مرتب پاران
مون آريسر صاحب جا تقريباً جيڪي مارڪيٽ ۾ ڪتاب موجود آهن، اُهي پڙهيا آهن، جڏهن کان فيس بوڪ (سوشل ميڊيا) استعمال ڪرڻ شروع ڪيو اٿم، تڏهن کان مون سائين جي. ايم. سيد ۽ آريسر صاحب جي مختلف ڪتابن مان چونڊ ٽڪرا سوشل ميڊيا تي ”عبدالواحد آريسر جي نالي سان ٺاهيل“ پيج تي رکڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. ڪافي عرصي کان پوءِ مون اُهو ذڪر پنهنجي پياري دوست واحد ڪانڌڙي سان ڪيو، جنهن تجويز ڏيندي چيو ته، ڇو نه ان کي ڪتابي شڪل ڏجي ۽ پوءِ ايئن ئي پهريون ڪتاب 17 جنوري 2015ع تي سائين جي. ايم. سيد جي 111هين سالگرهه تي پڌرو ڪيو ويو، جيتريون ڪاپيون واحد سائين آنديون، اُهي منهنجي سامهون هٿو هٿ وڪرو ٿي ويون.
مون ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آريسر صاحب کي فون ڪئي، سائين حال احوال کان پوءِ چيو ته اوهان جا چونڊ ڪيل نثري ٽڪرا بهترين آهن، پر اُهي ٿورڙا آهن، سو محنت ڪريو ۽ ان جو ٻيو جُلد آڻيو، ته جيئن سڄو مواد هڪ هنڌ مُيسر ٿي سگهي. مون سائين جي هدايتن ۽ سائينءَ جي نثر جو عاشق هئڻ ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر محنت ۽ ڪوشش ڪري، هي ٻيو ڪتاب تيار ڪيو آهي، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
اميد ڪريان ٿو ته منهنجي محنت ۽ سائين جي نثر جو جادو اوهان کي ضرور وڻندو. آريسر صاحب توڙي جو اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، پر سائينءَ جو حڪم منهنجي لاءِ ڪنهن مقدس ڪتاب جي آيت کان گهٽ نه آهي. آءٌ، سائينءَ جي تحرير ۽ تقرير ٻنهي جو عاشق آهيان، مون کي پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق به سائينءَ جي ڪتابن پڙهڻ کان پوءِ ٿيو.
دنيا ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت عبور هجي، سائين جي. ايم. سيد ڪٿي لکيو آهي ته: ”ننڍي کنڊ ۾ مون صرف ٻه ماڻهو اهڙا ڏٺا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت دسترس آهي. هڪ مولانا آزاد ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر.“
آريسر صاحب، مولانا آزاد، جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌي، مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي. ايم. سيد کان متاثر هو ۽ انهن کي پڙهڻ کان پوءِ هن مسجد جا ختما ڇڏي سيد سان ملي سنڌ جي آزاديءَ جي عشق جو جام پيتو، جيئن گانڌيءَ کي نهرو ۽ مولانا آزاد مليا، تيئن ئي سائين جي. ايم. سيد کي آريسر صاحب مليو، جنهن سائين جي. ايم. سيد جي فڪر کي جهر جهنگ تائين پهچايو. پيرين پيادل، ميلن جا ميل سفر ڪري، ۽ ڪڏهن لوڪل گاڏين ۾ ڪِرايو نه هئڻ ڪري کيس لاٿو ٿئي ويو، تنهن هوندي به هر حال ۾ هن همٿ نه هاري ۽ سيد جو پيغام ڪارونجهر کان وٺي مريد شاخ- ڪشمور تائين پهچايو. هي آزاديءَ جو متوالو سيد ۽ سنڌ جو پيغام کڻي انهن ننڍڙن شهرن، ڳوٺن ۽ ڀِٽن تائين به ويو، جن تي اڄ ڏينهن تائين ڪافي ليڊرن جا پير ته پري، پر نظر به نه پهتي آهي.
