1
_ مخدوم (بلاول) صاحب پورهيت هو ۽ ڪورڪو ڌنڌو ڪري رزق حلال ڪمائيندو هو، جنهنڪري پيري مريديءَ واري طريقي موجب پئسا وٺڻ ۽ عياشيون ڪرڻ جي سخت خلاف هو. پير، جيڪي پاڻ نِڪما ٿي مريدن جي ڏن تي گذارو ڪندا هئا، اُهي بهرحال معاشري ۾ اثر رکندڙ جي باوجود مڪمل طور نِڪما ٿي چُڪا هئا، ان ڪري مخدوم پاڻ پورهيو ڪندو هو ۽ خليفن ۽ مريدن کي پورهئي ڪرڻ جي تلقين ڪيائون. پاڻ سٺو ڪوري هو، ۽ ڪپڙو ٺاهيندو هو، ان ڪري ئي نياز همايونيءَ پنهنجي شعرن ۾ ڪوريءَ جي اهميت بيان ڪئي آهي.
ٻي وڏي ڳالهه اها ته اسان وٽ مرشد هميشه پير، يا سيد هوندا هئا ۽ مريد عرف عام ۾ ڪُت خَلق. جيئن ته اُهي ٻاهريان هئا، تنهنڪري انهن کي مقامي ماڻهن جي ذلتن جو احساس نه ٿيندو هو. هي ته ڏيهي ماڻهو هو ۽ سماٽ قبيلي جو فرد هو_ ۽ اهو پهريون دفعو هو، جو هڪڙي سمي جا مريد يا پوئلڳ سيد به هئا، ان ڪري هن کي سنڌ جي مسڪيني حالت جي خبر هئي. اهو ئي سبب هو، جو هن ڏن تي بندش وڌي. ان جو هڪڙو مثال: سائين جي. ايم. سيد شادين جي دعوتن جو احتمام ڪندو هو، جيڪي ست، ست ڏينهن هلنديون هيون، پر ماڻهن کان نينڍ نه وٺندو هو، پر اڄ جيڪي اسان وٽ پير مچي مواڙ ۽ سوئر ٿيا ويٺا آهن، انهن مان اڪثر ٻاهر جا آهن، پاڻ پورهيو ڪونه ڪن ۽ ٻين جي پورهئي تي ڌاڙو هنيو ويٺا آهن. مون کي سلام راجپوت چيو ته: ”ٽلٽي اچ ته توکي مخدوم صاحب جي گهر ۾ ڪورڪي ڌنڌي واريون مشينون ڏيکاريان!“ پورهيو عيب ناهي، ڪنهن ليڊر جو ڀاءُ پورهيو ڪري، اهو عيب نه آهي.
[ڪتاب: سچ وڏو ڏوهاري آ، صفحو:43،44]
•
_ سائين امير حيدر شاهه ٻڌايو ته، سندن خاندان ۾ اڃا تائين ڪن ۽ نڪ نه ٽوپيا ويندا آهن. مون امير حيدر شاهه کان پڇيو ته، ان جي حڪمت عملي ڪهڙي آهي؟ سائينءَ مون کي انتهائي روشن دماغ قدر جي حيثيت سان حڪمت عملي ٻڌائي ته، قديم دَور ۾ قبائلي جنگين دوران، عورتن کي ٻانهيون بنائڻ وقت سندن ڪن يا نڪ ٽوپي، انهن ۾ زنجيرون وجهي، بازارن ۾ گهلي ويندا هئا، ان ڪري مخدوم صاحب عورت جي غلامي ۽ مجبوريءَ جو هر طرح خاتمو ڪرڻ لاءِ اهو اصول رائج ڪرايو ته، نڪ ۽ ڪن نه ٽوپايو، انهيءَ سان ظالمن کي وجهه ملندو ۽ عورتن جي ڪن، يا نڪ ۾ رسيون يا ڌاڳا وجهي کين گهلي ذليل ڪندا. ٻيو ته اقتصادي طور بدحال سنڌ ۾ زيورن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪيترائي خاندان مصيبت جو شڪار ٿي رهيا آهن. مون جڏهن سائين امير حيدر شاهه جي زباني اهو اصول مخدوم بلاول جي ورسيءَ تي بيان ڪيو ته، محترمه غنويٰ ڀٽو پنهنجي پٽ جونيئر ذوالفقار کي انگريزيءَ ۾ سمجهائيندي چيو ته، ”سنڌ ۾ پنج سئو سال اڳ مفڪر قسم جا ماڻهو موجود هئا، جيڪي ان قسم جي سوچ رکندا هئا.“
