وائي
چنڊ به تارن کان رُٺو.
سپنن جو پيو هانءُ ڇِڄي،
سُڏڪي پيئي سار.
چنڊ به تارن کان رُٺو.
وڇڙي ڏات ڪَويءَ کان،
راڳيءَ کان سُر ڌار.
چنڊ به تارن کان رُٺو.
ڪاڏي ويئي سان گُفتگو،
جهڙي ماکيءَ لار.
چنڊ به تارن کان رُٺو.
دل جي ڀت ۾ ڪيئن پيا،
نفرت جا هي ڏار.
چنڊ به تارن کان رُٺو.
ڪين مُڙن فياض ٿا
نيڻ به ڄڻ ڪي ٻار.
چنڊ به تارن کان رُٺو.
******************
جيءَ ۾ ڏي ڪا جاءِ،
سيني ساڻ لڳاءِ.
توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.
منهنجي محبت جو ڪڏهن،
لٽڙو لِڱڙن پاءِ.
توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.
جيسين ساهه سرير ۾،
تيسيتائين نڀاءِ.
توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.
بهتر ورسيءَ کان اَٿئي،
ڪنهن سان شام ملهاءِ.
توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.
لکي نانء فياض جو،
ميندي هٿڙن لاءِ.
توکي چئي نه سگهيس ڪڏهن.