غزل
هُن کي چئجو ته ربطه ڪي جوڙي.
هن کي چئجو ته رات ٿي ويندي،
ڏينهن ۾ وار هُو متان ڇوڙي.
هن کي چئجو ته ڇا نه ٿي ڄاڻي...؟
زندگي موت ڏي پئي ڊوڙي.
هن کي چئجو ته دل جي دنيا ۾،
ڪا خوشي پير ئي نه ٿي کوڙي.
هن کي چئجو ته ٿا چون سپنا،
ساڀيائن جا شهر ڪي ووڙي.
هن کي چئجو ته ڏسي انجم کي،
ڪيتريون فرقتون اڃان چوڙي.
**************
دنيا سوني ساري آ،
دل جي چاهت واري آ.
هڪـڙي صورت آ جيڪا،
مون کي مون کان پياري آ.
خودڪش حملن جو ڪارڻ،
ذهنن جي بيماري آ.
چوري ٿيل جاگيرن جي،
ڪهڙي چوڪيداري آ.
سڀ خوشيون توساڻ ويون،
هاڻي دنيا داري آ.
عشق ڪئي جڳ ۾ توئي،
ڪيڏي ناماچاري آ.
**************
انجم دنيا ساري ۾،
محبت جو پرچاري آ.
اڃان تو ۾ انا آهي سا آهي،
اسان جي دل ڳڀا آهي سا آهي.
زهر هوندي به ماکي وانگي لڳندڙ،
حياتي بي وفا آهي سا آهي.
مُحبت ۾ ٿُلهي ليکي جي ڏسجي،
وڇوڙن جي وبا آهي سا آهي.
سڏن ٿا عاشقي جنهن کي اُها من،
ازل کان ئي عزا آهي سا آهي.
ٿئي جا روز توکان درگذر ٿي،
اُها منهنجي ڪٿا آهي سا آهي.
اڃان انجم تي ساڳي ڪُلفتن جي،
روان تنهنجي عطا آهي سا آهي.
**************
هر گهڙي تنهنجي سار انجم کي،
اڻ ڳڻيا انتظار انجم کي.
سور تنهنجا ۽ ڪجهه زماني جا،
ڏُکَ تلخين جا ڌار انجم کي.
هجر تنهنجو ڏئي ويو آهي،
درد جا شاهڪار انجم کي.
تون نه هونديئنَ ته ڪيئن ٿي ڄاڻين...؟
ڪيئن ڦَرندا بهار انجم کي.
ڇا ڀلا توکي ڏيڻ سُونهين ٿا...؟
ايترا انتظار انجم کي.
آءُ هڪوار تون هلي جانان،
پاءِ ٻانهن جا هار انجم کي.
هيئن هيڪل ڇڏي وئي آهين،
ڪنهن جي لئه اشڪبار انجم کي.
**************
وڃي ڪاڏي ذري نه ٿو هاڻي،
در ٿئي ئي پري نه ٿو هاڻي.
پيار مون کي نه ايڏو ڏيندي ڪر،
پيار مون کي ڦَري نه ٿو هاڻي.
درد پنهنجو ڪيو آ اهڙو جو،
ڪو به پنهنجو ڪري نه ٿو هاڻي.
ڪاڏي ويئي ٻروچڪي تنهنجي،
“ توسوا پل سري نه ٿو هاڻي”
منهنجي ويران من جي ڪمري ۾،
ڪو به ڏيئو ٻري نه ٿو هاڻي.
چين هوندو هو هڪڙو انجم جو،
سو به مون ڏي وري نه ٿو هاڻي.
**************
توري تنها تنها آهيون،
واريءَ تي ڄڻ ليڪا آهيون.
مُکَ تي مُرڪـ سجايل آهي،
اندران ٽُڪرا ٽُڪرا آهيون.
ساڀيائن جي رڻ ۾ ڀٽڪيل،
سُندرتا جا سپنا آهيون.
تنهنجي وڇڙڻ کان پو جانان!
حيرت آهي زنده آهيون.
