شاعري

چوڏس مينگهه ملهار

شاعريءَ جي هن گڏيل مجموعي جو مرتب فياض منصور آهي جڏهن ته عزيز سولنگي، فياض منصور، عمران انجم، حافظ عبيد چنه، وفا گل محمد جمالي، ذاڪر سيتائي ۽ سرويچ ناٿن شاهي جي شاعري هن ڪتاب ۾ موجود آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2328
  • 624
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض منصور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چوڏس مينگهه ملهار

غزل

ديد ۾ ديد ڏئي ديپ ٻاري ملون
آ سکي اڄ نديءَ جي ڪناري ملون

جت هجن پيار جا ڪي پکي اُت هلي
گيت ڪي شاهه جا گڏ جهونگاري ملون

تون به آ گڏ کڻي ڪات ڪي قرب جا
سرُ اڏيءَ تي رکي ساهه واري ملون

جي اچي ڪا گهڙي موت کان ڇو ڊڄون؟
موت مهڻو نه آ نينهن اجاري ملون

ميل ٿي نه سگهيو ڪوششون کوڙ ٿيون
پيا هوائن جي هاڻي سهاري ملون

سرد ڪنهن رات جو آءُ اڌ رات جو
لوڪ کي ننڊ ۾ آ سمهاري ملون

****************


سونهن جو سامان ٿي آ عيد تي ،
اچ پرين مهمان ٿي آ عيد تي .

تو بنا گهر ۽ گهٽيون ويران سڀ ،
مون مٿان احسان ٿي آ عيد تي .

تو سوا ڪنگال آهيان اي سکي ! ،
آءُ اڄ ڌنوان ٿي آ عيد تي .

سخت تڪليفن ۾ آهيان تو پٺيان ،
دل سندو درمان ٿي آ عيد تي .

سڀ مِلن پِيا تون به مون سان مل اچي ،
هڪڙو ڀيرو دان ٿي آ عيد تي .

مون وفا توبه پڙهي هن پيار کان ،
تون رڳو انسان ٿي آ عيد تي .
[i]08 03 2015
08 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان....
[/i]

****************

نئين اظهار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان،
ها پهرين پيار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

ذهن تي کيپ گفتن جا اڃا تائين سُتل آهن،
اکين جي آر جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

چپن جا بند دروازا چمين سان تو ئي کوليا ها،
اهي مهڪار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

لڪي تو لوڪ کان جيڪي جيئاپا ها ڏنا مون کي،
ڀلا سهڪار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

نوازش ۽ محبت جا وسايا مينهن تو مون تي،
اهي وسڪار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

وفا جو ڪم نڀائڻ آ مرڻ تائين نڀائيندس،
صنم ديدار جون ڳالهيون وساري ڪيئن سگهان ٿو مان.

**********

ڪٺن آ گهڻو ئي سفر يادگيريون،
ڇڏيون ٿو وڃان مان شهر يادگيريون.

کڻي رک سنڀالي کپن ڪين مونکي،
حصي ۾ ڏنيون ٿئي وَڳَر يادگيريون.

اکين ۾ اچن ٿا تري عڪس تنهنجا،
وڻي ڪجهه نه، ٿيون هي زهر يادگيريون.

ڊڄان ٿو کسن نه احساس مونکان،
ڪري دل ڇڏيندئي، پٿر يادگيريون.

ڇُريون تنهنجي سارن جون ڏاڍيون ڏکيون هن،
ڪپن روز ڪورين اندر يادگيريون.

وسن ڪاش ڳوڙها ٿِي منهنجي اکين مان،
مٿان ساهه جي هن ڇَمر يادگيريون.
**********

سار ڇيڙي پيئي درد سنگيت کي
ڪو ٻڌائي وڃي هِي منهنجي مِيت کي

هُو به ماحول جي ور چڙهي آ ويئي
مات ڏيئي سگِهي نه ڪڌي ريت کي

مون کَٽي آ وري هڪڙي دل داءُ ۾
پيار ناهي ته پوءِ ڇا ڪبو جيت کي

تون ڪٿي ٿي رهين تون ڪٿي ٿي وسين
هي ته چئجان وڃي اي پکي ! پريت کي

مند ڳالهيون ٻُڌا يار جي پار جون
اي هوا ، اي فضا ڇيڙ سنگيت کي.


**********


دردن جي تدفين ته ڪر تون،
زخمن جي تدفين ته ڪر تون.

روز جيئن ٿا روز مرن ٿا،
سپنن جي تدفين ته ڪر تون.

سي ته پڇن ٿا تنهنجو هر هر،
رستن جي تدفين ته ڪر تون.

سالن کان هي پياسا آهن،
نيڻن جي تدفين ته ڪر تون.

مون کان هر ڪا آس کسي وٺ،
جيون جي تدفين ته ڪر تون.


**********

اجرڪ سنڌي ٽوپي پايون ايڪتا ڏينهن تي
سنڌ سڄي کي سيني لايون ايڪتا ڏينهن تي

جيڪي ڏور رهن ٿا توکان مون کان ساٿي
آءُ انهن کي اڄ پرچايون ايڪتا ڏينهن تي

متحد ٿي دنيا کي هي پيغام ڏيون اچ
سڀئي سنڌي گڏ گڏ آهيون ايڪتا ڏينهن تي

ماروئڙن جي موهه ۾ دلڙي جهومي پيئي
گيتن تي ڪو رقص رچايون ايڪتا ڏينهن تي

سونا سونا کيت رهن آباد سدا
مٽيءَ کي من ۾ مهڪايون ايڪتا ڏينهن تي

سهڻي سهڻي سنڌ سدائين شاد رهي
دعائن لاءِ هٿ ڦهلايون ايڪتا ڏينهن تي

موئن ، مڪلي ، ڪوٽڊجي آ ورثو منهنجو
دنيا کي تاريخ ٻڌايون ايڪتا ڏينهن تي

سچل سائين ، شاهه عنايت ، ڀٽ ڌڻي کي
چپڙي يڪتاري تي ڳايون ايڪتا ڏينهن تي

سنڌي آهيان سنڌي رهندس سنڌ تي مرندس
آءُ وچن اهڙو ورجايون ايڪتا ڏينهن تي

وستي وستي واهڻ واهڻ هر هڪ شهر کي
ڳاڙهن جهنڊن ساڻ سجايون ايڪتا ڏينهن تي