[ڪتاب: سچ وڏو ڏوهاري آ، صفحو: 45،46]
•
_ ارادو هماليه وانگر مضبوط، ذهن آسمان وانگر بُلند ۽ سمنڊ جهڙو گهرو، گفتگو تقدير جي ڪتبي وانگر صاف ۽ سچي، دل ٻارَ جي مُرڪ وانگر مقدس ۽ معصوم، زندگي سنڌوءَ جي وهڪري وانگر سدائين مصروف عمل، وجود سانوڻ جي ڪڪر وانگر فيض رسان، علم سدائين ثمر ريز، قلم خارا شگاف تلوار کان وڌيڪ تيز، همت رُڪ جهڙي ڏاڍي، حوصلي ۾ پيغمبرانه استقامت، جدوجهد ۾ تاريخ جي رفتار وانگر بي ريائي، گفتگوءَ ۾ علم، ۽ سوچ ۾ فلسفو، عمل ۾ انقلاب، برتاءَ ۾ انسانيت دوستي، جابرن جي جبر، حاڪمن جي حشمت، ڏاڍن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، ڊڪٽيٽرن جي سفاڪيءَ، خونخواري، ظلم ۽ بربريت کي پيرن سان ٺڪرائيندڙ، وطن دوستيءَ، قومپرستيءَ ۽ آزاديءَ جي نظريي تي موت وانگر اڻٽر ٿي هلندڙ، اهو آهي جي. ايم سيد! جيڪو ڪنهن وقت عالم، مؤرخ، سياستدان ۽ محرڪ هو، پر اڄ پنهنجي لازوال خوبين ۽ خصلتن، ڪوششن ۽ ڪاوشن جي ڪري خود هڪ علم آهي، تاريخ آهي، سياست آهي، تحريڪ آهي ۽ تذڪرو آهي. هن پنهنجي ذهن کي علم جي سمنڊ سان ملائي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. هو سنڌ جي تاريخ جو لازوال حصو آهي، هن سياست جي اصولن کي نه رڳو ايجاد ڪيو آهي، پر پنهنجي خونِ جگر سان آبياري ڪري انهن کي زنده جاويد بنائي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي وجود کي سنڌ جي تحريڪ ۾ هميشه هميشه لاءِ ضم ڪري ڇڏيو آهي.
[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 311]
•
_ ننڍي کنڊ جي ورهاست ’سنڌي ادب‘ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. ورهاڱي کان اڳ ۾ سنڌ اندر ترقي پسند ادب جي تخليقڪارن مان اڪثريت هندو سنڌين جي هئي. هنن وٽ پڙهندڙن جي وسيع حلقي سان گڏ، نشر ۽ اشاعت جا بي انداز وسيلا هئا. ملڪ جي ورهاڱي وقت نه صرف اهي اديب هليا ويا، پر پڙهندڙن جي حلقي سان گڏ نشر و اشاعت جو پورو سرشتو پڻ درهم برهم ٿي ويو.
