غزل
پنهنجون يادون پيو سهيڙيان ٿو.
دل ۾ دردن مچائي هل چل آ،
پنهنجي دل جا بکيا اُڊيڙيان ٿو.
هاڻ خوشين جو فصل پوکيندس،
دل جي ڌرتيءَ تي کيت کيڙيان ٿو.
وَصل جو وقت آ وريو جانان !
هجر تنهنجي جو هنڌ ويڙهيان ٿو.
واءُ بڻجي مان عبد گيتن جيان !
پيار پل پل پيو پکيڙيان ٿو.
***********
ڪِيس ڪيڏو ڪري ٿي چانڊوڪي،
چين دل جو ڦُري ٿي چانڊوڪي.
تنهنجي يادن جي جنڊ ۾ جانان !
جيءُ منهنجو ڏري ٿي چانڊوڪي.
اُڀَ مَنَ کي پيو ٿو موهين اڄ،
تنهنجي ٻَکَ ۾ ٻَري ٿي چانڊوڪي.
چَنڊُ محبوب تنهنجو ڳَلُ آهي،
تنهنجي ڳل تان ڪِري ٿي چانڊوڪي.
ڄڻ ته آڪاس جو سِتارن سان،
سهڻو چولو ڀري ٿي چانڊوڪي.
رات جاڳي لِکيم غزل حافظ،
۽ غزل ۾ تري ٿي چانڊوڪي.
***********
هُوءَ به جيون ۾ ائين آئي وئي،
سانوڻي برسات هُئي گذري وئي.
رات منهنجي مَن اندر تنهنجي سکي !
ياد جي بارات هئي گذري وئي.
زندگي جو ائين سفر ڪٽجي ويو،
ڪاڪـ جي محلات هئي گذري وئي.
هُن سان گهاريل هر پهر ۽ هر گهڙي،
سُونهن جي سوغات هئي گذري وئي.
چنڊ تارا ۽ ڪتيون ٽيڙو ٽڙيل،
ڪيڏي روشن رات هئي گذري وئي.
شاعريءَ سان عڪس پنهنجا پئي چٽيم،
ڏينهن جهڙي ڏات هئي گذري وئي.
عبد منهنجي عڪس ۾ اکين اڳيان،
هي سَڄي ڪائنات هئي گذري وئي.
***********
هُوءَ نه آئي سَرَءَ سياري ۾،
ڪجهه نه سوچيائين منهنجي باري ۾.
رات ! توکي به غم مليو آ ڇا ؟
آهين صدين کان ويس ڪاري ۾.
جُهو جُهو آواز اَسر ويلي جو،
ڪا وِلوڙي ٿي کير پاري ۾.
نَڪَ هُنَ جي جِي ڄڻ ڦُلي آهي،
آ ڪشش ڪيڏي هُن ستاري ۾.
هوءَ کيتن ۾ ساڻ سکين سان،
ساڳ سوئي رهي آ کاري ۾.
هوءَ منهنجو نصيب آ حافظ،
مون کي جوڳي ڏسيو آ ڍاري ۾.
***********
ماس ڪوري رهي آ تنهائي،
جيءُ جهوري رهي آ تنهائي.
آئون مِٽيءَ جي مورتي آهيان،
مون کي ڀوري رهي آ تنهائي.
من مُنهنجي جي ڄڻ ته صحرا ڏي،
سُورَ سوري رهي آ تنهائي.
ياد ڏياري وري وري هُن جي،
چاهه چوري رهي آ تنهائي.
عبد هِن وقت جي ترازيءَ ۾،
مون کي توري رهي آ تنهائي.
***********
مان جڏهن عشق ۾ اڙيو آهيان،
سُور صدمن ۾ ئي سڙيو آهيان.
هيءَ دنيا درياهه دردن جي،
جنهن جي هر دور ۾ لُڙهيو آهيان.
ڄڻ ته اُڀَ جو ٽُٽَل مان تارو هان،
ڪين چمڪيو ڪڏهن کِڙيو آهيان.
ڄڻ ته ڪنهن راهه جو مان پٿر هان،
ٿيڙ کائي پئي ٿڙيو آهيان.
دل تنهنجيءَ جي بهشت مان جانان !
آئون آدم جيان تڙيو آهيان.
پاڻ کان ڌار ڪيئن ڪري سگهندينءَ،
جيءَ تنهنجي سان جو جڙيو آهيان.
دانهن دل جي نه ڪنهن به ورنائي،
عبد ڪيڏو رنو رڙيو آهيان.
***********
چنڊ جاڳي ٿو رات جاڳي ٿي،
هي سڄي ڪائنات جاڳي ٿي.
هيءُ ته انسان ننڊ غفلت ۾،
پاڪـ هڪـ رب جي ذات جاڳي ٿي.
پياس اصغر جي ساري ساري ۽،
ڪربلا ۾ فُرات جاڳي ٿي.
رااهه وٺڻي پوي ٿي گوتم جي،
جيڪڏهن ذات پات جاڳي ٿي.
مان مدينو ڏسي رهيو آهيان،
منهنجي لبڙن تي نعت جاڳي ٿي.
من منهنجي ۾ آ هِڪـَ ته تنهائي،
ٻي سَکي تنهنجي تات جاڳي ٿي.
عبد شاعر لکي رهيو آهي،
۽ سندس ڀر ۾ ڏات جاڳي ٿي.
***********
عشق جو هڪـ نام آهي ڪائنات !
حُسن جو ئي جام آهي ڪائنات !
