافي هونديون آهن، ڪي شعوري طور ڪيون وينديون آهن جن جي تلافي ڪرڻ ڏکي ٿي ويندي آهي. زندگي ۽ زمانو بهترين استاد آهي بقول محمد رمضان ثاقب
“ دل ! درس آ حياتي، استاد ٿيو زمانو ”
“ تعليم ڪاڻ قدرت، عمدو ڪتاب آهي ”
انگريزي ۾ چوڻي آهي
(Proper study of mankind is man)جنهن جو مطلب آهي انسان جو بهترين مطالعو انسان ئي آهي ان ڪري انسانن جي درميان رهي شاعر کي انسانن ۽ انهن سان لاڳاپيل هر شي جو مطالعو ڪرڻو آهي ۽ پنهنجو مشاهدو مضبوط ڪرڻو آهي. هر ماڻهو کي قابل ۽ ماهر ٿيڻ ۾ به وقت لڳي ٿو ان ڪري وقت جو انتظار ڪرڻ ضروري آهي ۽ هر شي جو بنياد به محڪم ۽ مضبوط رکڻ کپي ۽ جيئن اها پائدار ۽ شاندار رهي. مولانا رومي به چوي ٿو
خشت اول تا نهد معمار کج،
تاثريا مي رود ديوار کج.
( جيڪڏهن معمار ( اوستو ) پهرين ئي سِرَ ٽيڙِي رکي ٿو ته اها ديوار هُو چاهي ثريا ستاري تائين ٺاهي ٽيڙي رهندي )
جتي اسان وٽ اهي نوجوان جيڪي سِکڻ پِرائڻ بنا ئي شاعري ڪن پيا ۽ جو لکن پيا اُن کي پنهنجي پر ۾ حرفِ آخر سمجهن پيا، اُتي ڪي اهڙا نوجوان به آهن جيڪي شاعري کي شاعري سمجهي ڪن ٿا، قابل استادن ۽ پنهنجي ماهر همعصرن مان هم وقت پِرائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن، مطالعو ڪن ٿا، پنهنجو مشاهدو به جاري رکن ٿا. شاعري جي سمورين صنفن ان جي هيئتن ۽ بنيادي قاعدن ۽ قانونن جي پڻ ڄاڻ رکن ٿا ۽ وٽن سٺي ڏات ۽ اندر جي اظهار جو ڏانءُ آهي اهڙا ئي نوجوان اسان جو حقيقي ادبي سرمايو آهن، جيڪي اڳتي هلي اسان جي شعر و ادب جي مقداري نوعيت کي معياري نوعيت ۾ تبديل ڪندا ۽ اسان جي شعر و ادب ۾ پنهنجي پوري سُونهن ۽ سوڀيا سان پنهنجو سفر جاري رکي سگهاري سوچ جا ساکي بڻبا. تازو ستن نوخيز شاعرن جي گڏيل شاعري جو مجموعو مهاڳ لاءِ کڻي فياض منصور منهنجي غريب خاني تي پهتو، جنهن جي مهاڳ لِکڻ جي مون هامي به ڀري. هي مجموعو اهڙن شاعرن تي مشتمل آهي جن ۾ فن ۽ فڪر جو امتراج موجود آهي بلڪـ ڪِٿي ڪِٿي انهن نوجوانن خيال جي گوناگونيت سان گڏ بهترين تشبيهون محاورا ۽ ترڪيبون ڪم آنديون آهن ۽ ٻولي جو ڀرم پڻ رکيو آهي. سندن محنت ۽ رياض مان لڳي ٿو ته اهڙا شاعر ئي اسان جي ايندڙ دور جا ادب جي اُفق تي جڳمڳائيندڙ ستارا ٿي اُڀري ايندا ۽ اسان جي وقت ۽ حالتن کي پُرجهي پروڙي سرجڻهاري