تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ورقُ ورقُ تاريخ (چونڊ نثري ٽڪرا)

ڪتاب ”ورقُ ورقُ تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري قومپرست اڳواڻ، نثر ۽ تقرير جي بيمثال شخصيت عبدالواحد آريسر جي نثري ٽڪرن جي چونڊ تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب منصور مزاري آهي.
دنيا ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت عبور هجي، سائين جي. ايم. سيد ڪٿي لکيو آهي ته: ”ننڍي کنڊ ۾ مون صرف ٻه ماڻهو اهڙا ڏٺا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت دسترس آهي. هڪ مولانا آزاد ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر.“

Title Cover of book Warq Warq Tarekh

2


_ سنڌ جي بگڙيل، مسخ ٿيل، ڦٽيل ۽ رت هاڻي تاريخ، جيڪا فاتحن جي درٻاري مؤرخن جي قصيده نويس قلم مان نڪري اسان تائين پهتي آهي، تنهن مان پتو پوي ٿو ته سنڌي قوم گڏجي ڌار ڌار ٽولن، جٿن، گروهن، جماعتن ۽ قبيلن جي صورت ۾ وڙهندي رهي آهي. هن غلامي جي زندگيءَ تي ڪڏهن به رضامندو نه ڏيکاريو آهي. هن جي مرد خواه عورت، ٻُڍي خواه ٻار، جوان خواه جوانڙيءَ جي دل ۾ وطن جي ويرين لاءِ نفرت ۽ حقارت، غيض ۽ غضب، ڪاوڙ ۽ غصي جون بٺيون ٻرنديون رهيون آهن ۽ سنڌ جي سرزمين جو هر کيت، هر ميدان، هر ڪنڌي ۽ ڪانهن، هر ڍنڍ ۽ ڍورو، هر جهنگ ۽ وستي، هر بر ۽ پوٺو، ٻاهرين حاڪمن خلاف هڪ مضبوط قلعو ثابت ٿيندو رهيو آهي ۽ سنڌي ماڻهوءَ جا وار سدائين رت ڀڪليا رهيا آهن.

[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 363]



_ سنڌ جي تاريخ اسان کي ڏيکاري ٿي ته، ايراني حڪمرانن جي ڪٽڪن جي هٿان سنڌي حاڪم راجا راءِ سهيرس وڙهندي شهيد ٿئي ٿو، پوءِ به سنڌي فوج فاتحن کي ناڪام ۽ نامراد واپس موٽڻ تي مجبور ڪيو. مهاراجا سهيرس ۽ ايرانين جي جنگ جي ذڪر ۾ سنڌ جي تاريخ لکندڙ درٻاري مؤرخن جي واهيات، ذليل، غليظ ۽ عوام دشمن ذهنيت جي پروڙ پوي ٿي.

[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 363، 364]



_ پاڪستان جي فوجين مون کي هڪ ڀيرو چيو هو ته: ”اسان توکي درست ٿيڻ جو موقعو ڏيئي رهيا آهيون.“ پر مون کين جواب ڏنو هو ته: ”توهان جي موقعي مان نه آءٌ درست ٿيو آهيان، نه سنڌ درست ٿي آهي ۽ نه توهان درست ٿيا آهيو. آءٌ ته خدا کان به درست ٿيڻ جا موقعا گهرندس، پر انهيءَ ’درستيءَ‘ جو مطلب ڇا آهي؟“

[ڪتاب: سچ وڏو ڏوهاري آ، صفحو: 71]


_ غلامي نيٺ غلامي آهي، جيستائين اها موجود آهي، ان وقت تائين غلام جو اهو حق آهي ته ان مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري.

[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 379]


_ يوناني فلسفيءَ هيراقليتس، مسيح جي پيدائش کان 500 ورهيه اڳ چيو هو: ”دنيا کي ڪنهن فرضي خدا يا انسان پيدا ڪونه ڪيو آهي، پر هي هميشه دکندڙ، ڀڙڪندڙ ۽ زندهه رهندڙ باهه هئي ۽ رهندي: هڪ اهڙي باهه، جيڪا باقاعدي ٻرندي ۽ وسامندي آئي آهي. دائمي وسامڻ ان جي مقدر ۾ لکيل ئي ڪونهي.“ ساڳي ڳالهه آءٌ قومي آزاديءَ جي جذبي ۽ قومپرستيءَ جي باري ۾ به چئي سگهان ٿو، ته قومي وجود ۽ بقا جي اها باهه، هن سرزمين تي تمام گهڻو آڳاٽي آهي ۽ هتي جي انسان جي سيني ۾ ڪنهن نه ڪنهن رُوپ ۾ دکندي آئي آهي. ڪڏهن اُلائن جي صورت ۾، ڪڏهن ڪنهن ڀٽ تي ڀمڀٽ بڻي، ڪڏهن ڪنهن جوڳيءَ جي جوءِ مان آڌيءَ ويلي اُمڙ بڻي. ساڳي باهه، اڄ جي دور ۾ وڌيڪ جوش سان ڀڙڪڻ لڳي آهي. جي. ايم. سيد ان باهه کي ڦوڪون ڏئي وڌيڪ تيز ۽ ڀڙڪيدار بڻايو آهي. کيس ان باهه جي نه وسامڻ تي مڪمل يقين آهي ۽ هن اهو يقين پوريءَ سچائيءَ، ديانتداريءَ ۽ همت سان سنڌي قوم جي دلين ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 394،393]


