4
_ صبح جو آءٌ جيئن ئي شيريٽن جي هائيٽس مان اُٿي چانهه پيئڻ ويس، اُتي سائين امير حيدر شاهه جو ملازم بيٺو هو، جنهن مون کي ٻڌايو ته، سائين هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته مون ڪو به رد عمل طاهر نه ڪيو، ۽ کيس چيم ته آءٌ اچان ٿو حيدر منزل تي، پوءِ حيدر منزل پهتس ۽ پوءِ منهنجي مصنوعي صبر جا سڀ بند ٽٽي پيا، ماڻهو حيران هئا ته هن کي ڇا ٿيو، مون کي خبر ناهي ته ڪنهن انگريزي اخبار جي خاتون صحافي آئي، جنهن مون کان پڇيو توکي ٿيو ڇاهي؟ مون چيو: ”محترمه! مون کي ته ڪجهه ناهي ٿيو، پر سنڌ کي سڀ ڪجهه ٿي ويو آهي،“ ۽ پوءِ مون اتي تجويز ڏني ته ٻه شيون ٿيڻ گهرجن. سائينءَ جي جسد خاڪيءَ کان اڳ لطيف سائينءَ جو سُر کاهوڙي پڙهندو هلجي مائيڪ تي، ۽ ٻيو اتي قرآن شريف، گيتا، بائيبل ۽ شاهه جو رسالو سن ۾ پڙهيا وڃن ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته، منهنجي پهرين تجويز قبول نه ڪئي وئي، پوءِ ڪراچي شهر ائين خاموش ٿي ويو، ڄڻ سڄي شهر کي سانپ سراپي ويو هجي ۽ ننڍڙا ٻار اسڪولن کان موڪل ملڻ کان پوءِ فوٽ پاٿن تي سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ماڻهو کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ موجود هئا. بهرحال ٽول پلازه ٽپڻ کان پوءِ سُر کاهوڙي ڳائجڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ سن ۾ چارئي اِلهامي ڪتاب پڙهيا ويا. شاهه جو رسالو ڊاڪٽر تنوير عباسي، گيتا جيئم ڀڳت، بائيبل مسٽر پيٽرڪ ۽ قرآن شريف حافظ سحر پڙهيو، ۽ ان کان پوءِ اپريل جو مهينو، 26 تاريخ، شديد گرمي اوچتو آسمان تي ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ صرف جنازي نماز کان مزار تائين وڏ ڦڙو وسڻ شروع ٿيو ۽ ٻيو ڪٿي به نه وُٺو. مون دعا پڙهڻ کان پوءِ هڪڙو فارسيءَ جو شعر پڙهيو، جنهن جو مفهوم هي هو ته: ”اي مٽي! هن مهمان جي توکي پارت هجي، جيڪو سڄي سنڌ جو نور هُيو. اڄ اسان تنهنجي ڀاڪرن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.“
[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 49،48]
•
عشق اسان وٽ آرائين جئين آيو جهول ڀري،
ڪوئي ڪيئن ڪري، ڪوئي ڪيئن ڪري.
اياز جي هي سِٽ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ رومانس جو هزارين سالن تي پکڙيل ڏينهن ۽ راتين جي روايتن، محبتن، ٽهڪن، مهڪن دانن ۽ مسرتن جو اظهار آهي. سنڌ ۾ صدين کان وٺي اهو دستور رهيو آهي ته جڏهن وڻ ڦوٽ جي مند شروع ٿيندي هئي ۽ نوجوان دلين ۾ محبتون انڊلٺ جي رنگن وانگر فضائن کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺنديون هيون، سُڪل وڻ گونچ ڪڍندا هئا، ڦوڳن ۾ ڦوعيون ستارن جي ٻُور وانگر ڦهلبيون هيون، ڳاڱين ۾ ڪارونجهر جي ڪامڻين جي ڳلن جهڙا ڳاڙها ڳاڱيٽيا رچي راس ٿيندا هُئا ۽ انبن جي ٻُور جي خوشبوءِ ڪنهن نڪور بدن جي خوشبوءِ وانگر چؤطرف ڦهلبي هئي، ۽ ٻٻرن ۾ محبوب جي ڦُليءَ جهڙا ڦر نروار ٿيندا هئا، ان وقت اسان جا مالهي انهن رنگ برنگي گُلن ڦلن جا جهول ڀري امير غريب جي دروازي تي وڻ ڦوٽ جي سوکڙي گهر وارن کي آڇيندا هئا ۽ موٽ ۾ گهر ڀاتي هنن کي سون چانديءَ جا ٽوڪرا ڏئي روانو ڪندا هئا. انهي منظر کي اياز پنهنجي وائيءَ جي هن لازوال سٽ ۾ بيان ڪيو آهي. عام منگتو ته سون، چانديءَ جي ٽڪرن تي راضي ٿي ويندو هو، پر جڏهن عشق جذبن جا جهول ڀري ڪنهن ڪامڻيءَ جي در تي اچي، ته ان کي ڪيئن ٿو راضي ڪري سگهجي؟ مون مٿي سنڌ جي گلن ۽ ڦلن جو ذڪر ڪيو آهي، اڄ جو پڙهندڙ شايد منهنجي خيال پرستيءَ تي کِلي ته هن ڀڙڀانگ سنڌ ۾ گل ڦل ڪٿي آهن؟ ٻٻرن ۾ محبوب جي ڦليءَ جهڙا پيلا گل؟ واقعي اڄ جو سوچيندڙ صحيح آهي، ڇو ته آءٌ جنهن دور جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو دَور دولهه دريا خان ۽ ڄام نظام الدين جو دور هو، اهو دور ڏاهر ۽ نور محمد ڪلهوڙي جو دور هو، جنهن نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ سنڌ جي آدمشماري ته 21 لک ماڻهن تي مشتمل هئي، پر سنڌ جي زرعي زمين 30 لک ايڪڙ آباد ٿيندي هئي، ايس ڪي بلوچ ”پاڻي منجهه پساهه“ انهي دور ۾ پاڪستان نه ٺهيو هو، ان دور ۾ سنڌو جي سرڪش رواني کي عالمي ادارن جا سونا لغام نه پيا هئا ۽ ان دور ۾ پنجاب سامراج سنڌو جي سرڪش موجن جي سامهون منگلا ۽ تربيلا جهڙا هٿرادو پهاڙ کڙا نه ڪيا هئا ۽ سنڌو ائين آزاد رقص ڪندڙ ۽ موج ڀريو مهراڻ هوندو هو، جنهن ۾ سون ۽ چانديءَ سان ڀريل ٻيڙا سڌو سمنڊ ۾ داخل ٿي سنڌ جي محنت ۽ سامان لنڪا، تيل ۽ زن جبار تائين پهچائيندا هئا، هي اهو ئي دور هو، جنهن ڀٽائيءَ جي طاقتور قلم کان اهڙا شعر چوايا.
ڏِٺي ڏِيارِي سَامُونڊِيَن سَڙه سَنڀايا،
وِجهيو وَر وَنجهه کي روئي وَڻجَارِي،
مَارِيندَئِي مَارِي، پِرَهه سُور پِرِين جَا.
(شاهه)
ڪَانڌ تُنهنجي پَانڌ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،
ڪَامِل ڪَپاهن ۾ پَئِي ٺَار ٺَران،
تَاري توءِ تَران، جِيئن وَر وِهاڻي وِهوڙيو.
[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 55،54]
•
_ وڻ ڦوٽ جي مُند منهنجي لاءِ وسڪاري کان وڌيڪ دلڪش هوندي آهي، سموري دنيا ويلنٽائين ڊي 14 فيبروري تي ملهائيندي آهي، پر آءٌ اهو ڏينهن 15 فيبروري تي ملهائيندو آهيان، پوءِ جهڙو به موقعو هجي، ڪو جهنگلي گل وٺڻ وارو ۽ دل جي گلاب تي ريشمي آڱرين سان پها پيدا ڪندڙ نه به هجي، پوءِ به آءٌ ٻهراڙي ۾ نڪري ويندو آهيان، ۽ ڪنهن وڻ مان مُڃر پٽي، مون جهڙي بدحال ٻڪرار جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو آهيان.
(نوٽ: وڻ ڦوٽ جي مند 15 فيبروري کان شروع ٿيندي آهي)
[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 55]
•
_ صادق فقير، جنهن جي راڳ ٻڌڻ لاءِ آءٌ ائين بيقرار هوندو آهيان، جيئن ازل جا اُڃايل چار چپ هڪ ٻئي ۾ پيوست ٿيڻ لاءِ بيقرار هوندا آهن.