وسيلي پنهنجي دور جي تاريخ مرتب ڪندا. هنن جي ڪلام ۾ جتي دل کي ڇُهندڙ رومانيت آهي، اُتي خيال جي ندرت ۽ ويرائٽي به موجود آهي. جڏهن انهن ۾ گهرو وڃي سوچجي ٿو تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته انهن جي نو عمري ۾ هن جي ٻولن ۾ ڪافي پُختگي ۽ معنيٰ خيزي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون ۽ عصري تقاضائون هر پاسي کان لياڪا پائيندي نظر اچن ٿيون ۽ اهڙن جي حوصلا افزائي اسان تي فرض ٿئي ٿي.
اڄ ڪلهه سنڌ ۾ گڏيل شاعري جا مجموعا ڇپائڻ جو جيڪو رجحان پکڙيو آهي انهن اسان جي نوجوان شاعرن جي تخليقي اُتساهه کي ڀڙڪائي وڌو آهي ۽ انهن جي لِڪل صلاحيتن کي عام ڪرڻ ۾ قابل قدر هَٿي ڏني آهي. جتي پنهنجا جُداگانه مجموعا ڇپرائڻ جو ساهس ناهي اُتي اهي نوجوان پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي گڏيل مجموعا ڇپرائي پنهنجي دور جي ادبي تاريخ مرتب ڪري رهيا آهن. سنڌ ته وسيع آهي پر جيڪڏهن فقط دادو ضلع تي نظر وجهبي ته هيئنر تائين ضلع دادو جي مختلف ڳوٺن شهرن مان ڏهاڪو کن اهڙا گڏيل شعري مجموعا ڇپجي چُڪا آهن.
سيتاروڊ مان هن کان اڳ گڏيل شاعري جو مجموعو “ ڏهر منجهه ڏيئا ” حصو پهريون وسيم آڪاش سيتائي ڇپائي پڌرو ڪيو جنهن ۾ سترهن شاعرن جو منفرد ڪلام آندل آهي اڃا اُن جو حصو ٻيو تيارين جي مرحلن ۾ آهي ته اُتان جي نوجوان شاعر فياض منصور گڏيل شاعري جو مجموعو “ چوڏس مينگهه ملهار ” منظرِ عام تي آندو آهي. هِن مجموعي ۾ جيڪي ست شاعر شامل ڪيا ويا آهن سي سڀ جو سڀ سيبتا ۽ سُريلا شاعر آهن ۽ سندن سرجيل سُرهي ڏات مان فياض منصور چُونڊ ڪري نموني طور ڪلام ڏئي هڪـ خوبصورت گُلدستي جي روپ ۾ سينگاري اسان سڀن اڳيان پيش ڪيو آهي. سندن ڪلام جي گَهري اڀياس کان پوءِ آئون هِتي انهن جو فردا فردا ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو.
هن مجموعي جو پهريون شاعر [b]عزيز سولنگي [/b]آهي. عزيز سولنگي فن ۽ فڪر جي حوالي سان پُختو ۽ مضبوط بيٺل نظر اچي ٿو. هن جو چُونڊ ڪلام هن مجموعي جي زينت بڻيل آهي سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو عڪس پيش ڪري ٿو. هن جي غزل جو انداز نئون نڪور آهي ۽ منجهس داخليت جو عنصر نمايان آهي.
دل جي اُجري ديس تي آخر جهان،
ڇو ٿو اُڇلائي پيو آلودگي.