پاڻ کي بس اعزاز اهو آ،
تنهنجا تنهنجا تنهنجا آهيون.
انجم تنهنجو ساٿ نه آهي،
صحرا ۾ ڄڻ سُڏڪا آهيون.
**************
آس جو اگهجڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو،
يار جو پرچڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.
پيار ۾ ميلاپ آ سوغات پر،
پيار ۾ وڇڙڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.
ماس يا آڱر جو وڍجڻ ٺيڪـ آ،
دل جو پر وڍجڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.
محب سان مرڪڻ نه ٿيو مشتاق پر،
تانگهه ۾ تڙپڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.
يار جي ڇاتي تي انجم روئجي،
روز شب سُڏڪڻ ڏکيو ڏاڍو ڏکيو.
**************
هر گهڙي درد جو نزول آهي،
توسوا زندگي فضول آهي.
عشق جا فلسفا ئي پنهنجا هِنِ،
عشق جو پنهنجو هر اُصول آهي.
پيار جيڪو ڏنو اکين تي آ،
پيار جو ڀي ڏنو قبول آهي.
وصل جيڪو قرار ڏيندو آ،
هجر مرڪي ڪندو وصول آهي.
عشق ئي پنهنجو رب رهيو آهي،
عشق پنهنجو رهيو رسول آهي.
**************
لائي ڇاتي سان بٽڻ ٽاڪي پئي،
پاڻ کي مون ساڻ چڻ ٽاڪي پئي.
ازل تائين جو ڪڏهن ٽُٽڻو نه آ،
مون سان ڪو اهڙو ٻنڌڻ ٽاڪي پئي.
وصل واري ياد جي تعويذ ۾،
هوءَ مشِنِ جو ميٽجڻ ٽاڪي پئي.
زندگي هن ساڻ مرڪي آ ملي،
زندگي هوءَ مون ۾ ڄڻ ٽاڪي پئي.
هوءَ انجم جي جيئڻ جي آرزو،
مونسان ڄڻ جيئڻ مرڻ ٽاڪي پئي.
**************
عشق لڳو آ اُجري ويندس،
سورج وانگر اُڀري ويندس.
او سانولڙا ! ڇا ٿو ڀانئين،
توکان سولو وسري ويندس.
جي منصوري سڏ ٿِيو ڪو،
سوري ڏي مان سنبري ويندس.
آزادي جو نعرو آهيان،
پٿر ٿي ڀي اُڪري ويندس.
پيار جي ڪائي سرحد ناهي،
هر حد کان مان گذري ويندس.
انجم پيار پکيئڙو آهيان،
آخر ڀڙڪي اُڏري ويندس.
**************
پيار هن پاسبان نيڻن جا،
نيڻ ئي ترجمان نيڻن جا.
ڪير دل جي زبان کي سمجهي،
نيڻ سمجهن بيان نيڻن جا.
روز تولاءِ دڳن ۾ هِن ديدون،
روز هن امتحان نيڻن جا.
تنهنجي پاڙي ۾ مون ڏٺا آهن،
کوڙ زخمي جوان نيڻن جا.
روح تي ڇاپِيا پَيا آهن،
آءُ ڏِسُ ني نشان نيڻن جا.
او ڙي ! انجم بچي به ڪيئن سگهندين،
ڏاڍا اوکا ٿئي ڪان نيڻن جا.
**************
سورن جو ڪو ساگر آهي منهنجي دل،
آهه و صدا جو اوٿر آهي منهنجي دل.
ڪنهن مظلوم جي ڪُوڪڻ تي ٿي تڙپي پئي،
پيار سندو ڪو پيڪر آهي منهنجي دل.
شهر جي گُهٽيل ديوارن ۾ ڦاسي پيل،
ڳوٺاڻي ڪا ڇوڪر آهي منهنجي دل.
پيار ڪرڻ جي يار ڪُفر آ پو ته ٻُڌو!
ڪافر آهي ڪافر آهي منهنجي دل.
هر دم جنهن ۾ رهندو آهين تون انجم،
تنهنجي ياد جو دفتر آهي منهنجي دل