[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 56]
•
_ جڏهن صادق ڳائيندو آهي، ته ان وقت مون کي محسوس ٿيندو آهي، ته ڄڻ پارڪر جي پهاڙن مان روپلي جي، سنڌ جي آزادي جي ويڙهه لاءِ ڏنل سڏ جو پڙاڏو صادق جي رُوح ۾ لهي ويو آهي، ۽ هو جڏهن اياز گل ۽ ادل سومري کي ڳائيندو آهي، ته مون کي لڳندو آهي ته مٺيءَ جي سڀني ڪُنوارين جا چُوڙا هڪ ئي انداز ۾ تاڙين جي ڦهڪي تي ڪو سُريلو راڳ پيدا ڪري رهيا آهن.
[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 56]
•
_ (سائين جي. ايم سيد کي سنڌي پورهيت سنگت طرفان تاج محل هوٽل ۾ ڏنل آجياڻو)
انهيءَ آجياڻي ۾ سائين ابتدائي طرح چيو ته: بيشڪ وڏن شهرن ۾ گڏجاڻيون ڪرڻ سان خرچ گهڻو اچي ٿو، پر پوءِ به شهر عالمي ميڊيا جا مرڪز ٿين ٿا، ان ڪري اهڙين گڏجاڻين ۾ چيل لفظ ۽ ڪيل ڳالهيون عالمي ايوانن تائين پهچن ٿيون. آءٌ هتي موجود ماڻهن جي هجوم کي ڏسي خوش ناهيان ٿيو، ڇو ته مون کي خبر آهي ته مون سان لاڳاپو رکڻ جي دعويٰ ڪندڙن مان 80 سيڪڙو ڪرمنل آهن ۽ ڪرائيم ڪنهن به تحريڪ جي زوال جو وڏو ڪارڻ آهي، پر ڇا ڪريان ڀٽ ڌڻيءَ چيو آهي.
تيسين ڀيلي سين ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
ان ڪري آءٌ درگذر ڪري مڙئي ڪم هلايان پيو. سائين جي انهيءَ تقرير تي صبح جو سنڌ جي ڪميونسٽ صحافي فقير محمد لاشاري ايڊيٽوريل لکيو، جنهن جو عنوان هو ”بيشڪ پيغمبر پنهنجي قومن سان ائين ڳالهائيندا آهن.“
[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 68،67]
•
_ ڊي ايس پي مون کي عام گاڏيءَ مان لاهي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهاريو، ۽ پاڻ ڊرائيونگ ڪرڻ لڳو، مون کي چوڻ لڳو ته: ”خبر آهي ته مون توکي پاڻ سان گڏ ڇو ويهاريو آهي؟“ مون چيو ته: ”اڳيان اسان جو ماڊل تعلقو ٽنڊو محمد خان آهي ۽ تو پٿرن کان بچڻ لاءِ پاڻ سان گڏ ويهاريو آهي.“ هن چيو ته: ”اها شيءِ ناهي، اصل حقيقت هي آهي ته سج گرهڻ ٿي چڪو آهي، ۽ تنهنجي عادت جي مون کي خبر آهي، ته سنڌ جي ٻنين ۽ کيتن کان مٽيندي، تون انهن ڏانهن ائين ڏسندو آهين، جيئن ڪو حوس پرست وڏيرو الهڙ جوانيءَ ڏانهن ڏسندو آهي. ان ڪري سج گرهڻ جي اثرن کان بچڻ لاءِ توکي مون پاڻ سان ويهاريو آهي، ڇو ته منهنجي گاڏيءَ جا شيشا ڪارا آهن.
[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 73]
•
_ 1981ع ۾ آءٌ جيل مان آزاد ٿيڻ بعد، گهر اچڻ کان پهرين سن ويس. سائين ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين ڦٽڪا لڳڻ وقت ڪيئن محسوس ڪيئي؟ مون پنهنجي لفظي جادوگريءَ کان ڪم وٺندي چيو ته: ”سائين! مون هر ڦٽڪي تي ائين محسوس ڪيو ته سنڌ مون کي چُمي ڏئي رهي آهي!“
[ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 51]
•
_ سيد اسان جي بُکين دماغن کي عقيدن جي خوراڪ ڏيڻ بدران، فڪر جي خوراڪ ڏني، ۽ اسان جي بُکين پيٽن کي لفظن سان ڀرڻ بجاءِ آزاديءَ يعني سنڌو ديش جي قيام سان پنهنجي ملڪ جا وسيلا، پنهنجي عوام لاءِ استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو_ ۽ اهو آواز اسان جي لاءِ آخري ۽ واحد ذريعو آهي، پنهنجن دماغن ۽ پيٽن کي سيراب ۽ شاداب ڪرڻ جو.
[ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 76]