9
_ سائين جي. ايم. سيد کي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ شوق جيڪڏهن ڪن شين جي ڏسڻ جو هو ته اهي لائبريريون هيون. سائين جي. ايم. سيد جي هڪڙي همعصر مون کي ٻڌايو ته، نوجواني جي وقت جڏهن ننڍي کنڊ جا نوجوان پنهنجون راتيون، نائيٽ ڪلبن ۾ چانديءَ جهڙن جسمن سان پنهنجون اکيون روشن ڪرڻ، ۽ رقاصائن جي وارن ۾ پيل رِبن کي نانگ جي وات ۾ پيل موتيءَ سان تشبيهه ڏيڻ ۾ گذاريندا هئا، ان وقت نوجوان جي. ايم. سيد افلاطون، ابن رشد، ڪارل مارڪس ۽ ٽائن بي جي ڪتابن جي آرسين ۾ سنڌ جو شاندار مستقبل ڏسڻ ۾ گذاريندو هو.
•
_ زندگي اهڙي طريقي سان گذارجي، جو فرد کان وٺي اجتماع جي وچ ۾ ماڻهو اوچي ڳاٽ سان ڳالهائي سگهي.
معافيون وٺي به ماڻهو جيئرو رهي سگهي ٿو، اعترافِ جرم ڪري به ماڻهو حياتيءَ جي ڏوريءَ کي ڊگهو ڪري سگهي ٿو، ۽ ايجنٽ بنجي به ماڻهو زندگيءَ جي ڏينهن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو، پر اهڙي زندگي، اهو ڪينسر جو روڳ آهي، جو هر ڏينهن، ماڻهوءَ جي ذهن ۽ ضمير کي اندران ئي اندران ڪوريندو رهندو آهي، ۽ جڏهن اهڙو ماڻهو، خاص ڪري سياسي ڪارڪن، مجمعن ۾ بهادريءَ واريون ڳالهيون ڪندو آهي، ته ان وقت مون کي محسوس ٿيندو آهي، ته ڄڻ ڪا هڪ طوائف، عصمت جي عظمت تي ليڪچر ڏئي رهي آهي!
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 19،18]
•
_ ڪنهن ماڻهوءَ کي قيد ڪرڻ ۾، قابض قوتن جو مقصد هوندو آهي، ته هن کي پنهنجيءَ مرضيءَ سان جيئڻ، گهمڻ، سوچڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ کان روڪڻ، خاص ڪري سياسي ماڻهن کي قيد ڪرڻ جو مطلب عوام سان رابطي ڪٽڻ جي ڪوشش هوندي آهي، جيئن مثبت مقصد ۽ پنهنجي نظريي جي هُو پرچار ڪري نه سگهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ اهڙين منفي قوتن کي آزادي ۽ حوصلي افزائي ملندي آهي، جيئن اهي قيد ٿيندڙ ماڻهوءَ جي مقصد جي خلاف ڀرپور پروپيگنڊا ڪري سگهي.
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 22]
•
_ ڪنهن قيديءَ تي تشدد ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي، ته اُن کي ذهني ۽ جسماني طرح ايترو ٽوڙي ڇڏجي، جو هُو ڪابه سرگرمي جاري رکي نه سگهي، ۽ پوءِ هو يا ته حڪمرانن جو بُوٽ چٽائو بنجي وڃي، يا صوفيت جي فراري طريقي تي عمل ڪندي، گوشه نشين ٿي وڃي.
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 23]
•
_ سنڌي قوم جي بدقسمتي اها رهي آهي، هن غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ، آزادي ۽ اُن جي لذت ۽ مزن کي ڏٺو ئي نه آهي. سائنس جو هڪڙو اصول اهو به آهي ته، جنهن عضوي کان ڪم نه وٺبو آهي، ته اهو ڪجهه وقت کان پوءِ ناڪاره ۽ آخر ۾ ختم ٿي ويندو آهي. انهيءَ اصول موجب سنڌي قوم مان آزاديءَ جي لذتن، مزن، خوشين ۽ مسرتن واري حِس ئي ختم ٿي وئي آهي. اُها صرف سائين جي. ايم. سيد ۽ اُن جي هلچل ئي آهي، جنهن سنڌين کي آزاديءَ جو وساريل خواب ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو خواب، جيستائين پنهنجن سمورن خوبصورت منظرن سميت سنڌي ماڻهن جي من جي مندرن ۾، سانجهيءَ ٽاڻي ٻرندڙ ڏيئي وانگر روشن نه ٿو ٿئي، تيستائين سنڌ جا نوجوان مختلف نعرن، نظرين، لالچن ۽ سرابن ۾ ڀٽڪندا رهندا.
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 25]
•
_ مون فلسفي ۾ اهو پڙهيو آهي ته: ”اهو ماڻهو ڊهي پوندو آهي، جيڪو پنهنجي عمل تي پشيمان ٿيندو آهي، ۽ ان کي ڏوهه سمجهندو آهي.“
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 25]
•
_ جيڪڏهن ڪجهه لمحا مون کي خوشيءَ جا مُيسر ٿيا آهن، ته اُنهن جي پٺيان هڪدم ڏک ۽ بيوسيءَ جا ڪلاڪ ايندا رهيا آهن. ان ڪري ٿوري خوشي ملڻ وقت به آءٌ گهٻرائيندو آهيان، ته متان ان جي پٺيان غم جي لهر نه اچي وڃي!
