شاعري

چوڏس مينگهه ملهار

شاعريءَ جي هن گڏيل مجموعي جو مرتب فياض منصور آهي جڏهن ته عزيز سولنگي، فياض منصور، عمران انجم، حافظ عبيد چنه، وفا گل محمد جمالي، ذاڪر سيتائي ۽ سرويچ ناٿن شاهي جي شاعري هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2328
  • 624
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض منصور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چوڏس مينگهه ملهار

غزل

اجهو چنڊ آيو ۽ تارن قطارون،
وري دل جي در تي پُڳيون تنهنجون سارون.

اوهان ريءَ سپنا قرنس جي پکين جيان،
نه جن جون ڪي آسون نه جن جون اُڏارون.

رهيو ڪو نه هٿ ۾ تنهنجو هٿ آ ساجن،
وري مون کي ڏينديون ميارون بهارون.

او سوشل ورڪـ جي سهڻي سانوري تون،
ڪڏهن شل ٻڌين منهنجون پيڙا پچارون.

سوا تنهنجي منهنجي اڌوري حياتي،
تون سرويچ جي آن دوا درد دارون.

****************


دهر ۾ يزدان ڏئي ڪو ڳولي ؟
انسان ۾ انسان ڏئي ڪو ڳولي ؟

جنت جي ئي لالچ ۾ ٿا ماريون ماڻهو،
ڪنهن کي چئون شيطان ڏئي ڪو ڳولي ؟

مقصد جي اوليت کي اوليت آهي،
ڪنهن جي در جو درمان ڏئي ڪو ڳولي ؟

هوءَ دل جي ڳالهه تان هٽي وئي آهي،
هن سور جو سامان ڏئي ڪو ڳولي ؟

سرويچ خدائي آ درد سان پرنم،
هن پيار جو مهمان ڏئي ڪو ڳولي ؟


****************

ڪاغذ تي ڪوئي تنهنجي تصوير ٺاهيندو هو،
پنهنجي رنگن ۾ تنهنجو انگ انگ سمائيندو هو.

هُن جي غزل جي هر هڪـ بند مان ائين لڳي ٿو،
توکي هُو رول شاعر ڪيڏو نه چاهيندو هو.

راتين جي روشنين ۾ اميد جي ڏيئن سان،
ٻرندو هو رات ڀر ڪو، دل پنهنجي ٻاريندو هو.

رُسوا نه ٿي پئي ڪِٿِ، معصوم ڪا محبت،
تنهنجا ڏنل هو تحفا سيني سمائيندو هو.

هُونئن ته هُن جي هئي جڳ ساري سان شناسي،
سرويچ کي الئه هو ڇالئه نه ڀانئيندو هو.

****************


بي وفائيءَ جون ڪاتيون جو هيون،
شوق ۾ ڇوريون ڇاتيون جو هيون.

عشق پرهيزگار ڪيئن ٿئي هان،
پاتيون در کان تو جهاتيون جو هيون.

شهرِ جانان ۾ روح رُلندو رهيو،
حُسن جون بي بها ذاتيون جو هيون.

مون گهڻو ئي جهليو اکين کي پر،
ٿي پيون تنهنجي لئه آتيون جون هيون.

پيار سرويچ ٿي پيو پڌرو،
توڪيون ننڊ ۾ باتيون جون هيون.

****************



ڇير ڇمڪائي هلي هن پار وئي،
مون کي تڙپائي هلي هن پار وئي.

منهنجي جيون کي ڏکن جا ڏنڀ ڏئي،
ڪنهن جو هٿ پائي هلي هن پار وئي.

عمر ساري مون کي پنهنجي هجر جا،
ويس پارائي هلي هن پار وئي.

دل جي گلشن تي رُڳو گهاوَن مٿان،
گهاوَ ئي گهائي هلي وئي.

ٿي پيا سرويچ سڀ سپنا ٻُسا،
ڪنهن کان چورائي هلي هن پار وئي.


****************

تنهنجي ئي پيار ۾ هان،
هر پل خمار ۾ هان.

مشڪل ٿئي رِهائي،
زلفن جي ڄار ۾ هان.

دشمن آ لوڪـ سارو.
تنهنجي نهار ۾ هان.

اي وصلِ يار سچ پچ،
جنت جي پار ۾ هان.

پيو عشق مان اُڏامان،
تنهنجي اُڏار ۾ هان.

سرويچ جڳ کٽيو آ،
تون چئه نه هار ۾ هان.

****************

نه ڪاٿي به اهڙي ڪا راحت ملي آ،
پرين کان جا مون کي محبت ملي آ.

اڳي توکان ڪجهه ڀي هُيس ڪو نه جانان،
ها تنهنجي ڪري مون کي شهرت ملي آ.

مليو چاهه ڪنهن جي چپن جو نه آ ڪو،
رڳو هن زماني کان نفرت ملي آ.

ڪڏهن ڀي مٺي مان ٿيو ناهيان فارغ،
تنهنجي ياد کان پل نه فرصت ملي آ.

آ سرويچ لاءِ ڄامشورو ئي جنت،
مگر پو به هن کي نه راحت ملي آ.

ڪياسين هتان جي هوائن کي سجدا،
عبادت کي ڇالئه نه عظمت ملي آ.

صدا جون صدائون سڀئي بي اثر ٿيون،
ڏکن جي وظيفي کي برڪت ملي آ.

****************

تنهنجي نيڻن ۾ زندگي آهي،
ديد درشن ۾ زندگي آهي.

پاڻ کان ڏور ائين نه ڪر ڇو جو،
تنهنجي زلفن ۾ زندگي آهي.

پيار ۾ جيڪي تو ڏسيا آهن،
تن ئي سپنن ۾ زندگي آهي.

سارا انمول عهد چاهت جا،
ڄڻ ته قسمن ۾ زندگي آهي.

آءُ سرويچ ناٿن شاهي ڏي،
جنهن جي دامن ۾ زندگي آهي.
****************

تون ئي هر درد جي دوا سائين،
سُونهن تنهنجي ۾ آ شفا سائين.

هر گهڙي هن خمار پيتي جا،
عشق ۾ آهيون لاپتا سائين.

تون رُسين ٿو ته ٿي لڳي مون کي،
زندگي ڀي خفا خفا سائين.

ڪيڏو مدهوش ٿي پيو آهيان،
سُرڪـ پياري اٿئي مٺا سائين.

آئون سرويچ ٿي پيو آهيان،
توتي ٿيو آهيان جو فدا سائين.

****************