غزل
اُلفتن جا گل نڇاور پيو ڪري.
ٿو اُجهائين ديپ جنهن جي آس جا،
سو ته سڀ ڪجهه تنهنجي خاطر پيو ڪري.
اڄ منهنجو ايمان مشڪل سان بچي،
هُو کڻي اکڙيون ته ڪافر پيو ڪري.
تون اجايو ٿو لڪي چوري ڪرين،
عشق خود ئي توکي ظاهر پيو ڪري.
ڪين آ فياض هُن کان وسريو،
ياد هُن کي اڄ به ڀاڪر پيو ڪري.
***************
آس جا گُل هزارين کِڙي ٿا پون،
لفظ سُورج مُکي جيان ٽِڙي ٿا پون.
در خيالن جا ٽوڙي اچن ٿا ۽ پو،
گيت ڪاغذ اڱڻ ۾ گِهڙي ٿا پون.
وار ڇوڙي اڱڻ تي اچين ٿي جڏهن،
چنڊ تارا مٿان تو مِڙي ٿا پون.
درد جاڳي پون ننڊ مان ٿا تڏهن،
سار جا ساز جڏهين ڇِڙي ٿا پون.
ڇو ٿو فياض روڪين سڄو ڏينهن تون،
لُڙڪـ منهنجا ئي مون سان چِڙي ٿا پون.
***************
لُڙڪـ اُگهي ڳل لائي ٿي پئي،
تنهائي پرچائي ٿي پئي.
پل پل تنهنجي سارَ به سِڪــَ جي،
سُوليءَ تي لٽڪائي ٿي پئي.
تارا تارن منجهه اٿس ۽،
چنڊ سان دل وندرائي ٿي پئي.
ڳوڙهن ساڻ اُجهايان سا ڪيئن،
پريت جا آڳ لڳائي ٿي پئي.
ڪيئن فياض قضا ٿيندي جا،
سُونهن نماز پڙهائي ٿي پئي.
***************
درد گهاڻي ۾ پيا ٿا پيڙائن،
پنهنجي پورن کي چئه نه تڙپائن.
روڪـ نيڻن کي پنهنجي او جانان !
ائين نه منهنجي اکين کي هيرائن.
توسوا سانوڻيءَ جا بادل ڀي،
مون تي شعلا پيا ٿا برسائن.
چنڊ آٿت ڏئي ٿو پل پل پيو،
لائي تارا ڳلي ٿا پرچائن.
تون جي آهين ته هو جمالا هِن،
گيت ڪيڏارو توسوا ڳائن.
خيال تنهنجا هي خيال ساڙولا،
خيال ۾ خيال ڪيئن ٿا بدلائن.
***************
پو باهه جيان ٿيون جلن اکيون،
جي پل نه توکي ڏسن اکيون.
ڇڏي اوهان جو، جي در ويون،
پيون سي در در، رُلن اکيون.
جُهڪي وڃن پير مير سڀ،
پرين جي پنهنجون کڻن اکيون.
ڪڏهن به تومان نه ڍاپيون،
پيون ٿيون سڪـ ۾ سڪن اکيون.
ٽِڙي پون ٿيون گُلاب جيان،
تنهنجو جي سپنو ڏسن اکيون.
فياض جي تون اڱڻ تي آ،
ته پير تنهنجا چُمن اکيون.
***************
تنهنجا ٿورا پري نه ويو آهين،
درد ! تون همسفر رهيو آهين.
منهنجي دل جي ته طُور سينا تي،
تون تجلي ئي ٿي لٿو آهين.
آئون تاسو رهيس نه پياس لَٿي،
نيٺ ڪنهن لئه ٿڌو گهڙو آهين ؟
نِينهَن ! ننگو هُيس مان توکان اڳ،
تو ڍڪيو منهنجو تون وڳو آهين.
سنڌ جا سُور تون به لکندي ڪوي !
پنهنجي گيتن سان گڏ رُنو آهين.
ٺار فياض آهين اکڙين جو،
ڪير ٿو چئي ته تون بُرو آهين.
***************
اکيون کڻي ڏسانس ٿو،
ڏسيو پيو ٺرانس ٿو.
نه ٿي اچي ڪڏهن لڙي،
گهڙي گهڙي وڃانس ٿو.
نه سمجهي ٿي بندو مون کي،
خدا ڪري مڃانس ٿو.
ٻُڌي ٿي اڻ ٻُڌي ڪري،
مان سڏَ سان ورانس ٿو.
چوي ٿي ڪُجهه نه ٿو لڳين،
ٿِيانءِ ڇا، پُڇانس ٿو ؟
سمورا غم لڪائي ۽،
کِلي اچي ملانس ٿو.
***************
خزائن ۾ بهارون مون لئه آڻيندا يا ايئن هوندس...؟
۽ سپنا منهنجا ساڀيائن کي ماڻيندا يا ايئن هوندس...؟
ازل کان ٿو پيو سوچان، تنهنجا جي پيارَ آهن سي،
منهنجي دل جي ڇِنل کَٽَ کي به واڻيندا يا ايئن هوندس...؟
رُڳو هي روح مُنهنجو پيو فقط تولاءِ تاڻيندو،
اوهان جا نيڻ منهنجي لئه به تاڻيندا يا ايئن هوندس...؟
ڇڏي ڏيندا ڪرڻ چٿرون، منهنجا همراز ٿي پوندا،
ڏِسي هي حال تارا نيٺ ڄاڻيندا يا ايئن هوندس...؟
***************
درد جيڪي به ڏين ته ڏي مون کي،
هاڻي روئڻ نه ٿو اچي مون کي.
گيت آهيان ا گر ٻڌي ڪوئي،
ڪا ڪهاڻي هان ڪو پڙهي مون کي.
بڻجي گل شاخ تي ٽِڙان ٿو جيئن،
هو هٿن سان اچي پٽي مون کي.
ڪهڙي ڪوشش ڪيان مان اُڏرڻ جي،
ڪو اُڏاري ٿو پر ڪَٽي مو ن کي.
هار گُلڙن جو ڪين بڻيس مان،
جو هُو پائي پنهنجي ڳلي مون کي.
آئون فياض ڪورو چولو هان،
ڀرت وانگر اچي ڀري مون کي.
***************
منهنجي هر آس جو ئي قاتل ٿئين،
توکي حاصل ڪيم نه حاصل ٿئين.
ڇاهي دنيا ۽ زندگي ڄاتم،
تون جو رڳ رڳ ۾ عشق ! شامل ٿئين.
چاندني بيکَ ۾ ملي توکي،
چنڊ ! جيئن هُن جي در جو سائل ٿئين.
توکي پل پل چُمي ٿي موٽيس پئي،
مان ٿِيس سمنڊ ۽ تون ساحل ٿئين.
توکي فياض ڪيئن چوان انسان،
تون ئي چئه پيار کان جو غافل ٿئين.