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو60]
•
_ انساني زندگي ڏکن جو طويل داستان آهي. ڪائنات جي سموريءَ تاريخ ۾، سمورن انسانن جا ڏک، سمورين خوشين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وزنائتا ۽ دل ڏاريندڙ هوندا آهن، ۽ انسان کي بقول سائين جي. ايم. سيدجي: ”قدرت ويسر جي عجيب نعمت ڏني آهي، جيڪا انساني خوشيءَ جي هڪ لمحي ۾ ڏکن جا سال وساري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن انسان کي اها نعمت ميسر نه هجي، ته شايد انسان جيئرو رهي ئي نه سگهي.“
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 60]
•
_ مون ڪڏهن به سازش جي ذريعي سنڌ جي آزاديءَ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 84]
•
_ هنن منهنجي اکين تان پٽي کولي، ۽ مون پنجن مهينن ۾ پهريون دفعو سنڌ ڏٺي. منهنجي ذهن ۾ حسنين هيڪل جا لفظ گونجڻ لڳا، جنهن چيو هو: ”آءٌ سادات جي قتل کان پوءِ آزاد ٿيس ۽ مون مصر تي نظر وڌي ته مون کان بيساخته رڙ نڪري ويئي ته مار! مصر ايڏو خوبصورت آهي!!“
مون کي خبر هئي ته هنن سپاهين کي هيڪل جي خبر ئي ناهي، پر اکيون کلڻ بعد پهريون دفعو مون کي محسوس ٿيو ته ”مار سنڌ ايڏي خوبصورت آهي!!“
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 98،97]
•
_ هڪ تخليقڪار نه رڳو لفظن جو خالق ٿيندو آهي، پر پنهنجن انهن لفظن جو پالڻهار پڻ هوندو آهي. لفظن جي پالنا ۽ پرورش جو مطلب اهو آهي ته، تخليقڪار انهن لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم سان نه رڳو سچو رهي، پر پنهنجي عمل وسيلي انهن جي سچائيءَ ۽ سونهن کي وڌائيندو ۽ سنواريندو پڻ رهي. بلڪل اهڙي پاٻوهه ۽ محبت سان، جهڙي پاٻوهه ۽ محبت سان هڪ ماءُ پنهنجي وياءَ سان هر قدم تي پنهنجي سچي محبت جو ثبوت، پنهنجي عمل ۽ ادائن سان ڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪو تخليقڪار پنهنجي لفظن کي پالي ۽ تاتي نه ٿو، ته پوءِ اهو اُن ڪنواري ماءُ وانگر آهي، جيڪا پنهنجي ٻار کي گُهٽو ڏيئي ماري ڇڏيندي آهي يا گٽر ۾ اُڇلائي ڇڏيندي آهي.
آءٌ جڏهن ’تخليقڪار‘ جو لفظ استعمال ڪري رهيو آهيان، تڏهن منهنجو مطلب هي آهي شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ مقرر، خاص ڪري سياسي مقرر. اُهي جيڪڏهن پنهنجي تخليق سان سچا ناهن ۽ انهيءَ کي پاٻوهه سان پالين ۽ تاتين نٿا، ته پوءِ اهي تخليقڪار نه پر لفظ آهن، يا ڪنواريون مائرون آهن.
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 131]
•
_ اسان محبت ڇو ڪندا آهيون، ان لاءِ ته اسين محسوس ڪندا آهيون ته اسان جي زندگيءَ ۾ ڪو خال آهي، جنهن کي ڀرجڻ کپي. اسان جي دل جي اڱڻ ۾ ڪا ويراني آهي، جنهن کي آباد ٿيڻ گهرجي. اسان جي زندگيءَ ۾ اونداهيءَ جو واسو آهي، ان کي روشن ٿيڻ کپي. اسان جو روپ بي رنگ ٿي ويو آهي، ان ۾ ڪي رنگ اچڻ کپن_ ڳاڙها، گلابي ۽ انڊلٺ جهڙا. اسان جي زندگين ۾ اداسين ۽ مايوسين جون گهنگهور گهٽائون ڇانئجي ويون آهن، اتي ڪي محبت ۽ مسرتن جا ديپ جلڻ کپن، فقط ان لاءِ ۽ ايتري لاءِ اسين محبت ڪندا آهيون.
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 141]
•
_ گهڻو اڳ مون لکيو هو، اهڙي دنيا جتي لذت جي چاشني نه هُجي، ڪنهن گناهه جو سُرور نه هجي، ڪنهن نيڪيءَ جي لطافت نه هجي، ڪنهن سزا جي اذيت نه هجي، ڪنهن تخليق جو درد نه هجي، ڪنهن چاهنا جي لذت نه هجي، ڪنهن خواهش جي گرمي نه هجي، ڪنهن ڪوشش جو جمال ۽ ناڪاميءَ جو ملال نه هجي، اهڙي دنيا ڪنهن ملائڪ جي رهڻ جي لائق ته ٿي سگهي ٿي، انسان لاءِ نه.
[ڪتاب: اسان جيئن جيئي ڪو، صفحو: 143،142]