واءَ جا جهونڪا جهليان ٿو.
جهول ۾ ٽانڊا جهليان ٿو.
وٽس تشبيهون به نيون آهن جهڙوڪـ خواب جا پنڇي ۽ اکين جا بيد مشڪـ
لهن ٿا خواب ٿي پنڇي،
اکين جي بيد مشڪن تي.
سندس موضوع اسان جي عمري تقاضائن مطابق آهن جن ۾ اسان جي سماجي ۽ اجتمائي مسئلن جي اُپٽار آهي. سندس واين ۾ وقتائتن موضوعن سان گڏ نئون اسلوب آهي.
دل کي گدري جيان،
وقت ڪيون ڦاڪون،
ڪنهن تي ڏوهه ڏيان.

پٿر جي گهر ۾،
سپنن جو شيشو،
نيٺ ڀڄي پوندو.
هي وائي ڇند جي عيوض عروض تي بيٺل آهي جو سندس الڳ شعري تجربو لڳي ٿو “ فاعلاتن فاعلن ” جي وزن تي آهي.
ٿَرَ جيان منهنجو بدن،
بارشون طلبي پيو،
تون ڪڪر ٿي اچ پرين.
عزيز وٽ موضوعن جي گوناگوني ۽ گلوڪاري قابلِ ديد آهي جيڪڏهن هي نوجوان ان انداز ۽ رفتار سان شعري فن جي ڀرپور مطالعي ۽ پنهنجي سماج جي ڳُوڙهي مُشاهدي سان تخليقي عمل کي جاري ساري رکيو ته هو پاڻ کي ادبي حلقن ۾ جلد مڃرائي سگهندو ڇو ته وٽس هيئنر کان ئي قابلِ رشڪـ اظهار جي جرئت موجود آهي، رومانس ۽ سماجي عڪاسي جو به وٽس ڏانءُ موجود آهي جيڪو دلنشين به آهي ته دلفريب به !!
هن مجموعي جو مرتب شاعر [b]فياض منصور[/b] جتي پنهنجي دوستن جو نفاست ۽ نزاڪت سان ڀريل ڪلام هن مجموعي جي زينت بڻايو آهي اُتي پاڻ به پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت خيال کڻي شامل ٿيو آهي. فياض منصور ۾ جيڪا تخليقي عمل ۾ اڳڀرائي ڏسجي ٿي سا ڏاڍي حيرت انگيز به آهي ڪافي اُميد افزا به !! ۽ ان مان ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ ۽ چوڻ ۾ ڪا به هچڪچاهٽ نه ٿي رهي ته هي اڳتي هلي غزل جو سٺو شاعر ثابت ٿيندو _ هن عمر جي شاعرن ۾ فني ڪچايون هونديون آهن ۽ عاميانه نوعيت جا ڪچا ڦڪا شعر چوندا آهن، مگر فياض منصور جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته هن وٽ هاڻي کان ئي بي پناهه تخليقي ۽ فڪري سگهه موجود آهي. هن جا موضوع رومانيت سان گڏ هن ڌرتي ۽ سماج سان لاڳاپو رکن ٿا، جن ۾ مِٽيءَ جي مهڪـ ۽ ثقافتي هُڳاءُ آهي ۽ پنهنجي عهد جو احساساتي پهلو آهي. سندس خيال جي اثرائتي جهلڪـ هن جي غزلن ۾ وڌيڪـ عيان آهي.
ٿو اُجهائين ديپ جنهن جي آس جا،
سو ته سڀ ڪجهه تنهنجي خاطر پيو ڪري.

درد جاڳي پون ننڊ مان ٿا تڏهن،
سار جا ساز جڏهين ڇِڙي ٿا پون.
درد جو ننڊ مان جاڳڻ، سار جا ساز ڇڙڻ انوکيون شعري ترڪيبون آهن. فياض منصور وٽ ٻولي ۽ لفظن سان ورتاءُ گهڻو سڀاويڪـ ۽ سلوڻو آهي. سندس غزل کي پوري فني بندش ۾ رکڻ جو ڏانءُ به وٽس موجود آهي.
تنهنجا ٿورا پري نه ويو آهين،
درد ! تون همسفر رهيو آهين.
نينهن ! ننگو هُيس مان توکان اڳ،
تو ڍڪيو، منهنجو تون وڳو آهين.

نه اجرڪـ ڪُلهن تي اڃا آس پاتو،
نه ئي ميندي سپنن هٿن تي آ لاتي.
هلي آءُ ساهن جا سرواڻ هاڻي،
ڊگهي درد جي ٿي وئي آ حياتي.
انجم ناٿن شاهي وٽ خوبصورت ۽ موثر لهجو آهي. وٽس اظهار جي جرئت ۽ انوکو ابلاغ موجود آهي. سندس شعر ۾ جتي رواني به آهي اُتي سلاست به آهي هُن جي شعري ڪئنواس تي قافين ۽ رديفن جو به نرالو رچاء ۽ رنگ نظر اچي ٿو. غزل جي ٻولي دل ۾ پيوسته ٿيندڙ ۽ بهترين رديفن جهڙوڪـ “ آهي سا آهي ” “ انجم کي ” ۽ “ ٽاڪي پئي ” جي چونڊ هن جي شاعرانه مهارت جي ساک ڀري ٿي.
اڃا تو ۾ انا آهي سا آهي،
اسان جي دل ڳڀا آهي سا آهي.

هر گهڙي تنهنجي سار انجم کي،
اڻ ڳڻيا انتظار انجم کي.