هير وانگي آهي سُرهي هُو سدا،
صبح آهي شام آهي ڪائنات !
مون عبادت نانءُ هُن جو آ رکيو،
منهنجو سجدو قيام آهي ڪائنات !
هُن جي خوشبو سان مُعطر ڳوٺ آ،
ڄڻ گلن جي گام آهي ڪائنات !
عشق هُن وٽ آ سلامي روز شب،
سُونهن جنهن جي سام آهي ڪائنات !
عبد هُن کي ڪين ڪو ڄاڻي سگهيو،
معرفت جي مام آهي ڪائتات !
***********
دور مون کان ٿا رهو پيا چنڊ جيان !
پوءِ ڀي سهڻا لڳو پيا چنڊ جيان !
مان اُماوس رات جيان روئان پيو،
۽ اوهان هر دم کلو پيا چنڊ جيان !
سَڀُ سکيون تنهنجون ستارن جي مثل،
خوب تر تن سان ٺهو پيا چنڊ جيان !
ساڻ ناهيو سار بڻجي پو به روز ،
من سندي اُڀ تي کڙو پيا چنڊ جيان !
ڄڻ هوائن جي هندوري ۾ پرين !
رُت جوانيءَ ۾ جهلو پيا چنڊ جيان !
ڪنهن پڇو اي عبد ائين اڌ رات جو،
راهه ۾ ڪنهن لئه رُلو پيا چنڊ جيان.
***********
آهي اوهان وسايو ، هُت شهر روشنين جو،
هِنَ ڳوٺ ۾ ڳهيلا ، هاءِ اسان اڪيلا.
من کي چُٽن پيا ٿا ، هر دم پرين اوهان جي،
يادن سندا گُليلا، هاءِ اسان اڪيلا.
هِنَ دل سندي شهر ۾ ، بازار برهه جي ۽ ،
تنهائين جا ميلا، هاءِ اسان اڪيلا.
هن عشق جي سفر ۾ ۽ نينهن جي نگر ۾،
آهيون نوان نويلا، هاءِ اسان اڪيلا.
جنمن کان پيا ٿا ڀٽڪون بن بن جا آهيون جوڳي،
ٿر جا ڪي ڄڻ ٿريلا هاءِ اسان اڪيلا.
گمنام عبد آهن خوشين جا شهر مون کان،
چوطرف درد ٻيلا، هاءِ اسان اڪيلا.
***********
ستم سڀ سٺاسين مگر چپ رهياسين،
ڪنڊن تي هلياسين مگر چپ رهياسين.
شمع جيان اسان ڀي سدا سوجهرا ڪيا،
پئي وگهريا جلياسين مگر چپ رهياسين.
اسان ڄڻ ته ڀٽڪيل ڪڪر جيان هوا ۾،
پئي ڀٽڪيا رُلياسين مگر چپ رهياسين.
اسان عشق آويءَ ۾ دل جي دلي ساڻ،
ها پڄريا پڪاسين مگر چپ رهياسين.
اسان روز دردن جي دلدل ۾ دلبر،
ها لهندا وياسين مگر چپ رهياسين.
کڻي حسرتن جا ڪي انبار من ۾،
اوهان سان رَلياسين مگر چپ رهياسين.
***********
تون وسارين ته ڀل وساري ڇڏ،
پنهنجي دل مان مون کي ڌڪاري ڇڏ.
مان ٽٽل ڄڻ ته آرسي آهيان،
دل جي ديوار تان اُتاري ڇڏ.
آئون ڪنهن رات جو انڌيرو هان،
دور مون کان ٿي خود اُجاري ڇڏ.
چنڊ بنديا سندور تارن جي،
سينڌ پنهنجيءَ ۾ تون سنواري ڇڏ.
هڪڙو ڀيرو ڀلا ئي نفرت مان،
نيڻ مون ڏي کڻي نهاري ڇڏ.
لڙڪـ پوپٽ جيان سکي ڳل تان،
مُرڪـ جي ميڇ سان اُڏاري ڇڏ.
***********
اوهان جو ئي سارون سنڀارون رهيون،
۽ اکڙين ۾ لڙڪن جون لارون رهيون.
اسان جو نه ڀلجي به نالو کَنئيون،
مگر تَن جون تَنَ ۾ تنوارون رهيون.
هُيو پنهنجو جيون به ڏُونگر جيان،
غمن جو رڳو جنهن ۾ غارون رهيون.
ڪپي ڪنهن جي يادن جي ڪاتي وئي،
پنهنجي دل جون ڦارون ئي ڦارون رهيون.
هُيو وقت استاد حافظ تڏهن،
مقدر ۾ جنهن جون ٿي مارون رهيون.
***********
ڪا ڳالهه اڌوري رهجي وئي،
هڪـ آس اڌوري رهجي وئي.
سنڌوءَ جي ڪنارن جيان سانئڻ !
بس پاڻ ۾ دوري رهجي وئي.
ڪو ڄام نه آيو ڪينجهر تي،
ڪا نينهن ۾ نوري رهجي وئي.
بس سار اوهان جِيءَ سان ڇڙندي،
هِيءَ دل به دنبوري رهجي وئي.
هوُ وَرُ نه وريو ۽ آس ۾ هِڪـَ ،
ڪا سينڌ سندوري رهجي وئي.
ڪي واس هوائن جا وٺندي،
پيرن ۾ ڀنڀوري رهجي وئي.
اي عبد اسان جي شعرن ۾،
خيالن جي کٿوري رهجي وئي.