شاعري

چوڏس مينگهه ملهار

شاعريءَ جي هن گڏيل مجموعي جو مرتب فياض منصور آهي جڏهن ته عزيز سولنگي، فياض منصور، عمران انجم، حافظ عبيد چنه، وفا گل محمد جمالي، ذاڪر سيتائي ۽ سرويچ ناٿن شاهي جي شاعري هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2328
  • 624
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض منصور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چوڏس مينگهه ملهار

نظم

(عشق)


عشق مظلوم آ عشق ظالم به آ
عشق مجذوب به آ عشق عالم به آ
عشق بيدار ۽ عشق ڪاهِل به آ
عشق منجهدار ۽ عشق ساحل به آ
عشق منڪر به آ عشق قائل به آ
عشق محبت جي منزل ۾ حائل به آ
عشق والي به آ عشق سائل به آ
عشق اوکو به آ عشق سوکو به آ
عشق سچو به آ عشق دوکو به آ
عشق اڻڀو به آ عشق سڻڀو به آ
عشق تسبيح به آ عشق مڻڪو به آ
عشق عظمت به آ عشق درجو به آ
عشق ننگو به آ عشق پردو به آ
عشق پابند به آ عشق آجو به آ
عشق تولو به آ عشق ماسو به آ
عشق حاضر به آ عشق غائب به آ
عشق مومن به آ عشق راهب به آ
عشق گمراهه آ عشق راغب به آ
عشق مڪتب به آ عشق ڪاتب به آ
عشق نوڪر به آ عشق صاحب به آ
عشق ڏوهي به آ عشق زاهد به آ
عشق ملزم به آ عشق شاهد به آ
عشق آهي جمع عشق واحد به آ
عشق باطن به آ عشق ظاهر به آ
عشق ليکڪ به آ عشق شاعر به آ
عشق اڻڄاڻ آ عشق ماهر به آ
عشق مطهر به آ عشق طاهر به آ
عشق دودو به آ عشق ڪانئر به آ
عشق قاسم به آ عشق ڏاهر به آ
عشق اندر به آ عشق ٻاهر به آ
عشق اول به آ عشق آخر به آ
عشق مسلم به آ عشق ڪافر به آ
عشق منظر به آ عشق ناظر به آ
عشق محتاج آ عشق قادر به آ
عشق سودو به آ عشق بازر به آ
عشق محبوب آ عشق عاشق به آ
عشق بيزارپو عشق شائق به آ
عشق فتنو به آ عشق فائق به آ
عشق آ راڳڻي عشق گائڪ به آ
عشق پنڊت به آ عشق نائڪ به آ
عشق منهنجي سمجهه کان مٿي آ گهڻو
عشق ابتو به آ عشق سبتو به آ
عشق ابتو به آ عشق سبتو به آ


*************

صدا جي پٺيان ڪا صدا ٿي رهي هُئي .
نه ورناءُ هو ۽ نه ئي ڌيان ڪنهن جو ،
شهر جي اکين تي پَٽيون ۽ پَها ها ،
ڪٿي ڪو به احساس تڙپيو نه جهوميو ،
نگاهن جا ٽڪرا ڪريا چيپجي وِيا ،
بي ترتيب ديدن جي اجڙيل اڱڻ تي ،
به تحرير دل جي ڪٿا ٿي رهي هُئي .

.......

وفا وفا تي جفا ڄمي وئي .
ذري ذري تي زهر چڙهي ويو
گهٽي گھٽي ۾ غرور جهوميو
نظر نظر ۾ ٿو ڪوڙ کَٽڪي
پهر پهر کي پٿر ئي چئبو
شهر شهر ۾ منافقي آ
سچائي پويون پساه کڻي پئي
حساس دل تي سزا ڄمي وئي .

.......