آريسر صاحب، آخري وقت ۾ جڏهن اسپتال ۾ داخل ٿيو هو، ته آءٌ مسلسل انهن ماڻهن سان رابطي ۾ هئس، جيڪي سائينءَ سان گڏ هئا، پر انهن مان ڪنهن به ڪڏهن تفصيلي حال احوال نه ڏنو ته سائين ڪيئن آهي، پوءِ آخر آءُ پهرين مئي 2015ع تي سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي، صرف سائينءَ سان ملڻ ۽ طبيعت معلوم ڪرڻ لاءِ گهران نڪتس ۽ 2 مئي 2015ع تي صبح جو ڪراچي پهتس، جتي پنهنجي هڪ قريبي دوست (جنهن سان گهريلو تعلقات آهن)، وٽ ويس، جتي ناشتو ڪري اسپتال لاءِ نڪتس اتي پهچي سڌو سائينءَ جي روم ۾ هليو ويس، جيئن دروازو کوليم ته سائين جي نظر مون تي پئي ۽ سائينءَ مُسڪرايو ته خوشيءَ مان منهنجون اکيون ڀرجي آيون، سائينءَ سان پيرن تي هٿ رکي مليس، جنهن جو سائين هميشه انڪار ڪندو هو، پر منهنجي عادت هئي، جو آءٌ پيرن تي هٿ رکڻ کان سواءِ رهي ڪو نه سگهندو هوس. بهرحال مون سائينءَ کان طبيعت جي باري ۾ پڇيو ۽ پوءِ سائينءَ مون کان سمورو حال احوال ورتو، ڳوٺ جو، ڀائرن جو ۽ ٻين ڪافي شين جي باري ۾ مون کان پڇيائين، مون کي ته ان وقت سائين ڪافي بهتر لڳو، مون ڪافي ٽائم اتي گذاريو. منجهند جي ماني آئي ته سائينءَ جي ڪمري ۾ اسين صرف ٻه ڄڻا هئاسين، هڪ آءٌ ۽ ٻئي جو نالو مون کي ياد ڪونهي، ڇو ته ان ماڻهوءَ سان ڪڏهن ايتري ويجهڙائپ نه رهي آهي، سائين مون کي چيو ته: ”جيڪڏهن سُوپ آهي ته مون کي ڏي.“ مون ڏسي ڪري چيو ته سائين سُوپ ناهي، پر رائتو آهي ۽ چانور آهن. سائينءَ چيو: ”ٺيڪ آهي رائتو ڏي.“ پوءِ سائينءَ ٿورو رائتو کاڌو ۽ چيائين ته ان ۾ چانور وجهي ڏيو، چانور وجهڻ کان پوءِ ان ٻئي همراهه چمچ سان کارائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سائينءَ چيو: ”نه، آءٌ پاڻ کائيندس.“ پوءِ سائينءَ پاڻ ماني کاڌي، مانيءَ کان پوءِ ڪافي دير ڪچهري ٿي، ان دوران منهنجي موبائيل فون تي ميسيج آيو ته جمن دربدر جي گهرواري گذاري ويئي آهي، مون سائينءَ کي ٻڌايو ته آريسر صاحب تصديق لاءِ هڪ فون نمبر ملائڻ لاءِ چيو، جيڪو سائينءَ جي ڳوٺ جو هو ۽ اتان معلوم ڪيائين، کيس گهڻو ڏک ٿيو، ۽ پوءِ ڊرائيور گيان کي گهرائي پهريان ان کي پگهار ڏنائين ۽ پوءِ چيائين ته سومر تي ڳوٺ هلنداسين، پهريان جمن جي تڏي تي ويهنداسين ۽ پوءِ گهر هلنداسين. ان دوران ادل سومرو، اياز گل ۽ ٻيا ڪافي ماڻهو آيا، آءٌ اتي ئي هئس، پوءِ سائينءَ شام جو حُڪم ڪيو ته مون کي ”پٽيل“ فلم ڏيکاريو. ڪافي دير کان پوءِ هڪ نوجوان ليپ ٽاپ تي اُها فلم کڻي آيو، پر بدقسمتيءَ سان نيٽ جي اسپيڊ سُٺي نه هئڻ ڪري اُها فلم نه هلي سگهي ۽ پوءِ مون سائينءَ کان تقريباً رات جو ساڍي نائين وڳي موڪلايو ته سائين آءٌ هلان ٿو ۽ صبح جو موٽي ايندس ته سائينءَ چيو ٺيڪ آ.