[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 317]
•
_ ادب ئي آهي، جنهن جي وسيلي اسان کي پتو پوي ٿو ته مختلف زمانن ۾ انساني سوچ، لاڙا، رُجحان، خيال ۽ انومان ڇا رهيا آهن؟ اهو آءٌ ان ڪري چئي رهيو آهيان ته انساني ذهن جو تخليقي عمل، ماحول، معاشري ۽ سماج ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن ۾ اُڀري ايندڙ واقعن جو ئي پڙاڏو آهي. ذهن جو تخليقي عمل صرف شيشو يا آئينو آهي، جنهن ۾ معاشرتي حالتن جو عڪس ظاهر ٿيندو رهي ٿو، ان ڪري ادب کي زندگيءَ کان خارج سمجهندڙ ماڻهن وٽ انساني زندگيءَ جو مفهوم انتهائي محدود ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ۽ جيڪا ٻي ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي، سا آهي خيال پرستي: جنهن جو مطلب هي آهي ته، انساني ذهن بجاءِ خود قادر مطلق ۽ خالق مطلق آهي، جيڪو ڪن ۽ اکيون بند ڪري تخليق ڪندو رهي ٿو، جنهن ۾ سماج جي تخليقي عمل جو ڪو به اثر ۽ دخل ناهي. اها ڳالهه انتهائي مُدي خارج ۽ واهيات آهي.
[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 320]
•
_ هر فاتح، فتح ڪيل ملڪ جي نه صرف مردن کي ڪُهي، عورتن کي ٻانهيون بنائيندو آهي، نه صرف درسگاهن، ڪتب خانن ۽ عبادت گاهن کي تباهه ۽ برباد ڪندو آهي، نه رڳو گهرن، ٻنين، ديرن، ڳوٺن، شهرن، وستين ۽ پڊن کي باهه جي خوراڪ بنائيندو آهي، نه ڇڙو مال، ملڪيت، سون، چاندي، هيرا، جواهر، خزانا ۽ خرجينون لُٽيندو آهي، نه صرف تهذيب، ثقافت، هنر، صنعت، اَڏاڻن، کڏين ۽ بازارن کي ناس ڪندو آهي، نه رڳو زبان ختم ڪرڻ لاءِ عالمن جون ڄڀون وڍرائيندو آهي، شاعرن جون نِڙيون گُهٽيندو آهي، ڪاتبن جا هٿ قلم ڪندو آهي، ودوانن کي ڦاسيون ڏيندو آهي، پر تاريخ ساز شخصيتن کي قتل ڪرڻ سان گڏ، مفتوح قوم جي تاريخ کي تباهه ڪري، تاريخ جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهي، ان جي شڪل، صورت ۽ حُليو بگاڙي ڇڏيندو آهي، ڪنهن قوم جي ايندڙ نسل کي اونداهيءَ ۾ رکڻ خاطر، هٿرادو، جُڙتو، من گهڙت ۽ پنهنجي نظام ۽ نظريي جي خوبين بيان ڪرڻ سان گڏ مقامي ماڻهن جي تذليل ۽ تحقير جي انتهائي قابلِ نفرت تصوير پيش ڪندو آهي.
[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 332]
•
_ جي ايم سيد، پهريون شخص آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ جي فاتحن طرفان ڏنل تسلسل کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ هن سنڌ جي تاريخ کي نج ’قومي بنياد‘ تي مطالعي ڪرڻ جي شروعات ڪئي. انهن عظيم ۽ زندهه جاويد فرزندانِ زمين کي سنڌي عوام جي هيرن جي صورت ۾ پيش ڪيو، جن غير ملڪي فاتحن جي اشاري تي درٻاري مؤرخن خسيس حيثيت ڏني هئي. هن پنهنجي قلم ذريعي مذهب، مصنوعيت جا نقاب پٽي، سندن اصلي صورت ۾ عوام جي ٿُڪن ۽ لعنتن جي وسڪاري جو مستحق ثابت ڪري ڏيکاريو.