_ جڏهن بنگلاديش، جي آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي ته، آمريڪا جيڪو هميشه قومي آزاديءَ جي تحريڪن جي مخالفت ڪندو رهيو آهي. تنهن بنگلاديش جي آزادي جي تحريڪ جي مخالفت ڪئي ۽ روس پنهنجي روايت مطابق ته، ”جنهن تحريڪ ۾ سامراج (ننڍو يا وڏو) دشمن هجي ۽ جنهن جي آمريڪا ۽ چين مخالفت ڪن، تنهن جي ضرور حمايت ڪئي وڃي. سو بنگلاديش جي تحريڪ آزاديءَ جي ان ڀرپور حمايت ڪئي ۽ ان لاءِ ڀارت جي گڏيل مدد سان بنگلاديش جي تحريڪ، ڪاميابيءَ سان وڃي همڪنار ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو آزاد بنگلاديش جي حڪومت شيخ مجيب الرحمان جي قيادت ۾ مڪمل طور روس ڏانهن جُهڪيل هئي. هوڏانهن هندستان ۾ مِسز گانڌيءَ جي حڪومت اڳي ئي روس نواز هئي، ان ڪري اهو پورو خطو آمريڪا جي هٿان نڪري ويو.

[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 450]


_ استاد منظور علي خان، شيخ مجيب الرحمان کي مخاطب ٿي چيو ته: ”سائين! لطيف سائين، هيءُ بيت اوهان لاءِ چيو آهي:
سکر سي ئي ڏينهن جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏ ڦڙا مٿي ماڙين مينهن،
نيئر منهنجو نينهن، اُجاري اڇو ڪيو.
(شاهه)
سائين جي. ايم. سيد لطيف جي انهيءَ بيت جو انگريزيءَ ۾ ترجمو شيخ صاحب کي ٻڌايو ته، شيخ صاحب استاد منظور علي خان کي مخاطب ٿي چيو: ”خان صاحب، لطيف، اهو شعر منهنجي لاءِ نه پر جي. ايم. سيد لاءِ چيو آهي، جنهن زندگيءَ جو منهنجي عمر جي اڌ برابر حصو جيل ۾ گذاريو آهي ۽ آءٌ سياسي ميدان ۾ ثابت قدميءَ لاءِ شاهه صاحب کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما سمجهان ٿو.

[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 465، 466]




_ عام طرح جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ورثي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، ان ۾ سندس اهلِ اولاد، موڙي، مال ملڪيت، زمينن ۽ جائداد کي ڳڻيو ويندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ حساب سان ان کي بد نصيب يا خوش قسمت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا آهن. اهو قانون انهن سڀني اميرن توڙي غريب ماڻهو سان لاڳو آهي، جيڪي زندگيءَ جو مقصد انفرادي تصور ڪندا هجن، ۽ صرف انفرادي زندگي خوشحاليءَ سان گذارڻ چاهيندا هجن، پر دنيا ۾ اهڙا هزارين ۽ لکين ماڻهو ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهندا، جن زندگيءَ جو مقصد ڪنهن اعليٰ ۽ عظيم آدرش جي حاصلات کي بنايو، ان لاءِ جدوجهد ڪيائون. ڪي اهو آدرش ماڻي ويا ته ڪي انهيءَ راهه ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا. اهڙن انسانن ۾ اديب، شاعر، فلاسافر، سائنسدان، سماج سڌارڪ ۽ سياستدان اچي ٿا وڃن، جن کي جلاوطن ڪيو ويو، ڦاسيءَ چاڙهيو ويو، تيل ڪڙاهيءَ ۾ ڪاڙهيو ويو، گهاڻن ۾ پيڙيو ويو، جيئري کلون لهرايون ويون، ڪتن، چيتن ۽ شينهن جو کاڄ بنايو ويو. آلِ اولاد سوڌو قتل ڪرائي مٿن گهوڙا ڊوڙايا ويا. اهڙن ماڻهن جو ورثو، انساني قافلي جي عام انسانن کان الڳ، ڌار ۽ نرالو ٿيندو آهي، جيڪو غير قانوني، دائمي اثر رکندڙ ۽ انسانيت جي ڪيترن ايندڙ نسلن لاءِ روشني ۽ رهنمائيءَ جو ڪارڻ بڻبو آهي. سقراط، عيسيٰ، فارابي، ابن سينا، فردوسي، ابوالعليٰ معريٰ، ماڻڪ، ابو حنفيه ڪاليداس، منصور، سرمد، شاهه عنايت، لطيف، مارڪس، لينن، گانڌي، مائو ۽ مجيب الرحمان جي ورثي جي ذڪر ۾ مال ملڪيت ڳڻڻ ئي حماڪت آهي، انهن جو جيڪو به سرمايو آهي سو آهي سندن فڪر جي روشني، سندن جدوجهد، سندن تخليقون، سندن خدمتون، قومي ملڪن ۽ انسانيت لاءِ، جيڪي دائمي آهن، ديرپا آهن ۽ سدائين تاريخ جون محرڪ قوتون ٿي رهنديون.