لائي ڇاتي سان بٽڻ ٽاڪي پئي،
پاڻ کي مون ساڻ ڄڻ ٽاڪي پئي.
فڪري حوالي سان سندس سماج تي به عقابي نظر کُتل آهي جيڪا هن جي حسناڪي جي ضامن آهي، ماحول ۽ معاشري جي مسئلن ڏانهن پاڻ کي متوجهه رکڻ به هو پنهنجي شاعرانه ذميواري سمجهي ٿو.
ماس يا آڱر جو وڍجڻ ٺيڪـ آ،
دل جو پر وڍجڻ ڏکيو، ڏاڍو ڏکيو.

جي منصوري سڏ ٿيو ڪو،
سوري ڏي مان سنبري ويندس.
آزاديءَ جو نعرو آهيان،
ڀٿر تي ڀي اُڪري ويندس.
پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن مُتوجهه ڪندڙ موضوع ، هن جي ادبي مستقبل کي تابناڪـ ۽ روشن بڻائڻ ۾ سون تي سهاڳي وارو ڪم ڏيندا. ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته جمالياتي تخيل ۽ سماجي مسائل کي هو ڪهڙي طرح امتزاجي رنگ ۾ بهترين لفظن ۽ لهجن سان سموهي سگهي ٿو. اهو جذبو ۽ محرڪـ کيس ادبي مڃتا ڏيارڻ ۾ مرڪزي حيثيت جو حامل رهندو ۽ اڳتي هلي موضوعن جي حوالي سان کيس هم گير شاعر بڻجڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو
حافظ “عبد ” چنه جيڪو هن پوري مجموعي جي شاعرن ۾ ڪم عمر نظر اچي ٿو، جيتوڻيڪـ هن مجموعي ۾ شامل ٻن شاعرن جي جنم تاريخ نه ڄاڻائي وئي آهي تاهم اندازو آهي ته هو سڀني ۾ ڪم عم آهي پر پنهنجي فڪري ڄمار ۾ پنهنجي طبعي ڄمار کان مٿاهون نظر اچي ٿو جيئن فارسي ۾ چوڻي آهي “ بزرگي به عقل است نه به سال ” ( وڏائي عقل سان ليکي ويندي آهي نه عمر سان ) حافظ عبد چنه جي خصوصا غزل جي صنف ۾ گهرائي به آهي ته گيرائي به . فني حوالي سان به لفظن جي عروضي صوتيات، حرڪات ۽ سڪنات جو هر ممڪن خيال ڪيو اٿائين. وزن بحر قافيه ۽ رديف جي بندش ممڪن حد تائين برقرار رکي اٿائين. موضوعي حوالي سان به سندس غزل ۽ تغزل جو رنگ ڏاڍو واضع، موثر، دلڪش ۽ دلنشين نظر اچي ٿو. جنهن ۾ حيرت انگيز گلڪاريون ۽ منظر نگاريون آهن.
تنهنجي يادن جي جنڊ ۾ جانان !
جيءُ منهنجو ڏري ٿي چانڊوڪي.

هُوءَ نه آئي سَرء سياري ۾،
ڪجهه نه سوچيائين منهنجي باري ۾.

ماس ڪوري رهي آ تنهائي،
جيءُ جهوري رهي آ تنهائي.