سنڌ تنهنجي اکين جي نهارن ۾ آ .
نيڻ کڻ مان ڏسان ديس پنهنجو مٺي !
ديس جنهن ۾ سوين جنتون ٿيون وَسن ،
بهشت جو ڀي آهي تنهنجي نيڻن ۾ آ ،
ڪو چٽو چنڊ تنهجي برابر نه آ ،
نيچ تارا ڪتيون تنهنجي آڏو لڳن ،
سارو عالَم چُنيءَ جي سِتارن ۾ آ .
سنڌ تنهنجي اکين جي نهارن ۾ آ .
......

ڪا نه مکڙي ٽڙي هنج خالي رهي ،
روڳ دل جا اندر ۾ ٿي ناسور وِيا .
مون مان ڪيئي اڃارا ٿي مخمور وِيا .
ساهه اجرا ٿڌيرا ٿي تندور ويا .
سونهن سپنن جا ميلا ٿي ڪافور ويا .
خواب سارا اکين جا ٿي چڪچور ويا .
ڪا نه ڪا اک اڙي هنج خالي رهي .
ڪا نه مکڙي ٽڙي هنج خالي رهي ،

......

نگاھ کي اڄ قرار آهي،
سکي ڏٺو آ بهار وانگي،
اکين چميو آ نهار وانگي،
رڳون وڄن پيون سِتار وانگي،
ٿي مُند مهڪي ملهار وانگي ،
هِيءَ دل سجي آ ڪنوار وانگي ،
انهيءَ کي چئبو ته پيار آهي،
نگاھ کي اڄ قرار آهي.

************
امن جِِي آھي سوالي ، سنڌ سموري سوڳ ۾ ،
ڏينهن ناهي ڪو به خالي ، سنڌ سموري سوڳ ۾.
روز دهشت ، بم ڌماڪا ، قتل و غارت آ ھتي ،
ڪو ولي ناهي ڪو والي ، سنڌ سموري سوڳ ۾.


[i]سنڌ جي سريلي راڳي صادق فقير جي نانءُ
[/i]
درد ، آھون ، غم حوالا ئي رهيا ،
آھ و زاري ۾ مقالا ئي رهيا ،
ساٿ مان صادق به وڇڙي وِيو هليو،
سنڌ تنهنجا نيڻ آلا ئي رهيا ،


توکان پري مان ڪيئن جيان اي دلربا
شال تنهنجو ٿي مران اي دلربا
زندگي جا درد سڀ سهبا مگر
هيءُ وڇوڙو ڪيئن سهان اي دلر


ٻانهن کي سکي ڦهلاءِ اڄ چار دڳيءَ وانگر
مونکي به وڪوڙي ڇڏ وارن ۾ سڳيءَ وانگر
هن پنهنجي جماليءَ کان ڇا لاءِ پري ٿئين ٿي
دل دل سان ملائي ڇڏ دل دل جي لڳيءَ وانگر



درد جو اڀياس منهنجي شاعري ،
ٿر جي آهي پياس منهنجي شاعري .
ٿا پکيءَ ڪي پيار جا اڏري اچن ،
قرب جو ڪئنواس منهنجي شاعري.



ڪٿي به تنهنجي ذات جو اتو پتو مليو نه ڪو ،
ڪڪر به تنهنجي راهه کي ڏِسي ڏِسي ٿڪي پَيا .

پنهنجي سمجھ کان ٻاهر ماڻهو،
ڪنهن کي سمجهي ڪنهن کي سمجهون.


ڪين مڃبو اهڙو مذهب جو ڪري توکان جدا،
ساڻ هُج هڪ تون ئي دلبر! جڳ ڀلي ڪافر سڏي.

لوڪ جي آٿت ڪهڙي ڪم جي،
درد کي تنهنجو ٽيڪو گهرجي.

مان وفا کي باوفا چوندو رهيس،
هُو وفا کي بي وفا چوندو رهيو.

هر سال اڪيلائي هيءَ ڳالهه نئين ناهي،
هر عيد حياتيءَ جي هيڪل ته گذاري آ.