[ڪتاب: تاريخ جي جهروڪي مان، صفحو: 497]



_ پاڪستان جا حڪمران پنهنجي آقائن جي چوڻ تي جي. ايم. سيد کان وٺي اڪبر بگٽيءَ ۽ نواب خير بخش تائين، ڪنهن به سخت لهجي اختيار ڪرڻ واري ليڊر کي پسند ڪرڻ لاءِ نه تيار هئا، نه آهن ۽ نه وري رهندا.

[ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 52]


_ اسان جي سنڌ ۾ هيءَ روايت مشهور آهي ته دودي سومري جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي هڪڙي قبيلي (جنهن کي ريٻاري سڏيو وڃي ٿو) قسم کنيو هو ته: ”جيستائين اسان دودي جي ڌرتيءَ تان دودي جي دشمنن کي ناس نه ڪنداسين، تيستائين ڪارو ويس پائيندا رهنداسين“ ۽ ان قبيلي جا مرد ۽ عورتون اڄ تائين ڪارو ويس ئي استعمال ڪري رهيا آهن، ۽ اهڙو ئي قَسمُ مهاراجا پرتاب سنگهه جي هٿيار ٺاهيندڙ قبيلي (جنهن کي ’ڪاريا‘ سڏيو وڃي ٿو) کنيو هو ته: ”جيستائين اسان مهاراجا پرتاب سنگهه جي دشمنن مغلن کي ناس نه ڪنداسين، تيستائين ٿانون ۾ ماني نه کائينداسين، کٽ تي نه سمهنداسين ۽ سٺو گهر ٺاهي نه رهنداسين“_ ۽ هو ان وقت تائين ان تي عمل ڪندا رهيا، جيستائين 1947ع ۾ هندستان آزاد ٿيو، ۽ جواهر لعل نهروءَ چتواڙ اچي ان قبيلي جي ماڻهن کي گهرائي اعلان ڪيو ته: ”هاڻي هندستان تي حڪومت مهاراجا پرتاب سنگهه جي آهي، ڌاريا سڀ ختم ٿي ويا آهن، ان ڪري سُوءَ ختم ڪريو!“
سنڌين کي به دودي جي ’ريٻارين‘ ۽ پرتاب سنگهه جي ’ڪارين‘ وانگر اهو وَچن ڪرڻ گهرجي ته اسان به تيستائين سُک سان نه سمهنداسين، جيستائين سنڌ تي ڪنهن به غلاميءَ ۽ بالادستيءَ جو نشان باقي آهي.

[ڪتاب: سچ وڏو ڏوهاري آ، صفحو: 71]



_ محترمه (بينظير ڀٽو) سياسي مصلحت تحت ئي سائين (جي. ايم. سيد) جي عذر خواهيءَ تي آئي ۽ انتهائي سادي ۽ سنڌي طريقي سان هن دُعا به گهري ۽ مختصر ڳالهايائين ـ نه ته اُها عورت، جيڪا عالمي فورمن تي نهروءَ جي اسٽائيل ۾ انگريزي ڳالهائيندي هئي، (جيتوڻيڪ کيس خبر هئي ته انهي انداز سان انگريزي ڳالهائڻ سان آءٌ نهرو نه ٿي سگهنديس)، ڇو ته دنيا جي ملڪن جي ليڊرن لاءِ وزيراعظم جي ڪرسي اعزاز هوندي آهي، پر نهروءَ جو وجود هندستان جي وزارت عظميٰ لاءِ اعزاز هو.

[ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 67،66]