آئون مِٽيءَ جي مُورتي آهيان،
مون کي ڀوري رهي آ تنهائي.
سندس شعرن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جا موثر زاويا سمايل آهن. هو غزل کي جديد رنگ ڏيڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
آهي اوهان وسايو، هُت شهر روشنين جو،
هن ڳوٺ ۾ ڳهيلا، هاءِ اسان اڪيلا.
هن عشق جي سفر ۾، ۽ نينهن جي نگر ۾،
آهيون نوان نويلا، هاءِ اسان اڪيلا.
ترڪيبن ، تشبيهن جو وڻندڙ استعمال، پنهنجي دور جي مختلف سماجي رخن جي عڪاسي هن کي سنڌ جي بهترين غزل گُو شاعرن جي صِف ۾ شامل ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندي. شعري رياض ۽ مشق آزمائي، فن ۽ فڪر سان قريبي وابستگي هن کي مستقبل جي سُٺي شاعر هُئڻ جي ضامن ۽ امين آهي.
وفا گل محمد جمالي جو غزل روايت ۽ جدت جو خوبصورت سنگم آهي. هن جي غزل، وائي ۽ نظم تي يڪسان دسترس آهي. موضوعاتي حوالي سان هو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان بي انتها محبت ڪندڙ ماڻهو لڳي ٿو هن جي دلي جذبات ۽ ڪيفيات جو رنگ غزل ۾ به چٽو پٽو آهي ته ٻين شعري صنفن ۾ به !!
سُونهن جو سامان ٿي آ عيد تي،
او پرين ! مهمان ٿي آ عيد تي.
تو بنا گهر ۽ گهٽيون ويران سڀ،
مون مٿان احسان ٿي آ عيد تي.
وائي ۾ به سندس رومانٽڪـ پهلو نمايان نظر اچي ٿو. سندس وائي ڇند بجاءِ عروضي وزن “ مفعول فاعلاتن ” تي رچيل آهي.
محبوب جي گهٽيءَ ۾،
۽ سنڌ جي مٽيءَ ۾.
آ موهه مٽي پنهنجي. !!
هن پنهنجا دلي جذبا، دلي ڪيفيتون ۽ پرخلوص محبتون ۽ قربتون شعرن ذريعي پنهنجي ڌرتي واسين کي ارپيون آهن وٽس ڀرپور سماجي ۽ سياسي شعور موجود آهي ان ڪري هن پنهنجي محبوب ۽ مطلوب شخصيت ۾ به سنڌ ئي ڳولي لڌي آ.
سنڌ تنهنجي اکين جي نهارن ۾ آ،
نيڻ کڻ مان ڏسان ديس پنهنجو مٺي !
ديس جنهن ۾ سوين جنتون ٿيون وسن،
بهشت جو ڀي آهي تنهنجي نيڻن ۾ آ.
ڪو چٽو چنڊ تنهنجي برابر نه آ
نيچ تارا ڪتيون تنهنجي آڏو لڳن
سارو عالم چُني جي ستارن ۾ آ.
سنڌ تنهنجي اکين جي نهارن ۾ آ.
هي چوسٽو به ان جي سنڌ سان بي لوث محبت جي عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿو سنڌ جا دُکي به آهي سوڳ ۾ ورتل به آهي جا مذهبي جنونيت ۽ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي.
امن اڄ آهي سوالي ، سنڌ سموري سوڳ ۾،
ڏينهن ناهي ڪو به خالي ، سنڌ سموري سوڳ ۾.
روز دهشت ، بم ڌماڪا، قتل و غارت آ هتي،
ڪو ولي ناهي ڪو والي ، سنڌ سموري سوڳ ۾.
سندس نظم “ عشق مظلوم آ عشق ظالم به آ ” سڄو سارو تصوف جي رنگ ۽ انداز ۾ چيل آهي. هُن ان نظم ۾ عشق کي اڻ ڳڻيون معنائون ڏنيون آهن جي پُرجهڻ ۽ پروڙڻ وٽان آهن.
ذاڪر سيتائي سيتا جي شاعراڻي مِٽي جي پيداوار آهي. سندس شعري تربيت ۽ سيرابي به اهڙي ئي خِطي ۾ ٿي آهي جيڪو سڄو سارو علم، ادب، ثقافت ۽ سنڌيت جو محور آهي.هي دوست به حسن و جماليات سان گڏوگڌ سماجي شعور رکندڙ محبتي ۽ ملنسار شخصيت جو مالڪـ آهي. علم ۽ ادب سان گَهري وابستگي منجهس انيڪـ گُڻ ۽ سُڀاء پيدا ڪيا آهن. شعري حوالي سان به هو پخته ڪلام شاعرن جي صف ۾ بيٺل آهي ۽ پنهنجي وس ۽ وت، علم ۽ آگاهي آهر شعر جي فني لوازمن ۽ ضابطن جي پابندي ڪندڙ آهي. خاص طرح غزل هن جي پسنديده صنف آهي جنهن ۾ هو پنهنجو مافي الضمير چٽو پٽو بيان ڪري ٿو.
مور ماڻهو مرن پيا ٿر ۾،
آه و زاري وڌي وئي آهي.
ڪو نه ٿيو امن حال ساڳيا هن،
مارو ماري وڌي وئي آهي.

جڏهن سار تنهنجي ٿي سوڙهو ڪري،
تڏهن درد ٿو ڀاڪرن ۾ ڀري.
سدا ساهه سُرهو تنهنجي سار سان،
تنهنجي ياد جو دل ۾ ڏيئو ٻري.
سندس شاعري ۾ ڪم آندل ڪنايه ۽ استعارا ، ترڪيبون ۽ تلميحون نج پنهنجي ٻوليءَ جون آهن، جن مان پنهنجي مِٽي جي مهڪـ اُڀري ۽ پڙهندڙ جو دماغ معطر ڪري ٿي.
اڄ به ذاڪر جي صحرا سندي من مٿان،
تون ئي برسات وانگر وسين پيو اڃا.

