نظم
سونهن سڄي ڪائنات آ.
هوءَ مرڪي ٿي ڇا ؟
ڪنهن پري پاتي جهات آ.
سونهن سڄي ڪائنات آ.
مون سان ملندي آ،
روز ڪندي مون سان بات آ.
سونهن سڄي ڪائنات آ.
ٿي اک اک سان پئي اڙي،
سڀني کي ڪندي مات آ.
سونهن سڄي ڪائنات آ.
خوشبو هُن جي آ هُلي،
وڻندڙ سڀ کي ذات آ.
سونهن سڄي ڪائنات آ.
*************
سا ياد وري آئي،
سا ياد وري آئي.
هن هاءِ حياتي ۾،
محبت نه سهي جنهن ۾،
نفرت ئي سهي تنهن ۾،
تنهنجو نه کلڻ جنهن ۾،
نفرت سان ڏسڻ جنهن ۾،
چاهت جو سرمايو،
تو پاران سُڪل گُل کي،
۽ گذري ويل پل کي،
سا ياد وڇوڙي جي،
اکڙين مان ڳڙيل ڳوڙها،
ڳوڙهن سان گڏيل سُڏڪا،
جنهن ويل سرويچ جي تو،
هٿ هٿ مان ڇڏايو هو،
تقدير وٺڻ قيمت،
خوابن جي ڳري آ،
سانوڻ ۾ وري سانئڻ،
سا ياد وري آئي.
*************
تون ڇالئه مون کي مارين ٿو،
تون ڇالئه مون کي مارين ٿو.
ڇا ڄاڻين ٿو مان ڪاري هان،
مان توتي ور ور واري هان،
۽ تنهنجي ڀيڻ به پياري هان،
هي ڄاڻين پو به وسارين ٿو.
مان تنهنجي جيجل ڄائي هان،
ڇا ان لئه جڳ ۾ آئي هان،
جو مون تي اهڙو وار ڪرين،
۽ سر سِسيءَ کان ڌار ڪرين،
غيرت جي نالي تي ٻيجل،
تون ڀيڻ سندو واپار ڪرين،
تون احساسن کان عاري ٿي،
۽ وحشت تي سوڀاري ٿي،
اڄ ننڍڙي ڀيڻ کي مارين ٿو،
۽ ڌيان نه تن جو ڌارين ٿو.
تون ڇالئه مون کي مارين ٿو،
تون ڇالئه مون کي مارين ٿو.