[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 335]
•
هن سرزمينِ سنڌ جي بقا ۽ بچاءُ جي جنگ وڙهندڙ سرويچ انسانن کي سنڌي قوم جي تمام عقيدتمندين ۽ محبتن جو حقدار ٺهرايو. مهاراجا سهيرس، راجا ڏاهر، دودي سومري، دولهه دريا خان، شهيدِ سنڌ الهه بخش سومري، هيمون ڪالاڻي ۽ ٻين انيڪ فرزندانِ سنڌ جي لازوال تاريخي ڪردارن کي، اهڙن ڏيئن جي حيثيت ڏني، جن جي روشنيءَ ۾ ’نئين سنڌ‘ جا معمار پنهنجو سفر طئي ڪري سگهن. هن ئي ٻڌايو ته جن ماڻهن کي درٻاري مؤرخن اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي عوام وٽ هيرن جي حيثيت ۾ پيش ڪيو آهي، سي حقيقت ۾ سنڌ جا دشمن، سنڌي عوام جا قاتل، سنڌ جي سون سريکيءَ سڀيتا جا ويري ۽ سنڌ جي شاهوڪاريءَ جا ڌاڙيل، چور ۽ ڊاڪو هُئا. اهي ئي ماڻهو هُئا، جن سنڌي عوام کي بيدرديءَ سان ڪُٺو، اُهي ئي نام نهاد اسلام جا علمبردار هُئا، جن سنڌي عوام جي گهرن، شهرن، واهڻن ۽ وستين کي باهه ڏيئي، پنهنجي بدترين انسانيت دشمن ذهينيت جو ثبوت ڏنو.
[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 335،336]
•
’شهيدانِ سنڌ‘ جي.ايم سيد جو اهو لاثاني ۽ لافاني ڪتاب آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ جي مطالعي جو رُخ موڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ ڪتاب ذريعي تهذيب، مذهب ۽ انسانيت جا نام نهاد علمبردار، پهريون ڀيرو سنڌي عوام جي سامهون خونخوار ۽ وحشي درندن جي صورت ۾ بيٺل نظر ايندا. اهو ئي ڪتاب آهي، جنهن سنڌي علم ۽ ادب جي پارکُن کي ذهن نشين ڪرايو ته دارا، ابن قاسم، محمود غزنوي، علاؤالدين خلجي، شاهه بيگ ارغون، عبدالرحيم خان خانان، فرخ سير، چارلس نيپيئر، لارڊ ويول سنڌي عوام جي محبت جا نه، پر نفرت جي لائق آهن، ڇو ته اهي سنڌي عوام جا هيرا نه، پر قومي قاتل آهن. مهاراجا سهيرس، ڏاهر، دودو، دريا خان، مخدوم بلاول، شاهه حيدر، شاهه عنايت، هوشو، هيمون ۽ الهه بخش سومرو سنڌي قوم جا هيرا آهن، ڇو ته انهن ئي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون هيون. اُهي ئي آهن، جن پنهنجي رت جي آخري ڦُڙي کي سنڌ جو سهاڳ برقرار رکڻ لاءِ ان جي سينڌ ۾ سنڌُور طور وِڌو.
[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 337،336]
•
_ جي. ايم. سيد پنهنجن ڪتابن، تقريرن، خطبن، مقالن ۽ مضمونن ۾ سنڌ جي تاريخ کي مذهبي ڇڪتاڻ جي ڪُن مان ڪڍي، سيڪيولر بنيادن تي ان جي ترتيب، تنظيم ۽ مطالعي جو رواج وڌو.
[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 339]
•
_ جي. ايم. سيد پنهنجي سياست جو پورو دارومدار وحدت الوجود تي رکيو. هن پنهنجي مشهور ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهه مون“ ۾ دنيا جي اڳيان، سنڌ جي صوفين جي فڪر مان اخذ ڪري دنيا جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ ٽن نڪتن تي مشتمل پروگرام رکيو آهي: (1) اتحادِي، (2) ترقي بني آدم، (3) امن عالم جنهن جو سارو دارومدار وحدت الوجود تي آهي.
[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 352، 351]