جنهن گهڙي تنهنجي بدن کي مون چُميو،
ائين لڳو، ڄڻ جنتن کي مون چميو.
لڳاتار رياض ۽ مشق آزمائي هن جي بهترين شاعر هئڻ جي ضمانتدار ثابت ٿيندي ڇو ته وٽس اهو شعري لهجو آهي جو روح کي تازگي ۽ طراوت بخشيندڙ آهي ۽ پنهنجي اندر جي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جو ماهرانه ڏانءُ رکي ٿو.
سرويچ ناٿن شاهي جي شاعري جي اڀياس کان پوءِ ان چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿو رهي ته هو سماجي شعور رکندڙ ۽ ڀلوڙ لهجي جو شاعر آهي. وٽس ڀرپور تخليقي صلاحيتون موجود آهن. هو پنهنجي منفرد لهجي جو مالڪـ آهي. ننڍڙن وزنن ۾ وڏي خيال کي سموهڻ جو وٽس آرٽسٽڪـ ڏانءُ موجود آهي.
تنهنجي ئي پيار ۾ هان،
هر پل خمار ۾ هان.
مشڪل ٿِئي رِهائي،
تنهنجي نهار ۾ هان.
هن وٽ به پنهنجون مخصوص تشبيهون ۽ ترڪيبون آهن. اسلوب جي نفاست ۽ اظهار جي نزاڪت سندس شاعري ۾ موجود آهي. جدت ۽ جديت کان هي نوجوان هر زاويه کان آشنا نظر اچي ٿو. سندس نظم ڪارو ڪاري جي رسم جا اسان جي سماج جي چهري تي بدنما داغ مثل آهي، تي رچيل آهي جيڪو پرتاثير ۽ وقت آميز آهي ان جون هي چند ابتدائي سِٽون پڙهڻ سان ئي هڪـ دردمند دل گهڻو ڪجهه محسوس ڪري ٿي.
تون ڇالئه مون کي مارين ٿو،
ڇا ڄاڻين ٿو مان ڪاري هان.
مان توتي ور ور واري هان،
۽ تنهنجي ڀيڻ به پياري هان.
هي ڄاڻين پو به وسارين ٿو،
مان تنهنجي جيجل ڄائي هان،
ڇا ان لاءِ جڳ ۾ آئي هان،
جو اهڙو مون تي وار ڪرين،
۽ سر سِسيءَ کان ڌار ڪرين.
سرويچ کي اسان جي سمورن معاشرتي مسئلن جي آگاهي آهي. هُو سماج جي سمورين بي اعتدالين ۽ سفاڪين جاگيرداڻي نظام جي ڪُڌين رسمن ۽ ريتن ۽ عام انسان تي جيڪو وهي واپري ٿو ان کان باخبر آهي. سرويچ کي پنهنجي فني رياضت ۽ مسلسل محنت سان سنڌ جي سگهاري ۽ سيبتي شاعر بڻجڻ ۾ دير نه لڳندي ڇو ته هو اهڙي ماڳ ماڻن ۾ تڪڙيون وکون کڻي رهيو آهي.
مجموعي طرح فياض منصور جي هن ترتيب ڏنل شعري گلدستي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سندس هي ننڍڙي پروقار ڪاوش ادبي حلقن ۾ بارآور ۽ ڪارآمد ثابت ٿيندي.اُن ۾ سهڙيل شاعري پنهنجي عهد جي عڪاسي ڪندڙ آهي ۽ منجهس سنڌي سرجڻهارن جي دل جي ڀاون ، سڀاون، احساسن ۽ جذبن جي مُرصع ڪاري ڪيل آهي جا ايندڙ دور ۾ به پنهنجو دوام حاصل ڪندي. ان لاءِ آئون هن ڪتاب جي سهڙيندڙ فياض منصور کي دادِ تحسين ڏيان ٿو. اميد ته هُو آئنده به پنهنجون توانائيون سنڌي ادب جي فروغ لاءِ وقف ڪندو رهندو.



[b] بشير سيتائي
[/b]شاهه آباد محلو دادو سنڌ