تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ورقُ ورقُ تاريخ (چونڊ نثري ٽڪرا)

ڪتاب ”ورقُ ورقُ تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري قومپرست اڳواڻ، نثر ۽ تقرير جي بيمثال شخصيت عبدالواحد آريسر جي نثري ٽڪرن جي چونڊ تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب منصور مزاري آهي.
دنيا ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت عبور هجي، سائين جي. ايم. سيد ڪٿي لکيو آهي ته: ”ننڍي کنڊ ۾ مون صرف ٻه ماڻهو اهڙا ڏٺا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت دسترس آهي. هڪ مولانا آزاد ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر.“

Title Cover of book Warq Warq Tarekh

7


_ منهنجو صدين کان بسيرو گٽرن بجاءِ هالار جي چوٽيءَ تي رهيو آهي. منهنجو مسڪن، صدين کان هن ڌرتيءَ جي اناج جي خوشبوءَ سان ٽمٽار پرينءَ جي پيشانيءَ جهڙا کيت ۽ عاشق جي دل جهڙا ڪُشادا ميدان رهيو آهي. آءٌ انهي قافلي جو فرد آهيان، جنهن عرب، چين، يورپ، آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ هميشه اوندهه خلاف روشنيءَ جي فائدي ۾ گٽرن جي خاتمي ۽ فضائن جي بلندين جي حق ۾، گندگيءَ کي مٽائڻ ۽ انساني ذهن کي خوشبوءِ جي زندگيءَ سان ڀرڻ لاءِ جنگيون پئي ڪيون آهن.

[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 426]


_ ڄام نظام الدين سنڌ تي اشوڪ اعظم کان وڌيڪ ۽ اڪبر اعظم جيترو وقت حڪومت ڪئي، پر نه هن ڪنهن جنگ جي خونريزيءَ کان ڊڄي اشوڪ وانگر ٻڌمت اختيار ڪيو، ۽ نه ئي اڪبر وانگر ماڻهن جي سِسين جا منارا ٺهرايائين. تاريخ ۾ هن جي وقت ۾ صرف هڪ جنگ جو احوال ملي ٿو، اهو شاهه بيگ ارغون طرفان سنڌ جي سرحدن تي حملو هو ۽ ان کي روڪڻ لاءِ، اُن سنڌ جي تاريخ جي اڄوڪي روح، دريا خان کي موڪليو هو.

[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان]


_ غلامي ئي اهڙي لعنت آهي، جيڪا انسان جي ذهني ۽ جسماني صلاحيتن کي اُڏهي وانگر کائي کوکلو بنائي ڇڏيندي آهي، ۽ آزادي ئي اهڙي نعمت آهي، جيڪا انساني صلاحيتن جي چمن کي نسيم سحر وانگر تازو ۽ شاداب رکي سگهي ٿي.

[ڪتاب: جي ايم سيد]



_ سنڌ شاهه عنايت ۽ سچل سرمست جي روايتن کي اقبال ۽ جالنڌري جي نظريي تي قربان پئي ڪري. لاش قبرستان مان ڪڍي اُڇلائڻ جو سلسلو جاري رهيو، ته سنڌ نه رهندي. سچل سرمست جو خليفو نماڻو فقير مسلمان نه هئڻ باوجود سندس پيرانديءَ ۾ دفن ٿيل آهي، شاهه عنايت جي درگاهه جي آس پاس به ڪيترائي غير مسلم دفن ٿيل آهن.

