غزل
مارجــي وڃڻ تــي دل چاهيو
مان وفا جو واعدو آهيان،
پارجي وڃڻ تي دل چاهيو
شرط شوق مان رکي هن سان،
هارجي وڃڻ تي دل چاهيو
دردناڪـ وقت جو پل هان،
گهارجي وڃڻ تي دل چاهيو
سوجهرو جهان کي ڏيندي،
ٻارجي وڃڻ تي دل چاهيو
****************
قرب مون سان ڪرڻ ڇڏي ويندي،
دل جي ڦرڻي ڦرڻ ڇڏي ويندي.
هُوءَ بيٺي کڻي آ کانڀاڻي،
زندگاني چُڳڻ ڇڏي ويندي.
آس منهنجي تڏهن ٿي روئي پئي،
ڇو ته ٻيهر رُئڻ ڇڏي ويندي.
هٿ سان جي پٽي ڇڏيندي پَرَ،
دل جي جهرڪي اُڏڻ ڇڏي ويندي.
دل جا آٽا نه جي ڪندي پورا،
ڪيئن چوان دل ڀنڻ ڇڏي ويندي.
قرب جو مينهن جي وسائيندي،
آڳ تن جي ٻرڻ ڇڏي ويندي.
****************
بي خودي ديوانگي آوارگي،
روح سان لايو وتي ٿي زندگي.
چاهه جي بُک ٿي چٻاڙي چنڊ کي،
۽ ستارن کي پيئي ٿي تشنگي.
سوچ جا سڀ سمنڊ آهن سوچ ۾،
رب ڪري انسان جي پيو بندگي.
گلستان جا گُل اُنهيءَ کي ڪيئن وڻن،
جنهن پسي آ عشق ! تنهنجي تازگي
.
شعر شهرت جا چُمن رُخسار ڪيئن،
وقت جي لهجي ۾ آ بيدادگي.
دل جي اُجري ديس تي آخر جهان,
ڇو ٿو اُڇلائي پيو آلودگي.
****************
رات عذابن واري آهي،
دردن ڪئي بم باري آهي.
تنهنجي يادن جي پاڻيءَ سان،
پنهنجي دل آگهاري آهي.
منهنجا لڙڪـ نه رنگ ڇڏيندا،
مُلهه مُڪا مختياري آهي.
وقت کان اڳ ئي ڦاٽي ويندو،
جنهن ڪپڙي ۾ گهاري آهي.
هڪڙي اک آسودي جڳ جي،
ٻي اکڙي ويچاري آهي.
ڪوڙ نه ڪجهه چَورائي سگهندو،
سچ جي چوڪيداري آهي.
دل جي کُڏ مان چين اُڏائي،
ڳڻتي جيون ڌاري آهي.
تون مان گڏجي ديپ جلايون،
اچ اچ رات ڏياري آهي.
سپنو سپنو ڀُنگ ڀريندو،
اک اک ۾ پاٿاري آهي.
چنڊ وفا جو آيو اُڀري،
چانڊوڪي چوڌاري آهي.
****************
بارشون وسي رهيون آهن،
بي وسيون پُسي رهيون آهن.
ڇانئجي وڃي ٿي اُونداهي،
۽ بتيون وسي رهيون آهن.
ڇو الائي توبِچي نظرون،
وار سڀ گسي رهيون آهن.
مارجن ٿا چنڊ روزانو،
۽ ڪتيون پُسي رهيون آهن.
وقت جي سليٽ تي پينون،
ڪيتريون گَسي رهيون آهن.
واڌ درد کائيندا رهيا،
۽ خوشيون سُسي رهيون آهن.
پيار جي پُلاءَ مان اکڙيون،
اڄ ڀري بسي رهيون آهن.
****************
واءَ جا جهونڪا جهليان ٿو،
جهول ۾ ٽانڊا جهليان ٿو.
ٽهڪـ ٿڌڙا سڀ ورهائي،
لڙڪـ مان ڪوسا جهليان ٿو.
تون سچا موتي کڻي وڃ،
مان سِڪا کوٽا جهليان ٿو.
پين جي بندوق تاڻي،
ڏاڍ جا ڏاگها جهليان ٿو.
سُکَ هٿن مان ويا ڇڏائي،
سُور سڀ سوگها جهليان ٿو.
آهيان مُورک عزيز،
سج اڳيان شيشا جهليان ٿو.
****************
قرب جي ڪائنات کان پاسي،
روح آهي نجات کان پاسي.
دل کان تخليق ٿي آ اونداهي،
چنڊ آهي جو رات کان پاسي.
پيار بخشي آ زندگي اهڙي،
درد آ دل جي ذات کان پاسي.
شعر نابين ٿي پيا آهن،
ڏانءَ جوڙيا جو ڏات کان پاسي
.
سو سُڪل پن جيان ڇڻي ويندو،
جيڪو آهي ثبات کان پاسي.
سُڌ توکي نه منهنجي سورن جي،
تون رهينءَ بات بات کان پاسي.
انت ٿيئڻو آ وقت تي سڀ جو،
ڪو به رهندو نه مات کان پاسي.
تنهنجي ئي ورد آ رکي منهنجي،
زندگي مشڪلات کان پاسي.
****************
تون ٻُرڪين لوڻ زخمن تي،
تڏهن ڀي منهنجي نيڻن تي.
جفا تنهنجيءَ جا سڀ پٿر،
قبوليان دل جي شيشن تي.
وفا جي آب سان ڌوئين،
وڇوڙا داغ ڪپڙن تي.
هجر جو وقت ڪاٽيان ٿو،
نچائي نانگ رستن تي.
ٻرن ٿا تو بنا ٻاڙا،
ستارا من جي ماڳن تي.
پِيا بن منظرن کي ڏِس،
هجن ٿا داغ چهرن تي.
لهن ٿا خواب ٿي پنڇي،
اکين جي بيد مُشڪن تي.
****************