رات جو واپس پنهنجي دوستن جي رهائشگاهه تي آيس، سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ جي ڪري گهري ننڊ اچي ويئي، صبح جو اُٿي جيئن موبائل ڏٺم ته لاتعداد فون ڪالس لڳل هيون ۽ سوين ميسيج هُئا، جن کي پڙهڻ سان پتو پيو ته: ”سائينءَ اسان ۾ ناهي رهيو.“ ان مهل تي مون ڪو رد عمل نه ڏيکاريو، ڇو ته جن جي گهر آءٌ ترسيل هئس، اُهي سڀ گهر ڀاتي سُتل هُئا، پر ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ پوءِ خبر ناهي ته آءٌ اسپتال ڪيئن پهتس، ڪافي دير کان پوءِ اهو خيال آيو ته سائين رات جو ته بلڪل ٺيڪ هو ۽ ماني به پاڻ کاڌائين، فلم جي فرمائش به ڪيائين، ڪافي کل ڀوڳ ۽ مذاق به هلندي رهي ته اچانڪ سائينءَ کي ڇا ٿيو؟ اهڙين سوچن ۾ مان گُم ٿي ويم ۽ ڪيئي خيال ذهن ۾ ايندا رهيا.
خير اهو هڪ وڏو سوال آهي، جنهن جو جواب وقت ۽ تاريخ ڏيندي. مون سائينءَ کي آخري دم تائين آزاديءَ جي پرچار ڪندي ڏٺو، اڪثر ته ائين ٿيندو آهي، جو زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ ماڻهو پنهنجا گناهه بخشرائڻ جي ڳالهه ڪندا آهن، پر هن صوفي منش انسان جي آخري وقت ۾ به زبان ۽ دماغ ۾ صرف آزاديءَ جو تصور هو، هن جي رڳن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي آزاديءَ جو عشق رت جيان سمايل هو، جن ماڻهن ۾ وطن جي حُب نه هوندي هُئي، انهن کان پري رهندو هو. بلڪل انهيءَ شعر وانگر ته:
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ،
پوءِ منهنجي تو کان دُوري آ.
۽ ٻي ڳالهه ته آخري وقت تائين سائينءَ کي ڪتابن سان تمام گهڻو پيار رهيو، اسپتال ۾ جڏهن به ڪو دوست ڪتاب ڏيئي پئي ويو ته ڪتاب ڏسي سندس جسم ۾ ڄڻ ته ڪا اضافي قُوت اچي پئي ويئي ۽ ڪتاب جو هڪ - هڪ صفحو ورائي پيار مان پئي ڏٺائين. بهرحال علم، ادب ۽ آزاديءَ جي تڙپ کيس آخري دم تائين رهي. سائينءَ سان اسپتال ۾ جيترو ٽائم آءٌ گڏ رهيس، ته اتي ڪافي ڳالهيون مون محسوس ڪيون، جن جو تصور به نه هو، پر ان جو ذڪر ڪرڻ هتي مناسب نه ٿو سمجهان، پر وقت مليو ته ڪنهن ٻئي هنڌ ضرور ڪندس. بهرحال سائينءَ جي وڇوڙي سان صرف سنڌ ۽ سنڌ جا قومي ڪارڪن بي سهارا ناهن ٿيا، پر اُهي لفظ ۽ جملا به يتيم ٿي ويا آهن، جن کي بهترين ۽ خوبصورت تشبيهن سان تحرير ۽ تقرير ۾ استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ صرف عبدالواحد آريسر وٽ هو.
هُو جَا ٻَري هير، ڪَاڇي ڏُونگر ڪَنڌيين،
ٻِيو ٻارِيندو ڪير، کاهوڙڪي کير ري.
(ڀٽائي)
_منصور مزاري
مريد شاخ، گهوٽڪي