[ڀوري ڀيل جي لاش کي قبر مان ڪڍي ٻاهر اڇلڻ جي ردِ عمل ۾ 14-10-2013ع تي ميڊيا ۾ ڏنل بيان]


_ سائينءَ جي پوٽي جي شاديءَ جي دعوت هئي ۽ ان ۾ سائين به آيل هو. مانيءَ جو پروگرام جيئن ته دير سان هو، ان ڪري مون سوچيو ته، آءٌ عمر خيام جي ٽن رباعين تي عمل ڪري دعوت ۾ ويندس ۽ ماني کائي موٽي ايندس ۽ سائينءَ سان ڪونه ملندس. آءٌ جيئن پنڊال ۾ داخل ٿيس ته سائينءَ جي نظر مون تي پئجي وئي، ماڻهو موڪليائين ته وٺي اچوس. ظاهر ڳالهه آهي ته منهنجي ان وقت حالت اها هئي ته:
’با خدا ديوان باش، با محمد هوشيار باش‘
مون ان وقت خلق کي خدا جو جلوو پئي سمجهيو ۽ جي. ايم. سيد کي محمد جو اوتار، ان ڪري وٽس وڃڻ کان لهرايم، پر ڪارڪن مون کي کنڀي کڻي ويا، جيڪي اڄ مون کي ائين ڇڏي ويا آهن، جيئن ڏڪار ۾ ٿري ماڻهو پنهنجا اَجها ڇڏي ويندا آهن. مون کي کڻي سائينءَ جي ڀر ۾ ويهاريائون. منهنجي وات مان انگور جي ڌيءَ جي چُميءَ جي خوشبوءِ اچي رهي هئي ۽ عمر خيام جي رباعين جي ڪُنوارن منهنجن وارن کي ٽڙ پکڙ ڪري ڇڏيو هو. منهنجي ويهڻ شرط سنڌ جي هڪ شاطر سياستدان منهنجي ظاهري ڪيفيت ڏانهن اشارو ڪندي سائينءَ کي چيو ته: ”هي عبدالواحد آريسر آهي توهان جو، رائيٽ هينڊ؟“ ان وقت اسٽيج تي سنڌ جو ذات سياستدان، وڏيرو، مير ۽ پير ويٺل هو. سائينءَ پنهنجو هٿ مٿي کڻي، ان ٽوڪ جو جواب هن طرح ڏنو: ”ها هي آهي عبدالواحد آريسر! منهنجو نه صرف رائيٽ هينڊ پر رائيٽ اينڊ ليفٽ بوٿ هينڊز، منهنجي تحريڪ لاءِ سڀ گهربل امتحان پاس ڪري آيو آهي ۽ مون کي هن تي فخر آهي.“

[ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 31،30]


_ ان مذهبي جنون ۽ جنگ باز ذهنيت ئي هي بنياد پرستي ۽ ملائيت پکيڙي آهي. اهي مُلا، جيڪي هڪ ڪلاڪ ۾ فتوا ڏيئي ماڻهن کي ڦاسيءَ تي ٽنگرائن ٿا، تن لاءِ مولانا آزاد هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”ايشيا ۾ مصنف جو قلم ۽ سپاهي جي تلوار گڏجي حق پرستن، محب وطنن ۽ خدا جي طرفدارن جو خون ڪيو آهي، ۽ ان تي مذهب جي مقدس چادر وڌي وئي آهي.“
اڄ به هتي ائين پيو ٿئي، تڪڙي انصاف جي نالي ۾ تڪڙيون بي انصافيون پيون ٿين.

[ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 73]


_ اڄ ڏينهن تائين دنيا جي فاتحن هر شيءِ فتح ڪري ورتي آهي، پر سچ، سونهن، محبت ۽ شفقت کي فتح ناهن ڪري سگهيا، ڇو ته اُهي شيون خدائي ذات جو پرتوو آهن ۽ خدا جي ذات ناقابِل شڪست آهي ۽ هن ڌرتيءَ تي اهي شيون مون اڻميون ڏٺيون آهن. ان ڪري ان لاءِ پنهنجين هڏين جي ٽڙڪاٽن جي موسيقيءَ ۾ جيڪا لذت مخدوم بلاول محسوس ڪئي هئي، سا آءٌ محسوس ڪريان ٿو ۽ اهو راز مون پروڙي ورتو آهي، ان ڪري پنهنجي وجود کي سنڌ جي وجود سان ملائي هڪ ڪري ڇڏيو اٿم.

[ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 84]


_ هن وقت جيڪا سرد هوا هلي رهي آهي، جنهن سان هڏين جو گودو به ڄمي ويو آهي، پر توهان هت موجود آهيو، ڇو ته جدوجهد جي جنهن ميدان ۾ اسان آهيون، تنهن اسان جي دل جي سِگرين کي ٻاري ڇڏيو آهي. اسان جا ولولا آسمانن جي وُسعتن ۾ اڏامڻ لاءِ تيار آهن ۽ اسان جا حوصلا جسماني ۽ روحاني مصيبتن کان بي نياز آهن. هاڻي غلاميءَ جي اونداهي رات گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهندي، ڇو ته ان غلاميءَ جي خاتمي لاءِ سائين جي. ايم. سيد جي پرستارن ڪيتريون شهادتون ماڻيون آهن ۽ پرستارن جي شهادت سان ئي صبح جو روشن چهرو ڏسي سگهبو آهي.

[ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 77،76]


_ توهان کي خبر آهي ته آزادي ڇا آهي، اها جڏهن پنهنجو اظهار ڪندي آهي، ته ڪيئي دليون ڪومائجي وينديون آهن ۽ ڪيئي ڳاٽ ڦاسين تي لڙڪندي نظر ايندا آهن، پر پوءِ به ان وقت جا صبح ۽ ان سمي جون شامون تبديل ٿي وينديون آهن. صبح جي اُفق ڪئين اهڙا نياپيا کڻي ايندي آهي، جن تي ڪيئي ڪُنواريون دليون ڌڙڪڻ شروع ڪنديون آهن، ۽ سنجها جون شفقون اهڙي لالاڻ کڻي اينديون آهن، جيڪا يا ته صرف ڪنوار جي ڳلن تي حياءُ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي، يا شهيد جي رت جي رُوپ ۾ اظهار ڪندي آهي. ڇا توهان کي اها آزادي کپي، جنهن ۾ سُر ۽ سنگيت جا ستئي سُر آهن. انساني عصمتن جا احرامن کان بُلند مينار آهن ۽ ڀٽائي جي سُرن جا سڀ سور سمايل آهن؟ يا توهان کي غلامي کپي؟ جيڪا اهو چاهيندي آهي، ته آزاديءَ جا سڀ ليڪا ڊاهي ڇڏيو، ۽ غلاميءَ جا نوان ليڪا ٺاهيو، ڪهڙن به خوبصورت نالن ۽ نعرن ۾، پر آءٌ پنهنجي عمعصر عالم مولانا آزاد جي لفظن ۾ چوندس ته: غلاميءَ جا توهان ڪيڏائي خوبصورت نالا ڇو نه رکو، پر اها منهنجي محبوب ٿي نٿي سگهي. ها اچو ته انهن ليڪن جا رستا بند ڪريون، جيڪي غلاميءَ جا نوان ليڪا هُو اسان کي ڏيکارڻ چاهي ٿي.

[ڪتاب: ڇا ته شخص هو، صفحو: 73]


_ سنڌي سماج ڪيترين ئي غلامين جو شڪار آهي. زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ هن جي اڳتي وڌڻ ۽ صحت مندانه ارتقا جون سموريون واٽون بند آهن، انهن سڀني غلامين مان خطرناڪ غلامي سياسي غلامي آهي.


_ سائين جي. ايم. سيد اسان کي دلين جي سفر ڪرڻ جو چيو، ۽ اهو پڻ چيو هو ته، زمين جي ويڪر ڏاڍي ننڍڙي آهي، پر دل جي زمين جي ويڪر خدا جي تصور جهڙي لامحدود آهي.
ملڪ دل جو موڪرو، جنهن جو عرش زمين آسڻ.
ماڻهو لفظن ذريعي دماغن جو شڪار ڪندا آهن، پر توهان محبت جي ذريعي دلين جو شڪار ڪريو، ڇو ته دليون زمينن ۽ آسمانن کان وڌيڪ وسيع آهن، مسجدن ۽ مندرن کان وڌيڪ مقدس آهن.

[ڪتاب: ڇا ته شخص هو]